سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :4

 

صبا قريشي

امڙ

پيدا ٿيس جڏهن کان

سوچڻ لڳس تڏهن کان

ڪيڏو نه حسين پيار آ تنهنجو

مٿانهين آهين تون سڀ کان

سور مٿان سور برداشت ڪري

ڏک پري مون کان ڪري

زندگي ڪئي آ، پنهنجي قربان

منهنجيون خواهشون پوريون ڪري

رات جا اوجاڳا ڪيا هن

اڻ هوندي سڀ ڪجهه ڏنو تو

ان رشتي جو ڪو ملهه ئي ناهي

روئڻ بعد پرچايو تو

توکان وڇڙي خوشي ناهي

تو کان وڌيڪ ٻيو ڪير ناهي

تنهنجي ڪري منهنجو وجود آ

تو کان بغير سوچيو ناهي

لکڻ پڙهڻ تو سيکاريو

”امڙ“ لفظ چوڻ تو سيکاريو

هر ڳوڙهي جو حساب ڪيئن ڏيان

زندگيءَ ۾ قدم کڻڻ تو سيکاريو

تنهنجا سڏڪا ٻڌان ٿي مان

دردناڪ ڪهاڻيون ٻڌان ٿي مان

اڄ صرف تنهنجي ڪري

گل جي خوشبو پسان ٿي مان

پاڻ بکيو رهي کارايو تو مون کي

سدائين خوشي رسائي دل کي

پيار تنهنجو احسان ڪونهي

ٻڌايان ٿي مان هر هڪ کي

تون آهين ته جهان آهي

تنهنجي هجڻ سان رنگت آهي

سچ چوان ٿي مان

مون کي تو سان محبت آهي

جنت نصيب توکي ٿئي شل

ڏک بدران سک اچن شل

گل وانگر ٽڙين تون شل

مرڪون اچن ويجهو تنهنجي شل

منهنجي ”امڙ“ سدائين خوش رهه تون

اها تمنا پوري ٿئي ”صبا“ جي شل!

 

نجمه پنهور

آزاد فضا

شام جا ست ٿيندي ئي سڀ ٻارڙا کُڏين نما فليٽن مان نڪري ڪاريڊور ۾ اچي ويا. پوءِ ٻارن جي راند به شروع ته ننڍڙا ننڍڙا جهيڙا به شروع. ننڍا ننڍا گهر ڄڻ گُڏين جا گهر هجن، ڇو ته هر فئمليءَ ۾ ٻه ٻار يا هڪ ٻار. مائرن مان ڪا ٻارن لاءِ سئنڊوچ پئي ٺاهي ته ڪا گلاس ۾ جُوس کڻي بيٺي آهي.

هِي چار فليٽ ائين ٿا لڳن ڄڻ چار ڏيراڻيون
آمهون سامهون رهنديون هجن. هڪٻئي سان ٺهن يا نه؟ پر ٻارن جي دوستيءَ جي ڪري کين به مِٺو مُنهن ڪري ڳالهائڻو ٿي پيو. پوءِ اُهي ڳالهيون ذاتي ئي ڇو نه هجن، ڀِت ڀِت سان مليل، چاهيندي به ڪجهه لڪائي نه ٿو سگهجي! هر گهر جي ٻئي گهر کي ڄاڻ. مائرون گهڙي ساعت لاءِ دروازن ۽ درين مان نِهار ڪري وري پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ جنبي ٿي ويون. ڪم به ڪهڙو گهڻو؟ هر گهر ۾ نوڪر! ڪرڻي به صرف ماني رات جي، سا به ڪا ڪري، ڪا هلي وڃي پنهنجا ٻار وٺي گهمڻ لاءِ، وري سڄو ڪاريڊور خالي ۽ اُداس.

ڊاڪٽر سائره ۽ ريحانه صبح جو سوير نوڪريءَ تي هليون وڃن، انڪري صبح وارو وقت مصروف هجڻ ڪري شام جو هو پنهنجا رهيل ڪم پورا ڪن ۽ پنهنجن ٻارن کي ٽائيم ڏين.

ٻارن پنهنجون سائيڪلون پئي هلايون، ڊاڪٽر سائره سڀني جي سنڀال پئي ڪئي ۽ کين غور سان ڏسي رهي هئي، ڄڻ ڪجهه سوچي رهي هجي!

ريحانه ڪِچن ۾ ٻارن لاءِ جُوس ٺاهي رهي هئي. ڪِچن جي دريءَ مان ٻنهي هڪٻئي کي هيلو هاءِ ڪيو ۽ وري ڪم کي لڳي ويون.

سائره چيس ته ”جلدي واندي ٿي اچ ته هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ!“

”ڇو خير ته آهي؟ وري ڪو هاسپيٽل ۾ مسئلو ٿيو آهي ڇا!؟“

”نه، نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي.“ ريحانه ڪم کي جلدي اُڪلائي ٻاهر آئي.

سائره: ”خبر اٿئي ته ڊاڪٽر فوزيه کي مڙس گهر مان جهيڙو ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي.“

”نه سائره...! ائين ڪيئن هوندو!“

بس ڀيڻ هي مرد به پنهنجي مطلب وارا آهن. صبح جو فوزيه روئندي پنهنجي ننڍڙي کي کڻي پنهنجي پيءُ سان گڏ هلي ويئي، ڪيڏي نه پياري آهي فوزيه! ۽ ڪيڏو نه سُهڻو پٽ ڄائو هئس، پر مڙس قدر ڪونه ڪيس.“

”انهيءَ ماڻهوءَ سان الائي ڪهڙو مسئلو آهي؟“ ريحانه کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي.

”سائره، مسئلو ڪهڙو هوندس؟ ٻين ماين جي پويان پنهنجو ٺهيل ٺُڪيل گهر پيو برباد ڪري ٻيو ڇا!!“

”مون کي ڏاڍو ڏک ٿي پيو آهي!“ سائره جي لهجي مان ڏک ڇلڪيو. ”فوزيه ويچاري مون سان پنهنجو هر مسئلو شيئر ڪندي هئي.“

”مڙئي خير ٿيندوءِ، ريحانه ڄڻ پاڻ کي آٿت ڏنو. اچي ويندي، ڀلا گهڻا ڏينهن رُٺي مائٽن ۾ رهندي....!؟“

سائره ٿڌو ساهه ڀري، ڇڏيو.

هن ڀيري ته نه ٿو لڳي ته موٽندي! چڱو تون پريشان نه ٿيءُ.“

”ريحانه جيڪا پڙهيل لکيل عورت آهي، ان جي گهر ۾ ڪا به اهميت ڪانهي. منهنجو ئي مثال وٺ. آءٌ ڊاڪٽر آهيان. گهر سنڀاليان، ٻار سنڀاليان پر گهر ۾ وري به ٽَڪي جيتري حيثيت. فرسٽ فلور واري ڪاليج ۾ پڙهائي ٿي ڇا نالو اٿس، رضيه، اُن جي گهر ۾ روز جهيڙو! اُن ڏينهن مٿي تي ڌڪ لڳل هئس، چئي پئي مُڙس ماريو اٿم.“

”بس سائره، زندگيءَ جو گاڏو مڙئي آهي گهلڻو، نه ته رکيو ڇا آهي زندگيءَ ۾! هر گهر ۾ مسئلا آهن، پر نوعيت چينج آهي. اِهو به سٺو ته دل جا سور هڪٻئي کي ٻڌائي، مَن جا بار لاهي ٿا ڇڏيون.“

سامهون واري فليٽ ۾ شبنم انڪم ٽيڪس آفيسر جي زال، اڻپڙهيل آهي، پر گهر ۾ جيئن ٿي چاهي، تيئن ٿو ٿئي. هڪڙو نوڪر سامان سڙي وٺڻ لاءِ، هڪڙي مائي گهر جي ڪم ڪار لاءِ. ٻارن لاءِ ڌار مائي بيٺل، اٺئي پهر، پر سدائين ڏُکي!، تيسين شبنم پاڻ ٻارن کي ٻاهر وٺي آئي.

”اَئي خوش آهيو، چاڪ آهيو؟“

”ها اسين خوش آهيون، تون ٻڌاءِ! ٻارڙا ٺيڪ آهن نه؟“ سائره پڇيو.

”بيبي ٺيڪ ڪانهي. پاڻ پنهنجن ڪمن سان هليو وڃي، اسين هتي ويل ۾. هڪڙو منٽ ڪونه ٿو مليم ته ڦڻي ڏئي وار سؤلا ڪريان. سدائين ڪاوڙيو گهمي.“

”ڇو؟ ڪو ڪارڻ ته هوندو نه!“ ريحانه پڇيو.

۽ ٻيئي ريحانه ۽ سائره، شبنم جي مُنهن ۾ نهارڻ لڳيون.

”چئي ٿو ماني سُٺي ڪانه ٿي کارائين!“ شبنم ٿڌو ساهه ڀريو. ”پر آءٌ به ڇا ڪريان، ٻارن کي سنڀاليان! ماني ٽِڪي ڪريان! مون کان ته ڪونه ٿو پُڄي. رکي ته رکي نه ته ڀل مائٽين اُماڻي. ڪو اسان ڏوهه ڪيو ڪيئن!!“ ريحانه ۽ فوزيه هڪٻئي ڏي نهاري مرڪي پيون.

”هيءَ صوفيه ڪيڏانهن وئي آهي؟“

”صوفيه وئي پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان ٻاهر ماني کائڻ.“

”هائو بروبر“ شبنم وارو وٺايس. ”اِهي مايون چڱيون. سدائين مڙسن کان پنهنجي مڃائين ۽ مڙسن کي سمجهن به پير جي جُتي!“

”ڪنهن جي ڀاڳن سان ڪهڙي ريس!“ سائره ٿڌو ساهه ڀريو ”مڙس جي گهمائي ڦيرائي ٿو ته ڀل وڃي گهمي، پاڻ ڇو اَرها ٿيون!“

شبنم:”ته اسان وري ڪو ڏوهه ڪيو آهي ڇا، جو پڃرن ۾ پکين جيان بند پيا آهيون!“ شبنم احتجاج ڪيو. ”آءٌ به مڙس سان ايترو ڪين وِرچان، مائي ڪپڙا ڌوئي ته آءٌ به ماني ڪين ڪريان، ڀلي هوٽل جي کِين، ائي جنهن ۾ فون تي ماني گهرائي ڀي آهي، مون به ماني گهرائي ڏنيمس، کِين يا نه.... پاڻ کان هلاڪيون ڪين پڄن!“

سائره: ”بس ادي تون به زور آهين!“

”ڇو سچ ڪين ٿي چوان! جيتري عزت ڏين اوترو من وڌيو وڃين!“ شبنم کي اوچتو ڄڻ ياد آيو ”اَئي ها، ٻڌم ته ڊاڪٽر فوزيه مڙس سان وڙهي هلي ويئي!“

”هوءَ نه پر مڙس وڙهيس“ سائره صفائي پيش ڪئي. ”نه ڀاڄي آڻي ڏئيس، نه ٻار لاءِ ڪا شيءِ! سڄو ڏينهن هيٺ وڃي سامان سڙو وٺندي هئي. مٿان وري سانجهي صبح هاسپيٽل ۾ ڊيوٽي به ڏيندي هئي. بس ڪجهه چوندي هئي ته گهر ۾ جهيڙو!“

”ڪهڙي نه چڱي هئي!“ شبنم فوزيه جو تصور ڪندي چيو. ”سهڻي سدا ملوڪ، سيبتي. اڄڪلهه ته مڙسن کي اهڙيون مايون وڻن ئي ڪِينَ!“

”ٻوڙ چاڙهي آئي آهيان هلڪي سيڪ تي.“ سائره اُٿندي چيو، ”توهان جي ڳالهين ۾ ته منهنجو سج لهي ويندو، مان ته وڃان ٿي، ٻارن جو خيال رکجو. سائره، جلد اچج!“ شبنم پٺيان سڏ ڪيس.

سائره گئس جو چلهو بند ڪري موٽي ”وري ڇا ٿيو؟“

”سائره تون اسان سڀني ۾ آهين ڏاهي!“ شبنم هن جي ساراهه ڪرڻ لڳي ”تون ون ڊِش جو پروگرام ٺاهين. نئين سال جي پارٽي ڪرين، ٻيا سڀ نمونا تون ڄاڻين، آءٌ ته آهيان ڪوري ڄٽ!“

هان ٺهيو پاڻ کي اهڙو به نه سمجهه!“ سائره ٽوڪيس. ”سدائين اسان جي پروگرام ۾ هوٽل تان به گهرائي کارائين، مڙسهن وٽ ڏوڪڙ آهن جام، سو ويٺي لُٽائين!“

”اَئي مِين کي رڌڻ پچائڻ اچي ڪونه، اڄڪلهه ته الاءِ ڪهڙا ڪهڙا نالا آهن کاڌن جا! ها ها ها....“ زور سان کلندي. ”پوءِ توهان جون مائرون ڪي ڏاهيون هيون. مِينجي ته ماءُ ويچاريءَ کي اهڙا کاڌا ٺاهڻ ئي ڪِينَ ايندا هئا. سو مِينکي وري ڇا ايندا! هروڀرو ٽوڪون ته نه ڪريو!“ هوءَ ماڻو ڪري رُسي ويئي.

”چڱو چڱو.“ سائره کيس پرچائڻ لاءِ چيو. گاڏيءَ جو بندوبست ڪر ته ڪو پروگرام ٺاهيون.

”ها ها، گاڏيون جام تون رڳو حڪم ڪر!“ هوءَ پرچي وئي.

ٻارن کي جو خبر پئي ته سڀ خوشيءَ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳا. ”ڏاڍو مزو ايندو سڀ گڏجي گهمڻ هلنداسين، پر هلبو ڪيڏانهن؟“

اسين بدين جا ماڙُهو چئون ته جت وڃون اُتي پلو ۽ مڇي کِيون، سو درياهه تي هلون به کڻي، پر درياهه ۾ ته پاڻي به ڪونهي ڪو، سو پلو مڇي وري ڪٿان ايندو!“

سائره ۽ ريحانه ٻارن جي صلاح سان واٽر پارڪ هلڻ جو پروگرام رِٿيو. آچر جو ڏينهن مقرر ٿيو.

ٻئي ڏينهن کان سنبت شروع ٿي وئي. ڪنهن پلاءُ کنيو ۽ ڪنهن مڇيءَ جا ڪوفتا، ڪنهن ڪباب جون ٽِڪيون ته ڪنهن تريل پلو ۽ ماني کنئي. شبنم سدائين جيان بوتلون ۽ فروٽ کنيو.

ريحانه، سائره ۽ صوفيه جو گوڙ شبنم جي در تي ته فائنل ٻڌاءِ ته صبح جو گاڏي ڪيڏي مهل ايندي؟ گاڏيءَ ۾ ڪيتري گنجائش هوندي...!

شبنم: گهر ۾ ويل ڪري ڏنو، وڏو صاحب واندو نه هجي ته مائيءَ جي ڳالهه ٻڌي. گاڏيءَ لاءِ ها ڪري ڇڏيائين. ڊرائيور وڃي گاڏي سروِس ڪرائي آيو، چئني فئملين جو سڄو زور شبنم تي هو ته پروگرام خراب به ٿيندو ته تنهنجي ڪري.

شبنم کلندي ورندي ڏني! ڇو ڀيڻ گهر مان ٻه گهر ته ڪونه ڪرائڻا اٿوَ! اهڙو گهر ۾ گوڙ ڪيو اٿم گاڏي ملندي ضرور ملندي. توهين سڀ صبح جو پنهنجن کاڌن پيتن سان تيار رهجو!“

رات جو سڀني پنهنجا کاڌا تيار ڪيا ۽ شبنم جي ڳالهه به صحيح ثابت ٿي. حڪم جو غلام ڊرائيور گاڏيءَ سميت حاضر هو. سڀئي تيار ٿي واٽر پارڪ تي هليون ڳائينديون وڄائينديون، شبنم جي رعب جي ساراهه ڪنديون وڃي واٽر پارڪ پهتيون.

بند فليٽن مان - گهُٽ ٻُوسٽ مان هو نڪري آيون هيون. کليل آسمان، آزاد فضا، گهُلندي گهُلندي هوا، جهومندڙ وڻ - ۽ هو به ٻارن سان ٻار بڻجي ويون!

 

سهيڙيندڙ: امر سنڌو

هڪ شخصيت 100 سوال: تنوير جوڻيجو

نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟

تنو.

ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو)؟

ڇهين فيبروري 1952ع

شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟

مِٺي.

شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟

ناناڻو ڳوٺ ”ٻورڙي“.

شهر جو دل جو شهر آهي؟

حيدرآباد سنڌ.

شهر جو دل کي نه آڙبو هجي؟

خدا جي ڌرتي خوبصورت آهي.

زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟

ڪراچيءَ ۾ ماءَ جي وفات تي.

زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟

زندگي جهول ۾ مُرڪون وڌيون. اڳتي به شل مُرڪون وجهي.

زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟

زندگيءَ جو هر لمحو تقريباً مهربان رهيو.

زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟

................

موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟

................

وڻندڙ موسم؟

ٿڌو مٺو سيءُ.

ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟

آچر.

ڏينهن جي چوويهن پهرن مان وڻندڙ پهر؟

ٽپهريءَ کان سانجهي.

فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟

منهنجو گهر جتان بيٺي پير، نظارا پسان ٿي.

ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟

ڪاڪا جا پئسا چوري ڪرڻ.

ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟

اهو دور پئسي جي لحاظ کان محرومين جو دور هو پر محبتن جو دور هو.

ٻالڪپڻ جي ڪا خواهش؟

هر خواهش پوري ٿي.

ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟

انگل جيڪي گهڻو ڪري پورا ٿيا.

جوانيءَ جو پهريون احساس؟

جواني آئي گذري وئي خبر ئي نه پئي.

جوانيءَ جو پهريون خواب؟

خواب جو دور ئي ڪونه هو.

جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟

................

بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟

موسيقيءَ سان پيار آهي هر نئون گيت وڻندو آهي.

دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟

................

ڏک جي آخري پناهه گاهه؟

فون تي دوستن سان ڪچهري.

خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟

ٿورڙي رڙ، ٿورڙو واڪو.

اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند ۾ پسند جو ويلو؟

دراصل ننڊ اهڙو ڪوبه ويلو ڏسڻ نه ڏيندي آهي.

اڪيلائي جو احساس؟

وڻندڙ آهي.

تاريڪي جو احساس؟

ڊيڄاريندڙ.

گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟

ڪا ميار ناهي، قدرت ايتري مهربان ٻئي جنم ۾ به رهي.

خالي رستن جا احساس؟

وسعت بخشيندڙ ۽ وڻندڙ

قد کان اڀيون ديوارون؟

ساهه منجهائيندڙ

دوستي؟

دوستي، زندگي آ.

هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن جي ...........؟

دنيا گول آ، هر ڪو وريو اچيو ٽڪرائجي.

دوستن تي ڪا ميار؟

ڪا ميار ناهي.

پيار؟

سچائي آ.

عشق؟

نوجوانيءَ جي اڇل ۽ اڌمو.

پيار جو بي اختيار اظهار؟

وڻندڙ ۽ خوبصورت

پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

ويهي پٽجيس.

پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

انهيءَ ۾ ئي سونهن آهي بقا آهي.

ڪلا کيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

منهنجو پيءُ منهنجو ڀاءُ.

پهرين مڃتا؟

1973ع جي پهرين ڪهاڻي.

ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

تنقيد جيڪا ساڙ منجهان ڪيل هجي.

فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

ڪهاڻي.

فني زندگيءَ جي ابتدا؟

1973ع کان.

سڃاڻپ جو حوالو؟

تحقيقي مضمون.

سڀ کان وڏو نقاد؟

عام پڙهندڙ.

تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

هر تعريف دل کي خوش ڪندي آهي. پوءِ ڀل اها ڪوڙي ئي هجي.

پسنديده شاعر؟

شيخ اياز

پسنديده نثر نگار؟

ڪابه هلڪي سلڪي شيءِ جا دل کي ڇهي.

راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

گيتادت.

وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

تبي منهنجي ڀيڻ.

خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

خوشبو استعمال ڪندي آهيان تبت جو پائوڊر.

ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

هلڪي ٿڌ

اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

ميرو، واڱڻائي ۽ هيڊو.

ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

ٻار.

چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

جيڪو سامهون اچي ان تي لاهجي.

انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟

ڳالهائڻ جو نرم انداز.

دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

ٽرڙا ۽ پاڻ پڏائيندڙ ماڻهو.

پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

سٺو کاڌو ۽ وڻندڙ موسيقي.

پيڙا جو ڪو پل؟

آيا ۽ ويا هليا ۽ وري ايندا ۽ ويندا رهندا.

معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

ٻار تي جنسي تشدد/جنسي تشدد.

ڪٽنبي زندگي؟

تمام اهم تمام ضروري.

نفرت؟

اڻ وڻندڙ فرعون قسم جي ماڻهن سان.

اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

نفرت ۽ محبت، اهي ايندڙ ويندڙ جذبا آهن.

عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

جذبو پر هئڻ عقل کي گهرجي.

عقيدو؟

عبادت الله جي، اطاعت رسول جي ۽ اهو تعلق شخصي آهي.

عبادت؟

زندگي جو ڏڍ تنهن کان سواءِ زندگي بي معنيٰ.

وقت؟

وقت جو قدر ضروري آهي، ويل وقت واپس نه ايندو.

موت؟

هڪ تلخ حقيقت

زندگي؟

قدرت جو خوبصورت تحفو اگر حالتون ساٿ ڏين ته .

هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

دعائن جا ڪتاب – پنج سورة.

دل کي ڇهندڙ فلم؟

ڪافي فلمون جن ۾ باغبان به آ ته ديوداس به.

پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

................

تاريخ جي پسنديده هستي؟

پنهنجو پيارو نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم.

سياست؟

من کي منجهائيندڙ لڳندي آ.

وڻندڙ سياسي شخصيت؟

...............

وڻندڙ مشروب؟

چانهه

وڻندڙ اخبار؟

عبرت/ ڪاوش

وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

سوني ميڪس

پسنديده اداڪارا؟

راڻي مڪرجي.

سواري جيڪا پسند هجي؟

ٽانگو

خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

ننڊ مختلف خواب ڏيکاريندي آه، پر بابا اڪثر نظر ايندو اٿم.

خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟

الحمد الله سڀ خواب پورا ٿيا.

مستقبل جي باري ۾ پلان؟

باقي زندگي سڪون سان گذري.

ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪڇونءَ جي چال ۾ گهڻو ڪري هر ڪاميابي ملي.

 خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

هر خوشي ملي.

آزادي؟

هر انسان لاءِ ضروري آ.

ڇڙواڳي؟

مائٽن لاءِ قهر.

ڌرتيءَ سان پيار؟

قدرتي جذبو.

زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

ڪابه نه.

انساني ڪردار جي سونهن؟

سچائي، سادگي، نوڙت.

انساني روين جو رنگ جيڪو رئاڙي؟

جڏهن پنهنجو، پرائو بڻجي وڃي.

پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

ڪاش! خيروءَ جيان في البديهه ڳالهائي سگهان. امر سنڌوءَ جيترو علم رکان.

تقدير تي ويساهه؟

آهي.

زندگي جو ڪڙو سچ؟

اها قابليت ڪانهي جا هجڻ کپيم.

زندگيءَ جو اعتراف؟

اهوئي اعتراف آهي.

ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

جيڪا آهيان، پر ذهني طور هوشيار ۽ ٻين کي متاثر ڪري سگهڻ واري صلاحيت سان.

ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿو؟

......................

پيغام؟

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

(شاهه)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com