سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :7

 

نسرين هاشمي

پُڇڻا نه مُنجهڻا

ذهني ۽ نفسياتي مونجهارا ۽ انهن جو حل

ڀينرن کي گذارش آهي ته پنهنجا مسئلا لکي موڪلين.

سوال(1): ادي جيئن ته مان جلدي سڀني تي اعتبارُ ڪريان ٿي ۽ سڀني کي پاڻ وانگر سمجهان ٿي. ڇو ته مان سچ ڳالهايان ٿي ۽ ٻين جي زبان کي به سچو سمجهان ٿي ۽ مشڪل وقت ۾ به ٻين جي مدد ڪريان ٿي، پر هر دفعي مون کي دوکو ملي ٿو. ان تڪيلف جو منهنجي دماغ تي وڏو اثر ٿئي ٿو. پوءِ ان ڏک مان نڪرڻ ۾ گهڻا ڏينهن لڳيو وڃن جڏهن ته، پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ وڌيڪ هوشيار آهيان. خوش مزاج به آهيان، مان پنهنجي پاڻ کي هڪ سُٺي شخصيت ڏيکارڻ ٿي چاهيان. ڇا اهو ممڪن آهي ته جيئن منهنجا والدين منهنجين خوبين جي تعريف ۽ ذڪر ڪندا آهن تئين ٻيا به ڪن؟         

 مريم خالد - سکر

جواب: توهان جي خط مان توهان جي شخصيت جا انيڪ پهلو نمايان ٿين ٿا، جهڙوڪ توهان خود پسند آهيو. نيڪيءَ جو بدلو جلدي چاهيو ٿيون ۽ خوش فهم به آهيو. توهين چاهيو ٿيون ته ماڻهو توهان جي مرضيءَ تي هلن ۽ جڏهن توهان جي مرضي مطابق اهو نٿو ٿئي ته توهان کي خراب ٿو لڳي ۽ ماءُ پيءُ کان توهان کي محبت ملي آهي ۽ انهيءَ ڪري اهو چاهيو ٿيون ته ٻيا به توهان سان محبت ڪن. پر اهو خيال توهان جو بلڪل صحيح ناهي ته هر ڪو توهان جهڙي سوچ رکي. ڏکئي وقت ۾ ڪنهن جي مدد ڪريو ٿيون. ضروري نه آهي ته هو به توهان جي مدد ڪري! جي نه ته پوءِ توهين ڪنهن سان سٺو هلو ٿيون ته خالص خدا ڪارڻ هلو ته توهان جي دل کي سڪون ملندو ۽ توهان جي نيڪي رائيگان نه ويندي ۽ خوش مزاج يا خوش اخلاق ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته توهان پنهنجي خوش مزاجي ظاهر ڪريو. باقي ماءُ پيءُ ته اولاد کي پيار ڪندا آهن ۽ انهن کي اولاد پيارو لڳندو آهي. تنهن جي ڪري توهين انهن ڳالهين تي سوچي پاڻ کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو. پنهنجي تعليم ڏي ڌيان ڏئي هڪ سٺو مقام حاصل ڪريو. پوءِ توهان ڏسنديون ته ماڻهو خودبخود توهان جي عزت ڪندا ۽ توهان به ماڻهن کي سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪونه ڪنديون ۽ دوکي کائڻ کان بچي وينديون.

سوال(2): ادي جئين ته منهنجي شاديءَ کي نَوَ مهينا ٿيا آهن. منهنجو مڙس نيڪ سيرت آهي. ساهرا به سٺا آهن. انهن وٽ منهنجي اهميت ۽ عزت به آهي. ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي ڏير جي شادي ٿي آهي. هن گهر ۾ خوشيون اچڻ واريون آهن، پر افسوس جو مان اڃا تائين ماءُ نه بڻجي سگهي آهيان، مان ڏينهن رات پريشاني ۾ آهيان. ڇاڪاڻ جو منهنجي عمر 25 سال آهي ۽ منهنجي مڙس جي عمر 40 سال آهي. اسان جي شادي مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي آهي. مان چاهيان ٿي مون کي به جلدي خوشيون ملن. هاڻي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان؟ وڃان ته ڪاڏي وڃان! مهرباني ڪري مون کي ڪو مشورو ڏيو.

سلميٰ - خيرپور

جواب: توهين خوشنصيب آهيو جو توهان کي ايترا سٺا ساهرا ۽ ايتري محبت ڪندڙ گهروارو مليو. اڃا شاديءَ کي گهٽ عرصو ٿيو آهي. اولاد لاءِ هروڀرو پريشان نه ٿيو، باقي علاج کي ڪجهه عرصو ڇڏي ڏيو. توهان ۽ توهان جي مڙس ٻنهي جي عمر صحيح آهي. مردن ۾ 40 سالن جي عمر ڪا ايڏي وڏي عمر نه آهي ۽ عورتن ۾ 25 سالن جي عمر ڪا ننڍي عمر نه آهي. ايتري سٺي مڙس هوندي هروڀرو پريشان ٿيڻ غلط ڳالهه آهي. خوش رهڻ جي ڪوشش ڪريو، اجايو سوچڻ ڇڏي ڏيو.

سوال (3): ادي منهنجو مڙس پنهنجي مائٽن جو تمام گهڻو خيال رکي ٿو. مون کان وڌيڪ انهن کي اهميت ڏئي ٿو، اُهي جيڪڏهن مون سان ڏاڍائي ڪن ته به انهن کي نه روڪيندو آهي. اسان جي شادي کي ٻه سال ٿيا آهن. ان دوران جيڪڏهن مان بيمار ٿيان ته منهنجا مائٽ مون کي وٺي ويندا آهن. هميشه انهن ئي منهنجو خيال رکيو آهي، پر منهنجي مڙس منهنجي سار سنڀال ئي نه لڌي. هن کي ان ڳالهه جو بلڪل به احساس نه آهي ته مون تي ڇا گذري رهيو آهي. اسان جي زندگيءَ ۾ سڀڪجهه ٺيڪ آهي، پر مائٽن جي هر ڳالهه ۾ مداخلت منهنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو ته ڇاڪريان؟

شائسته - لاڙڪاڻو

جواب: توهان جي شاديءَ کان پهرين هي سڀ پاڻ ۾ گڏ رهيا آهن. انهن ۾ حُجَت هجڻ ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي. توهان خط ۾ پنهنجي سس جو ذڪر نه ڪيو آهي، جنهن گهر ۾ سس هجي اتي ٻين جي مداخلت نه هوندي آهي. اڃا توهان جي شاديءَ کي ايڏو عرصو نه ٿيو آهي. توهان کي پنهنجو پاڻ مڃائڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. توهين گهروارن لاءِ جيڪو سوچي رهيون آهيو اهو توهان جو وهم به ٿي سگهي ٿو. توهان اصل ۾ زال آهيو انڪري پنهنجي مڙس جي باري ۾ فڪرمند آهيو. ٿوري عقل کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي. وقت سان گڏ حالتون بهتر ٿينديون ۽ توهين به گهر ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي سگهو ٿيون. جيڪڏهن پنهنجو قدر ۽ عزت ڪرائڻي اٿو ته ٻين جو خيال رکو ۽ انهن جي عزت ڪريو ۽ مڙس سان هر وقت شڪايت نه ڪريو.

سوال(4) اڄ کان ڇهه سال اڳ، مون هڪ شادي شده ۽ ڇهن ٻارن جي پيءُ سان شادي ڪئي. ان مون کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، ته هو پنجن سالن کان پوءِ مون سان مستقل گڏ رهندو. ڇو ته ان وقت تائين سڀني ٻارن جي شادي ٿي چڪي هوندي. هن مون کي الڳ گهر وٺي ڏنو. مون کي سڀ خرچ ملي ٿو. هر سُک مون وٽ آهي. هاڻي اسان جي شاديءَ کي ڇهه سال ٿي ويا آهن. پر گڏ رهڻ وارو واعدو اڃا پورو نه ٿيو آهي. هو ڏينهن ۾ ايندو آهي، پر هميشه وڏي گهرواريءَ سان رهندو آهي. نه ٻارن جي شادي ڪرائي ٿو ۽ نه ئي منهنجو احساس ڪري ٿو. مان اهو چاهيان ٿي ته هو هميشه مون سان گڏ رهي. وڏي زال ان جي هر معاملي ۾ مداخلت ڪري ٿي. انهن سڀني ڳالهين کان بيزار ٿي جڏهن هو مون وٽ ايندو آهي ته مان ان کان اهو ئي مطالبو ڪندي آهيان. منهنجي عمر هن وقت 26 سال آهي ۽ مڙس جي عمر 50 سال آهي. هيءَ شادي مون پنهنجي مرضيءَ سان ڪئي هئي، انڪري مسئلن سان اڪيلي سِر مُنهن ڏيان ٿي. سوچيان ٿي ته ايڏي مشڪل سان گهر ٺهيو آهي هاڻي ڪيئن ان کي ڇڏيان. مڙس سان محبت آهي ۽ ان کي ڇڏڻ ۽ ڏکائڻ نه ٿي چاهيان.

شاهده - ٺٽو

جواب: مڙس کي اهو اندازو هوندو ته ٻارن جي شادي جلدي ٿي ويندي ۽ ان کان پوءِ توهان گڏ رهندؤ. ان لاءِ هن توهان سان اهو واعدو ڪيو. اڪثر حالتون ماڻهوءَ جي هٿ ۾ نه هونديون آهن. ڪجهه مجبوريون هونديون آهن. توهان کي اڳ ۾ ئي سڀ خبر هئي. آئندي به ائين صبر ۽ شڪر سان وقت گذاريو. جيڪڏهن توهان ۾ اختلاف وڌيا ته هُن کي توهان وٽ به سڪون نه ايندو ۽ پوءِ هُو توهان وٽ نه ايندو. جنهن جو توهان کي گهڻو افسوس ٿيندو. اوهان کي ان ڳالهه جو خود احساس آهي ته هن توهان کي هر سهولت ڏني آهي. هو توهان کي ڄاڻي واڻي پريشان نه ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي طرفان توهان کي هر خوشي ڏئي رهيو آهي. توهان پنهنجن مائٽن سان مخالفت ڪري پنهنجو فيصلو پاڻ ڪيو آهي. مسئلا ته ٿيندا، انڪري مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سوچيو. توهان هاڻ هن جي پهرين زال جي باري ۾ نه سوچيو ۽ هاڻي پنهنجن فرضن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ڪابه ڪوتاهي نه ڪريو ته بهتر. مڙس کي به انصاف ڪرڻ گهرجي. مرد ٻه شاديون ڪري ته وٺندا آهن پر، پنهنجن زالن ۾ انصاف ڪري نه سگهندا آهن.

 

وسيم سومرو

غزل

پنهنجي وچ ۾ اچي ڏار ڪنهن هي وِڌا،
دل ٿي ڦٿڪي مٿس ڄار ڪنهن هي وڌا.

 

هن قبر سان ته منهنجو ئي هو واسطو،
مون کان اڳ ۾ اچي هار ڪنهن هي وڌا.

 

پنهنجي رشتن کي باهين جون ويريون ڏئي،
گهر ڪچا يا  پڪا  ڌار ڪنهن هي وڌا.

 

جن ۾ سائي ٿيڻ جي اڃا آس هئي،
وڻ وڍي باهه ۾ ٽار ڪنهن هي وڌا.

 

ڪنهن نِميل وڻ جيان ڄڻ جهُڪي آ پئي،
زندگيءَ جي مٿان بار ڪنهن هي وڌا.

 

هو ڀريندي گهڙا پاڻ کان ٿيون پُڇن،
نينهن جي واٽ تي نار ڪنهن هي وڌا.

 

هڪ طرف روشني ٿي وئي آ وسيمَ،
ڏئي ڪُلهي تي اُڇل وار ڪنهن هي وڌا.

 

عطيه دائود

سانت جو شور

ميڙ ۾ آءٌ گهريل آهيان

پر هر طرف خاموشي واڪا ٿي ڪري

انسان ڄڻ ته پٿرن جون مورتيون

مان انهن ڏانهن ڏسان ٿي

پر پٿر نظرون ڏسڻ نه ڄاڻن

پٿر واسين جي ديس ۾ مورتين جي مندر ۾

مون ڪيترا آهن گهنڊ وڄايا

پر هر طرف خاموشي واڪا ٿي ڪري

منهنجو صدائون پڙلاءُ بڻجي هوا ۾ گڙن پيون

هڪ منهنجي ئي وجود ڪيڏو شور مچايو آهي

دل جي ڌڪ ڌڪ رڙيون ڪري ٿي

ساهن جي سر سر رنڀون ڪري ٿي

رڳن ۾ رت ايئن ٿو ڊوڙي

ڄڻ درياءَ مِ گهارو پيو هجي.

وجود جي اندر جو اهو گوڙ

هاڻي ته هوا ۾ مڙي ويو آهي

سانت جو هي شور

مون کي به ڪٿي ٻوڙو نه ڪري ڇڏي

هر طرف ڇانيل بي حسيءَ واري فضا

مون کي به پٿر بڻائي نه ڇڏي


 

سهپ

سهپ جي ٻيلي ۾

منهنجي نيڻن مان

تنهنجي ياد جي چڻنگ ڪري پئي

خوشين جي ميلي ۾

دل کي وري غم جي

کڻڪ پئجي وئي

تنهنجي منهنجي وچ ۾

آسمان آهي فاصلو

نهاري نهاري نظر ٿڪجي پئي

رڻ ۾ رلندڙ هرڻي جي اڃ جيان

پريت مرندي جيئندي رهي.

 

تنهنجي ياد

جدائيءَ جي ٽانڊن تي

تنهنجي ياد جي نيري چادر اوڍي

جڏهن هلان ٿي ته

ٽانڊا گل بڻجي پير چمن ٿا

سڪ منهنجي سرير ۾

ساز بڻجي جڏهن ڇڙي ٿي ته

اکين جا اوجاڳا مرڪن ٿا

جذبن جو سمنڊ ماٺو آهي پر

نيڻ ساحل، هر هر ڇلڪن ٿا.

 

اڻکٽ سفر جو سلسلو

شهر ڀنڀور جي منظر ۾

تنهنجي منهنجي وچ ۾ هو جو سفر

سو مان ڪري نه سگهيس

جبل منهنجي جذبن آڏو

ميڻ مثل هئا

تنهنجي منهنجي وچ ۾ هو جو ليڪو

سو مان لتاڙي نه سگهيس

باهه برهه جي ماڪ هئي مون لاءِ

تنهنجي ياد جي چڻنگ کي

مان وسائي نه سگهيس

پريت جو پکي توبن ويڳاڻو

منهنجي هٿن ۾ ساڻو ساڻو

ڪيڏو به چاهيم، اڏاري نه سگهيس

 

اجنبي عورت

آئيني ۾ اوپري عورت ڇا ٿي سوچي

مون پڇيو ڳالهه ڇا آهي هوءَ مون کان ٿي لڪي

مان لبن تي لالي لايان ته هوءَ ٿي سڏڪي

جي ٿي هن سان نيڻ ملايان ته

الائي ڇا ڇا ٿي پڇي

گهر ٻار ور سڀ خوشيون مون وٽ

۽ هن کي الائي ڇا ٿو گهرجي.

 

هڪ ماءُ جو موت

زندگي منهنجي ٻار جي ڳل جهڙي ملائم

۽ ٽهڪن جهڙي مڌر آهي.

انهن مڌر سرن تي جهومندي سوچيان ٿي

موت ڇاهي.....!؟ موت ڇاهي.......!!؟؟

جيڪا اوڍي، ايتري اوپري مان بڻجي وينديس

پنهجي ٻار ڏانهن به ڏسي نه سگهنديس

موت اوندهه جيان منهنجي رڳن ۾ لهي ويندو!!

آخر ڪيتري گهگهه اوندهه هوندي

ڇا منهنجي ٻار جو چهرو

روشنيءَ جو ترورو بڻجي منهنجي ذهن مان اڀرندو!؟

موت ڪيترو ڏور، آخر مون کي وٺي ويندو

ڇا پنهنجي ٻار جو سڏ به مون کي ٻڌڻ ۾ نه ايندو؟

موت جو ذائقو ڪهڙو هوندو؟

اڃا به ڪڙو يا اهڙو لذيذ

جڏهن ماس چيرجي رڳ رڳ سور ۾ تڙپي هئي

درد جي درياءَ ۾ ٽٻي هڻي

هڪ ٻيو ماس مون تخليق ڪيو هو

مامتا جي آڏو به ڇا

موت جي سمونڊ جي ڇولي تکي آهي،

منهنجي ٻار جا ڳوڙها

ان وهڪري ۾ مون کي وهڻ ڏيندا!

ايڏي، ڪيتري مان چپ ڪنديس

پنهنجي ٻار کي سيني سان لائڻ کانسواءِ

اڇي اجري ڪفن ۾ ويڙهجي

اڪيلي ڪنهن اڻڄاڻ دنيا ڏانهن هلي ويندس

موت منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيل هڪ سوال آهي

۽ زندگي

منهنجي ٻار جي ڏنل چمي آهي.


 

ومي سدا رنگاڻي

۽ توکي پنهنجي خواب ۾ آڻينديس

مان توکي ياد نه ڪندس

تنهنجي صدقي به نه ويندس

ٻڏندڙ سج به نه ڏسندس

 

اڀرندڙ چنڊ به نه ڇهندس

مان توکي خط نه لکندس

تنهنجي خواب ۾ به نه ايندس

 

تنهنجي اڪيلائي دور نه ڪندس

توکي منٿون نه ڪندس

بارش ۾ پسڻ تي به توکي ياد نه ڪندس

تنهنجي خواب ۾ به نه ايندس.

 

تنهنجي وڃڻ تي ڏينهن نه ڳڻيندس

ماڪ کي پاڻي نه ٺهڻ ڏيندس

رابيل جي مالا نه ٺاهيندس

تنهنجي خواب ۾ به نه ايندس.

 

ليڪن

مان تنهنجو آواز آهيان

تنهنجو ساهه آهيان

تنهجي سونهن آهيان.

 

انڪري توکي مان ياد به ڪندس

توسان وڙهندس

توکي خط به لکندس

ڏينهن به ڳڻيندس

تنهنجي خواب ۾ به ايندس

۽ توکي پنهنجي خواب ۾ آڻيندس.

 

۽ تون مون لاءِ ڇِتِ

منهنجو گهر هجي هڪ جهنگل ۾.

رکي رکي ياد تنهنجي اچي

وڻن جون ٽاريون تنهجيون ٻانهون

۽ هوا جي سرگوشي تنهنجي آهٽ.

 

منهنجو گهر هجي نديءَ ڪناري.

هر شام تنهنجو انتظار ڪريان

تون لهرن تي لهي اچين ڪِرڻ بڻجي

۽ مان جاڳان ساري رات.

 

منهنجو گهر هجي ڪنهن پهاڙ تي

تون اڇي برف ۾ لڪي وڃين

مان توکي ڳولهيندي رهان

سڏ گم ٿي وڃي، رهجي وڃي پڙاڏو.

 

تنهن کان منهنجو گهر هجي ئي نه.

تنهنجيون ٻانهون گهر جون ديوارون

تنهنجيون اکيون گهر جا دروازا

۽ تون مون لاءِ ڇِتِ.

 

منهنجا خواب سهڻا آهن

مان سندر نه آهيان.

نه منهنجا وار گهٽائن جهڙا آهن

نه ئي مون وٽ آهي جهرڻي جهڙي کل

منهنجي اکين ۾ سمنڊ ڪونهي.

 

منهنجيون آڱريون تراشيل ناهن

منهنجا پير ننڍا، اڇا ڪونه آهن

منهنجا هٿ سهڻا نه آهن

منهنجن ڳلن ۾ کپون ڪونه پونديون آهن

منهنجا چپ گلابي نه آهن

منهنجا خواب سهڻا آهن.

 

تون لڪي ويو آهين ڇا؟

هوا

شهر جي سڀني وڻن کي چُمي

اُٿاري ويئي آهي

تون اچڻو آهين ڇا؟

 

منهنجي کاٻي پاسي واري دريءَ مان

اَڇي بوگن

مون کي ڪجهه اشارا ته ڪري رهي آهي.

 

در جي ڪنڊ تي ٽڙيل رابيل

کلي رهيا آهن

هر سنگار

پنهنجي سينگار ۾ پوري آهي

تون گهٽيءَ ۾ گهڙيو آهين ڇا؟

 

مون اکيون بند ڪري

آهستي آهستي

ڏڪندي ڏڪندي

در کولي ڇڏيو.

 

تون ڪٿي آهين؟

تون لڪي ويو آهين ڇا؟

 

اسان کي جوڙي رکڻ لاءِ

تون ۽ مان

الڳ الڳ ڪنارن تي هئاسين

وچ ۾ هئي ندي.

پر

ان تي

تنهنجي منهنجي سنيهه جي پل هئي.

 

تون ۽ مان

الڳ الڳ گهرن ۾ هئاسين

وچ ۾ هئي ديوار.

پر

من جو جهروکو ته سدائين کليل هو.

 

تون ۽ مان

الڳ الڳ دنيا ۾ هئاسين

۽ وچ ۾ هئا گل ٻوٽا، چنڊ تارا

اسان کي جوڙي رکڻ لاءِ.



 

زبي پروين ڏاهري

آءٌ گونگي ناهيان!

معلوم اٿم!

هي مرداڻو معاشرو،

عورت کي

”گونگي - گانءِ“ جي روپ ۾

ڏسڻ قبوليندو آ.

”ڳالهائيندڙ“ عورت جو وجود!

برداشت نه ڪندو آ

تڏهن ئي شايد

هر ماءُ!!

پنهنجي ڌيئرن کي

ڄمڻ ويل

ٻين ستين ڦڪين سان گڏ

سهپ ۽ صبر جي ستي به وجهندي آ

جيئن سندس نياڻيون

سدا خاموش ۽ نماڻيون رهن

ڏسن ٻڌن ڀلي، پر

ڪُڇن  پُڇن نه

مگر! مون کي زبان هوندي،

گونگي بنجي جيون گهارڻ!

قطعي قبول ناهي.

جڏهن خدا مون کي!

زبان ”ڳالهائڻ لاءِ ڏني آ“

پوءِ ماٺ ڇو رهان...............؟

هر ستم صبر ڪري ڇو سهان؟

آءُ گونگي ناهيان!

آءٌ گونگي ناهيان.........!!

 

پنهنجا پنهنجا خواب

پنهنجي

روح جي راڻيءَ کي ماڻي

سمجهين ٿو........!

وڏي سوڀ  ماڻي ورتي اٿئي!

پاڻ کي فاتح سمجهڻ وارا!

توکي شايد معلوم نه آ

تون فقط!

ان جو جسم حاصل ڪري سگهيو آن!

خوابن ماري انهيءَ ناريءَ جو

روح ته ٻئي هنڌ ڪٿي

رهجي ويو آهي.

هوءَ تنهنجي چاهتن جو،

مرڪز سهي،

پر تون هن جي محبتن جو

محور نه آهين

هن جا خواب

تو لئه نه هئا

ضروري نه آهي ته!

”جن کي اسين چاهيندا هجون،

اهي اسان کي به چاهن.“

هر ڪنهن جا

پنهنجا پنهنجا

خواب ٿيندا آهن،

تون! پنهنجي محبت ته

ماڻي ورتي!

پر،

پنهنجي محبت  جي محبت!

ڪڏهن به ماڻي نه سگهندين!

 

نوحي جهڙو نظم

هر پل توکي ساريان بابا!
پل پل پئي پڪاريان بابا!

 

ڄاڻان ٿي تون اچڻو ناهين،
موٽي ٻيهر ملڻو ناهين،
پوءِ به در ۾ ديد کپائي.

 

تنهنجي راهه نهاريان بابا!
هر پل توکي ساريان بابا!

 

توکان سواءِ ڏس تنهنجي نياڻي!
ڪيڏي ٿي وئي آهي ويڳاڻي،
تو پڄاڻان پيءُ پرين!
ڪنهن سان سليان درد ڪهاڻي!
جيون جي هن جنگل ۾.

 

توبن ڪيئن گذاريان بابا!
هر پل توکي ساريان بابا!

 

ڪنهن کي پئي ڪل نه ڪائي،
دردن تنهنجي دل وڌائي،
پنهنجن توکي گهاءَ ڏنا جي،
روز نوان ايذاءَ ڏنا جي.

 

تن کي ڪيئن وساريان بابا!
هر پل توکي ساريان بابا!

 

منهنجا بابل! تنهنجي شفقت،
پٽن کان وڌ ڏنئي اهميت،
ڇپر ڇانو هئين تون منهنجي،
هر هر ياد اچي ٿي تنهنجي.

 

روئي هنجون هاريان بابا!
هر پل توکي ساريان بابا!

 

مايا راهي

ٽٽي پونديسانءِ

ايڏو نه موڙ، مٺا!

ٽٽي پونديسانءِ!

قدم قدم تي

مان مڙيس

تون جُڙئين!

منهنجو ڪٻڙو اڀيمان

تنهنجو شاهي شان!

تڏهن ته چوانءِ ٿي

ايڏو نه موڙ مٺا! ٽٽي پونديسانءِ

 

ليئو پائي

ڏسين ته اندر ۾

ڇڇي پيئي اٿئي

هيانءُ؟

کاڌل اٿئي

ايترو

جو اندر سارو ڀري ڀور ٿيو پيو آهي!

تڏهن ته چوانءِ ٿي

من منهنجا!

ايڏو نه موڙ مون کي! ٽٽي پونديسانءِ.

 

ارپڻ پتر

حساس دل جي

احساسن جي

ترجماني ڪندڙ

هيءُ

”احساس“

ارپيان ٿي

انهن استري جي

دکي دلين کي

جن جي دانهن،

اندر مان نڪري

ڪڏهن ٻاهر

چپن تي نه آئي

جن جا ڳوڙها،

اکين جي آنچل ۾ ئي

اٽڪيا رهيا

۽ جن

پنهنجي ئي اکين سان

پنهنجن هٿان

پنهنجي دل جي دنيا

دونهين بنا

سدا دکندي ڏٺي!!

 

تون مري رهي آهين

ڏاڍي ڪانؤد آهين

هيڏو ٿي

ذليل ٿين

ڪتن جهڙي

حالت آ تنهنجي!

 پوءِ به

ڪتي جي پڇ وانگر

اهڙي جي اهڙي!

ملي ڇا ٿو توکي؟

رات جو سک

ڏينهن جا ٻه ڦلڪا؟

منگلسوتر

بِندي؟

۽ چپٽي سندُور جي؟

موٽ ۾

جا

ذلالت ٿي سهين

ڍڳي وانگر ٿي وهين

ان جو ڇا؟

چوين ٿي

”مجبور آهيان

منهنجو پيار آ“

ڇا جو پيار؟

ڪنهن جو پيار؟

پيار جو ٺيڪو

ڇا صرف

توئي کنيو آهي؟

پيار پيار ناهي،

ڪانيئرتا آهي،

تون ڊڄڻي آهين

ڪبوتر وانگر،

اکيون ٻوٽي

سوچين ٿي

ٻلو آهي ڪٿي؟

ته اهو ٻلو

هر روز تنهنجو

ٽڪر ٽڪر ماس ڇني

خلاص ڪري رهيو آهي

توکي!

۽ تون؟

پيار جو پهراڻ پائي

روز

رتي رتي ٿي

مري رهي آهين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com