سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :6

 

”خاتم“ جانوري

غزل

 

حال دل جو ڇا ٻُڌايان سرتيون،
درد جو ناهي ڪو درمان سرتيون.

 

فرقتِ دلدار کان وحشي ٿيس،
ٿي ويو آ مون کي خفقان سرتيون.

 

عالمِ دنيا ۾ هَي هَي دل سندو،
ويو اُجڙ ٿي آهه بُستان سرتيون.

 

ڪين ٿي مسرور دل منهنجي رهي،
ٿو رهان شب روز گريان سرتيون.

 

درد دائم ٿو رهي دلدار جو،
جنهنڪري آهيان پريشان سرتيون.

 

مُون هٽائڻ جي ڪئي ڪوشش گهڻي،
ته به نه هٽيو درد پنهان سرتيون.

 

ڪشتيءِ بحرِ الم مان ڪيئن بچان،
آهي جنهن ۾ تيز طوفان سرتيون.

 

سڀ دعا گهُرجو ته ”خاتم“ ٿي رهي،
دلربا جي در جو دربان سرتيون.

 

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: گلبدن جاويد

ڳڻن ڀريون ڳالهيون

 

نسيم خان پنهور سان ڳالهه ٻولهه

تعارف: دراصل سونهن نالو ئي آهي سٺي صورت ۽ نيڪ سيرت جي سنگم جو. منهنجو ايمان آهي ته قدرت جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کي نوازيندي آهي ته ان کي خوبصورتيءَ سان گڏ، نيڪ سيرت به ڏيندي آهي. ذهن به ڏيندي آهي ته فهم به ڏيندي آهي. اهڙي ئي هڪ سوڀيا وان سورهيه سرتي، جنهن سان گهڻي عرصي کان نه فقط ڄاڻ سڃاڻ آهي، پر سندس قرب ۽ ويجهڙائپ پڻ ملي آهي. اڄ جڏهن سوچيم پئي ته سرتيون جي هن پرچي ۾ ڪهڙي شخصيت جو انٽرويو هلايان ته صبح جي ٿڌڙي هير جي جهوٽي جي ڇهاءَ سان. نسيم خان پنهور جو نالو هانوَ تي هُري آيو. سو اچو ته ان سان ڳالهه ٻولهه ڪريون.

سرتيون: ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟

نسيم خان: ننڍپڻ تمام خوبصورت، دلچسپ گذريو. ان وقت اهو تصور ئي ڪونه هو ته ڪو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ نه کيڏن. انڪري پاڙي جا سڀ ٻار سڄو ڏينهن پيا رانديون ڪندا هئاسين ۽ اهي سڀ رانديون ڪيونسين جيڪي ڇوڪرا ڪندا آهن. ونجهه وٽيءَ کان بلورن کيڏڻ تائين راند ڪئي. اٽي ڏڪر به کيڏيم. اسڪول کان پوءِ گهر اچي ماني کائي ٿوري دير آرام ڪندا هئاسين. پوءِ وري امان اسڪول جو ڪم ڪرائيندي هئي ۽ پوءِ راند لاءِ ٻاهر نڪري ويندا هئاسين. مون کان پهرين ٽي ڀائر آهن ۽ مان چوٿون نمبر ٻار هيس، انڪري لاڏلي به ڏاڍي هيس. لکڻ پڙهڻ جو مون کي شروع کان ئي شوق هوندو هو. ڇو ته منهنجي امڙ ۽ ناناڻو خاندان تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل هو. امڙ اسڪول جي ڪمن سان گڏ قصا ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي ۽ جيڪو به گهر ۾ ادبي ڪتاب ايندو هو اهو پڙهندي هيس، انڪري ننڍپڻ کان ئي ادب سان شناسائي رهي.

سرتيون: اوهان جي تعليم ڪيتري آهي؟

نسيم خان: اتي ڳوٺ ۾ ڇوڪرين لاءِ اسڪول ڪونه هوندا هئا، تنهن هوندي به مون اٺين ڪلاس تائين تعليم موري ۾ حاصل ڪئي ته منهنجي شادي ٿي وئي ۽ شاديءَ کان پوءِ مون B.A تائين تعليم حاصل ڪئي.

سرتيون: جڏهن اوهان جي شادي ٿي ته ان وقت عمر ڪيتري هئي؟

نسيم خان: مان 16 سالن جي هيس جو خان سان منهنجي شادي ٿي. (ان وقت خوشيءَ ۽ ڏک گاڏڙ احساس سندس چهري تي اڀري آيو).

سرتيون: پوءِ ته يقيناً شادي مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي هوندي؟

نسيم خان: بلڪل، مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي پر مون کان پڇيو هئائون.

سرتيون: شاديءَ کان اڳ اوهان خان محمد پنهور کي ڏٺو هو يا...........؟

نسيم خان: جيئن ته منهنجو ڀاءُ سڪندر ميمڻ ۽ خان پاڻ ۾ گهرا دوست، ادبي، ۽ سماجي ساٿي هئا، انڪري خان جو گهر ۾ تمام گهڻو ذڪر ٿيندو هو. انڪري مون کي اوپرائپ جو احساس ڪونه ٿيو.

سرتيون: گهر، ٻار، تعليم ۽ سماجي سرگرميون انهن سڀني ڪمن کي ڪيئن منهن ڏنوَ؟

نسيم خان: جيئن ته منهنجو ور خان (وري ڏک جي هڪ جهلڪ سندس چهري تي اڀري) علمي، ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ تمام سرگرم هوندو هو ۽ سندس مرضي هوندي هئي ته مان ساڻس هر ڪم ۾ گڏ هجان! انڪري مان به سرگرم رهيس. اڪثر ڪري ٻارن کي به پروگرامن ۾ وٺي ويندا هئاسين. گهر ۾ وري، منهنجون نڻانون، ڏيرياڻيون ۽ ڀينرون اسان سان وڏو عرصو گڏ رهيون. انڪري گهر جا گهڻا ڪم سنڀالي وٺنديون هيون.

سرتيون: مطلب ته ادا خان محمد پنهور جي صحبت ۾ رهي اوهين به سماجي خدمتگار ٿي ويون؟

نسيم خان: گل! تون صحيح ٿي چوين پر سماجي ڪم ڪرڻ جو جذبو مون ۾ شروع کان ئي هو. اسڪول ۾ هر فنڪشن ۾ حصو وٺندي هيس، پر خان جي ساٿ جي ڪري مان گهڻو اڳتي آيس. هو چوندو هو ته هر سٺي ڳالهه جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪجي.

سرتيون: ڀلا خان محمد پنهور هڪ مڙس ۽ پيءُ جي حيثيت ۾ ڪيئن هو؟

نسيم خان: گل! (چئي ڪجهه لمحا خاموش وري سرهائيءَ جو تاثر ڏيندي چيائين) ”خان تمام گهڻو محبت ۽ سهڪار ڪندڙ ماٺيڻو ماڻهو هو. ڪاوڙ، غصي، چڙ وغيره جو ته سندس طبيعت ۾ نانءُ نشان ئي ڪونه هو. ڪيڏو به ٿڪل هجي  پر هر ڪنهن کي کلي جواب ڏيندو هو. تمام ٿڌي طبيعت وارو بردبار، رحمدل ۽ هڏ ڏوکي انسان هوندو هو. ڪنهن تي ڏکي مهل ڏسي نه سگهندو هو. پنهنجي هڙئون وڙئون هر ضرورتمند جي ضرورت پوري ڪندو هو.

سرتيون: سنڌ جي ٻهرارين ۾ به اوهان جو اڪثر وڃڻ ٿيندو هو ان بابت ڪجهه ٻڌايو؟

نسيم خان: سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت تنظيم جي پليٽ فارم تان اڪثر ٻهراڙين ۾ وڃي پروگرام ڪندا هئاسين، ڪئمپون لڳائيندا هئاسين. مان وڃي عورتن سان ڪچهريون ڪندي هيس. سندن ڏکي زندگي ڏسي ڏک به ٿيندو هو. مايون تمام ساديون هونديون هيون. تمام سخت محنت ڪنديون هيون. هٿ جي هنرن جون ماهر هونديون هيون، پر کين اجورو گهٽ ملندو هو. مان سندن گج، رليون ۽ ٻيون شيون پنهنجي واسطي وارين عورتن کي ڏيئي کين جهجها پئسا ڏياريندي هيس. هنن ۾ خلوص آهي، پيار آهي، سٻاجهڙائپ آهي. ڳوٺاڻي زندگي مصنوعيت کان پاڪ آهي پر انهن جي مسئلن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. هنن وٽ روڊ رستا ناهن، صاف پاڻي ناهي، صحت مرڪز ايترا لاڀائتا ناهن ۽ نه ئي نياڻين لاءِ تعليم جو جوڳو بندوبست ٿيل آهي.

سرتيون: ڪئمپن واري رٿا بندي ڪيتري ڪارائتي آهي؟

نسيم خان: گل! ڪنهن حد تائين ڪارائتي آهي. ٽن ٽن ڏينهن جي ڪئمپن ۾ ڪيترا ئي اکين جا آپريشن ٿين ٿا. گهڻن مريضن جون تپاسون وغيره ٿين ٿيون. مطلب ته اهو ڪلچر رهڻ گهرجي عوام جي سهائتا لاءِ.

سرتيون: اوهان جو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ٿيو؟

نسيم خان: مان ٽي مهينا خان جي بيماريءَ جي سلسلي ۾ لنڊن رهيس. اتي فليٽ ورتو هوسين. ان ئي اپارٽمينٽ ۾ شيخ اياز جو ڪٽنب ۽ جسٽس عبدالحئي قريشيءَ جو ڪٽنب پڻ رهيل هو. جنهنڪري مون کي اوپرائپ جو احساس گهٽ ٿيندو هو. اتان جا ڊاڪٽر قابل ۽ هڏ ڏوکي آهن، اسپتالون صاف سٿريون، خان جي آپريشن وقت فقط 14 ڏينهن اسپتال ۾ رهياسين ۽ وري فليٽ ۾. شيخ اياز جي گهر واري زرينا منهنجو ڏاڍو خيال رکندي هئي ۽ سندس ڏوهٽي پنڪي پڻ وندر جو ذريعو هوندي هئي.

سرتيون: ڇا شيخ اياز سان اوهان جي ڪچهري ٿيندي هئي؟

مون وچ ۾ سوال ڪيو.

نسيم خان: ها گل! شيخ اياز صاحب سان به ڪچهريون ٿينديون هيون، پاڻ شعر، ادب، سياست ۽ تعليم تي اڪثر ڳالهائيندا هئا.

سرتيون: لنڊن جي ٻي ڪا يادگيري؟

مون پڇيو.

نسيم خان: انهن ڏينهن ۾، ورلڊ سنڌي ڪانفرنس لنڊن ۾ ٿي هئي ۽ مون به ان ۾ پيپر پڙهيو هو، ڪو سنڌي پروفيسر اچي نه سگهيو هو ان جو پيپر مون پڙهيو. پوري دنيا جا سنڌي عالم، شاعر ۽ اديب شريڪ ٿيا هئا. سنڌ مان ڊاڪٽر سليمان شيخ فقير محمد لاشاري، ڊاڪٽر ڪريم داد پتافي، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، هدايت پريم وغيره شريڪ ٿيا هئا.

سرتيون: جيڪي عورتون عمل جي ميدان ۾ هونديون آهن، انهن جي لاءِ اسان جو سماج الاءِ ڇا ڇا پيو چوندو آهي، اهڙيون ڳالهيون اوهان به ٻڌيون هونديون. انهن تي اوهان جو رد عمل؟

نسيم خان: ماڻهو چون ٿا چوندا هوندا، پر مون ڪڏهن به ڪن نه ڌريو ۽ ڪا ڳالهه ذهن تي نه رکي. مون پنهنجي فرضن کي ترجيح ڏني ۽ وقت جي رفتار سان هليس. ان جو اهو سبب آهي جو بيحد عزت ۽ احترام مليو ۽ ملندو رهي ٿو.

سرتيون: خان محمد جي وڃڻ کان پوءِ ڏونگر جهڙي حياتي اوهان ڪيئن ڪاٽي؟

نسيم خان: (روئڻ هارڪي لهجي ۾) ڏاڍي ڏکي زندگي گذري ۽ گذري پئي، پر بقول خان ته همت ڪڏهن به نه هارجي، همت مردان مدد خدا. ڪڏهن به ٻارن ۽ گهر ڀاتين کي محسوس نه ڪرائيندي آهيان ته ڏک ڇا آهن ۽ ڪوشش ڪندي آهيان ته ٻار ڪابه ڪمي محسوس نه ڪن. ڏک ۽ سک زندگيءَ جو حصو آهن. انهي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. هرو ڀرو پريشان ڪانه ٿيندي آهيان.

نسيم خان: پنج ٻار آهن. سهڻي، سنڌو، سارنگ، ساهڙ ۽ ننڍڙي سورٺ.

سرتيون: اهڙا خوبصورت نالا ڪنهن رکيا؟

نسيم خان: سندن پيءُ رکيا، پر مون کي به اهي نالا وڻندا آهن.

سرتيون: ٻار جي تربيت ڪيئن ڪجي؟

نسيم خان: تربيت ائين ڪجي جو ٻار سان محبت ۽ دوستيءَ وارو رويو رکجي، ٻار جو هر ڏک، هر سک شيئر ڪجي. هن کي اڪيلو يا ويڳاڻو نه ڇڏجي. ڇو ته ٻار احساس محروميءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا اڪيلي رهڻ سان. انهن تي اعتماد ڪجي ۽ اعتماد ڏيارجي.

سرتيون: اوهان ڪهڙين ڪهڙين تنظيمن ۾ ڪم ڪيو آهي؟

نسيم خان: مان مختلف وقتن تي مختلف تنظمين ۾ رهي آهيان. سياسي حوالي سان جيئي سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ، سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت ۽ اڄڪلهه انجمن بهبودِ خواتين ڄام شوري جي جنرل سيڪريٽري آهيان.

سرتيون: انجمن بهبودِ خواتين جا ڪهڙا مقصد آهن؟

نسيم خان: انجمن بهبودِ خواتين طرفان ٻارن کي قرآن شريف پڙهايو وڃي ٿو. سلائي  سينٽر، ٻارڙن لاءِ ٽيوشن سينٽر، ميڊيڪل سينٽر، بيوٽي پارلر آهي. اهي اسان جا ننڍڙا ننڍڙا سينٽر آهن جيڪي ڄام شوري ۾ ڪونه هئا ۽ هڪڙو اسڪول به هلي پيو جنهن ۾ ٻارڙن کي مفت ۾ تعليم ڏني ٿي وڃي.

سرتيون: خوشيءَ جي ڪيفيت کي ڪيئن ماڻينديون آهيو؟

نسيم خان: خوشيءَ کي تمام ڀرپور نموني ملهائيندي آهيان. ڪيترن غمن هوندي خوشي جڏهن به ملندي آهي ته ان کي دل سان ملهائيندي آهيان.

سرتيون: ڏک جي ڪيفيت ۾ ڇا ڪنديون آهيو؟

نسيم خان: ڏک يا پريشانيءَ جي ڪيفيت ۾ خاموش ٿي ويندي آهيان. ٻين تي ظاهر ٿيڻ ناهيان ڏيندي. پاڻ تي جبر ڪندي آهيان. پر ٻين کي ناهيان ٻڌائيندي ته مون تي ڇا گذري رهيو آهي.

سرتيون: زندگيءَ جو اڻ وسرندڙ حسين واقعو ٻڌايو؟

نسيم خان: خان محمد پنهور سان منهنجي شادي ٿي.

سرتيون: کاڌي ۾ ڇا پسند اٿو؟

نسيم خان: هر کاڌو وڻندو آهي، مان هر شيءِ کائي وٺندي آهيان. جيڪا به گهر ۾ رڌبي آهي پر ساڳ ۽ چانورن جي ماني وڌيڪ پسند اٿم.

سرتيون: پسند جو رنگ؟

نسيم خان: اڇو.

سرتيون: پسند جو گل؟

نسيم خان: موتئي جو گل.

سرتيون: پسند جي خوشبو؟

نسيم خان: مٽيءَ جي خوشبو ۽ گلاب جي گل جي خوشبو.

سرتيون: پسند جي مند؟

نسيم خان: بهار جي موسم وڻندي آهي.

سرتيون: ڏينهن ڪهڙو وڻندو اٿو؟

نسيم خان: جڏهن سڄو ڪٽنب گڏ هجي.

سرتيون: پسند جو پهر؟

نسيم خان: صبح جو.

سرتيون: ڪامياب شادي ڇا کي چئجي ٿو؟

نسيم خان: منهنجي نظر ۾ ان کي چئجي ٿو جنهن ۾ ٻيئي زال ۽ مڙس پاڻ ۾ محبت، ٻَڌي ۽ هڪٻئي جو احساس ڪن، هڪٻئي جو احترام ڪن ۽ هڪٻئي کي سمجهن ته اها ڪامياب شادي آهي.

سرتيون: ٻاهرين ملڪ جي عورت ۽ هتان جي عورت ۾ ڪو خاص فرق آهي!

نسيم خان: ٻاهرين مڪلن جون عورتون به بهادر، جفاڪش ۽ محنتي آهن. مون لنڊن ۾ ڏٺو ته صبح جو جيڪي عورتون نوڪرين تي وينديون هيون. ڪِن کي ٿيلها پٺن تي. ته ڪن کي ٻار پٺن تي ته ڪي وري ٻار واڪر ۾ کنيو پنهنجي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي وينديون هيون. هتي ذهني آزادي آهي، پر عورتن ۾ هرو ڀرو جي آوارگي ناهي.

سرتيون: محبت اوهان جي نظر ۾؟

نسيم خان: هڪ پاڪ جذبو به چونديس ته عبادت به چونديس پر جي ڪجي ته.

سرتيون: فرض اوهان جي نظر ۾؟

نسيم خان: ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻجن سڄي ڄمار فرض نڀائيندي گذري وئي.

سرتيون: خان محمد پنهور جي ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا هميشه ياد رهي؟

نسيم خان: غلام فريده اوهه دي اوهه ڄاڻي، ساڪون اپڻي توڙ نڀاوڻ ڏي.

سرتيون: اوهان جي پسنديده شخصيت؟

نسيم خان: منهنجي امڙ.

سرتيون: پسند جو ڪتاب؟

نسيم خان: شاهه جو رسالو.

سرتيون: ڪا اهڙي خواهش جيڪا چاهيو ته پوري ٿئي؟

نسيم خان: منهنجا ٻار شال! سدائين سکيا ستابا رهن. هر مقصد ۾ ڪامياب ٿين.

سرتيون: عبادت اوهان جي نظر ۾؟

نسيم خان:

روزا ۽ نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم،
اُوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

        (شاهه)

سرتيون: اوهان کي ڪهڙي قسم جا ماڻهو وڻندا آهن؟

نسيم خان: سچا، کرا، سوبر، پر خلوص ۽ بي زر.

ان تي مون کيس چيو ته ”پوءِ ته آءٌ توهان کي ضرور وڻندي هونديس. ادي نسيم ٽهڪ ڏيندي. چيو ها گل! انهيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي. تو جهڙا ماڻهو مون کي وڻندا آهن“.

سرتيون: شاهه سائين جو ڪهڙو شعر هن وقت اسان کي ٻڌائيندو؟

نسيم خان:

محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو!
تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو پاتشاهه!

سرتيون: اڄڪلهه پريمي جوڙا عام جام ٿي پيا آهن، ان تي اوهان پنهنجي راءِ ڏيو؟

نسيم خان: گل! مان اهو چونديس ته ٻارن کي ذهني آزادي ڏئي، اڄوڪي نسل کي پنهنجي پسند سان شادي ڪرڻ جو حق ڏيو. ساڻن هر ڳالهه شيئر ڪريو.. سندن مرضي ۽ راضپو معلوم ڪريو ۽ انهن جون الجهنون ۽ مسئلا سمجهو. ٻارن تي اعتماد ڪريو ۽ انهن کي پر اعتماد بڻايو. مائٽ اولاد جو ساٿ ڏين ته جيئن ”پريمي جوڙا ڪلچر“ ختم ٿي وڃي. اولاد تي ايڏي سختي نه ڪجي جو اهي عدالتن ۾ مائٽن جا مخالف ٿي بيهن. ميڊيا جي نذر ٿي وڃن. جيڪو نه ٿيڻ گهرجي!

سرتيون: پڙهندڙن لاءِ پيغام؟

نسيم خان: هڪٻئي کي ٺڳڻ ۽ منافقت ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ اجايو وير پاڙڻ کان پاسو ڪريو. هڪٻئي جو احترام ڪريو ته ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي!

 

رضيه هڱورو

هڪ سچي ڪهاڻي

اچو ته توهان کي هڪ مسڪين ۽ مجبور ماءُ جي ڳالهه ٻڌايان. هاڻ ته هوءَ هن دنيا ۾ ناهي، پر ان جي قرباني نٿي وسريم. ان جو لُڇڻ ڦٿڪڻ ۽ بيوسي اڄ به جڏهن ياد اچي ٿي، ته اداس ٿي ويندي آهيان. هوءَ به انهن مائرن مان هئي جيڪي پنهنجي اولاد جي قرباني ڏئي ڇڏينديون آهن! ۽ اف به نه ڪنديون آهن! ڇو ته خود سندن مڙس ئي کين مجبور ڪندا آهن.

”ڏاهي ٿي. توکي ان سان ڪهڙو فرق پوندو! توکي ته الله سائينءَ اڳيئي هڪ پٽ ٽي نياڻيون ڏنيون آهن. تون ته ڀاڳن واري آهين. ٿورو سوچ ته پڦيءَ کي ڪو اولاد ڪونهي. تون جيڪڏهن پنهنجو هڪڙو ٻار ان کي ڏيندينءَ ته ڪهڙو فرق پوندو توکي؟“

مڙس جي پڦي، جيڪا هن عورت جي ڀاڄائي به هئي، ۽ هن جي ۽ سندس پڦيءَ جي شادي ته هڪ ئي مهيني ۾ ٿي، پر اها ته رب سائينءَ جي قدرت آهي، جنهن هن کي چار ٻار ڏنا ۽ پڦيءَ کي اولاد کان وانجهيل رکيائين! ان ڳالهه پڦيءَ تي خراب اثر وڌو. چيڙاڪ ٿي پئي. رات جو ننڊ نه ڪرڻ جي ڪري دماغ خشڪ ٿي ويس.“

مڙس هن کي چئي رهيو هو ”پڦي ڪا غير ته ناهي. پنهنجي سڳي مائٽ آهي. هڪ ئي گهر ۾ رهون ٿا. تنهنجي ڀاڄائي آهي بس تون رڳو دل سان راضي ٿي. مان چاهيان ٿو ته هينئر جيڪو توکي ٻار ٿئي، اهو مان پڦيءَ جي جهوليءَ ۾ وجهان.“

ان صورت ۾ هُن پنهنجي مڙس سان ڪُسندي مُسندي ها ته ڪري ڇڏي، پر اندر ۾ رت پئي روئندي هئي. زال جي ناتي پنهنجي ڀتار کي انڪار نه ڪري سگهي پر هوءَ ماءُ به ته هئي! ۽ ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي ٻئي ڪنهن جي حوالي ڪرڻ لاءِ راضي نه پئي ٿي.

قدرت خدا جي هوءَ ڳورهاري ٿي، هن اها ڳالهه لڪائڻ گهري، في الحال هن ڪنهن کي ڪجهه به نه ٻڌايو، اڄاتا کٽڪا پاليندي رهي من ۾، ائين ڏينهون ڏينهن وئي ڪمزور ٿيندي، نه هوءَ مڙس کي جواب ڏئي ٿي سگهي، نه ڀاءُ کي! ڪري ته ڇا ڪري! گهر واري ته اڳيئي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته هاڻي جيڪو به ٻار ٿيو اهو پڦيءَ جي جهوليءَ ۾ وجهندو، پوءِ ڌيءَ هجي يا پٽ، پنهنجو ڀاڳ اٿن. اهو ٻڌي هو زال ۽ مڙس ڏاڍا خوش ٿيا. شايد سندن ئي دعائن جو اثر هو جو هيءُ جلد ئي اميد سان ٿي!

هڪ ڏينهن هن جي طبيعت ڏاڍي خراب ٿي پئي، شايد گرميءَ جي ڪري! کيس ڊاڪٽر ڏي وٺي ويا. ڊاڪٽر کيس تپاسي ٻڌايو ته پريشان نه ٿيو، ادي اميد سان آهي، بس سندس کاڌي پيتي ۽ آرام جو خيال رکو.

گهر اچڻ تي اها خوشخبري عام ٿي وئي. هوءَ ته راضي نه هئي، پر زور اڳيان زاري آهي، پوءِ ته سندس ڀاءُ ۽ ڀاڄائي مٿانئس اور گهور پيا ٿين. پٽ تي پير نه پيو ٽڪين، انهن جي خوشين جو ته ڪو انت نه هو، بس رڳو ڏينهن پيا ڳڻين ته ڪڏهن ٿو رب سندن خواب پورو ڪري! اڳي جيڪي رڳو نالي جا ڀاءُ ۽ ڀاڄائي هئا، اهي هاڻ هن تان صدقو صدقو پيا ٿيندا هئا. هن جو ڏاڍو خيال پيا رکن. ڪم ڪار به نه پيا ڪرڻ ڏينس. ڄڻ ته هن کي ڪو پهريون ٻار پئي ٿيو،  نڻان به هر هر پئي پڇيس ته هاڻي ته ٺيڪ آهين نه؟ بس ادي تنهنجا لک احسان، قرب، ٿورا جو خالي جهولي سائي ڪئي اٿئي! هن جو گهر وارو به خير سان اچي پهتو، جيڪو روزيءَ سانگي ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهندو هو. کيس اها خوشخبري اوڏانهن پهچائي وئي هئي. هو زال لاءِ سونا والا وٺي آيو هو. ايندي شرط اهي سونا والا زال کي پارايائين. هن سوچيو ‘مون کي چار ٻار ڄاوا، پر هن شخص ڪڏهن ڪوڙو ڇلو به نه پارايو. هن ڀيري سونا والا وٺي آيو آهي! هي ٻار ته ڪو وڏن ڀاڳن وارو آهي جيڪو پيار ۽ احترام هن ٻار ڀيري مليو اٿم، سو ته اڳي ڪڏهن به نه مليو اٿم!’

هڪ رات گهر واري کي چيائين ته ”سائين، توهين اهو ته ادا ۽ ڀاڄائيءَ کان پڇو، مان نٿي پڇي سگهان، مون کي شرم ٿو اچي، ته جيڪڏهن نياڻي ڄائي ته ڇا هو نه کڻندا؟“

”تون ته صفا ڪا چري آهين“ مڙسهنس پيار مان کيس ڳرهاٽي پائي چيو ”هي ٻار ايترو جلد ته ٿيو ئي هنن جي دعائن سان آهي. هونئن نه ته چار پنج سال وٿي پئجي ويندي هئي. هينئر چوڏهن مهينن ۾ ٻار ٿيو آهي. ته اهو هنن جو نصيب آهي، تنهنجو منهنجو ته صرف بهانو آهي. تون دل جاءِ رک. هو اسان کان به وڌيڪ ٻار جو خيال رکندا. خوش رکندس. هو ته ٻار لاءِ سڪن ٿا. ربّ وڏو بي پرواهه آهي، هنن کي ٻار جي نعمت کان محروم رکيو اٿس. ڏسين نٿي هو ڪيڏا نه خوش آهن. ڪيئن نه پنهنجي حال کان به وڌيڪ تياريون پيا ڪن. تون صرف پنهنجو ارادو پڪو رک، تون رڳو اهو سوچ ته رب هي ٻار رڳو تنهنجي ڪُک ۾ رکيو آهي، نه ته پنهنجو ان تي ڪوبه حق ناهي، مان ته دل جان سان   چاهيان ٿو ته ٻار پنهنجي وقت تي خير سلامتيءَ سان ڄمي، ڪابه تڪليف نه اچي ٻار کي، هي ٻار ته قدرت پاران هڪ املهه تحفو آهي!“

جيئن جيئن ٻار ڄمڻ جو وقت ويجهو ايندو ويو، تيئن تيئن ماءُ ويچاريءَ جا ڳچ پئي ڳريا، ڪنهن وقت کلي چوندي هئي ته جيڪا مالڪ جي مرضي. اهو به قدرت جو ڪرشمو آهي ته جڏهن به ڪا عورت ماءُ بڻجي ٿي تڏهن هن جي چهري تي هڪ نور اچي وڃي ٿو! جو اها عورت به حيران ٿيو وڃي! واهه منهنجا مولا تنهنجا عجيب رنگ آهن!

تن ڏينهن ۾ هن ماءُ جي حالت اها هئي جو کانئس پهريان ٻار به وسري ويا. انهن کي به ٽائيم نه پئي ڏئي سگهي. هوءَ سڄو وقت پاڻ سان ئي وڙهندي رهندي هئي ته ڇا ڪريان؟! هوءَ منجهي پئي هئي. هن جي عقل جواب ڏئي ڇڏيو هو، ٻار پيدا ٿيڻ جي خوشي به هئس ته ڏک به.

هڪ ڏينهن همت ڪري گهر واري کي چيائين ”مان توهان سان دل جو حال ڪرڻ ٿي چاهيان، ڇو ته ٻئي ڪنهن سان اهو حال نٿي ڪري سگهان.“ مڙس کي به هن جي نماڻي چهري تي ڄڻ رحم اچي ويو ”ها دل کولي مون سان حال ڪر، مان ڪنهن کي ڪجهه به نه ٻڌائيدس!“ هن ڀنل لهجي ۾ چيو ته ”اها ڪهڙي پڪ آهي ته ڀاڄائي صفا ٺيڪ ٿي ويندي، هن کي دورا نه پوندا!“

”اڙي چري،“ مڙس کيس آٿت ڏيڻ لڳو ”ڊاڪٽر چيو آهي ته هن جي اندر ۾ هڪ خال آهي، جيڪڏهن ٻار جي خواهش پوري ٿيندس ته پوءِ اهي دورا نه پوندس! ڪجهه ترسي چيائين ”ڏسين ڪانه ٿي ته جيئن ٻار جو ٻڌو آهيس، تيئن خوش ٿي تيارين ۾ لڳي وئي آهي ۽ اٺن مهينن تائين دورو نه پيو اٿس!“

”اوهين ٺيڪ ٿا چئو! الله ڪندو ته ٻار ملڻ کان پوءِ به ٺيڪ رهندي. آمين“

”توکي ان جو الله وڏو اجر ڏيندو!“ مڙس چيو.

”مان ٻار کي ڏسي ته سگهندم نه؟ کير به مان ئي هن کي پياريندم!“

”ها ها ڇو نه. هڪ ئي گهر ۾ آهيو! تون رڳو دل نه لاهه.“

آخر ٻار ڄمڻ جي وقت، ماءُ گهڻي پريشان رهڻ ڪري ڪمزور ۽ سست ٿي پئي هئي، هن کي جيئن ٻار جون سنڀارون ٿيون، ته ڊپ ورائي ويس ته الائي ويم ۾ مري نه پوان! سڀني کي پنهنجي ٻچڙن جون پارتون ڪرڻ لڳي، مڙس به آٿت ڏني ته رب ڪندو ته توکي ڪجهه ڪونه ٿيندو. تون جيڪا نيڪي ٿي ڪرين اها رب وٽ اگهامي وئي آهي. رب سڀ سڻائي ڪندو. جيئن جيئن سور وڌندا ويا. تيئن تيئن دل لاهي ويٺي. سندس اندر ۾ جيڪا آنڌ مانڌ هئي اها کيس هڪ پل به سک سان سمهڻ نه پئي ڏئي، رب پاڪ هر ان عورت کي اها سگهه ڏيندو آهي جيڪا ماءُ بڻجڻ واري هوندي آهي. هوءَ ڪيڏي به تڪليف ۽ پيڙا مان گذري پر جڏهن هوءَ پنهنجي ٻچڙي جي روئڻ جو آواز ٻڌندي آهي ته سڀ سور سجايا ٿي ويندا اٿس. پر هي سور ڪهڙا هئا جنهن جي صلي ۾ ڪجهه به نه ملڻو هو. هن ڀيري ته سور سوايا ٿي پيا هئس. جيڪي سهڻ جي سگهه وڃائي ويٺي هئي، مڙس کي گهرائي چيائين ته ”مون تنهنجون سڀ ڳالهيون دل سان مڃيون آهن، پر هاڻ منهنجي به هڪڙي ڳالهه مڃ ته هي ٻچڙو ڌيءَ هجي يا پُٽ هجيم، پر مان هن کي اکين سان نه ڏسان، هڪدم کڻي وڃي پڦي جي جهوليءَ ۾ وجهجو، نه مان کير ڏينديس!!؟ ۽ نه ئي مان هنج ۾ کڻنديس جيڪو منهنجو ناهي ته پوءِ مان ڇو هن کي پيار ڪريان؟ ڇو هن کي پنهنجو سمجهان ۽ وڌيڪ ڏکي ٿيان! بس هو به هتان ٻارڙي کي کڻي هليا وڃن، مون کي رب صبر ڏيندو پوءِ ائين ئي ٿيو پُٽ ڄائو، پُڦي ننڍڙو کڻي ٻئي شهر هلي ويئي....

(هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com