سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :1

مهراڻ 1987ع (3)

چيف ايڊيٽر: غلام محمد گرامي

 

 

گذارش

(ايڊيٽوريل)

 

جانب ڪريو جيئري....!

        جديد سنڌي شاعريءَ جي صف اول جو ممتاز ۽ هر دلعزيز شاعر ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پراڻو خدمتگذار محمد رمضان ”بردو“ سنڌي پنهنجي پيرانه ساليءَ ۾، ڪافي عرصي کان وٺي نهايت عليل آهي. اخبارن ۾ تازو آيل خبرن موجب هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه سامهون اها آئي آهي ته محترم بردو سنڌي، نواب شاهه جي سول اسپتال ۾، مناسب علاج ۽ نگهداشت جي سلسلي ۾ عدم توجهيءَ جو شڪار آهي. سنڌ جي علمي حلقن مطالبو ڪيو آهي ته محترم بردي سنڌي جي علاج لاءِ نه صرف گهربل توجهه ڏنو وڃي، پر ان سان گڏ سرڪاري خرچ تي کيس علاج جون سهوليتون ميسر ڪيون وڃن، ڇو ته هو پنهنجي ناداريءَ سبب علاج تي ايندڙ خرچن ڀرڻ کان قاصر آهي.

        محترم بردو سنڌي، سنڌي اديبن ۾ هڪ نهايت مانائتي ادبي مقام جو مالڪ آهي. سندس مخلصانه ادبي خدمتن جي پيش نظر، کيس ادبي حلقن ۾ وڏي عزت ۽ قدر جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۾ سندس خدمتن کي وڏي مقبوليت حاصل آهي ۽ سنڌي ”گيت“ جي صنف کي هن ايتري اوج تي رسايو آهي، جو هڪ عرصي کان وٺي کيس ”گيتن جو بادشاهه“ سڏيو ويندو آهي. سندس روح پرور شاعري، ”اکڙيون مينگهه ملهار“ کان سواءِ سنڌ جي نامور رسالن ۽ اخبارن جي زينت بنيل آهي.

        محترم بردو سنڌي، ڪافي عرصي کان وٺي، پيرانه ساليءَ ۽ مالي ناداريءَ سبب ڏکين ڏينهن سان منهن ڏيندو پئي آيو آهي  ۽ ويتر هاڻي بيماريءَ جي حالت ۾ هو پنهنجو علاج اطمينان بخش طريقي سان ڪرائڻ کان جڏهن قاصر آهي، تڏهن ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته سنڌ هن مشهور ۽ مقبول شاعر جي صحت طرف توجهه ڏيندي، سرڪاري خرچ تي مناسب علاج جو فورا انتظام ڪيو وڃي. اسان سنڌ جي ادبي حلقن جي مطالبي جي تائيد ڪندي گذارش ڪنداسون ته محترم بردي سنڌي جي مسئلي تي ترت توجهه ڏنو وڃي.

        نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو سنڌ جي علم پرور چيف منسٽر، جناب سيد غوث علي شاهه صاحب، سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي ناداري ۽ مسڪيني حال جي پيش نظر سندن مدد ڪرڻ خاطر چيف منسٽرس ويلفيئر فند فار رائيٽرس قائم ڪيو آهي. محترم بردي سنڌيءَ جي علاج خاطر ان فنڊ مان رقم خرچ ڪرڻ، فنڊ جي قيام جي اصل مقصد مطابق ئي ٿيندو.

        اسان وٽ تقريبا روايت اها پئي رهي آهي ته اسان جا اديب ۽ شاعر جڏهن تنگدستي، ناداري، مسڪيني ۽ بي توجهي جو شڪار ٿي، هي جهان ڇڏي ويندا آهن، ان کان پوءِ سندن عدم موجودگيءَ تي ارمان ۽ کين پيش آيل تڪليفن تي ملال جا اظهار ڪيا ويندا آهن. تعزيتي گڏجاڻيون ڪوٺائڻ، سندن ياد ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ اخباري بيان جاري ڪرڻ جو مشغلو پڻ ان سلسلي جو هڪ حصو هوندو آهي. اهي ڳالهيون پنهنجيءَ جاءِ تي اهميت برابر رکن ٿيون، پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها ٿيندي جو سندن جيئري، سندن پرگهور لڌي وڃي.

 


 

مهراڻ ۾ لکندڙن لاءِ انعام

        سنڌي ادبي بورڊ تازو پنهنجي ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو آهي ته جديد سنڌي ادب جي حوصله افزائيءَ ۽ قدردانيءَ خاطر، مهراڻ ۾ لکندڙن کي سالانه انعام ڏنا ويندا. فيصلي موجب ان مقصد لاءِ ڪثير رقم مخصوص ڪئي ويئي آهي ۽ سال 1987ع  کان اسڪيم عمل ۾ آندي ويندي. ان مقصد لاءِ، بورڊ کي سنڌ سرڪار جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي خاص مالي اعانت حاصل هوندي.

        مهراڻ ۾ جن صنفن تي سالانه انعامن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ شاعري، ڪهاڻي ۽ تحقيقي مقالي سان گڏ سفرنامي ۽ آتم ڪهاڻي کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. مواد جي چونڊ ججن جي هڪ ڪميٽي ڪندي.

        مهراڻ ۾ لکندڙن کي سالانه نقد انعامن ڏيڻ واري هن فيصلي کي يقينا سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ساراهيو ويندو ۽ اسان کي توقع آهي ته سنڌ جا اديب ۽ شاعر جنهن محبت سان مهراڻ سان پنهنجو علمي تعاون جاري رکندا پيا اچن، تنهن ۾ خاطر خواهه واڌارو آڻيندا.

 

آه! مومن مليرائي

        سنڌي ادب جو پراڻو مخلص خدمتگذار شفيع محمد مومن مليرائي تازو ڪراچيءَ ۾ گذر ڪري ويو. مومن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ سان عشق ۾ بسر ڪئي. سندس ڪلام ۾ رومانويت سان گڏ وطن جي حُب جو عنصر نمايان آهي. ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ شرڪت سندس محبوب مشغلو هوندو هو. مون سچائيءَ جو مجسمو هو ۽ وفاداري سندس خاص شيوو هو. سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد ”ڪردار“ جي حيثيت ۾ مومن سدائين يار رهندو. شال رب پاڪ مغرفت سان نوازي.                  - - ن. ا. ش.

 

عشق اَجهل اچي ڪيو اسان کي،

دين ڪفر کون ڌار ميان!

صاف صفائي سير اسان جو، رمز رندي رفتار ميان.

مستي موج جي مئي کان ڪيا سي، اناالحق اقرار ميان.

ننگ ناموس کان ويا سي نڪري، سَرپا پرهه جا بار ميان.

بيخود هنيو سي نينهن جو نعرو،ٿي”نجف علي“نروار مياڻ.

--- نجف علي

شاعريءَ جو ڀاڱو

 

----------------------------

       ”هڪ باڪمال شاعر جي ڪلام ۾ فن ۽ فڪر جا ڪيئي متنوع پهلو ملي سگهن ٿا، جن تي صوري ۽ معنوي خيال کان اهو ڪلام مشتمل ٿئي ٿو. ڪٿي سوز و گداز ٿئي ٿو ته ڪٿي زندگيءَ جو رازو نياز ٿئي ٿو، ڪٿي حسن و عشق جي آويزش رهي ٿي ته ڪٿي زندگيءَ جي لاينحل مسئلن جي عقده ڪشائي ٿئي ٿي. ڪٿي زندگيءَ جا ڪيئي لطيف پهلو، رمزيت ۽ ايمائيت سان بيان ٿين ٿا، ڪٿي نغمهء عيش ملي ٿو ته ڪٿي صداي ماتم ٻُڌجي ٿو. ڪٿي خيال جي ندرت ۽ جذبات جي شدت ملي ٿي ته ڪٿي محاڪات جي طلسم بندي ملي ٿي. ڪٿي ڪائنات جا اسرار واشگاف ڏسجن ٿا ته ڪٿي ماحول جي ترجماني ملي ٿي. ڪٿي منظر نگاري ۽ جذبات نگاريءَ جو خوش ڪن ۽ پرجوش انداز ملي ٿو ته ڪٿي تهذيب ۽ تمدن جا ڪارناما ملن ٿا ۽ ڪٿي باطل شڪنيءَ ۽ حق پرستيءَ جا خيالات ملن ٿا. بهرحال، شاعر ۽ ان جو غور ۽ فڪر، خيالات ۽ جذبات جي هڪ لامنتهائي دنيا تي حاوي نظر اچي ٿو.

---- غلام محمد ”گرامي“

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ“

 

ڪافي

ڏهنايون ڏاڍيون ڏيئي،

يار ڏياري ياد پراڻي.

جاني سان جت اکيون اٽڪيون،

سيني اندر سڌيون سورهه سٽڪيون،

قرب ڪيا تن ڪيئي،

سهڻي صورت ساهه سيباڻي.

 

ماکي مصري کان وڌ گفتا،

سي پڻ موتي سڀ ناسُفتا،

ڪَلّ پرين جي پيئي،

منهنجي وٽن دل مفت وڪاڻي.

 

دردن دل ۾ ديرا لاتا،

اڌما اُٿڻ لئه آتا آتا،

نينهن ڇڏيو اُت نيئي،

قرب واري جت آهه ڪهاڻي.

 

بي زر طالب مولا وڪاڻل،

مالڪ جنهن جو رمز ۾ راڻل،

لکن ڪروڙن کي ئي،

زير ڪيائين سمجهي سڃاڻي.

(11  -õ مارچ 1987ع، هالا)

تنوير عباسي

نظم

 

ڪاوڙياسين - ڌار ٿياسين

پنهنجو پنهنجو رستو ڏيئي

پنهنجي پنهنجي گهر پهتاسين

گهر پهچي ۽ پڇتايوسين

ٿوريءَ دير پڄاڻان

ٻئي هڪٻئي کي پرچائڻ جي لئه نڪتاسين

۽ وچ رستي تي ٽڪرياسين

۽ هڪٻئي کي ٻک وڌاسين

ڪاوڙياسين

  ۽ پرتاسين

 

امداد حسيني

 

ترائيل

(1)

مون اڃا ياد ڪيو پئي ته اچي ويئين تون

اِي چمتڪار نه آهي ته ٻيو ڇا آهي

انگ ۾ رنگ ڀري ڪيئن رچي ويئين تون

مون اڃا ياد ڪيو پئي ته اچي ويئين تون

 

تيلي ٻاريندي ئي مچ جيئن مچي ويئين تون

پيار اُپڪار نه آهي ته ٻيو ڇا آهي

مون اڃا ياد ڪيو پئي ته اچي ويئين تون

اِي چمتڪار نه آهي ته ٻيو ڇا آهي

 

 

(2)

مان به اهو، تون به اهائي ساڳي

ساڳيو شهر، گهٽيون ۽ رستا

ساڳيا موڙ جدائي ساڳي

مان به اهو، تون به اهائي ساڳي

 

۽ اهي پاڻ توائي ساڳي

ساڻ هوندي به ٻئي تن تنها

مان به اهو، تون به اهائي ساڳي

ساڳيو شهر، گهٽيون ۽ رستا

 

نواز علي ”شوق“

 

›

 

مٿي هر شيءِ کان آهي مرتبو دل جو،

رهي ٿو ڇو جو توسان رابطو دل جو.

 

وفا نا آشنا، پابند رسمن جو،

ڀلا سمجهي سگهي ڇا درد ڪو دل جو.

ازل کان مان ٿيس تنهنجو ۽ تون منهنجو،

ٻين سان پو ڀلا ڇا واسطو دل جو.

گهريو ٿي دل ته ونڊجي قرب هڪٻئي سان،

وڻيو توکي نه پر هي فيصلو دل جو.

پري ٿئين تون ته ويراني وڪوڙي وئي،

ڪري وئين ختم سارو سوجهرو دل جو.

ويو راهِ وفا ۾ بي خطا لٽجي،

نه پهتو ماڳ تي هي قافلو دل جو.

 

مخدوم محمد امين ”فهيم“

 

ڪافي

گڏ ڪا گهڙي گهار.... وڻجارا

وڃ نه ولهيءَ کي وَرَ تون وساري.

 

منهنجو تون ئي مٺا، ڄاڻي خالق خدا،

مهر ڪري مٺيءَ تي، جانب ٿي نه جدا،

ٻيڙا وجهه مَ ٻار.... وڻجارا.... وڃ نه خدارا منٺار ماري.

 

جيئري جدا تون ڪري،پيارل وڃ نه پري،

منهنجي سوا تو سڄڻ،ساعت ڪيئن سري،

وارث وَر مَ وسار...وڻجارا...تنهنجي پيارا پيس پناري.

 

دلبر ديس ڇڏي،لالڻ وڃ نه لڏي،

ڌارين ڌار ڪري،ڇولي هيئن ڇڏي،

پيارا پرينءَ پار...وڻجارا...وڃ نه خدارا ڳڻتين ۾ ڳاري.

 

تنهنجي ته پيارا پرين، آخر ڌار سري،

آءٌ جدا ٿي مٺا، وينديس مفت مري،

هئه هئه هئن نه وسار...وڻجارا...دردمنديءَ جي دلڙي ڌتاري.

 

آهي ”امين“ سدا، جهوريءَ جيءَ اندر،

لاهين متان مٺڙا، مون تان مهر نظر،

جڏڙو جيءُ جيار...وڻجارا...تنهنجي تڳان ٿي سهڻل سهاري.


 

شبير ”هاتف“

غزل

رندن هٿان ڪڏهن به نه مئي وئي نه جام ويو،

ماهِ صيام آيو ۽ ماهِ صيام ويو.

جو پل غمِ حبيب ۾ گذريو حلال ٿيو،

جو پل غمِ حبيب ري گذريو حرام ويو.

بيشڪ اهوئي ٿيندو دو عالم ۾ سرخرو،

جيڪو دريارِ يار ۾ بي ننگ و نام ويو.

لحظي ۾ لڙهه لهي ويا پل ۾ لٿام پور،

هڪ ڀيرو بس حضور ڏي منهنجو سلام ويو.

هر چوڏهين ته اوڻٽيهين وانگي ٿي لڳي،

مون کان رُسي جڏهن کان هو ماهِ تمام ويو.

بيشڪ هُتي هو پيار جو دريا روان دوان،

مون جهڙو بدنصيب مگر تشنه ڪام ويو.

پڃري ۾ جي ملي ته ملي ڪنجِ عافيت،

ٻاهر ته هر قدم تي وڇائي ڪو دام ويو.

هن ڪاغذي گلن جي زماني ۾ اي نديم،

لاله بجاءِ جڳ کي وڻي لاله فام ويو.

بزم سخن الائي ڪڏهن هوش ۾ اچي،

هاتف ته خير سان پڙهي پنهنجو ڪلام ويو.

 

 

احمد خان ”آصف“

›

 

پرينءَ جي پيار جي قيمت ئي ڪانهي،

ڪنهين وٽ ايتري دولت ئي ڪانهي.

 

شهنشاهت ڇڏي ايڊورڊ هشتم،

پرينءَ جي پيار جي قيمت ئي ڪانهي.

ڀلي حورون پريون غلمان ٿين گڏ،

سندس صورت جو مٽ صورت ئي ڪانهي.

نه حورن کي جي اجرڪ هوندو اوڍيل،

اها جنت به ڄڻ جنت ئي ڪانهي.

اچي يا پاڻ وٽ مون کي گهرائي،

مگر منهنجي اها قسمت ئي ڪانهي.

”ڪجي ڪو قرب ۽ اچجي گهڙي پل“،

چيائين ڇا ڪجي! فرصت ئي ڪانهي.

عذار ان جا هِنن سان ڪيئن ڀيٽيان،

گلابن ۾ اها رنگت ئي ڪانهي.

سدا پرچار پرچڻ جو ڪريان پيو،

رسڻ جي پاڻ کي عادت ئي ڪانهي.

ويو ”استاد احسن“، ڪر تياري،

اي ”آصف“ موت کان مهلت ئي ڪانهي.


 

”عنايت“ بلوچ

غزل

انسان پاڻ تي جي مهربان ٿي پوي،

هر درد بي پناهه جو درمان ٿي پوي.

جي ناز جي نگاهه جو احسان ٿي پوي،

جيون جي رنگ روپ جو امڪان ٿي پوي.

هُن جي هجڻ سان سونهن ۽ سرهاڻ هرطرف،

سنسار هن بغير ٿو سنسان ٿي پوي.

مذهب ۽ رنگ نسل جا ويڇا وڃن هليا،

انسانذات شل وري انسان ٿي پوي.

انسان جو ضمير جي بيدار ٿي پوي،

ڪيڏو نه ڪائنات تي احسان ٿي پوي.

ٿو ڪير ڪنهن جي واسطي جهوريءَ جهڄيءَ، جلي،

مطلب لئه هر ڪو اڄ ٿو پريشان ٿي پوي.

 

”تاج“ بلوچ

 

دار تي رقص ڪن، منهنجا ماروئڙا،

زهر مُرڪي پيئن، منهنجا ماروئڙا.

شير دل، پيلتن منهنجا ماروئڙا،

جن کان ڏونگر ڏڪن، منهنجا ماروئڙا.

جن کي سر سان ڪفن منهنجا ماروئڙا،

جي مري ٿا جيئن، منهنجا ماروئڙا.

رت ريٽا رهن گهاءَ سيني مٿن،

پو به اڳتي وڌن، منهنجا ماروئڙا.

هي جي اٿلي پون، ٿيون ڪٽاريون ڪنبن،

صف شڪن، تيغ زن، منهنجا ماروئڙا.

ائين مرڪي ملن جيئن مکڙيون ٽڙن،

روح جن جا چمن، منهنجا ماروئڙا.

گيت گونجار ڪن، روح سرشار ڪن،

اهڙا گفتا ڪڍن، منهنجا ماروئڙا.

تاج هيڪر اچن خوشبو اوتي وڃن،

گلبدن گلبدن، منهنجا ماروئڙا.

 

”استاد“ بخاري

غزل

گهڻو اداس نه ٿي جو اُجهائجي نه وڃين!

وڏو جهان آ غم جو وڃائجي نه وڃين:

اسان سان حُورَ، خواب ۾ به بي حجاب نه ٿيءُ!

نِڪور ٿانءُ ته آهين، اُمهائجي نه وڃين.

رکين ته چنڊ سان رک چاهه،ڏي ڇڏي تارا،

متان هزار ذريون ٿي ورهائجي نه وڃين.

چڪور چنڊ کان، مجنون خان، ليليٰ کان،

ته تون به سونهن کان ڪاٿي ستائجي نه وڃين.

او چاهه، چنگ نه ٿي جو ڀُليا وتن چارڻ،

کڄي، امير جي دَر تي وڄائجي نه وڃين.

بچيو ته ڪجهه به ”بخاري“ نه آ، مگر اي دل،

اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين.

 

مظفر حسين ”جوش“

حمد باري تعاليٰ

اي خالق و اي صاحبِ الطافِ عميمي،

هر وقت نگاهن ۾ وسي تنهنجي ڪريمي.

تون عالمِ و اعليٰ و قدير آهين ازل کان،

هر شئي مان آهي جلوه نما تنهنجي قديمي.

تو پنهنجي نيابت به ڏني مون کي زمين تي،

۽ ان سان ڏنئه مون کي وري ذوقِ اثيمي.

رنگِ گل و لاله و ضيائي مهه و انجم،

هر رنگ مان جهلڪي ٿي فقط تنهنجي وسيمي.

هر سوزِ درون بنجي ويو منهنجون تجسس،

هڪ ڪربِ مسلسل ٿي پئي منهنجي فهيمي.

مون کي به عطا جراتِ اظهار ٿئي مولا،

مون کي به ملي تابِ ڪلامي و ڪليمي.

دل آهي گرفتار بلا دنيا ۾ ليڪن،

هڪ باعثِ تسڪين آهي تنهنجي رحيمي.

اي ”جوش“ مون کي تخت نه ڪي تاج ٿو گهرجي،

شاهي کان به وڌ آهي، مون کي فرشِ گليمي.

 

 

سدا رنگاڻي ”خادم“

رباعيون

دم دم ٿو لهين سار، سٻاجها سائين،

چئو، ڪيئن چوان، مون ۾ سمايل ناهين،

تو دل ۾ ضرور آهه بڻائي ڪا جاءِ،

جي ائن نه هجي، سڀ ڳجهه ڪئن ٿو ڄاڻين؟

جان جانِ ۾ جانِ آهه، دل ۾ ايمان،

در تنهنجو مٽيندس ڪئن، اي جان جهان،

اهڙو نه سُجهي، ڦَٽ جو ڇٽائي دل جا،

هر درد جو ويڄ! تون ئي آهين درمان!

ڪنهن هنڌ نه مسڪين جي حاجت ٿي روا،

خادم نه وري دل جي دکن جي ٿِي دوا،

مسڪيني، مجبوري ۽ ڦٽ جهونا،

داتا! نه سُجهي ملم سندءِ ٻاجهه سوا.

ڪيڏو به کڻي هجان گنهگار عظيم،

ڇا منهنجي بگاڙيندو شيطان رجيم؟

رحمت جو ڪري قول، پو خلقيو تو گناهه،

ڪهڙو نه ڪريم آهين، ڪهڙو نه رحيم.

ڪئن بار بَدين جا کڻي سر تي دائم،

دنيا جي ڌٻڻ مان پهچندس سالم؟

ٿا پاڻ ڇڏائڻ سان وڌ ڦاسن پير،

ساڻي ٿي خدا، تنهنجو ئي آهيان خادم.

ويجهو ٿي ونين کان به اچين ڇو نه نظر،

هيڏو ته تون وڏو، پو به پيم ڪانه خبر،

مر مون کي وڏي واڪي ڪوٺين، مالڪ!

ڪئن ٻوڙو ٻڌي، گونگو وراڻي ڪنهن پر؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com