سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :5

امداد حسيني

غزل

ڪا خاص ڳالهه ڪانه هئي جا چوان کڻي،
اهڙي ته ڪابه چوٽ نه هئي جا لکان کڻي.
 

اهڙو ته ڪجهه به ڪونه ڪيم ۽ چيم، لکيم،
هن ڇو اَلئه مٿي تي ڏنو آسمان کڻي.

 

رسم ۽ رواج آهه اها ريت نِيت آهه،
نا مهربان کي ڇو نه چوان مهربان کڻي؟

 

ڪنڊي جيان چڀي ويو دل جي گلاب ۾،
منهنجي کسي بهار، ڏنائين خزان کڻي.

 

جي رات ٿي وڃي ته ڏيي سان جلان کڻي،
پوئين پهر پرهه جي پکين سان لنوان کڻي!

هي سور، لڙڪ، زهرِ مليو جو به تو هٿان،
هڪ تِڪَ پي وڃان ٿو سڀئي تنهنجو نان کڻي.

مون ڏي اچي ته هوند ڏيا آڱريون ڪريان،
مون کي سڏي ته هوند اکين سان پُڄان کڻي.

چَو ڦير گهٽ گَهير، جهُڙالي اُماس رات،
تارا پني تي ڇو نه ڀلا ٽانڪِيان کڻي!

 

هڪ عمر جنهن جي راهه نهارڻ ۾ صرف ٿي،
ڪنهن ڏينهن منهنجي رهه به نهاري متان کڻي.

 

آتم ڪٿا قسط ”7“                                     رتنا گوديا ”رولاڪ“

 پيڙا جو پڙلاءُ

صبح جو سويل سندر اچي سڄو مال کڻي حساب ڏيئي ويو. مون ٻه هزار رکي باقي هن کي واپس ڪيا. هزار ستيءَ ماءُ جي گهر موڪليو. پنج سئو بابا کي زوريءَ ڏنا ته ٻارن کي خرچي ڏيئي سگهي. چئين بجي مان ناسڪ هلي ويس. اها رات مون ماءُ سان گذاري. هوءَ هر هر مٿي تي هٿ ڦيري چوندي رهي، ”ڀڳوان ڪندو لکن ۾ کيڏيندينءَ.“ منهنجي ڏاڏي به آيل هئي. تنهن چيو، ”مون توکي لولي ڏيندي چيو هو ته جهازن ۾ گهمندينءَ. سو برابر نڪتو نه! هوءَ هميشه اهو چوندي رهندي هئي. جيئن مان به جهازن ۾ پيئي گهمان، تون به گهمندينءَ. پر رُلج نه گهڻو سمجهيئه! آهين رولاڪ!“

ڪملا کي گهرائي وٺي ويس بازار هن جو منگل سوتر جو منهنجي ڪري ٽٽو هو، اهو ٺهرائي ڏنم. هن ورتو نه پئي. ان ڏينهن واپس آيس. منهنجي ڀيڻ به ملڻ آئي هئي. اسان جي پاڙي ۾ هڪ ماڻهو روز ڪلياڻ، منهنجي ڀيڻ جي گهر پاسي، دڪان جي ڪم سان ويندو هو. تنهن ڀيڻ کي ٻڌايو هو. چار ڏينهن ائين گذري ويا. پنجين ڏينهن مون ڪجهه خريداري ڪئي ۽ ڇهين ڏينهن جهاز ۾ ٻارن کي دلداري ڏيئي چيم، ”بس ٿورو وقت آهي. واپس موٽي هتي اچي ڪوئي دڪان کولينديس. تيستائين توهان هڪٻئي کي سنڀالي وٺجو. خرچ جي توهان کي ڪابه شڪايت نه رهندي.“

ڪان جو منهن سڄيل هو، تنهن چيو ”مون کي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“

مون سمجهيو ته شايد پنهنجي شاديءَ جي باري ۾ ڳالهائڻو اٿس. ”چئه، ڇا چوڻو اٿيئي؟“

”مان هاڻ ڪمائي رهيو آهيان. فالن جي ڪمپني کولي اٿم. ”نيلم فال“ جي نالي تو واريون مشينون ڪم اچي ويون.“

ٻارن کي خرچ ڏين ڪونه ٿو، پوءِ تنهنجي ڪمائي ڪهڙي ڪم جي؟“

”جيڪو واجب سمجهندو آهيان، بابا کي خرچ ڏيندو آهيان. باقي ٻارن کي ڏيڻ لاءِ مان ٻڌل نه آهيان. تنهنجا آهن، تون ئي وڃي سنڀال. تون هتي اچي رهه.مان توکان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.“ ڪان غصي ۾ چيو.

”ٺيڪ آ، ٻئي دفعي اچي ٻارن ۽ بابا جو بندوبست ڪري وينديس. هاڻ وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي.“

هاڻي وري دبئيءَ هٿين خالي اچي پهتيس. پر هاڻ ڪم هو جو منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. ٽي مهينا رات رات تائين ويهي ڪم ڪندي هئس. هري جيڪو اتي رهندو هو، تنهن کي سيٺ پاڻ وٽ وڃي رهايو. بي بي انڊيا ويئي ته اڃا واپس ڪانه آئي هئي. روز سلائيءَ لاءِ جو ڪپڙا ايندا هئا، تنهن مان مون کي هر نئين فئشن جي خبر ٿي پئي. جنهن لاءِ هر هفتي جي ڪمائيءَ مان، ڪجهه ماڌو کي مسواڙ جا ڏيئي، باقي ڪنهن نه ڪنهن کي چئي، سامان گهرائي رکندي هئس. ٽن مهينن کان پوءِ وري انڊيا وڃڻ جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي. هاڻ اڳيون ڊپ لهي ويو هو. خريداريءَ ۾ ڪجهه مال پنهنجن پئسن سان ورتل هو، جنهن لاءِ اڳي کان ڪجهه وڌيڪ رپيا بچيا، ”ڇهه هزار“، ٻارن، مٽن مائٽن کي ڏيئي وٺي. منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي. اهي رپيا ان وقت ٿورا نه هئا. ڏاسواڻيءَ کي گهرائي، سڀني جي سامهون پنج هزار ڏنم. هوءَ اهڙي خوش ٿي ڄڻ لاٽري لڳي هئس. ڪان ڏانهن نهاري چيائين، ”هاڻ ڏس هي نوٽ! تو چيو هو نه ته هوءَ ڇا ڏيندي؟ پئسن تان هٿ کڻي ڇڏ. هاڻ هوءَ ايندي ته مان وڃڻ نه ڏيندوسانس. هاڻ ٻڌاءِ هيءَ رتنا آهي يا ٻي ڪا! هوءَ هتي رهي يا دبئيءَ ۾، منهنجا روپيا ميرا نه ٿيندا.“ هوءَ پنهنجو مليل پارسل کڻي ويندي رهي.

ان ڏينهن ڪان گهر ۾ هو. چيائين، ”هاڻ تون نه وڃين ته سٺو.“

”ٺيڪ آ، نٿي وڃان. تون مون کي منهنجا زيور ۽ پئسا موٽائي ڏي ته وڪڻي ڏاسواڻيءَ جو قرض لاهيان.“

”زيورن جو نالو نه وٺ. اهي منهنجي مرڻ کان پوءِ تنهنجا ٿيندا.“ ڪان وڏي آواز ۾ چيو.

مان چپ رهيس، جو بابا جو ٻاهر آواز آيو، ”پٽ پاڻيءَ ڍڪ ته پيئار. ذرا گرم ڪري ڏج.“

مون اٿي هن کي پاڻي ڏيئي چيو، ”بابا، مان ٽڪيٽ بڪ ڪرائڻ ٿي وڃان.“

”چڱو پٽ.“

مون گهر مان نڪرڻ ٿي چاهيو. منهنجو دم گهٽجي رهيو هو. مان واپسيءَ جي ٽڪيٽ دبئيءَ مان وٺي آئي هئس. مون ٻاهر نڪري سوچيو ته هاڻ وڃان ته ڪيڏانهن وڃان؟  چڱو، اڄ ديويءَ وٽ ٿي وڃان.موٽا مارڪيٽ مان ڪجهه سامان به وٺي اينديس. بٽڻ، ليس ۽ ڌاڳو اتي مهانگو ملندو هو، جنهن لاءِ هتان وٺي وڃڻو هو. کائڻ لاءِ به ڪجهه شيون جيئن چهرو مال، سچو گيهه وغيره. هٿ ۾ ڪجهه روپيا ايندا آهن ته مون کي خارس ٿيندي آهي، اهي خلاص ڪرڻ جي شايد! اڄ ڏينهن تائين اها عادت ويئي ڪانهي. ٽئڪسيءَ لاءِ بيٺي هئس ته ڪان جو دوست گڏيو، جو شايد دادر ۾ ئي رهندو هو، گهڻي ڀاڱي راهه ويندي ملي ويندو هو، ڀلي اها اسٽيشن هجي يا بازار جو رستو. سامهون بيهي ائين مشڪندو ۽ ڳالهائيندو هو ڄڻ اڳئين جنم کان مون کي سڃاڻي. ڀلي منهنجون ساهيڙيون به ساڻ هجن، پڇندو هو ڪان لاءِ پر دل ۾ ڪجهه ٻيو ڳالهائڻ جي خواهش هوندي هئس. قدرت استريءَ کي هڪ ٽين اک به ڏني آهي جا سامهون واري پرش جي بدنيت پرکي وٺندي آهي. مون کي هن کان بڇان ايندي هئي. هن کي ڏسندي ئي مان ٻئي پاسي هلي ويندي هئس. پر اڄ مان پنهنجن خيالن ۾ هئس. هن ايندي شرط پڇيو، ”ڪڏهن آئينءَ؟“ خوش ته آهين نه؟ ويچارو ڪان! توکان سواءِ اٻاڻڪو ٿي پيو آهي. هاڻ ته ڪمائي به پيو. تون ڇو ڪونه ٿي اچي هن سان رهين؟ ڏينهن ته هو اسان جهڙن يارن ۽ ڪم ۾ گذاري ٿو وڃي، پر رات هن جي ڪيئن گذرندي؟“ هن شيطاني کل کلندي چيو. هن جي ائين کلڻ جي عادت هئي. هڪ دفعي منهنجي هڪ ساهيڙي، جا مون سان گڏ بيٺي هئي، هن جي کل ڏسي مون کي چيو هو، ”هن جي کل، لکنئو جي خاص ماڻهن جهڙي لڳندي آهي.“

”مئي، توکي ڪيئن خبر پيئي؟“

”ان ڏينهن مون کي هڪ ڇوڪرو ڏسڻ آيو هو. هن به ڪنهن ڳالهه تي ائين ئي کليو هو  ته منهنجو سئوٽ جو لکنئو کان آيو هو، تنهن ڇوڪري جي ويندي چيو اهڙو لکنئو جو نه..... کپي.“

مون هن کي جواب نه ڏنو ۽ ٽيڪسيءَ واري کي هٿ ڏنو. ٽيڪسيءَ ۾ تڪڙ ۾ چڙهي پيس ته هن دروازو بند ڪندي چيو، ”ٻڌو اٿم ته تون اتي ڪنهن مرد سان گڏ رهندي آهين؟ هاڻ ڪان به گهڻو وقت اڪيلو رهي نه سگهندو.“

ان ڏينهن منهنجي طيبعت ئي خراب ٿي ويئي. اهو سڄو ڏينهن مون مارڪيٽ ۾ ديويءَ سان گڏ گذاريو. ڀلي هن مون سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو هو، پوءِ به منهنجي اسڪول جي ساهيڙي هئي. ٻاهر هوندي به منهنجي من گهر ٻارن سان جلدي ملڻ ٿي چاهيو. ڪان جي دوست جو منهنجي موڊ خراب ڪري ڇڏيو هو، واپس ايندي به هن جي باري ۾ ئي سوچي رهي هئس. ڪن ڪن ماڻهن جي عادت ٿيندي آهي، ڪا ڇوڪري ڏٺي نه آهي ته گگ پيئي ڳڙندن ته هن سان واقفيت وڌائي پنهنجي گندن خيالن جو نماءُ ڪجي، پوءِ ڀلي موچڙا ڇو نه کائڻا پون. مون کي ياد آيو ته جڏهن مان به دادر پنهنجي ساهيڙيءَ سان ڪجهه خريداري ڪرڻ پئي ويس، ان وقت به اتي شام جي وقت ايڏي ته رش هوندي هئي جو سنڀالي هلڻو پوندو هو. اسان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنديون پئي ويونسين ته ڪنهن اچي ٽڪر هنيو. لالا چيو، ”اڙي، انڌا هئه ڪيا؟ اتني خالي جگه پڙي هئه، وو ڇوڙ ڪي هماري بيچ آڪي مرا.“

ڇوڪرو هن تي چڙهائي ڪري ويو، ”توهان ڏسي نه ٿيون سگهو ڇا؟ توهان مون کي ڏسي پاسي ڇو ڪونه ٿيون؟“

مون کي ان تي ايترو غصو آيو جو هن جو ڪالر پڪڙي چيومانس، ”تو اهو ڏٺو ته اسان ڳالهائي رهيا هئاسين، تڏهن تو ان جو فائدو ورتو آهي نه، ته هان هي وٺ! هڪ ٺڪاءُ ڪري چماٽ وهائي ڪڍيامانس.

ڇوڪري ڪالر ڇڏائيندي چيو، ”مان توهان کي ڏسي وٺندس. هن رستي تان ڪڏهن لنگهي ته ڏسجو.“

ماڻهو اچي مڙيا. جنهن ۾ هڪ وڏي عمر وارو پارسي به بيٺو هو. تنهن هن کي پڪڙي چيو، ”تون ڏسين ڏسين تنهن کان اڳ مان ٿو ڏيکاريان توکي. مون سامهون بيهي سڀ ڏٺو ويٺي ته تو هنن کي ڏسي تڪڙ ۾ اچي، هنن کي ڄاڻي واڻي ٽڪر هنيو.“ ۽ اسان کي چيائين، ”ڏيڪريون، توهان وڃو.“

پوءِ هن جو ڇا ٿيو اها مون کي خبر نه آهي، پر منهنجي ساهيڙيءَ جي منهن تي پگهر اچي ويو. اسان بنان ڪنهن خريداري ڪرڻ جي واپس هليا آياسين.

لالا چيو، ”رتنا، تون ته ڊڄين ڪانه ٿي. هي گنڊا هاڻ اسان جو هميشه پيڇو ڪندا رهندا. تنهنجو هٿ آهي يا هٿوڙو! هن جو ته ڳل ئي ڳاڙهو ڪري ڇڏيئه. بابا، مان تو پهلوان سان وري گڏ نه هلنديس.“

”ته ڇا هن کي ڇڏي ڏيان ها ته ڀلي اهڙا ماڻهو کلي عام ڇوڪرين سان مستي ڪندا رهن. نه، مون کان اهو نه ٿيندو.“

سچ پچ هوءَ مون سان چار سال ڪڏهن گڏ نه هلي ۽ اها ڳالهه اچي سڄي پاڙي ۾ ٻڌايائين.

اهو ياد ڪري اڄ منهنجي هٿ ۾ وري اچي خارس ٿي ته ڪان جي هن دوست کي چماٽ هڻان ها، پر هاڻ ته وقت  هليو ويو. ائين سوچيندي سوچيندي گهر پهتيس. ٻارن سان گڏجندي ئي موڊ ٺيڪ ٿي ويو. ڳالهيون ڪندي رات جا ٻارهن ٿي ويا. بابا بتي وسائي چيو، ”هاڻ سمهي رهو.“

ٻار ليٽيا ته ننڊ اچي وين، پر ڪان جاڳي رهيو هو. مان هيٺ ٻارن سان ليٽي رهيس. ڪان مون کي لوڏي چيو ته ”مٿي اچي سمهه.“

چيومانس، ”نه، مان هتي ٺيڪ آهيان.“

”مان اڪيلو سمهي نٿو سگهان.“

”ٺيڪ آ، هيٺ ٻارن سان اچي سمهه. مان ٿي مٿي سمهان.“

”ٻارن کي ڇا ڪندس؟“ ڪان خفي ٿيندي چيو.

”هاڻ مون مان به ڪا اميد نه رک.“

”ڏسندس تون سڀاڻي ڪيئن ٿي وڃي سگهين؟“ ڪان ڌمڪائيندي چيو.

”هاڻ ننڊ ڪر. سڀاڻي جو سڀاڻي ڏٺو ويندو.“

مون پنهنجي منهن تي چادر وجهي ڇڏي. ننڊ ته اڏامي چڪي هئي. سوچيم، ”ڪان سچ ٿو چوي، ٻار منهنجا ئي ته آهن. مون ئي سور سهي ڄڻيا آهن. مان سڄو ڏينهن ڪم ڪري، ٿڪجي ٽٽجي اچي. گهر جو ڪم، ٻارن جو ڪم ۽ ان کان وڌيڪ هن جي شيوا کان پوءِ مون کي لڳندو هو ته منهنجو بدن ٿڪ کان ڪڙهي رهيو آهي. شوڀا کي چوندي هئس ته ”پٽ، ٻه چار لتون ته ڏي.“ هوءَ سڀاڳي اُٿي زور ڏيندي هئي ته منٽ ۾ ننڊ اچي ويندي هئي. اڃا هڪ جهوٽو ئي مس ايندو هو ته ڪان اٿاري چوندو هو ته، ”مون کي ننڊ نٿي اچي، تون آرام سان ننڊون ٿي ڪرين. ائين نه چئج ته تون ڏينهن جو سمهيو پيو هوندو آهين. مٿي اچ نه ته مان هيٺ ٿو اچان.“

مان ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ. نه ته سڄي گهر جي ننڊ خراب ڪندو. هاڻ مان ٽن ٽن مهينن کان پوءِ انڊيا ايندي هئس. ڏيڍ سال گذري ويو. مون ڏاسواڻيءَ جو   پندرهن  هزار رپيا قرض لاهي ڇڏيو ۽ گهر جي حالت به اڳي کان اڳري ٿي. بابا ۽ ٻارن جي منهن تي پاڻي اچي ويو هو ۽ وجيه جي منهن تي مڇن جي ريهه. ڪان هاڻ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر مان رڳو سوال جو جواب ڏيئي پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهندي هئس.

هاڻ مون کي لڳو ته ڪم لاءِ، دبئيءَ وارو گهر ننڍو آهي، جنهن لاءِ ڪو دڪان ملي ته ٻه ٽي ڪاريگر رکي، ڪم وڌايان. ٺيڪ ان وقت ماڌوءَ جو مائٽ، نشيءَ وارو نارائڻداس آيو، جنهن چيو، ”مون سان منهنجي دڪان تي سلائيءَ جي ڪم ۾ اچي ڀائيوار ٿي. ڇهه آنا منهنجا ۽ هن جا ڏهه آنا. وڪيمل جي زال کي اها ڳالهه نه وڻي ته مان دڪان تي وڃي وهان. ”خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو اتي ايندا ماپ ڏيڻ؟“

مون هن کي سمجهايو ته صرف زالون اينديون. منهنجو نارائڻداس سان اهو شرط هو ته مان هر ٽئين ٽئين مهيني انڊيا وينديس. هن خوشيءَ سان ”ها“ ڪئي. ان وقت دبئيءَ ۾ هئي ڪم جي چاندي، رڳو دڪان کوليو. مال ئي مال ڪمائبو هو. ٽن مهينن ۾ دڪان ڄمي ويو. مان واپس انڊيا مان ٿي آيس ته نارائڻداس چيو ته، ”مون ٻيو ماڻهو وهاريو آهي.“

مون صرف چيو، ”هون، پر دادا، توهان مون کي ڇا چيو هو؟“

هن کلندي چيو ته، ”اهو سڀ وساري ڇڏ.“

منهنجي اندر ۾ رودن هو، پر ٻاهران کلندي چيم،

”ٺيڪ آ، محنت ڪرڻ وارن کي ڪم جي کوٽ نه رهندي.“

اهو سڄو ڏينهن مون نه کاڌو نه پيتو. سوچيندي رهيس. اچانڪ ڪو خيال آيو ۽ جهٽ اٿي سامهون رهندڙ روچيرام وٽ ويس. هو ڪپڙي جو واپار ڪندو هو. مون کيس چيو، ”دادا، توهان جي هيتري سڃاڻپ آهي، مون کي ديري تي دڪان وٺي ڏيو.“

هن ٻئي ڏينهن ئي دڪان ڏيکاريو، نشيءَ جي سامهون. ان ڏينهن ئي مالڪ سان ڳالهائي، مسواڙ ڏيئي آيس. گهر مان مشينون کڻائي ۽ ٻه ٻيون وٺي، مهورت ڪيو. ڪاريگر، سنڌي مسلمان ملي ويا. ائين دڪان چالو ڪيم. چار مهينا انڊيا وڃي نه سگهيس. اچانڪ گهر مان تار آئي ته بابا سخت بيمار آهي. ڪٽيل ڪپڙو ائين ئي ويڙهي، ڪاريگرن کي چيم ته، ”دڪان سنڀال جو ٻه چار ڏينهن جو منهنجو سهرو بيمار آهي، ڏسي ٿي اچان.“

هاڻ دبئيءَ ۾ پلين چالو ٿيو هو. اٺ سئو  ڀاڙو. مان اچي گهر پهتيس. بابا جي حالت ڏسي، ڊاڪٽر وٽ وڃي صلاح ڪيم. هن چيو، ”ڏس، حالت ٺيڪ نه ٿي ڏسجي. جي ٽاٽا ۾ کڻائي وڃين ته سٺو.“

مون ان وقت ئي شيوا سان صلاح ڪري بابا کي اسپتال ۾ داخل ڪيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ بابا چيو، ”هاڻ مان ٺيڪ آهيان ۽ گهر هلڻ ٿو چاهيان.“

”پر بابا، اتي توهان جي شيوا برابر ٿي نه سگهندي.“

وجيه ۽ شوڀا هڪ وقت ئي چيو، ”اسين شيوا ڪنداسين، اسڪول نه وينداسين.“

لاچار ٿي مان بابا کي گهر کڻائي آيس. هو تمام سرهو پئي لڳو. مون کيس چيو، ”بابا، موڪل ڏيو ته دڪان تي ڪم سمجهائي هفتي کن ۾ واپس اچان.“

هن کلندي چيو، ”مون کي ڪجهه به نه آهي. اجايو وٺي ٻارن گوڙ ڪيو آهي.

مون ڏير کي چيو، ”ڏس مان وڃان ٿي، پر تون ڪيڏانهن به نه وڃج جيستائين مان واپس اچان.“

هن واعدو ڪيو. مان رات جو دبئي پهتيس. شيوا صبح جو ڪلڪتي لاءِ روانو ٿيو. ٻئي ڏينهن ڪاريگرن کي ڪم ڪٽي ڏنم ته ٻئي کي ڪٽنگ خود ڪرڻ لاءِ سمجهايم. هو تمام سٺا هئا. گهر آيس ته پاسي واري مامي چيو ته بمبئيءَ مان تنهنجي لاءِ فون آيو هو. دک جي خبر آهي ته تنهنجو بابا نه رهيو. منهنجا ته ٻه به ويا ته ڇهه به! هاڻ رات جو فلائيٽ ته هئي ڪانه. صبح جو به پلين ڪئنسل ٿيو هو جو ماڻهو گهٽ هئا. شام واري جهاز ۾ رات جو اچي دادر پهتيس. تيستائين ته سڀ ڪجهه سماپت ٿي ويو هو. ڊاڪٽرن چيو هو ته جلدي ڪيو. ٻه ڏينهن رکڻ سٺو نه آهي. مان ته منهن ڏسڻ کان به سڪايل رهجي ويس. ائين ئي ٿيندو آهي شايد، جنهن کي گهڻو پيار ڪبو آهي، انهن جو اتنم درشن ڪرڻ لاءِ نصيب کپندو آهي، جو شايد منهنجو نه هو.

ان ڏينهن منهنجي اندر ۾ اوندهه جي ڪاري رات سمائجي ويئي، جنهن مان نڪرڻ مشڪل هو. ٻارن جو منهن ڏسي من ۾ وڍ پئي پيا. هاڻ هنن جو ڪير؟ هر هر دل ۾ سوالن جو گوڙ مچي رهيو هو. هاڻ ڇا ٿيندو؟ ڀيڻ آئي امان سان گڏ. امان چيو، ”نيلم کي مان ٿي وٺي وڃان. شڪو راڌيءَ وٽ ڪلياڻ ۾، باقي شوڀا ۽ وجيه پاڻ سنڀالي ٿا سگهن.“

وجيه ايس ايس سي ۾ هو ۽ شوڀا نائين درجي ۾ مون امان کي چيو ته ”تنهن کان ته هڪ سٺي مائي سڄي ڏينهن لاءِ وٺي ڏي ته ٻار هڪ ٻئي کان الڳ نه رهن.“

امان چيو، ”ٺيڪ آ، نان ٻائيءَ کي تو وٽ ڏياري ٿي موڪليان.“ (نان ٻائي، امان جي نوڪرياڻي هئي.)

”نان ٻائي! هوءَ ڏيڍ فوٽي“ منهنجي منهن مان امالڪ نڪري ويو.

”ها، هوءَ ٻارن لاءِ ٺيڪ ٿيندي. ٻارن سان ٻار لڳندي ۽ سڄي گهر جو ڪم به سولو ڪندي. بس، رڳو ٻاهر گهٽ موڪلجوس.“ امان ٻارن ڏي نهاريندي چيو، ”مان اڄ ئي ٿي وڃان. سڀاڻي هوءَ توهان وٽ پهچي ويندي.“

مون چاهيو ٿي ته امان مون وٽ ٻه ڏينهن رهي، پر هن مجبوري ڏيکاري. ٻئي ڏينهن نان ٻائيءَ اچي در تي بيٺي. پٺيان ڏهن ٻارن جو جهنڊ هوس، جي هن کي گهر ڏيکارڻ لاءِ هن جي پٺيان کلندا ۽ هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندا پئي آيا. نان ٻائي هڪ عجوبو ئي ته هئي. هن جي لنبائي ٻه فوٽ ۽ ويڪر به لڳ ڀڳ ايتري ئي هئي. ماءُ پيءُ مري ويا هئس ۽ رستي تي ويٺي بيک گهريائين. امان هن کي گهر وٺي آئي هئي ته نياڻي آهي، ڪجهه کارايانس. هن کي ماني کارائي روپيو ڏنائين ته هوءَ وائڙن جيان ڏسي چوڻ لڳي، ”روپيو! مان ڇا ڪنديس؟ بس ماني کاڌي.“

امان هن کان پڇيو، ”ڪٿي رهندي آهين؟“

نان ٻائيءَ چيو، ”اڳي ڳوٺ ۾ رهندي هئس ۽ هاڻ چاچو هتي ڇڏي ويو آهي. امي ۽ ابا مري ويا آهن.“

”چڱو، تون مون وٽ ڪم ڪندينءَ؟“

هن هڪدم ”ها“ ڪئي ۽ چيو، ”مون کي سڀ ڪم ايندو آهي. اجي چوندي هئي ته ڪم سکي وٺ. مڙس وٽ ڪم ايندءِ.“ ائين چوندي چوندي هوءَ شرمائجي ويئي. امان کي کل اچي ويئي.

(هلندڙ)


 

 

ڪزبانو سنڌو                           قسط – 6 (ناوليٽ)

چاهت جن جي من ۾

”.............“ حنا پڇيو.

”اهڙي ڳالهه نه آهي. مان ٺيڪ آهيان.“

”مون کان لڪائين ٿي! سچ ٻڌاءِ ڇا مسئلو آهي؟“

”حنا، سڪندر جي مما سڪندر جي شادي ڪرائي رهي آهي.“ تانيه لڙڪن کي  پيئڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.

”واٽ! توهان کي ڪنهن چيو؟“

”سڪندر.“ تانيه جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ساري حقيقت حنا کي ٻڌايائين.

”او ماءِ گاڊ! سڪندر ماءُ جو چوڻ مڃيو! تانيه اگر سڪندر توهان کي پسند ڪري ها ته ماءُ جو چوڻ نه مڃي ها، منهنجي مڃ وساري ڇڏ سڪندر کي.“ حنا مشورو ڏيندي چيو.

تانيه خاموش اٿي وڃڻ لڳي.

تانيه ڪپڙا چئنج ڪري بيڊ تي ليٽي پئي.

”لنچ نه ڪندينءَ ڇا؟“ ثانيه ڪمري ۾ ايندي چيو.

”توهان هلو مان اچان ٿي.“

”تانيه، سڪندر آيو آهي. سڀ ڊائننگ ٽيبل تي توهان جو انتظار پيا ڪن.“

ڇا سڪندر! ”تانيه خوشي“ مان چيو.

”ييس سڪندر!“ ثانيه مرڪندي چيو.

تانيه ڊائنگ روم ۾ اچي ٿي. ڪرسيءَ تي ويهندي سڪندر کي مرڪي چيائين.

”هاءِ!“ سڪندر هن جي مُرڪ جو جواب مُرڪ سان ڏنو.

”عطيه ڪيئن آهي؟ کيس به وٺي اچين ها!“ تانيه نظرون جهڪائيندي چيو.

”عطيه ٺيڪ آهي. هن جي اينگيجمنٽ آهي سو توهان کي انوائيٽ ڪرڻ آيو آهيان.“

”ڇا! ڪڏهن آهي؟“

”خميس ڏينهن.“

لنچ کان پوءِ، ثانيه سڪندر کي ڪمري ۾ وٺي آئي. ”ثانيه اسين ڳوٺ جا ماڻهو آهيون سو لنچ کان پوءِ هڪدم چانهه ضرور پيئندا آهيون. اگر هڪ ڪپ ملي وڃي ته مهرباني.“ سڪندر صوفي ٿي ويهندي چيو.

”ضرور. ڪجهه ڪجهه توهان جي فطرت جي خبر پئجي وئي آهي. چانهه تيار هوندي کڻي. ٿي اچان.“ ثانيه چانهه کڻڻ لاءِ وڃڻ لڳي. ”ثانيه!“ سڪندر جي سڏ تي هوءَ مُڙي. اگر هڪ عنايت ڪرين ته چانهه تانيه کي چئو ته کڻي اچي.“

”اوڪي ڇا ياد ڪندؤ!“ ثانيه خاص اسٽائيل ۾ چيو.

سڪندر مرڪي ميز تان اخبار کڻي پڙهي ٿو.

تانيه چانهه کڻي ڪمري ۾ اچي ٿي.

سڪندر اخبار منهن تان هٽائي. تانيه کي غور سان ڏٺو.

تانيه ڪپ ميز تي رکي وڃڻ لڳي.

”پليز، ويهو نه! چانهه جو ته رڳو بهانو هو.“ سڪندر تانيه جو هٿ جهلندي چيو.

تانيه سڪندر ۾ نهاريو. سڪندر هٿ ڇڏي ڏنو.

”اگر مان نه ويهان؟!“

”ڪو ڏوهه؟“

”ضروري نه آهي ته ڪو ڏوهه به هجي!“

”اڇا! پوءِ خفا ڇو آهين؟ ويهو نه پليز!“

”اوڪي“ تانيه ڪرسيءَ تي وهندي چيو.

”ٿئنڪس، توهان کي رحم آيو!“ سڪندر مُرڪي چيو.

”رحم ته مظلومن تي ڪبو آهي. توهان ته رئيس آهيو. مرضي جا مالڪ!“ تانيه طنز ڪندي چيو.

”تلخ لهجي جو ڪارڻ ڇا آهي؟“ سڪندر چانهه پيئندي چيو.

”تلخ لهجو توهان الائي ڇو پيا چئو. مون کي ته نه پيو لڳي!“

”هون خير، ڇڏ انهيءَ مسئلي کي توهين ڪيئن آهيو؟ ڪڏهن چاچا سائينءَ سان گڏ ڳوٺ نه آيون!“

”منهنجو ڪهڙو ڪم ڳوٺ ۾!“

”توهان کي ڳوٺ پسند نه آهي؟“

”مان ائين ته نه چيو.“

”پوءِ ان جو مطلب ڇا هو؟“

”جنهن ڳوٺ ۾ منهنجو پاپا جنم وٺي، ڀلا اهو ڳوٺ خراب ڪيئن ٿيندو!“

سڪندر مرڪي. تانيه ۾ نهاري ٿو.

”مرڪين ڇو پيو؟“

”توهان کي ڳوٺ پسند آيو، ان جي خوشي ٿي.“

”طنز پيو ڪرين؟“

”طنز؟ ۽ توهان تي! اهو ته مان سوچي به نٿو سگهان.“

”ته ڇا، مان طنز ڪيو؟“

”مهمان سان ايئن ملبو آهي؟ خوشبو صاحبه!“

”اوهه سوري، تانيه!“ سڪندر مُرڪي چيو.

تانيه حيرت مان سڪندر ڏانهن ڏسي ٿي.

”ڇو خاموش ٿي وئينءَ؟“

”ڇا مطلب؟ مان ته ڳالهايان پئي.“ تانيه ڪنفيوز ٿيندي چيو.

”شايد مان محسوس ڪيو.“ سڪندر ٽهڪ ڏئي چيو.

”مان وڃان ٿي الائي ڇو پيو کلين!“ تانيه اٿندي چيو.

”اوهه، ويهه ته ٻڌايائين.“ سڪندر کيس روڪيندي چيو.

تانيه ويهي ٿي.

”توهان کي ڪاوڙ جلدي ايندي آهي.“

”توهين ڳالهيون ئي اهڙيون ٿا ڪريو.“

”تانيه، هڪ ڳالهه پڇان ٻڌائيندينءَ!“ سڪندر تانيه ۾ نهاريندي چيو.

”ڪهڙي ڳالهه؟

”توهين ڪنهن کي پسند ڪريو ٿيون؟“

تانيه حيرت مان سڪندر کي ڏسي ٿي.

”تانيه، مون کي خبر هئي ته خوشبو توهين ئي آهيو!“

”واٽ تانيه شرم کان نظرون جهڪائي ڇڏيون.

”تانيه، چاهت لفظن ۾ اظهار جي محتاج نه آهي. نظرون ئي محبت جو پيغام ڏين ٿيون. مان توهان کي پسند ڪريان ٿو. صرف توهان کَي مون سان شادي ڪندينءَ؟“ سڪندر تانيه کي غور سان نهاريندي چيو. تانيه سوچي ٿي سڪندر کي ڪيئن خبر پئي. ته مان ئي خوشبو آهيان.“

”خاموش ڇو آهين تانيه؟“ سڪندر اتاولو ٿي ويو.

تانيه نظرون کڻي سڪندر ۾ نهاري ٿي.

”توهان کي خبر ڪيئن پئي ته خوشبو مان آهيان!“

توهان جي موبائيل نمبر جي خبر هيم ٻيو ته توهان جو آواز ڀلا ڪيئن نه سڃاڻندس، جيڪو منهنجي دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ فٽ ٿي چڪو آهي.“ سڪندر مرڪي چيو.

”مطلب ته توهان مون کي بيوقوف سمجهيو!“

”نه سٺو لڳو توهان جو مذاق، حقيقت جي خبر پئجي وئي. ڪير آهي اهو جنهن سان توهان جي شادي زبردستي ڪرائي پئي وڃي!“ سڪندر مذاق ۾ چيو.

”او ماءِ گاڊ! واقعي مان مذاق ڪيو.“ تانيه شرمسار ٿيندي چيو.

”مطلب مان توهان کي پسند نه آهيان.“

”مان ائين ته نه چيو.“

”اڇا!“ سڪندر مرڪيو، ”پوءِ ڇا چيو؟“

”اوهه!“ تانيه ٽهڪ ڏنو.

”مون سان شادي ڪندينءَ؟“ سڪندر کن پل نهاريندي چيو.

تانيه خاموش ٿي وئي.

”توهان جي خاموشيءَ کي مان ڇا سمجهان؟“

”توهان جي مما اهو چاهيندي؟“

”شادي مان ٿو ڪريان. مان جو چاهيندس اهو ئي ٿيندو.“

”پر مائٽن جي مرضي به ته هئڻ گهرجي نه!“

”سڀ خوش آهن سڀئي اهو ئي ٿا چاهين ته منهنجي شادي توسان سان ٿئي، بابا سائين، ڏاڏي ۽ عطيه سڀ امان به راضي ٿي ويندي. في الحال خاموش آهي. امان چاهيو ٿي منهنجي شادي شهنيلا سان ٿئي جيڪا حيدر جي ڀيڻ آهي. امان چاهيو ٿي رشتو بدلي ۾ ٿئي حيدر تمام سٺو ڇوڪرو آهي بلڪل عطيه جي لائق، شهنيلا مون کي پسند نه آهي. ڇو ته مان توهان کي چاهيو آهي. صرف توهان کي جت توهان رهو اتي ڪوئي ڪيئن ايندو!“

تانيه نظرون جهڪائي ڇڏيون.

سڪندر وري ڳالهه ڳنڍي.

”حيدر کي جڏهن اها خبر پئي مان توهان کي چاهيو آهي ۽ توهان سان ئي شادي ڪندس. انهي ڪري هن شهنيلا جو رشتو ٻئي هنڌ ڪيو ته ڪٿ امان ضد نه ڪري  بدلي ۾ شهنيلا جو رشتو گهري، پهرين ته امان ناراض ٿي عطيه جو رشتو حيدر کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي، پر حيدر جي قابليت، اولاد جي پيار امان کي مڃايو. عطيه لاءِ حيدر کان وڌيڪ ٻيو رشتو ٿي نٿو سگهي!“

”۽ توهان لاءِ؟“ تانيه مرڪي چيو.

”ڇا ڪريان سامهون ويٺي آهي، نخرا پئي ڪري، جواب ڏي نٿي!“

”ڪڏهن آڻيندين چاچا ۽ چاچيءَ کي؟“ تانيه شرمائيندي چيو.

”ڪراچي گهمائڻ؟ في الحال اهڙو ڪوبه ارادو نه آهي!“ سڪندر سمجهندي مذاق ڪيو.

”واٽ؟ مان توهان کي ڪراچي گهمڻ لاءِ چيو.“

”پوءِ ڇا لاءِ چيو.“

”مان نٿي ڳالهايان.“ هوءَ رُسي وئي.

”ساري، توهان جو جواب بهتر لڳو. چوين ته اڄ وٺي اچان!“

”ايتري جلدي به نه آهي عطيه جي اينگيجمنٽ ته ٿيڻ ڏي!“

”تانيه، مان جو ڪجهه چاهيو آهي اهو سڀ حاصل ٿيو اٿم. ڪينجهر ۾ ٿيل واقعي کان پوءِ مان توهان سان ملڻ جي خواهش ڪئي، سا پوري ٿي، توهان کي جيون ساٿي بنائڻ جي خواهش جاڳي، سا پوري ٿي، اڄ توهان منهنجو جيون روشن ڪري ڇڏيو.“

”ٻنهي جي اهائي خواهش هئي. جيڪا خدا قبول ڪئي. مان ته توهان کي ڪڏهن به نه وساريو. هر وقت توهان جي يادن جو عڪس تعاقب ۾ هو. خيال ئي سهي پر سندر هو. اڄ خيال ۾ نه بلڪه حقيقت ۾ توهين منهنجي سامهون آهيو. مان پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿي.“ تانيه فخر مان چيو. کن پل سڪندر جون نظرون تانيه تي ٽڪي ويون. هڪدم ثانيه ڪمري ۾ آئي.

”آءِ ايم سوري، پليز توهين ناراض نه ٿجو، مان توهان جي ڪچهري ٻڌي رهي هيس.“

”توهان کي شرم نٿو اچي پرايون ڳالهيون ٻڌندي.“

تانيه ڪاوڙ مان چيو.

”شرم ڇو اچي؟ پڇي ڏسينس ادا سڪندر کي ناٽڪ ڪرڻ جو مشورو مون ئي ته ڏنو هو!“

”ريئلي؟“ تانيه جي لهجي ۾ حيرت هئي.

”ڏاڍي ڪا هوشيار آهين! ڪڏهن کان تجربو اٿئي؟“ سڪندر ٽهڪ ڏيندي چيو. تانيه به کلڻ لڳي.

”طنز پيا ڪريو! توهان کان وڌيڪ خوشي ته مون کي ٿي آهي توهان جي شاديءَ جو ٻڌي. الله ڪري توهان جي تمنا پوري ٿئي!“

ثانيه خوش ٿيندي چيو.

”ٿئنڪس ثانيه!“

”اسان ته توهان سان مذاق پئي ڪيو!“ سڪندر مرڪي چيو.

”انهيءَ خوشي ۾ مان توهان کي مٺائي کارائينديس.“ ثانيه ڪمري مان ويندي چيو.

عطيه جي اڄ اينگيجمنٽ هئي، حويليءَ کي سينگاريو پئي ويو. عطيه اداس ڪن خيالن ۾ گم بيڊ تي اچي ويهي ٿي.

”تون اڃا تيار نه ٿي آهين؟ مهمان اچڻ شروع ٿي چڪا آهن!“ وزيران ڪمري ۾ ايندي چيو.

”امان ڪجهه گهران انڪار ته نه ڪندينءَ!“

”ڪهڙيون پئي ڳجهارتون ڏين! ٻڌاءِ ڇا گهرجئي؟“

”امان چاچا وارا اچن پيا. آخر چاچا سائين هن گهر جو وڏو اولاد ۽ وارث آهي. ادا جڏهن تانيه کي پسند ڪري ٿو ۽ انهيءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي ته توهان کي ان تي ڇو اعتراض آهي!؟“

”تون منهنجي وڏي آهين ڇا، جو سمجهائين ٿي! هن گهر ۾ اهو ئي ٿيندو جو مان چاهينديس. توهان جي بابا سان ملڪيت ۾ حصيدار آهيان!“ وزيران غررو مان چيو.

”امان، توهان جي سوچ تي افسوس اٿم، ملڪيت کي اولاد سان نه ڀيٽ. امان گذري ڪهاڻيءَ کي نه ورجا“. پليز.

امان حقيقت توهان جي سامهون آهي. خبر اٿئي هر ماڻهو ادا سڪندر کي چاچا سائين سان تشبيهه ڏيندو آهيان.

 (هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com