سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1,2-  1993ع

مضمون

صفحو :15

سنڌي ادبي بورڊ 1985ع.

46. پيغام لطيف، ص 17 ۽ ص 64.

47. جامع سنڌي لغات، جلد 1، ص 394، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1960ع.

48. حافظ احسن چنه: مخدوم بلال عليه الرحمة“، ص 14، سال 1955ع.

49. مخدوم امير احمد: ”سر زمين سنڌ ۾ علم حديث“، مترجم عبدالرسول قادري، ص 34، الرحيم، جولاءِ آگسٽ 1987ع.

50. مطالعو سنڌ جو، ص 61.

- ان هوندي به پنهور صاحب راءِ ڏئي ٿو ته هن مسئلي تي سنجيده سائنسي تحقيق ٿيڻ کپي (ڪرانالا جيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، ص 382). ليڪن هن سوال کي مسئلو بنائي پاڻ واويلا وڻڪار نه ٿو ڪري.

51. انصار زاهد خان: ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“، 29، رايل بڪ ڪمپني ڪراچي 1980ع.

52. ساڳيو ڪتاب، ص 281.

53. ساڳيو ڪتاب، ص 323 ۽ حاشيو ص 320.

54. مون اهڙي مختصر روئداد برصغير جي تاريخ جي حوالي سان اڳ ۾ شايع ڪرائي (عبرت ميگزين، نومبر 1992ع وارو پرچو).

55. i. ڪي. آر. ملڪاڻي: ”دي سنڌ اسٽوري“، ص 42، نيو دهلي 1984ع.

  ii. ساره انصاري: ”صوفي سئنتز اينڊ اسٽيٽ پاور: د پيرس آف سنڌ“، ص 30، وين گارڊ لاهور 1992ع.

 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

ٿر ۾ جين ڌرم

هندستان ۾ هندو ڌرم جي رد عمل ۾ ٻه تحريڪون وجود ۾ آيون: ٻُڌ ۽ جين، جن اڳتي هلي ٻن جدا جدا ڌرمن جي صورت اختيار ڪئي، يعني ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وجود ۾ آيا، جين جي تحريڪ، ٻڌ ڌرم جي همعصر آهي، پر ٻڌ ڌرم جي تحريڪ جين ڌرم کان ٽيهه سال پوءِ شروع ٿي. ٻڌ ڌرم، هندستان کان سواءِ ٻاهرين ٻين ملڪن ۾ به ڦهليو، جهڙوڪ: چين، جپان، ٿائلينڊ وغيره. البت جين ڌرم هندستان کان ٻاهر ڪونه ويو ٻڌ ڌرم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو ۽ سنڌ جي رهواسين جي وڏي اڪثريت ٻڌ ڌرم قبول ڪيو. ان جي ڀيٽ ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ فقط ”ٿر“ ۾ ملن ٿا. ٿر ۾ جين ڌرم جي آثارن ۽ اهڃاڻن جو احوال ڏيڻ کان اڳ ۾ ضروري آهي، ته جين ڌرم تعارف ڏنو وڃي.

ڌرم- نيتا جين ڌرم جي عقيدي موجب: جين ڌرم تمام پراڻو ڌرم آهي موجوده جين ڌرم جي باني ”مهاوير“ کان اڳ ۾ ٽيويهه ڌرم- نيتا ٿي گذريا آهن، جن مختلف زمانن ۾ جين ڌرم جو پرچار ڪيو، جين ڌرم جي روايتن موجب انهن جون عمريون ناقابل يقين حد تائين طويل هيون، ۽ هو انتهائي ڊگهي قدر وارا هئا. انهن جا نالا هي آهن:

(1) رشڀ ناٿ (2) اجيت ناٿ (3) ساميون (4) انڀيون (5) سُمهي (6) پدم پرڀار (7) سُپرَشو (8) چندر پرڀا (9) پشپ دلت (10) سيتل (11) شري انشاناٿ (12) واسو پوجيه (13) وِمل (14) اننت (15) ڌرم (16) شانتي (17) ڪنٿو (18) ارا (19) تلي (20) مُني سورتَ (21) نِمي (22) نيمي (23) پارسوناٿ.

هڪ روايت موجب مٿين ڌرم جي نيتائن مان يارهون نمبر ڌرم- نيتا يا ”ٿر ٿئڪر“ شري انشاناٿ جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. هن سنڌ ۽ هند ۾ پنهنجي ڌرم جو پرچار ڪيو ۽ اولهه بنگال ۾ پراڻ تاڳيائين هن جو زمانو 15 سؤ سال عيسوي سن کان اڳ جو آهي(1).

مهاوير:

جين ڌرم جي عقيدي موجب، موجوده جين ڌرم جو باني ”مهاوير“ آهي؛ مهاوير جو اصل نالو ”ورڌماڻ“ هو. سندس پيءُ جو نالو ”سرهارته“ هو، جيڪو ”ڪندا پور“ ۽ ”تير ساله“ جي قبيلي ”جڻات“ جو راجا هو. انهيءَ ڪري، ”مهاوير“ کي ”ورڌماڻ جڻا تپترا“ (2) سڏيو ويو. هو ”وديها“ جي گادي جي هنڌ ”ويسامي“ ۾ ڄائو. جين ڌرم جي روايتن موجب هن جو ديهانت 545 ق.م. يا 467 ق. م. ۾ ٿيو (3) ٻئي اندازي موجب هو 599 ق.م. ۽ 527 ق. م. جي وچ واري زماني ۾ جيئرو هو (3) انهيءَ زماني ۾ هندستان ۾ گوتم ٻڌ، چين ۾ ”ڪنفيوشس“ ۽ ”لائوزي“؛ ايران ۾ زرتشت ۽ عربستان ۽ فلسطين ۾ حضرت اسماعيل ۽ حضرت اسحاق پنهنجن پنهنجن مذهبن جي تبليغ ۾ مصروف هئا(4).

ورڌماڻ جيئن ته وڏ گهراڻي ۾ ڄائو، انهيءَ ڪري پهرين جوانيءَ جو زمانو ڏاڍي عيش آرام، سک ۽ آسودگيءَ ۾ گذاريائين. جڏهن ٽيهن سالن جو ٿيو، ته دنيا ترڪ ڪري، ٽيويهين ڌرم- نيتا پرسوناٿ جو طريقو اختيار ڪيائين. ٻارهن سال اگهاڙو رهيو، ۽ راهبانه زندگي اختيار ڪيائين؛ انهيءَ زماني ۾ جهنگن ۾ گهمندو ۽ رلندو رهيو. جانورن ۽ مــاڻهن جــي ڌڪــن ۽ ٿاٻــن جــي ڪــري سندس جسم کي ڪيترائي زخم رسيا. پنهنجي جان تي ڏک ۽ سور انهيءَ ڪري سٺائين، ته جيئن هن کي پنهنجي جسم ۽ نفس تي ضابطو ٿئي.

جڏهن هن کي يقين ٿيو ته کيس پنهنجي پاڻ تي ضابطو ٿي ويو آهي، ته تڏهن هو رياضت جي تيرهين سال سماجي زندگيءَ ڏانهن موٽي آيو؛ ۽ ڌرم نيتا ٿي، پنهنجي ڌرم جو پرچار شروع ڪيائين. هن هڪ غير معروف وستي ”جو ڀاڪاگرام“ (اجو پالگا درياءُ جي ڪناري تي آباد هئي) ۾ اچي ديرو دمايائين، ان وقت کيس حقيقي گيان حاصل ٿي چڪو هو، جنهن کي ”ڪيول جتاتا“ سڏيو ويندو هو. هن نئين مذهب ”نرگنٿا“ جو پرچار شروع ڪيو، جنهن کي عام طرح ”جين ڌرم“ سڏيو ويو؛ جين جو مطلب آهي ”فاتحن جو ڌرم“ جين ڌرم جي فرقي ”سيويتامبرا“ موجب نسبت سن 470 سال کان اڳ پرچار شروع ڪيو. ”ڊگمبرا“ فرقي موجب هن نسبت سن 605 سال کان اڳ پرچار شروع ڪيو(5) هن ٽيهه سال پنهنجي ڌرم جو پرچار ڪيو، ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجو پوئلڳ بنايو. ان سلسلي ۾ هن انڪار ديها ۽ مگڌ جو سفر ڪيو. مگڌ جي مشهور حڪمران ”ميسيسار“ ۽ ان جي پُٽ اجاتا استروءَ سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪيائين. جين توڙي ٻُڌ روايتون انهن ٻنهي حڪمرانن کي پنهنجي پوئلڳ ۾ شامل ڪن ٿيون. انهن کان سواءِ ٻين علائقن جي راجائن شان به مليو. ۽ ڌرمي پرچار ۾ چئن راجائن جو سهڪار حاصل ڪيائين. اهڙي طرح هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هي ڌرم ڦهليو، ۽ ڪن هنڌن تي وڏو اثر حاصل ڪيائين. مهاوير 72 سالن جي عمر ۾ ڏکن بهار جي شهر ”پارا“ ۾ پران تياڳا.

جين ڌرم جا متا:

ان زماني ۾ ”نرواڻ“ جو مسئلو مشهور هو. مهاوير ”نرواڻ“ جا ٻه طريقا بيان ڪيا؛ سلبي ۽ ايجابي سلبي ذريعو هي آهي، ته پنهنجي دل مان هر قسم جون خواهشون ۽ تمنائون ڪڍي ڇڏي؛ ڇاڪاڻ جو خواهشون ۽ تمنائون ڏک ۽ غم جو باعث بڻجن ٿيون. مهاوير جي سکيا موجب نرواڻ جو ايجابي طريقو هي آهي، ته انسان جا عقيدا، عمل ۽ علم صحيح هجن. هن عملن جي درستگيءَ جو بنياد هيٺين پنجن ڳالهين تي رکيو آهي:

(1) اهمسه (آزادي) يعني ڪنهن به ساهواري کي نه مارجي ۽ نه تڪليف ڏجي.

(2) ستيام يا سڌو رستو: سڌي رستي هلجي، ڪنهن کي به نه ڏکوئجي، ۽ هر ڪنهن سان ميٺ محبت سان هلڻ گهرجي.

(3) استيام: چوري ۽ پرماريت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. حلال روزي ڪمائجي ۽ ٻين جا حق نه ڦٻائجن.

(4) برهمچاريام: (پاڪدامني) يعني پاڪائيءَ واري زندگي گذارجي.

(5) اپري گرام: (مادي لذتون) يعني حواسن: ٻڌڻ، ڏسڻ، سگهڻ ۽ چکڻ کي قبضي ۾ رکڻ. انهيءَ ڪري جو مادي لذتون، انسان جي گمراهيءَ جو باعث بڻجن ٿيون.

جين مت ڪنهن مافوق الفطرت تخليق ڪندڙ قوت جا قائل نه آهن. هنن جي جي عقيدي موجب خدا، انسان جي روح ۾ سمايل لياقتن ۽ صلاحيتن جي جدا، تڪميل ۽ اظهار جو ٻيو نالو آهي. هماوير ويدن جي نظر ۾ روح جو به مخالف آهي. هن اها سکيا ڏني، ته انسان کي، ڪنهن انسان يا ڪنهن شيءِ جي پوڄا نه ڪرڻ گهرجي. بلڪ هو پنهنجي خواهشن کي ضابطي ۾ رکي زندگي گذاري، ڪنهن کي به ڏک نه ڏئي، ۽ نه ڪنهن جي پوڄا ڪري مطلب ته هن بت- پوڄا، انسان يا ڪنهن ٻي شيءِ جي پوڄا کان روڪيو. ان هوندي به بعد ۾ سندس پوئلڳن سندس بت ٺاهي انهن جي پوڄا شروع ڪئي؛ البت ساهوارن کي مارڻ يا تڪليف نه ڏيڻ جي اصولن تي جين ڌرم جا پوئلڳ اڄ تائين قائم آهن. هو ڪنهن به ساهواري جو گوشت نه واپرائيندا آهن؛ وات ۽ نڪ تي سنهو ڪپڙو ٻڌندا آهن، ته جيئن ڪو تمام ننڍو ساهوارو به وات ۽ نڪ ۾ هليو نه وڃي؛ ۽ پيرين گهاڙا گهمندا آهن، ته متان ڪو جيت جڻيون جتيءَ جي زور تي چيڀاٽجي مري نه وڃي.

جين ڌرم جا فرقا:

 چندر گپت موريا جي زماني ۾ ڪپڙن پائڻ جي مسئلي تي، جين ڌرم جا ٻه فرقا ٿيا، هڪ فرقي جو نالو سويتامبر آهي. هن فرقي وارا اتر هندستان ۾ رهائش پذير آهن، ۽ سفيد ڪپڙا پائيندا آهن. ٻيو فرقو ڏکڻ هندستان ۾ رهي ٿو، ۽ ان جو نالو ”ڊگمبر“ آهي. هي ڪپڙا بلڪل نه پائيندا هئا ۽ اگهاڙا رهندا هئا. مسلمان جڏهن ڏکڻ هندستان جا علائقا فتح ڪيا. ته هنن ڊگمبر فرقي وارن کي ڪپڙن پائڻ تي مجبور ڪيو (6). هڪ پراڻي فوجيءَ، جيڪو انگريزن جي زماني ۾ ڏکڻ هندستان ۾ ملازمت دوران رهيو هو؛ ان ٻڌايو، ته هي ماڻهو گهر کان ٻاهر ته ڪپڙا پائي هلندا ۽ ڪم ڪندا آهن، پر گهر ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪپڙا صفا لاهي ڇڏيندا آهن ۽ اگهاڙا رهندا آهن؛ پوءِ توڙي جو ڪيڏا به پڙهيل ۽ ڪيڏي به وڏي ملازمت وارا ڇو نه هجن.

”ڀدر باههُ“ ڊگمبر فرقي جو وڏو پيشوا ٿي گذريو آهي، جنهن جي ديهانت 357 ق.م. ۾ ٿيو. سنه 83ع تائين هي فرقو اوج تي هو. انهن ڏينهن  ۾ هن  فرقي  جو  پيشوا  ”سوڀوتي“

هو.(7)

هنن ٻن مکيه فرقن مان، وقت پٽاندر ٻيا فرقا به ٺهندا رهيا؛ جهڙوڪ کرتر: هن جو بنياد ”ورڌماڻ“ جي شاگرد ”جنسيور“ 967ع ۾ وڌو. البت ڌرم ساگر، ”جيندت آچاريه“ کي ان فرقي جو بنياد وجهندڙ سڏي ٿو(8)

ائوچل گچيڇ:

هن فرقي جو بنياد 1104ع ۾ پيو، جيڪو ”چندر گچيڇ“ فرقي جي شاخ هو(9).

پرڻي يڪ پڪش:

چـندر پـرڀـا آچـاريـه، چـتـر درسـيـا پـڪـش“ جـو جــڏهــن جاءِ نشين ٿيو، تڏهن هن نئين فرقي پرڻي يڪ پڪش“ جو بنياد وڌو (10).

لمپاڪ:

هن فرقي جو بنياد 1451ع ۾ پيو هن فرقي جي شاخ ”وشڌر“ جو بنياد 1477ع ۾ پيو. 1511ع ۾ ”لمپاڪ“ فرقي جي ٻي شاخ ناگپوريا جو بنياد روپ رشيءَ وڌو هو. مالساوڊ“ ڳوٺ جو رهاڪو هو. هن جي پوئلڳن پنهنجي لاءِ ”ناگپوريا“ نالو اختيار ڪيو. انهيءَ ڪري، ته جيئن هنن کي ”اندر“ ڳوٺ جي ”روپ“ رشيءَ جي پوئلڳن کي کان الڳ حيثيت حاصل رهي (11)

ڪٽڪ:

هن فرقي سنه 1507ع ۾ ترقي ڪئي (12).

پاسچندر:

 هن فرقي جو بنياد 1515ع ۾ پيو (13)

جين ڌرم جا ڪتاب:

چوٿين صدي قبل مسيح جي آخر ۾ ڏکڻ بهار ۾ ڏڪر پيو، جنهن ڪري ”ڀورڀا هُم“ جي اڳواڻيءَ جي جين ڌرم وارن جو وڏو انگ ميسور ۽ ان جي پسگردائي ۾ وڃي آباد ٿيو. جيڪي جيني ”پاتيلي پترا“ ۾ رهيا، انهن هڪ ڪائونسل قائم ڪئي، ته جئين مقدس ڪتابن کي نئين سر مرتب ڪيو وڃي. هن ڪائونسل ”ٻارهن انگس“ ڪتاب تيار ڪيا. سويتا مبر فرقي جي راويتن موجب ڪائونسل جو تيار ڪيل ”انگنس“ جو مجموعو ”ڀدر باههُ“ جي پيشوائيءَ جي ڏينهن ۾ مرتب ٿيو هو (14). سنه 139ع ۾ جين ڌرم وارن پنهنجون ڌرمي ڳالهيون لکت ۾ آنديون. هنن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي، ته اصل ۾ اهي اڳالهيون 545 ق. م. ۾ لکيون ويئون هيون، جيڪي وري نئين سر لکيون ويئون آهن. 453ع ۾ ڌرمي ڪتابن تي آخري نظرثاني ڪئي ويئي. ان مقصد لاءِ ”ولي ڀائي“ گجرات ۾ ڪائونسل قائم ڪئي. انهيءَ ڪائونسل جي ”دور ڌيگڻن“ ۽ ڪشما سرمڻ جين مت جا سمورا متا گڏ ڪري انهن کي ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪيو(15)

آساڌر ولد سلڪشن، ”سپاد لڪش“ جو رهاڪو هو. هن 1235ع التمش جي ڏينهن ۾ اهو علائقو مسلمانن فتح ڪيو، ته هو ”مالواهه“ ۾ اچي رهيو. هن اتي جين ڌرم جا متا سکيا، ۽ جين مت جي سکيا بابت ”ترشش ٽسمڙتي“ نالي ڪتاب لکيو (16).

مطلب ته جين ڌرم جي لکيتن کي ”انگس“ سڏيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: قاعدا يا هدايتون. انهن کي ”سڌانت“ به چيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي خزانا. پهرين ”انگا“ کي ايارانيه سوتر“ سڏيو ويندو آهي. اصل ۾ انگس (جسمن) جو تعداد ٻارهن هو: پر انهن مان يارهن ملن ٿيون ٻارهين گم ٿيل آهي. ٻي انگا جو نالو ”سو تر ڪِر ترتڻگا آهي. ٽين مکيه انگا“ ”اتراڌياڻ سوتر“ آهي. مستند انگس جي تعداد بابت جين ڌرم جي فرقن ۾ اختلاف آهي، ”سٿنڪواسي“ فرقي موجب فقط 33 انگس مقدس ۽ مستند آهن. ”سويتمامبر“ فرقي موجب مقدس انگس جو تعداد 45 آهي، باقي ٻيا فرقا 84 انگس کي مقدس ۽ معتبر ليکين ٿا. انگس، ان علائقي جي پراڪرت (پالي) ۾ لکيل آهن ۽ انهن جي شرح سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل آهي (17) ڪن انگس جو ترجمو ڏجي ٿو.

”جيڪو ماڻهو ساهوارن کي ايذائي ٿو، ان ڌرم جي حقيقت کي نه سمجهيو، ۽ ڏوهه جا ڪم نه ڇڏيائين، جيڪو ماڻهو ساهوارن کي تڪليف نه ٿو ڏئي، ان ڌرم جي اصولن کي سمجهيو، ۽ ڏوهه گناهه ڄڻ ڇڏي ڏنائين. ڄاڻي ٻجهي سياڻي ماڻهوءَ کي ساهوارن کي ڏکوئڻ نه گهرجي. نه فقط ايترو، پر هن کي ٻين لاءِ به اهڙن ڏوهن ڪرڻ جو سبب پيدا ڪرڻ نه گهرجي؛ ۽ ٻين کي اهڙين خطائن ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي جيڪو ماڻهو ساهوارن کي ايذائڻ وارن ڏوهن جا سبب ڄاڻي ٿو، اهو نرواڻ وارو آهي.“ (18)

موجوده دور ۾ ڪن هنڌن تي جين ڌرم وارا ۽ هندو ڌرم وارا هڪٻئي سان ملي ويا آهن. اردو ادب جو جڳ مشهور محقق ڊاڪٽر گياچند (لکنو) پنهنجي اتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي، ته سندس خانداني ڌرم جين آهي. لکي ٿو:

منهنجو خانداني مذهب جين، ذات نريش اگرول ۽ گوتر گويل آهي. منهنجي والده، زال نياڻو وغيره جين هندو آهن. منهنجي هڪ نُهن سک آهي.“

جين مندر:

مهاوير جي سکيا آهي: پنهنجو پاڻ پَلڻ نفساني خواهشن کي قبضي ۾ رکڻ، ۽ رهبانيت جي زندگي گذارڻ. هن ڪنهن به پوڄا جي سکيا نه ڏني. انهن ڳالهين لاءِ ڪنهن به عبادت گهر جي ضرورت نه آهي. اهوئي سبب آهي، جو شروع واري زماني ۾ جين مت لاءِ پوڄا لاءِ مندرن وغيره جي ڪوبه نشان نه ٿو ملي. بعد ۾ مندر تعمير ڪيا ويا، جنهن ۾ مهاوير جو بت رکي، ان جي پوڄا جو ڪوبه نشان نه ٿو ملي، بعد ۾ مندر جي تعمير ڪيا ويا، جنهن ۾ مهاوير جو بت رکي، ان جي پوڄا شروع ڪئي وئي، ڪجهه وقت کان پوءِ اڳين ٽيويهن ڌرم- نيتائن جا بت به مندرن ۾ رکيا ويا. پنج سؤ سال اڳ جينين تحريڪ هلائي، ته جين ڌرم موجب بتن جي پوڄا ڪرڻي نه آهي، انهيءَ ڪري جيني مندرن مان بت ڪڍيا ويا.

اولهه ڀارت، راجسٿان ۽ سنڌ جي ٿر ۾ جين ڌرم جا ڪيترائي مندر آهن. جين ڌرم جي پوئلڳ وڏي شاهوڪار واپاريءَ ”ومل شاهه“ 1032ع ۾ ”ڌئل واڍا“ ۾ جين ڌرم جو مندر ”وڙشپ ديو“ تعمير ڪرايو. (19) جهوناڳڙهه جي ڀرسان گرنار ۾ جين ڌرم جا 16 مندر آهن، جيڪي قلعه نما نظر ايندا. وڏي مندر جو نالو ”نيميناٿا“ آهي هنن مندرن مان ڪن مندرن جي درن تي ديوناگري لپي ۾ عبارتون به تحرير ٿيل، جن ۾ ڪي عبارتون تمام وڏيون آهن. (20) اهي عمارتون پراڪرات ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ آهن انهن عبارتن ۾ رامائڻ، مهاڀارت، ڪرشن ۽ پانڊون ڏانهن اشارا به ملن ٿا (21) ”آبو“ جي آس پاس به مندر آهن.

ٿر ۾ جين ڌرم جا مندر:

پارڪر، جين وارن جو وڏو اهم مرڪز هو. پاري نگر ۾ گوڙي جا ڏهرا ۽ ستي ڏهرا جينين جا خاص مندر هئا. مندرن جي لڳ هڪ خاص جڳهه ۾ سندن پرچارڪ گڏجاڻيون ٿينديون هيون. مندرن جي ڀتين تي ڌرمي، نيتائن جون تصويرون چٽيل آهن. پاري نگر جو ڦٽل شهر ۾ جين ڌرم جي پنجن يا ڇهن مندرن جا آثار ملن ٿا، جن مان اڪثر اڇي سنگ مرمر مان ٺهيل آهن، مندرن جي پٿرن تي ڏاڍي خوبصورت اڪر ٿيل آهي. ڪن پٿرن تي ڪتبا به اڪريل مليا آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي مندر يارهين صدي عيسوي ۾ تعمير ٿيا. چٽ، تصويرون، شڪليون، جاميٽريڪل ڊزائنون ڏسڻ وٽان آهن. ڪئپٽن ريڪس انهن جي خوبصورتيءَ جي تعريف ڪئي آهي. خاص طرح سان شڪلين بابت هو چوي ٿو، ته اهي اهڙيءَ ترتيب ۽ بيهڪ سان نقش ٿيل آهن، جو مشرق ۾ ٻيو ڪٿي به مون اهڙيون شڪليون نه ڏٺيون آهن (22).

ڀوڏيسر ۾ به جين ڌرم وارن جا ڊٺل ڏهرا (مندر) ملن ٿا، جن مان ”پوڻي ڏهر“ تمام عاليشان معلوم ٿئي ٿو. ڀوڏيسر جن جين ڌرم جي پوئلڳ هڪ مائيءَ سٽ جون پوڻيون ڪتي، انهن جي اپت مان اهو ڏهرو ٺهرايو، انهيءَ ڪري ان تي نالو ئي ”پوڻي ڏهرو“ پئجي ويو، ڀوڏسير جي ڏکڻ طرف جين ڌرم وارن جا چادر اڃا ڏسڻ ۾ اچن ٿا (23).

ميرپور خاص جي ڀرسان ”ڪاهو جو دڙو“ مان به جين مندرن جا نشان مليا آهن. حيدرآباد ضلعي جي لاڙ واري حصي سان به جين مندرن جا آثار مليا آهن (24). ان مان معلوم ٿئي ٿو: قديم زماني ۾ ٿر کان سواءِ لاڙ واري علائقي ۾ به جين ڌرم جا پوئلڳ رهندا هئا.

گوڙي مندر:

ننگر پارڪر کان 28 ميلن جي مفاصلي تي ۽ ”ويرا واهه“ کان 14 ميلن جي مفاصلي تي ”گوڙي“ نالي هڪ ڳوٺ آهي. هي ڳوٺ مارئي ”ڀالوا“ کان 3 ميل اتر طرف آهي. ان جي ڀرسان ڏهر ۾ ”گوڙي جو مندر“ آهي، جيڪو 1376ع ۾ ”اوسواڙ“ ذات جي شاهوڪار “منگهي“ ٺهرايو، هن کي گوڙي جا ڏهرا به چيو ويندو آهي. (25)

اڳ ۾ اچي چڪو آهي، ته ”مهاوير“ (جين ڌرم جو باني) ٽيويهين ڌرم- نيتا ”پروسوناٿ“ جو طريقو اختيار ڪيو. ”پروسوناٿ“ کي عام طرح ”پارسناٿ“ به چيو ويندو آهي، پارسناٿ، ”گروگورکناٿ“ جو چيلو هو، کيس ”گوڙيچو“ به چيو ويندو هو. جيئن ته هن ڳوٺ ۾ ”پارسناٿ“ جا پوڄاري ”جين مت“ وارا رهندا هئا. انهيءَ ڪري هن ڳوٺ تي پارسناٿ جي گرو ”گوڙيچو“ جي نالي پٺيان ”گوڙي“ نالو پيو؛ ۽ مندر کي ”گوڙي جا ڏهرا“ سڏيو ويو (26).

هن مندر کي جيتوڻيڪ وقت بوقت نقصان رسندو رهيو آهي. ان هوندي به جيڪي آثار ۽ اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ته هي نهايت خوبصورت مندر هو، جنهن تي ڏاڍي ڪاريگريءَ سان چٽسالي ٿيل هئي. مندر جي اڏاوت، جوڙ جڪ، چٽسالي ۽ چٽيل تصويرون، تعمير ۽ چٽساليءَ جو اعليٰ نمونو پيش ڪن ٿيون.

مندر جو ذڪر ڪئپٽن ريڪس به ڪيو آهي، ۽ ان جو خاڪو به ڏنو اٿس. اهو هن مقالي جي آخر ۾ ڏنو ويو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ ته ان کي ”جين مندر“ ڪري لکيو آهي (27) ۽ خاڪي جي هيٺان وري ”گوڙي وٽ ٻڌ مندر“ ڪري لکيو اٿس. ائين ٿو معلوم ٿئي ته اها اکري ڀل آهي. انهي ڪري هت جيڪو خاڪو ريڪسن جي خاڪي تان اتاري ڏنو پيو وڃي. ان جي هيٺانءَ جين مندر ”گوڙي“ لکيو ويو آهي.

1715ع ۾ هن مندر جي مرمت ٿي هئي؛ پر ويو ڊهندو ۽ ويران ٿيندو ”تروٽ“ صاحب جڏهن علائقي جو پوليٽيڪل سپرٽنڊنٽ (1846ع کان 1871ع تائين) هو؛ تڏهن 1859ع ۾ سوڍن ننگرپارڪر ۾ بغاوت ڪئي. انهيءَ زماني ۾ “تروٽ“ صاحب مندر جي هڪ حصي کي بارود سان ڊاهي ڇڏيو. انهيءَ ڪري جو کيس شڪ هو، ته سوڍا مندر ۾ لڪي فساد برپا ڪرڻ لاءِ رٿون رٿي رهيا آهن. (28)

مندر جي ٻاهران، پر احاطي اندر هڪ ڀوئنرو (بهرو) آهي، جنهن ۾ هيٺ وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون آهن. البت هينئر ان ۾ اندر وڃڻ ڀوائتو آهي. ڪئپٽن جي، جي ولسن ان جي کوٽائيءَ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو.

مندر ۾ ڪتب آيل پٿر، سنگ مرمر ته نه آهي پر لڳ ڀڳ ان جهڙو ئي آهي؛ ڀائنجي ٿو ته هي پٿر جوڌپور کان آندو ويو هو. مندر جي عمارت جي اڳيان دالان آهي، جنهن جي ڇت گولائيءَ تي آهي ۽ پٿر جا ٿنڀا اٿس. گنبذ جي ڀرسان گول چبوترو آهي، جنهن ۾ اندرين طرف چوڌاري عورتن ۽ مردن جون تصويرون چٽيل آهن. دالان کان پوءِ هڪ وڏو صفحو آهي، جنهن جي ٻنهي طرفن کان ڇهه ڇهه ڪوٺيون آهن. انهن جون ڇتيون به گنبذ واريون آهن. پهرين صفحي کان پوءِ ٻيو صفحو به آهي، پر ان جو پٺيون پاسو ڊهي ويو آهي. ڪوٺيون ننڍيون آهن. ائين ٿو معلوم ٿئي، ته انهن ڪوٺين ۾ هڪ هڪ ساڌو ويهي، يوگ پچائيندو هو. (29)

پارسناٿ جو بت:

گودڙي مندر ۾ پارسناٿ جو بت رکيل هوندو هو. جيڪو ساڍا يارهن فوٽ ڊگهو هو؛ ۽ اڇي سنگ مرمر مان ٺهيل هو. ”ڪئپٽن ريڪس؛“ 1854ع ۾ ان بابت ننگر پارڪر جي واڻين خاص طرح سان ويرا واهه جي ٻـن  واڻين  ”نينسي“

۽ ”سورجي“ کان ڳالهيون ٻڌي بت جو تفصيل ۽ ان جي درشن جي ميلن جو احوال پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي. هو انهن ماڻهن سان به مليو، جن مورواڙ ۾ بت جي درشن جا ميلا ڏٺا هئا. هن ڄاڻايو آهي:

پيران پٽن ۾ هڪ مسلمان ترڪ وٽ ٽي بت هئا (جيڪي هن پٿر مان گهڙيا يا گهڙايا هئا). انهن مان هڪ ڀوڏيسر جي هڪ واڻئي ”ميجا شاهه“ ان ترڪ کي مسلمان کان 100 روپين ۾ خريد ڪري، آڻي گودڙي مندر ۾ رکيو. بت جي نرڙ تي وڏو هيرو لڳل هو، جيڪو وڏو ملهه وارو هو. ان کان سواءِ بت جي ببن جي جاءِ به ٻه ننڍيون هيري جون ڪڻيون لڳل هيون. هر سال مقرر تاريخ تي اهو بت ٻاهر ڪڍي چبوتري تي رکيو ويندو هو. بت جي درشن لاءِ ڪٿان ڪٿان کان ماڻهو وڏي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا. ۽ انهن جي ڀيٽا مان چڱو ڌن ٿي ويندو هو. ان اپت مان هڪ حصو راجا کي ملندو هو، ۽ وڏو حصو پوڄاري ورهائي کڻندا هئا. سنه 1716ع تائين اهو بت مندر ۾ هو. انهيءَ سال سوڍو راجا ”ستو جي“ زوريءَ بت کڻائي وڃي ”ٻاکاسر“ جوڌپور رياست ۾ رکيو. ٻاکاسر ۾ هڪ قلعو جوڙايائين، ۽ بت وڻ جي هيٺان کڏ کوٽي پوري ڇڏيائين. هر سال ميلو لڳائي، بت جو درشن ڪرائيندو هو، ۽ ان مان وڏي ملڪيت حاصل ڪندو هو. بت جي درشن جو چوڌاري چوٻول ٿي ويو؛ ۽ وڏن وڏن ماڻهن ۾ بت جي درشن جو شوق پيدا ٿيو. هڪ ڀيري سورت شهر جي رهواسي، ڏهن لکن جي ملڪيت جي مالڪياڻي. نالي ”لکي“ بت جو درشن ڪرڻ لاءِ ڪهي آئي. راجا کي پتو پئجي ويو، ته اها مائي ڏهن لکن جي ملڪيت رکي ٿي. انهيءَ ڪري مائيءَ کان بت جي درشن لاءِ نَو لک ڀيٽا گهريائين. مائي ڀيٽا جي لاٿ لاءِ راجا کي گهڻو ئي چيو، پر راجا پائي به گهٽ نه ڪئي. آخر مائيءَ نَو لک ڏيئي، بت جو درشن ڪيون، اهڙي طرح هن بت جي درشن جي ڀيٽا مان وڏو ڌن دولت حاصل ڪيو.

ڪجهه وقت کان پوءِ هن بت کڻائي وڃي ”ويرا واهه“ جي قلعي ”گوڙ“ ۾ رکايو. اتي وقت بوقت بت جي درشن لاءِ ميلو لڳارائيندو هو، ۽ وڏي دولت ڪمائيندو هو. بت جي درشن جي جو ميلو پرڳڻي ”ڇرڇاٽ“ جي شهرن: مورواڙ ۽ پالنپور ۾ لڳايو ويندو هو. انهيءَ لاءِ ته جيئن اتي جي ماڻهن کي بت جي درشن ڪرڻ ۾ پنڌ ڪرڻو نه پوي. اهو انتظام ويرا واهه جا شاهوڪار ڪندا هئا؛ جيڪي راجا کي وڏي رقم ڏيئي، مذڪور شهرن ڏانهن بت کڻي ويندا هئا. جڏهن بت ”مورواڙ“ نيو ويندو هو، ته ان جي حفاظت لاءِ سؤ سوار ان سان گڏ هلندا هئا. بت جي درشن لاءِ هزارين جوڳي ۽ عام ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. ”مورواڙ“، ”ويرا واهه“ کان 64 ميلن جي مفاصلي تي ”مورواڙ“ ۽ سئي گام ۾ بت جو درشن ڪرائي، موٽائي ويرا واهه آندو ويندو هو. ”سئي گام“ ۾ پهريون ميلو 1764ع ۾ لڳو؛ ۽ مورواڙ ۾ 1788ع، 1766ع، 1810ع ۽ 1822ع ۾ ميلا لڳا. 1822ع وارو ميلو آخري ميلو ثابت ٿيو. ان کان پوءِ هڪ ميلو ”ويرا واهه“ ۾ 1824ع ۾ لڳو. ان کان پوءِ اهڙو ميلو ڪونه لڳو. انهن ڏينهن ۾ بت ”پونجاجي“ جي قبضي ۾ اچي ويو جيڪو ان زماني ۾ سوڍو راجا هو. سنڌ جي ٽالپر حاڪمن ۽ سوڍي ”پونجاجي“ جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ”پونجاجي“ سنه 1832ع ۾ مارجي ويو. ان جي مرڻ کان پوءِ ڪنهن کي خبر نه رهي، ته بت ڪٿي پوريل آهي. اهڙي طرح بت هميشہ لاءِ گم ٿي ويو.(30)

ڪئپٽن ريڪس، ڀوڏيسر شهر جي ”گوڙجي“ ”ڪنتوو جاجي“ وٽ هڪ قلمي لکت ڏٺي، جيڪا 1103ع جي لکيل هئي. ان ۾ لکيل هو، ته ”پٽن“ ۾ جيڪي ٽي بت هئا. انهن جا نالا هي هئا. نارڻ گوڙجي، نورڻ گوڙجي ۽ گوڙيچو گوڙجي انهن مان گوڙيچو ”شاهه ميجا“ خريد ڪري، پارڪر آندو هو.(31)

ريکو جو بت:

ويرا واهه جي جين مندرن ۾ اڃا تائين ڪي بت رکيل آهن. انهن مان هڪ مندر ۾ جين ڌرم جي ڌرمي- نيتا ”ريکو“ جو بت رکيل آهي، جيڪو سنگ مرمر مان نفاست سان گهڙيل آهي. ان جي چوڌاري به ڪيتريون مورتون رکيل آهن(32).

ٿر ۾ جين ڌرم جا پوئلڳ:

ٿر جي هيٺين شهرن ۾ جين ڌرم جا پوئلڳ رهندا هئا، هينئر به ڪجهه قدر رهن ٿا:

پاري ننگر:

ننگر پارڪر کان 14 ميل ۽ ويرا واهه کان 2 ميل پري هڪ قديم شهر آهي هن شهر ۾ قديم زماني ۾ جين ڌرم وارا وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. ۽ ان علائقي تي انهن جو راڄ هو. هينئر شهر ڦٽي ويو آهي، پر ان جا آثار ٻڌائين ٿا، ته قديم زماني ۾ هي وڏو عاليشان شهر هو. هن شهر ۾ جين ڌرم وارن جا ڪيترائي مندر آهن، جن مان ڪيترائي هينئر زبون ٿي ويا آهن.

ڪئپٽن ريڪس جي تحقيق موجب قديم زماني ۾ هن شهر جي وڏي آدمشماري هئي. هن ۾ 5200 گهر واڻين (جين ڌرم جي پوڄارين)، 900 گهر لوهارن، 200 گهر اڻت جو ڪم ڪندڙن، 1300 گهر لوهاڻن ۽ 700 گهر راجپوتن جا هئا(33).

انهيءَ قديم زماني ۾ ڪڇ جو رڻ اڃا سمنڊ هيٺ هو. انهيءَ ڪري پاري ننگر سامونڊي بندر هو. سامونڊي جهاز پاري ننگر ۾ ”ڏوتڙ“ وٽ اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. انهيءَ ڪري پاري ننگر واپاري مرڪز هو. هينئر به ڏسبو، ته ميلن ۾ عاليشان شهر جا آثار اهڃاڻ نظر ايندا. ڪئپٽن ريڪس جي تحقيق موجب انهيءَ ڏهين صدي عيسوي ۾ ”ابو پهاڙ“ پرمار راجپوت ”ڌرڻي“ جي پٽن ”ڀوڏائي“ ۽ هانسو اچي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.(33) ٿر جي رومانوي داستان ”سڏونت سارنگا“ جي سورمي ”سڏونت“ پاري ننگر جي هئي. ان ۾ ڏيکاريل آهي، ته ”سڏونت“ جي گهر ۾ ناريل جو وڻ هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته قديم زماني ۾ هن شهر ۾ ناريل جا وڻ ٿيندا هئا.

روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته قديم زماني ۾ پارود قوم جو راڄ هو. ڪرنل ٽاڊ ”پارود“ قوم کي”مليڇ“ ڄاڻائي ٿو (34). ڪن محققن جو خيال آهي، ته اهي پارود نه پر پارسي هئا، جن قديم شهر ”مين گڊ“ جو نالو ڦيرائي پارسي ننگر رکيو، جيڪو بعد ۾ بگڙجي، ”پاري ننگر“ ٿي ويو (35). بهرحال هي قديم زماني ۾ عاليشان شهر ۽ بندر هو، جيڪو ڪڇ رڻ نروار ٿيڻ جي ڪري، پنهنجي حيثيت وڃائي، ننڍڙو ڳوٺڙو وڃي ٿيو. شهر جي اوج ختم ٿيڻ سان جين ڌرم وارن جو اوج به هن شهر ۾ ختم ٿيو.

ويرا واهه:

هي شهر ننگر پارڪر کان 15 ميلن جي مفاصلي تي آهي. پاري ننگر هن جي اڀرندي پاسي آهي جيڪو پنجين يا ڇهين صدي عيسوي ۾ آباد ٿيو، ۽ ٻارهين صدي عيسوي ۾ ويران ٿي ويو. قديم زماني ۾ هي هڪ عاليشان شهر هو. هي هينئر هڪ کنڊر بڻجي چڪو آهي. جين ڌرم وارن جي ڪيترن ئي مندرن مان هڪ مندر سلامت آهي. مسٽر جائليس جڏهن هن ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هو، هن هتان سنگ مرمر جو هڪ خوبصورت اُڪر ٿيل بلاڪ لڌو هو، جيڪو هن کڻائي وڃي، ڪراچيءَ جي ميوزم ۾ رکيو (36)

هن شهر ۾ وڏي تعداد ۾ ”اوسواڙ“ ذات جا ماڻهو رهندا هئا، جيڪي جين ڌرم جا پوئلڳ هئا. هي شهر ”ويري“ نالي رٻاري ٻڌايو. (73)

ڀوڏيسر: ڪئپٽن ريڪس جي تحقيق موجب هي شهر 512 ق. م آباد ٿيو (38) هتي جين ڌرم وارا رهندا هئا، ۽ انهن جا مندر هئا، جين ڌرم وارن جا مندر 1375ع ۽ 1449هه ۾ جڙيا. هتي گجرات جي بادشاهه محمود بيگڙي جي تعمير ڪرايل سنگ مرمر جي عاليشان مسجد به آهي؛ جيڪا 1505ع ۾ ٺهي. (39) شهر جي ڀرسان وڏو تلاءُ آهي. جيڪو ڀوڏي نالي سوڍي ڇهين صديءَ عيسوي ۾ کڻايو. هوٿل پري ۽ اوڍي جي رومانوي داستان جو تعلق به هن تلاءُ سان آهي.

قديم زماني ۾ هي هڪ عاليشان شهر هو، ۽ واپاري مرڪز هو. امن ۽ سلامتيءَ وارو شهر هو. جين ڌرم وارا “اوسواڙ“ وڏا واپاري هئا، ۽ انهن جون عورتون ڏاڍيون خوبصورت هيون. هو هار سينگار ۾ به مشهور هيون، صبح جو تلاءُ ۾ جڏهن هٿ منهن ڌوئڻ اينديون هيون ته سندس ڪجل جي ڪري تلاءُ ڪارو ٿي ويندو هو. هتي پرمار کنگهار سوڍن جي حڪومت هئي. اهي شاهوڪار ”اوسواڙ“ پاري ننگر جي ڦٽڻ کان پوءِ اچي، ڀوڏيسر ۾ ويٺا هئا. ”ڪجل شاهه“ ۽ ”رجل شاهه“ انهن جا مکي هئا، جيڪي وڏا شاهوڪار به هئا. ڀوڏيسر کان پوءِ ننگر پارڪر ۽ ٻين شهرن جهڙوڪ: آڌيگام ۾ به جيني شاهوڪار ۽ واپاري رهندا هئا 1556ع ۽ 1557ع ۾ هنن جو اوج هو. هو هر سال پنهنجن مکين سان گڏجي ڏياريءَ جي موقعي تي ڀوڏيسر جي راجا جو سلام ڀرڻ ويندا هئا، 1556ع يا 1557ع ۾ شاهوڪار ”اوسواڙن“ جا ٻه هزار ماڻهو پنهنجن مکين جي سرڪردگيءَ ۾ جڏهن سلام ڀرڻ ويا، ته کين عزت ڪانه ملي؛ جيئن اڳ ۾ کين عزت ملندي هئي. موٽي اچي مکين پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته هينئر بي عزتو ٿي رهڻ هتي نه جڳائي، انهيءَ ڪري هي علائقو ڇڏي وڃي ڪٿي ٻي هنڌ رهجي. سِٽ سِٽي، لڏپلاڻ جي تياري ڪندا رهيا، ٻي ڏياريءَ جي موقعي تي پنهنجي رٿا موجب ڏيئا ٻرندڙ ڇڏي ڳجهه گوهه ۾ ٽپڙ کڻي هليا ويا، ڏيا انهيءَ ڪري ڇڏي ويا، ته جيئن ماڻهو سمجهن ته گهرن ۾ ماڻهو موجود آهن. لڏي سنڌ، ڪڇ، هالار ۽ مارواڙ جي مختلف شهر ۾ ويٺا. سنڌ جي شهرن ۾ آيل به پوءِ ڪڇ ڏانهن هليا ويا. اهو سومرن جي حڪومت جو زمانو هو. اهڙي طرح جيني شاهوڪارن جي لڏي وڃڻ جي ڪري پارڪار سڃو ٿي ويو. (40)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com