سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :7

........

سنجها سرواڻ

مايوسي

آهي هاڻي ڇا راءِ!

تنهنجي او سَنجها!

مرد جي ذات بابت

وڏو مانَ هوندو هيئي

اَڄ اُهو مانُ آ ڪٿي!

تون ايتري مايوس ڇو آن؟

تون ته چوندي هُئينءَ

مرد بيوفا ٿي نٿا سگهن

هُو دوکا ڪري نٿا ڄاڻن

ڏاڍا پُرخلوص آهن

اڄُ ڇو اُنهيءَ موضوع تي

خاموش آهين سَنجها!

ڇا ڀروسو ختم ٿي ويو

۽ ڀرم ٽُٽي پيو ....

ڇا، حقيقت هئي جا،

تنهن کان واقف ٿي وئي آهين

تڏهن ڪجهه چئي نه ٿي سگهين

تڏهن ايتري اُداس آهين

تڏهن ئي شايد

ايتري مايوس آهين؟

 

ريحانه نظير

بنان عنوان

اُداسيءَ ۾ انسان جي دل ڪيڏي نه عجيب ٿيندي آهي. ان کي هر شيءَ مان وحشت محسوس ٿيندي آهي. ائين لڳندو آهي ته دنيا جي هر شيءِ ان کي اذيت ڏيڻ واسطي خلقي ويئي آهي. هُن کي هر شيءَ کان ڊپ لڳندو آهي. ايتريقدر جو هوا جا ايندڙ ويندڙ جهُوٽا به هن کي ڊيڄاريندا رهندا آهن. اداس دل بلڪل ان ماءُ وانگر هوندي آهي، جنهن جا سڀ ٻار وڏا ٿي شاديون ڪري پنهنجي پنهنجي ٻارن ۽ زالن سان خوش هوندا آهن ۽ اهي مهيني جو پگهار وٺي ماءُ سان ملڻ ايندا آهن ۽ اُها ماءُ پورو مهينو انهن ٻچڙن جي لاءِ واجهائيندي آهي. دروازي جي هر کُڙڪي تي ڇرڪي نهاريندي آهي ته متان انهن مان ڪو آيو هجي! بلڪل ائين هڪ اداس دل به هر ماڻهوءَ مان اها اميد رکندي آهي ته من ڪير اهڙو لفظ ڪڍي جنهن کي ٻڌندي هيءَ اداسي ختم ٿئي! پر نه... اها اداسي ته ان ويل خوشيءَ جو پاڇو هوندي آهي، جيڪا اسان هروڀرو پنهنجي اندر ۾ ويهاري ڇڏيندا آهيون ۽ ان جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ ايڏا مست ٿي ويندا آهيون، جو ڄڻ ته ان کي آڻڻ اسان جي وس ۾ هجي، پر جڏهن اها اسان کي نصيب نه ٿي ٿئي، تڏهن اسان پنهنجي اندر ۾ هڪ تمام اونهي کاهي محسوس ڪريون ٿا ۽ اهو ئي اداسيءَ جو احساس آهي ۽ اهو احساس اسان جي اندر مان نڪرڻ ۾ ڪافي وقت وٺي ٿو. اهڙا ئي وڏا وڏا خواب مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اُٿندي ويهندي مطلب ته هر وقت اٿندي ويهندي سوچيندي هيس ته مان هيئن ڪنديس، مان هونئن ڪنديس....!

مان جتي پيدا ٿيس اهو هڪ ننڍڙو گهر ڪچين سرن جا ٺهيل ٻه ڪمرا، هڪ ورانڊو، ان جي ڀرسان ننڍڙو رڌڻو ٺهيل هو. آڳر تي نم جو وڻ پوکيل هو جنهن جي هيٺان اسين راند ڪُڏندا هئاسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته راند کيڏندي کيڏندي ٿڪجي اتي ئي نم جي وڻ هيٺان، سمهي پوندا هئاسين. منهنجو بابا ٽين دٻي وڪڻڻ جو واپار ڪندو هو. امان کي اسين لاڳيتيون پنج ڌيئر ڄايونسين، ۽ آخر ۾ هڪ پُٽ ڄائو. اسين پنج ئي ڀينر هڪ ڪمري ۾ رهنديون هيونسين ۽ ٻئي ڪمري ۾ امان، بابا ۽ ننڍڙو ڀاءُ رهندا هئا. اسان جو ڪمرو ايترو ننڍو هو جو، ان ۾ پنج کٽون به ماپي نه ٿي سگهيون. تنهنڪري اسين ڀينر پٽ تي رليون وڇائي سمهنديون هيونسين. غربت سبب گهر ۾ ڪا به اهڙي شيءِ ڪانه هئي، جنهن جي سنڀال ڪرڻي پوي. ڏاڏي ۽ ڏاڏو پنهنجي وڏي پُٽ سان رهندا هئا ڇو ته اهو ڪلارڪ هو ۽ ايترو ڪمائيندو هو جو سٺي نموني پنهنجي پيءُ، ماءُ، زال ۽ ٻارن جا حق ادا ڪري سگهي. باقي اسان جو پيءُ ته صبح کان وٺي گاڏڙو ڪاهي ”ٽين جي دٻن وارو، لوهه پراڻي وارو، سڪل مانيءَ وارو“ چوندو سڄو ڏينهن اوسي پاسي جي گهرن مان پراڻو سامان کڻي ڪارخاني تي پهچائيندو هو. صبح کان سج لٿي تائين گاڏڙي ڌڪڻ کان پوءِ به ايترو مس ڪمائيندو هو جو مڙئي گذارو ٿئي.

امان ۽ بابا جا ڪپڙا ايڏا ته پراڻا ٿي ويندا هئا، جو، ڪنهن جي هٿ لڳڻ سان ڦاٽي پوندا هئا. اسان امان کي سال ۾ ڪو هڪ نئون وڳو پائيندي ڏسنديون هيونسين. امان جا مائٽ به ايڏا ته غريب هئا جو پنهنجي گهرن جي پورت ڪرڻ به محال. سو اهي اسان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندا!؟ گهر ۾ جيڪڏهن ڪو بيمار ٿيندو هو ته سرڪاري اسپتال ۾ ڏيکاري دوا وٺندا هئاسين. دوا ايڏي ته بيڪار هوندي هئي جو بخار لهندو ئي نه هو بلڪ ڪيترا مهينا بخار هلندو هو. بيماري ختم ٿيندي هئي ته ڪيترن ڏينهن تائين ڪمزوريءَ سبب گهمي ڦري نه سگهندا هئاسين.

ڪمزوري به اهڙي جو چار قدم کڻبا ته بيهوش، ڇو ته غربت سبب نه دوا وٺي سگهندا هئاسين ۽ نه خوراڪ سٺي کائي سگهندا هئاسين، پوءِ جسم اندر طاقت ڪيئن پيدا ٿئي؟ مان سڀني ٻارن ۾ وڏي هيس. مان ٿوري وڏي ٿيس ته پاڙي جي سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. مون کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. اسڪول کان موٽي گهر ۾ به ويٺي پڙهندي هيس. مون کي شوق سان پڙهندي ڏسي بابا امان کي اڪثر چوندو هو ته ”خالد جي ماءُ، مان نُوريءَ کي ضرور تعليم ڏياريندس! نوڪري وٺي ڏيندوسانس. اهو مان توسان وعدو ٿو ڪريان.“

ائين مون مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. منهنجون ننڍيون ڀينرون اڃا پرائمريءَ ۾ پڙهنديون هيون. بابا مون کي ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني. مان ڏاڍي خوش هوندي هئس. توڙي جو مون کي پائڻ لاءِ سٺا ڪپڙا ڪونه هوندا هئا ته به مان تمام خوش هوندي هيس. منهنجي اندر ۾ اهو عزم ته مان ڪاليج مان جيئن نڪرنديس ته نوڪري ملندي. پوءِ مان به روزاني سهڻا ڪپڙا پائي پرس کڻي لپ اسٽڪ پائوڊر هڻي اسڪول وينديس. ماسترياڻين سان ملنديس. ڪرسيءَ تي ويهي، ننڍڙن ٻارڙن کي پڙهائينديس. سڀ ڪيڏو نه عجيب لڳي رهيو هو. وري ڇوڪرين کي چونديس ته ”هي لکي ڏيکاريو، هي پڙهي ٻڌايو.“ وڃ پاڻي ڀري اچ. ڇوڪري هيءَ ميز خراب لڳي پئي آهي، ڏسين ڪانه ٿي جلدي صفا ڪر، ڇوڪري ڊپ وچان ميز پنهنجي رئي سان اگهڻ شروع ڪندي ته وري چوندي مانس. اڙي رئو ميرو ٿي ويندئي، وڃ وڃي ڪپڙو کڻي اچ ۽ اُگهه.

ڇوڪريون منهنجي لاءِ هر روز ڪٿان نه ڪٿان گُل پٽي کڻي اينديون، جيڪي مان وٺي چونديس ته ”Thank you“ اهي سڀ ڳالهيون جيڪي مان پڙهڻ دوران ڪري آئي هيس، اهي ئي سوچي اندر ۾ ڏاڍي خوش ٿيندي هيس. بس سڄو ڏينهن من ۾ اها چنتا ته ڪڏهن انٽر جا امتحان ٿيندا ته بابا ماستري وٺي ڏيندو، ڇو ته ان کان وڌيڪ پڙهائڻ جي طاقت بابا ۾ به ڪانه هئي. تنهنڪري اسان غريبن لاءِ ماستري به ڪنهن بادشاهيءَ کان گهٽ ڪانه هئي. مان گهر توڙي ڪاليج ۾ رڳو پڙهندي هيس، نه سرتين سان ڪچهريون ۽ نه گهر ۾ ڀينرن سان! مون کي ائين پڙهندو ڏسي امان مون کان گهر جو ڪم به گهٽ ڪرائيندي هئي. ڪاليج ۾ سڀ استاد مون کي تمام گهڻو ڀائيندا هئا ۽ گهر ۾ بابا ۽ امان هر هر پيا چوندا هئا ته نُوري نصيب واري ٿيندي. امان چوندي هئي. هن وانگر پڙهو ته ڪجهه بڻجو نه ته سڄي عمر مون وانگر ٿانوَ ٻهاري ڪندي گذري ويندوَ، يا پڻهين وانگر ”ٽين دٻي وارو“ ڳائيندي گذرندوَ.

اسان جي امتحان جون سلپون اچي ويون. مان به محنت ڪرڻ لڳيس. هڪ ڏينهن اسان جي پرنسپال ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته اسان جي ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ شاندار تقريب رکي وئي آهي. ان تقريب ۾ مون کي هڪ تقرير ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي ۽ چيو ويو ته وڏو صاحب خاص مهمان آهي.  مون رات ڏينهن تقريب جي تياري ڪئي ۽ هر هر آئيني آڏو بيهي اشارا ڪرڻ وري وري پڙهڻ مطلب ته هر قسم جي تياري ڪيم. بابا کي منٿون ڪيم ته نئون وڳو وٺي ڏي، بابا 200 رپين ۾ ڪاٽن جو گلابي وڳو وٺي ڏنو جيڪو امان سبي ڏنو. اسان جا ڪپڙا امان سبندي هئي ڇاڪاڻ ته ايترا پئسا ڪونه هئا جو سلائي ٻاهران ڪرائي سگهون. مان صبح جو اٿي وڳو پائي هر هر پاڻ کي آئيني ۾ ڏسڻ لڳيس ۽ تقرير ياد ڪرڻ لڳيس. مطلب ته ايڏي اندر ۾ خوشي جو ڇا بيان ڪريان. ڪاليج پهتيس ته هال مهمانن سان ڀرجندو نظر آيو. نيٺ اها مهل به اچي ويئي.خاص مهمان جي اچڻ بعد پروگرام جو آغاز قرآن شريف جي تلاوت سان ڪيو ويو ۽ تقريب شروع ٿي. جيئن جيئن تقريب هلي رهي هئي، تيئن تيئن منهنجي دل به تيز ڌڙڪڻ لڳي!

نيٺ مون کي تقرير پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايو ويو. مان اسٽيج تي آيس ته منهنجي اندر مان خوف گهٽ ٿيو ۽ مون اعتماد سان تقرير ڪئي. هال ۾ ويٺل ماڻهن تمام گهڻيون تاڙيون وڄايون. مان اسٽيج تان هيٺ لٿيس ته مئڊم (پرنسپال) سڏ ڪيو ۽ چيو ته ”واهه! واهه! نوري تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو!“ مان تمام گهڻي خوش هيس. پروگرام ختم ٿيو. مان گهر وڃڻ لڳيس ته پٽيوالو آيو ته توهان کي مئڊم سڏي ٿي. آفيس اندر ويس ته اتي اهو وڏو صاحب ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو ويٺا هئا. مان اجازت وٺي آفيس ۾ گهڙيس.

مئڊم چيو ته ”نوري سر کي توهان جي تقرير ڏاڍي پسند آئي ۽ اُهي توهان کي ڪجهه انعام ڏيڻ چاهين ٿا، سو هيڏي اچو.“ مان مئڊم جي ڪرسيءَ جي پاسي ۾ بيهي رهيس ته هڪ رعبدار آواز ٻڌڻ ۾ آيو”بابا، هيڏي اچو. هي وٺو توهان جو انعام. توهان تقرير تمام سٺي ڪئي.“ مون ڏٺو ته هن جي مُٺ ۾ 1000 جو نوٽ هيو. مون پهريان ان ماڻهوءَ کي پوءِ مئڊم کي ڏٺو ته مئڊم ڪنڌ سان هائوڪار جو اشارو ڪيو.

مان اعتماد سان وڌندي انعام ورتو ۽ ”ٿئنڪ يو سر!“ چئي آفيس مان نڪري آيس. گهر پهچي بابا وارن کي ٻڌايم ته منهنجي تقرير ايتري ته سٺي هئي جو، سر مون کي هڪ هزار انعام ڏنو. سڀ ڏاڍو خوش ٿيا. مان سڄي رات ان خوشيءَ ۾ ننڊ ڪانه ڪئي. صبح جو ڪاليج ۾ سڀني مون کي مبارڪون ڏنيون. سڄو ڏينهن ڪاليج ۾ خوش گذريو. منجهند جو موڪل مهل اوچتو خبر پئي ته وڏو صاحب آيو آهي، موڪل نه ڪريو. سڀ جلدي جلدي ڪلاس ۾ وڃي ويٺيونسين. اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته پٽيوالو اسان جي ڪلاس ۾ آيو ۽ چيو ته ”نوريءَ کي مئڊم سڏي پئي.“ منهنجي دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي ۽ مان ڏڪندي دل سان مئڊم جي آفيس ۾ ويس. مئڊم مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو پر مان اتي ئي ڄمي بيهي رهيس. ان کان اڳ اسان ڪڏهن به مئڊم جي آفيس ۾ ڪرسيءَ تي نه ويٺيون هيونسين. هميشه پنهنجو مسئلو بيٺي بيان ڪنديون هيونسين، سو اڄ مان ڪيئن ٿي ڪرسيءَ تي ويٺيس! پر وري مون کي اهو ڀيانڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو ”نوري ويهه!“. مان ڊپ وچان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. مون ڏٺو ته اهو شخص مون کي مسلسل ڏسي رهيو هو ۽ مئڊم کان منهنجي ڪٽنب بابت پڇي رهيو هو. پوءِ مئڊم مون کي وڃڻ لاءِ چيو. مان جلدي جلدي ٻاهر هلي آيس. ٿوري دير کان پوءِ ميڊم ٻاهر آئي ۽ مون کي سڏ ڪري چيو ته ”پنهنجي بابا کي چئجانءِ ته منهنجي گهر اچي، ضروري ڪم آهي.“ وري مئڊم پنهنجي منهن ٿورو کليو ۽ چيو ته ”نوري تنهنجا ڀاڳ کلڻ وارا آهن. تون ته سچ ۾ نوري نڪتينءَ.“

مون کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي، گهر اچي بابا کي سڄي ڳالهه ٻڌايم ته بابا اهو سمجهيو ته متان صاحب مون کي نوڪريءَ ۾ رکي. نوڪريءَ جي ڳالهه ٻڌي مان بي انتها خوش ٿيس ۽ بابا کي چيم ته ”ها بابا، مئڊم به چوي پئي ته نوري تنهنجا ڀاڳ کلڻ وارا آهن.“

نوڪريءَ جي ڳالهه ٻڌي مان ته خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس. هر هر پئي سوچيم ته اڃا ته امتحان به ڪونه ٿيا آهن. هينئر ئي نوڪري، مان ته اجايو سر کان ڊڄي رهي هيس. هي ته ڪو فرشتو آهي، جيڪو هاڻي ئي ٿو نوڪري وٺي ڏئي. شام ٿيڻ شرط مون بابا جو پراڻو وڳو استري ڪري بابا کي تيار ڪري چوڻ لڳيس ته ”بابا مئڊم سان هيئن ڳالهائجو، تيز نه ڳالهائجو، ڏاڍيان نه ڳالهائجو،“ ڄڻ ته مون کي بابا کان وڌيڪ عقل هجي. بابا ويچارو منهنجون ڳالهيون ٻڌي کلي رهيو هو ۽ تيار ٿي مئڊم سان ملڻ ويو. پورا ٻه ڪلاڪ گذري ويا. اُهي ٻه ڪلاڪ مان آسمان تان زمين جا، زمين تان آسمان جا خواب ڏسندي گذاريا. بابا موٽي آيو. مون کي ڪجهه به چوڻ کان پهرين امان کي ڪمري ۾ سڏي، در ڏيئي ڪجهه چوڻ لڳو. اسان سڀ ڀينر هڪٻئي کي ڏسنديون رهيونسين. بابا ٻاهر نڪتو ته مون کي چيائين ته ڌيءُ سڀاڻي ماڻهو ايندا تيار ٿي ويهجانءِ! بابا ائين چئي ٻاهر هليو ويو. مان امان کان پڇيو، ”امان، ڇا ڳالهه آهي. مئڊم بابا کي ڇا چيو؟“ نوڪري لاءِ ڇا چيائين“، پر امان اها ئي چُپ. ”پر امان ٻڌاءِ نه. مئڊم بابا کي ڇا چيو؟“ منهنجي زور ڀرڻ تي امان چيو ته ”ڪجهه نه آهي ڌيءَ! سڀاڻي ڪجهه مهمان ايندا پڻهين انهن لاءِ سامان وٺڻ ويو آهي.“ مون کي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. بابا ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ هيڪاندو سامان وٺي گهر آيو. رات جو امان ۽ ٻيون ڀينرون دير تائين ڪم ڪنديون رهيون، امان مون کي ڪم ڪرڻ کان جهليو ۽ چيو ته ڌيءَ تون وڃي آرام ڪر. تون سڀاڻي ڪم ڪجانءِ. مان چپ ڪري پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ويهي رهيس. ٻاهر ڪم ڪرڻ جي ٺڙڪن ڪري ننڊ مون کي ڪانه پئي آئي مٿان وري اها اڻ تڻ ته آخر مئڊم بابا کي ڇا چيو هوندو. سڀاڻي مئڊم اسان جي گهر ڇو پئي اچي. سڄي رات پاڻ کان سوال پڇندي گذري. صبح جو اٿڻ شرط وري سڀئي ڪم ڪار کي لڳي ويون. منهنجون ڀينرون به اسڪول ڪونه ويون ۽ بابا به گاڏڙو ڪاهي ڪونه ويو.

امان سڀني کي سٺا ڪپڙا پائڻ لاءِ چيو. 10 وڳي تائين مئڊم اچي ويئي ۽ مون کي سڏ ڪري چيائين، ”هيڏي اچ، هتي ويهه. مون چيو هو نه ته، تون سچ ۾ ”نوري“ آهين. ڏس
ڄام تماچي اچي پيو توکي ”پٽ راڻي“ بنائڻ.“ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. مان اڃا اهو پئي سمجهيو ته ڪير مون کي نوڪري وٺي ڏيڻ لاءِ اچي رهيو آهي. منهنجي دل تيز تيز ڏڪي رهي هئي. مئڊم هڪ بيگ کڻي آئي هئي. مئڊم بيگ کولي ان مان ڪپڙا ۽ پوءِ زيور ڪڍيا ۽ امان کي سڏ ڪيو. امان جيئن ئي اندر آئي ته مئڊم امان کي اشارو ڪيو. امان دروازو بند ڪيو ته مئڊم هڪ عاليشان جوڙو مون کي ڏنو ۽ چيو ته ”نوري هيءُ پائي اچ!“ مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته اوچتو مئڊم ايڏي مهربان ڇو ٿي وئي آهي. مان ايڏا مهانگا ڪپڙا ڇو پايان؟

مان چپ چاپ اتي ئي ويٺي رهيس. مون کي ائين چُپ ڏسي مئڊم چيو ”نوري چُپ ڇو ويٺي آهين، اٿي ڪپڙا پاءِ نه.“ ”پر مئڊم مان ايترا قيمتي ڪپڙا ڇو ۽ ڇاجي لاءِ پايان.“ مئڊم امان ڏي ڏٺو. امان چيو ته ”ڌيءَ، اڄ تنهنجي شادي آهي، ان لاءِ ڪپڙا آيا آهن.“ امان جي منهن مان پريشاني بَکي رهي هئي. مان اهي لفظ ٻڌي ڏڪي ويس ۽ وائڙن وانگر چوڻ لڳيس ته شادي...شادي...شادي.... پر ڪنهن سان....؟ وات مان اهي لفظ مون پنهنجي پوري طاقت لڳائي ڪڍيا. ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ مان گونگي هجان. وري مئڊم جو آواز ڪن تي پيو. ”منٺار عليءَ سان، چيم نه ته ڄام تماچي اچي پيو توکي پنهنجي پٽ راڻي بنائڻ.“

مون کي مئڊم جا صرف اهي لفظ ٻڌڻ ۾ آيا ته منٺار علي..... منٺار علي ڪير؟ مون کي ڪاليج ۾ لڳل بينر ذهن ۾ آيو جنهن تي لکيل هو مهمان خاص منٺار علي آهي. هانءُ وسامي ويو ۽ اهي ڀيانڪ لفظ وري منهنجي دماغ اندر ڊوڙڻ لڳا ته ها هيءُ وٺ بابا. مان اڃا ان جاءِ تان چري ئي ڪانه هيس ته ٻاهران گاڏين جا هارن وڄڻ لڳا. آواز ٻڌندي ئي مئڊم چيو ته ”سائينءَ جن اچي ويا.“ مئڊم جلدي اٿي ٻاهر ويئي. امان هڪدم دروازو بند ڪيو ۽ چوڻ لڳي، ”نوري جلدي ڪپڙا پاءِ، صاحب اچي ويو. مان ائين ئي چپ چاپ امان کي ڏسڻ لڳيس، پر امان کي منهنجي ان حالت تي ڪو به رحم نه آيو. دڙڪا ڏيندي چيائين، ”نوري، جلدي ڪر ٽائيم ڪونهي ڪپڙا پاءِ.“ منهنجي جسم ۾ جڏهن ڪا به حرڪت پيدا نه ٿي، تڏهن امان ڪاوڙ منجهان منهنجا ڪپڙا بدلائڻ لڳي ۽ گڏوگڏ ڳالهائيندي به رهي.“ تون ڇا ٿي سمجهين ته اسان توکي خوشيءَ مان پرڻايون پيا. اها ته اسان جي مجبوري آهي. جيڪڏهن انڪار ڪنداسين ته هُو توکي کڻي هليا ويندا. مٿان وري پوليس وارا به ڪيس کي هٿ ڪونه لائيندا. وڏا ماڻهو جو آهن. ”امان منهنجو چولو لاٿو ۽ ٻيو چولو پارايو. مان امان جا هٿ روڪي زاروقطار روئڻ شروع ڪيو.

”امان، مان شادي ڪانه ڪنديس، امان، هو ڏاڍو ڀوائتو ماڻهو آهي. مون کي هن کان خوف لڳندو آهي. امان، مان اها شادي ڪانه ڪنديس.“ مان روئڻ لڳيس، پر، امان تي انهن لفظن جو ڪو به اثر نه ٿي رهيو هو. منهنجون دانهون ٻڌي مئڊم اندر آئي ۽ چيائين ته ”چري ڇوڪري ائين رڙيون ڪبيون آهن. تون ته خوشنصيب آهين. تنهنجي گهر ۾ آهي ڇا. سائين ته توکي محلا تن ۾ رهائيندو. تون ڪراچيءَ ۾ رهندينءَ. پڙهيو ڪونه اٿئي ته روشنين جو شهر ڪراچي. هاڻي تون به اتي رهندينءَ. چري چپ ڪر، متان سر ناراض نه ٿئي.“ مئڊم جا دڙڪا ٻڌي مان ڊڄي ويس ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳيس. مئڊم جلدي سينگار جي پيتي کولي، ڳالهائيندي به رهي ۽ مون کي سينگاريندي به رهي. ”چري، پڙهڻ مان ڇا ملئي ها. وڌ ۾ وڌ ماستري! ان مان ڇا ڪرين ها. سڄي عمر نوڪري ڪرين ها، پوءِ به ههڙا زيور ۽ ڪپڙا ڪونه پائي سگهين ها. هينئر سائينءَ تنهنجي پيءُ کي ٻه لک ڏنا آهن ته جيئن هو ڪو دڪان ڪڍي ويهي. هاڻي نه صرف تون خوش رهندينءَ، پر تنهنجا مائٽ به خوش رهندا! اُن کان وڌيڪ اڃا توکي ڇا کپي!“

هاڻي مون کي سمجهه ۾ آيو ته امان، بابا ائين چپ ڇو آهن. ان جي معنيٰ ته انهن مون کي لکن جي عيوض وڪڻيو آهي. منهنجي اندر باهه ٻري ويئي. مئڊم ٻاهر ويئي ته مون امان کي چيو ته ”امان، مان ته هونئن به ڪمائي سڄي عمر توهان کي ڏيان ها، پوءِ توهان اها تڪڙ ڇو ڪئي؟“ مون ڏٺو ته امان جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ امان چيو، ته ”نه ڌيءَ نه. اسان توکي ڪونه وڪڻيو آهي. پر ڌيءَ اسان ۾ ايڏي وڏي ماڻهوءَ کي جواب ڏيڻ جي همت ڪانه هئي. امان هو تمام وڏا ماڻهو آهن، هي ته شادي پيو ڪري، پر جي ائين ئي توکي کڻائي وڃي ها ته به اسان ۾ ايترو حال ڪونهي، جو توکي موٽائي سگهون ها. بدنامي جدا ٿئي ها. توسان گڏ تنهنجي ڀينرن جي زندگي پڻ تباهه ٿي وڃي ها. انهن سڀني ڳالهين کي ڏسي، موت کان بخار قبوليو اٿئون.“ امان اهو چئي روئڻ لڳي. ايتري ۾ مئڊم اندر آئي ۽ چوڻ لڳي ته جلدي نُوريءَ کي سيج تي ويهاريو، ٻاهر نڪاح پيو پڙهجي. مون کي زيور پارائي سيج ٺاهي ان تي ويهاريو ويو. ٿوري دير کان پوءِ ٻه ماڻهو منهنجي پيءُ سان گڏ اندر آيا ۽ مون کان نڪاح جي رضامندي پڇڻ لڳا. جڏهن منهنجي وات مان ڪو به آواز نه نڪتو، تڏهن مئڊم منهنجو ڪنڌ پنهنجي هٿ سان هيٺ ڪيو ۽ چيو ته ”قبول آهي.“ مبارڪ... مبارڪ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ٻاهران ماڻهو آيو ته هلڻ جي تيار ڪئي وڃي.

مان مسلسل روئي رهي هيس، گهر جي هرهڪ ڀاتيءَ مون کان روئندي موڪلايو. پوءِ مون کي وٺي گاڏيءَ ۾ ويهاريو ويو. سڀئي گهر جا ڀاتي ٻاهر گهٽيءَ ۾ نڪري آيا، انهن سڀني جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. وري انهن کي وڏي صاحب جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”هاڻي اوهان لاءِ نوري مري ويئي. اوهان مان ڪڏهن به ڪير نُوريءَ سان ملڻ جي ڪوشش نه ڪري. باقي اوهان کي هر فصل تي ڪمدار اَنُ پهچائي ويندو ۽ نه وري هاڻ نوري توهان سان ملڻ ايندي.“ سڄي ڪٽنب کي ڏک جي لهر لوڙهي رهي هئي. ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ منهنجي شادي نه ٿي آهي، منهنجو لاش وڃي رهيو آهي. تمام وڏي گاڏيءَ هلڻ شروع ڪيو. مون ڏٺو ته اهو ساڳيو ڀيانڪ آواز وارو ماڻهو منهنجي پاسي ۾ گلن جا هار پايو ويٺو هو. گاڏي آهستي آهستي گهٽين کان نڪرندي هڪ وڏي ويران رستي تي هلڻ شروع ڪيو. رستا بلڪل ويران هئا، بلڪل منهنجي دل وانگر، هيءُ اهو سفر هو جنهن جي ختم ٿيڻ جي آس به نه هئي. ڪراچي جنهن جي لاءِ مئڊم چيو ته ”روشنين جو شهر“ اهو مون کي هڪ اونداهيءَ کڏ وانگر لڳي رهيو هو، جنهن ۾ اڄ کان پوءِ منهنجي وجود کي محفوظ ڪيو ويندو. مان بلڪل اداس ان سڄي حادثاتي واقعي بابت سوچي رهي هيس جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ ايڏو وڏو طوفان آڻي ڇڏيو. رستي تي اڏامندڙ ڪک پن به مون کي پاڻ کان وڌيڪ مضبوط لڳڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته اهي ته تيز هوا کان اڳ اڏامي وڃي ٻي جاءِ وٺن پيا. يعني ڪنهن ڪنڊ پاسي وڃي ڪرن ٿا. انهن ئي سوچن دوران گاڏي ڌڏڪو کاڌو ۽ بيهي ويئي. مان ڊپ وچان ڏڪڻ لڳيس. هڪ ماڻهوءَ گاڏيءَ جو دروازو کوليو ۽ چيو ته ”جيجي هيٺ لهو.“ جيجي اها وري ڪير آهي؟ مون هيڏي هوڏي نهارڻ شروع ڪيو ته مون کي اهو ئي ڀيانڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”ٻڌئي ڪونه جمن توکي پيو چوي ته هيٺ لهه.“ مان گاڏيءَ مان هيٺ لٿيس، جمن مون کي وٺي اندر ويو. مان جيئن جيئن اندر هلڻ لڳيس، تيئن تيئن مون کي پنهنجي آسپاس هڪ نئين بلڪل نئين دنيا ڏسڻ ۾ آئي. هڪ شاندار بنگلو، هڪ عاليشان ۽ سجايل ڪمرو، قيمتي سامان، جيڪي مون سڄي عمر ڪونه ڏٺا. مان وائڙن وانگر پوري ڪمري کي ڏسڻ شروع ڪيو ته جمن مون کي چيو ”جيجي، هيءُ واش روم آهي. توهان فريش ٿيو. هيءُ توهان جو بيڊ آهي، صاحب هينئر هڪ ضروري ميٽنگ تي ويندو. رات جو وري اُتي محفل رکيل آهي.  توهان فريش ٿيو ته مان مانيءَ جو بندوبست ڪري وٺان.“ ائين چئي جمن هليو ويو. ۽ مان ان خوبصورت سجايل بيڊ تي چپ چاپ  ويٺي رهيس. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ جمن وري ڪمري ۾ آيو ۽ سامهون ميز تي ماني رکي هليو ويو. پر مان ائين ئي بيڊ تي ويٺي رهيس! الائي ڪيتري دير کان پوءِ مون کي ننڊ اچي ويئي. ٿوري دير کان پوءِ مون کي ڳائڻ جو آواز ۽ گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. مان بيڊ تان اٿي آواز واري پاسي وڃڻ لڳيس. مان ٻئي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳيس ۽ ان ڪمري جي کليل دريءَ مان اندر ڏسڻ لڳيس. مون ڏٺو ته هڪ ننڍي عمر جي سهڻي ڇوڪري ڳائي رهي هئي. ٻه ٽي ٻيون به مايون هيون، جن مان ڪي وري هيٺ ويٺل ماڻهن کي گلاس ڀري ڀري ڏيئي رهيون هيون. سڀ ويٺل ماڻهو واهه! واهه! چئي رهيا هئا ۽ گلاس ڏوڪي رهيا هئا، جيڪي ماين انهن کي ڏنا. مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ۽ چپ چاپ ڏسڻ لڳيس. ٿوري دير کان پوءِ مون کي ٻانهن ۾ ڇڪ محسوس ٿي، ڪنهن ڇڪي مون کي اندر ڪيو ۽ چيو ته ”جيجي اهو ڇا پيا ڪريو، صاحب کي خبر پئي ها ته پهرين ته مون کي دفن ڪري ها ۽ پوءِ وري اوهان جي خبر وٺي ها. اهي محفلون هتي روز ٿينديون آهن. اوهان اندر هلي آرام ڪريو. صاحب دير سان واندو ٿيندو.“ مان چپ چاپ اندر بيڊ تي ويهي رهيس ۽ اهي ڳائڻ ۽ رڙين جا آواز ٻڌڻ لڳيس. گهڻي دير کان پوءِ بيڊ تي ليٽي پيس ۽ وري ننڊ اچي وئي. اوچتو مون کي آواز ٻڌڻ ۾ آيو ”نوري، نوري“، ۽ مون کي شديد بدبو اچڻ لڳي. اهو ڀيانڪ آواز ٻڌي مان سڄي ڏڪي ويس. جيئن اکيون کوليم ته ڏٺم ته پنهنجي ڀرسان رڇ جهڙو ماڻهو نظر آيو، جنهن جون اکيون ڳاڙهيون، وات مان بدبو اچي رهي هئي. ان وحشيءَ ماڻهوءَ جنهن سان اڄ منهنجي شادي ٿي هئي، بلڪل وحشي طريقي سان پيش آيو. مون سندس هٿ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دانهون ڪرڻ لڳيس ته ان ڀيانڪ ماڻهوءَ منهنجي وات تي هٿ رکي ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيون. مان صفا هراسجي ويس ۽ اکيون ڦاڙي ان ماڻهوءَ کي ڏسڻ لڳيس. ان ماڻهوءَ کان شراب پيئڻ ڪري اهو به وسري ويو ته هو جنهن سان زيادتي ڪري رهيو آهي اها ان جي نڪاح ۾ آيل زال آهي. مان ڊپ مان ڪجهه نه ڪڇيس ۽ چپ چاپ ان اذيت ڀريل لمحن مان گذرندي رهيس. ائين اها پهرين رات گذاري صبح جو هوش ۾ اچڻ کان پوءِ صاحب جڏهن منهنجو زخمن سان چچريل جسم ڏٺو ته هن کي ڪو به رحم نه آيو، الٽو چيائين ته ”رات جو مون سان ڪو به بحث نه ڪندي ڪر، نه ته جهڙو رات حشر ڪيو مانءِ، اهڙو روز ڪندو مانءِ! اهو چئي صاحب تيار ٿي وڏي گاڏيءَ ۾ هليو ويو. مان مجبوريءَ مان اٿي غسلخاني ۾ ويس. تيار ٿي وري اچي ساڳي ڪمري ۾ ساڳي بيڊ تي ويٺيس. پورو ڏينهن رات جي واقعي بابت سوچيندي روئندي رهيس ۽ پاڻ کي پٽڻ لڳيس ته مان ڪيئن ڦاٿس! هر هر چئي رهي هيس ڪاش مان بيمار هجان ها، ڪاليج نه وڃان ها، نه تقرير ڪريان ها ۽ نه ان گندي جي نظرن ۾ اچان ها. اهي سڀ ڳالهيون سوچي وري مون روئڻ شروع ڪيو. گهڻي دير کان پوءِ جمن نيرن کڻي آيو ۽ ميز تي رکي، رات وارا ڍڪيل ٿانوَ ڏسي حيرت منجهان چيائين، ”جيجي، هي ڇا، اوهان رات به ماني ڪانه کاڌي.اهو ڇا پيا ڪريو. مهرباني ڪري ماني کائو نه ته بيمار ٿي پوندؤ.“ ائين چئي جمن هليو ويو.

ڪالهه مون ڪجهه نه کاڌو هو، اُنڪري بک به محسوس ڪري رهي هيس، اٿي ٻه ٽي گرهه نيرن جا کائڻ لڳيس ۽ گڏوگڏ روئندي رهيس. منهنجي گهر ۾ فون ڪانه هئي، باقي هر شيءَ هئي. ٽي وي به هلي رهي هئي ۽ ڪيبل به لڳل هئي. اها ڪيبل جيڪا اسين غربت ڪري هڻائي نه سگهيا هئاسين ۽ مان هميشه ڀينرن کي چوندي هيس ته مون کي نوڪري ملندي ته پهرين پگهار مان ڪيبل هڻائينداسين. اڄ اها ڪيبل هلي رهي هئي، پر مون اک کڻي ٽي وي ڪانه ڏٺي. مسلسل روئندي رهيس. ائين رات ٿي ويئي. رات جو دير سان صاحب گهر آيو. مان هن کي ڏسي اکيون ٻوٽي سمهي پيس. هن اهي ئي ٽي سڏ ڪيا نوري، نوري، نوري. مون ڊپ وچان اکيون نه کوليون ته وري اهو رڇ جهڙو انسان، ان ئي وحشي انداز سان پيش آيو. اڄ مان خوف مان ڪجهه به نه ڪڇيو ۽ چپ چاپ انهن اذيت ڀريل لمحن مان گذرندي رهيس. هن ماڻهوءَ مون سان هڪ لفظ به پيار جو نه ڳالهايو ۽ چپ ڪري سمهي پيو. صبح جو اٿڻ کان پوءِ تيار ٿي هليو ويو. مون ڏٺو ته ڪجهه سامان پيو هو. ٿوري دير کان پوءِ جمن آيو ۽ چيائين صاحب رات توهان لاءِ ڪجهه سامان آندو هو. جمن سامان کولي منهنجي سامهون بيڊ تي رکيو. ان ۾ چار وڳا هئا ۽ هڪ زيورن جو سيٽ. پر سامان ڏسي مون کي ڪا به خوشي ڪانه ٿي. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته مان هن عاليشان محل ۾ هڪ بيوس قيديءَ واري زندگي گذاري رهي آهيان. جيئن ته صاحب ان شاديءَ جو اعلان اڃا ٻاهر ڪونه ڪيو هو انڪري مون کي دروازي کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪانه هئي. باقي وقت تي جمن ماني کڻي ايندو هو. صاحب روز گهر دير سان ايندو هو، اڪثر گهر ۾ محفلون هونديون هيون ۽ اهو ئي رات جو دير سان صاحب نشي ۾ چُور ٿي ايندو هو. ائين الائي ڪيترا ڏينهن گذري ويا. منهنجي زندگيءَ ۾ ڪا به خوشيءَ جي گهڙي نه آئي. مائٽن لاءِ سڄو ڏينهن روئندي رهندي هيس. ننڍيون ڳالهيون سوچي پئي ڳرندي هيس. هاڻي ڪجهه ڏينهن کان مون کي کائڻ ۾ ڪا به شيءِ نه پئي وڻي، جيڪا شيءِ کاوان الٽي ڪري ڪڍي ڇڏيان، سڄي جسم ۾ سُستي محسوس ٿي رهي هئي. پر اها حالت ڪنهن کي ٻڌايان، گهر ۾ جمن سان مان ڳالهائيندي ڪانه هيس، باقي صاحب سو ان ماڻهوءَ کان مان ته ڊڄندي هيس. جو رات جو سمهڻ مهل جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجي ٽنگ منهنجي جسم مٿان رکندو هو ته سڄي رات جاڳندي هيس پر ايتري همت نه هوندي هيم جو ان ٽنگ کي هٽائي پاڻ سمهي پوان. انهيءَ ڪري مون ان بيماريءَ جو ذڪر ان ماڻهوءَ سان نه ڪيو. ائين ڏينهن گذرندا ويا. مان سمجهان پئي ته جيڪڏهن اها بيماري ائين هلندي رهي ۽ مون ڪا به دوا نه ورتي ته جلدي مري وينديس ۽ هن عذاب واري زندگيءَ مان منهنجي جان ڇُٽندي. نيٺ هڪ صبح جو مان بيهوش ٿي ويس، ڊاڪٽر کي گهرايو ويو ته ان ٻڌايو ته مان پيٽ سان آهيان. اهو ٻڌي صاحب ڪاوڙ منجهان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر کي چوڻ لڳو ته ”نه کپي مون کي اهو ٻار. مون کي اول ئي گهڻا ٻار آهن. هونءَ به مون هيءَ شادي ٻارن ڄڻڻ لاءِ ڪانه ڪئي آهي. ڪاڏي ڪندس ايترا ٻار. پوءِ وتن ملڪيتن تان جهيڙا ڪندا ۽ مان هن گندي نسل مان ٻار ڄڻڻ نه ٿو چاهيان. مون کي جيڪي خانداني زال مان خانداني ٻار آهن، اهي گهڻا آهن. انڪري مون کي اهو ٻار نه کپي. ڪيئن به ڪري ڊاڪٽر ان ٻار کي ضايع ڪيو ۽ پوءِ آپريشن ڪري ڇڏيوس ته جيئن آئينده ڪڏهن به وري ٻار نه ٿئيس.“ ڊاڪٽر عجب وچان وڏي صاحب کي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ چوڻ لڳي ”پر سر هن جي عمر تمام ننڍي آهي، ان ۾ ٻه آپريشن ٿيڻ هڪ ئي وقت ڪيئن ممڪن آهي. جان جو خطرو ٿيندو. صاحب لاپرواهيءَ سان چيو، اهو توهان ڄاڻو توهان جو ڪم. باقي مون کي ٻار نه کپي سو نه کپي.“ ڊاڪٽر چپ چاپ حيرت مان صاحب کي ڏسندي رهي. ايتري ۾ جمن آيو، ”صاحب گاڏي تيار آهي“ ۽ ٿوري دير ۾ مان ۽ ڊاڪٽر صاحبه گاڏيءَ ۾ ويٺيونسين. مون کي اسپتال پهچايو ويو. منهنجون ٽيسٽون وغيره ڪري ڊاڪٽر چيو ته ”سر ڏينهن تمام گهڻا گذري ويا آهن، سنئون سڌو جان جو خطرو ٿيندو.“ پر صاحب ڪا به ڳالهه نه ٻڌي. مان بلڪل بي جان بت وانگر چپ رهيس ۽ صرف ڊاڪٽر جا اهي لفظ ٻڌي ٿوري دير لاءِ خوش ٿي رهي هيس ته ”سر جان جو خطرو آهي“، فقط ان ڳالهه تي خوش ٿي رهي هيس  ته الله ڪندو ته آپريشن ۾ ئي مري وينديس ۽ ان عذاب ڀريل زندگيءَ مان ڇوٽڪارو ملندو. منهنجا ٻه آپريشن ٿيا هڪڙو ابارشن ۽ ٻيو T.L جو. پوري ڏينهن گذرڻ کان پوءِ شام جو مون کي هوش آيو ته ڊاڪٽر ٻڌايو ته ضايع ڪرايل ٻار پٽ هو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته هاڻي مان ڪڏهن به ماءُ ڪانه بڻجي سگهنديس پر مون کي ڪو به ڏک ڪونه هو، جي هو ته به اهو ته مان مري ڇو نه ويس. مان ڪيترا ڏينهن اسپتال ۾ رهيس پر ڪير به مون سان ملڻ ڪونه آيو. بس ڊاڪٽرياڻي ۽ هڪ نرس ۽ ٻيو جمن، جيڪو ماني کڻي ايندو هو. هاڻي ته مون کان اهو به وسري ويو هو ته مون کي پيءُ، ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀينرون به آهن. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ مون کي گهر آندو ويو. ڊاڪٽر مون کي ننڊ ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ ننڊ جون گوريون ڏنيون ۽ سختيءَ سان تاڪيد ڪيو ته روز صرف هڪ کائجان، ڇو ته وڌيڪ گوريون کائڻ جان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. مان گوري کائي سمهي پيس. پوري رات ننڊ پئي هيس. صبح جو دير سان اٿيس ته جمن ٻڌايو ته صاحب ميٽنگ جي سلسلي ۾ ٻاهر ويل آهي رات ايندو پر مون کي ننڊ ته آئي، پر تڪليف تمام گهڻي پنهنجي اندر محسوس ڪري رهي هيس. ٻي رات مان گوري کائي سمهي پيس ۽ مون کي ننڊ وٺي وئي. اڌ رات کان پوءِ مون ڏٺو ته هو مون کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، مان اکين کولڻ جي گهڻي ڪوشش ڪري رهي هيس، پر ننڊ جي گوريءَ سبب منهنجون اکيون ٻوٽجي ويون، پر صاحب جي اندر ۾ ڪو به رحم جو جذبو ڪونه جاڳيو مان هاڻي ان زندگيءَ مان بلڪل بيزار ٿي چڪي هيس. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مان ڇا ڪريان. مان اهڙي ماڻهوءَ جي قيد ۾ هيس جتان مان جان ڇڏائي ڀڄي نه پئي سگهيس ۽ ٿاڻي يا مائٽن ڏي به وڃي نه پئي سگهيس. اڄ مون سوچڻ شروع ڪيو ته ڪيئن به ڪري مان هن زندگيءَ مان جان ڇڏائينديس، پوءِ ڀلي اڳتي ڇا به ٿئي. اهو سوچي مان مطمئن ٿي سمهي رهيس. معمول مطابق صاحب رات جو دير سان آيو ۽ نشي ۾ ڌُتِ. مون هڪدم اٿي صاحب کي پاڻي ڏنو، جيڪو صاحب پي ويو ۽ بيڊ تي سمهي پيو، اتي ئي ڍير ٿي ويو. مان خاموشيءَ سان سڀڪجهه ڏسندي رهيس. صبح ٿيڻ تائين صاحب ڪونه اٿيو. جمن اچي وري موٽي ويو ته شايد صاحب ننڊ پيو آهي. شام ٿي ويئي ته جمن وري آيو، چيائين ته صاحب جي ضروري ميٽنگ آهي، انڪري کيس اٿاريو. مون نهايت ئي اطمينان سان جمن کي چيو ته:”جمن، تون ئي وڃي صاحب کي اٿار.“ جمن ڪمري ۾ ويو ۽ گهڻا ئي سڏ ڪيائين، پر جواب نه مليس. آخر پريشان ٿي ڊاڪٽر کي فون ڪيائين. ڊاڪٽر ڏسي چيو ته تمام گهڻي نشي واپرائڻ ڪري موت واقع ٿيو آهي. وڌيڪ خبر پوسٽ مارٽم مان پئجي ويندي. وڏي ايمبولينس آئي ۽ لاش کڻائي اسپتال رواني ٿي. مان چپ چاپ ڪنڊ تي ويهي ان نظاري کي ڏسڻ لڳيس. مون پنهنجي اندر هڪ احساس محسوس ڪيو ۽ اهو خوشيءَ جو احساس هو ۽ مان محسوس ڪري رهي هيس ته مان هاڻي انهن اذيتناڪ لمحن کان آزاد آهيان، هاڻ ڀلي مون کي جيل ۾ وڌو وڃي، پر ان قيد جو به ته انت ٿيندو ۽ مان ضرور ڪنهن منزل تي پهچنديس. باقي جيڪا زندگي مان گذاري رهي آهيان ان جو نه ته ڪو انت هو ۽ نه ڪا منزل!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com