سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

 

صفحو :18

 ”انسانن کي، پنهنجي گهر ڀتين جيان، پنهنجن حقن لاءِ به لڙڻ کپي. پنهنجي دل جي خواهش خلاف لڙڻ بيحد ڏکيو ڪم اهي. دل جيڪي ڪجهه چاهي ٿي، ان کي ضمير جي عيوض خريد ڪريو وٺي. انسان جو ڪردار ئي سندس تقدير آهي!“- هئرڪ لائيٽس(يوناني، فيلسوف، 4. 5 ق. م)

”فن جڏهن عوام بجاءِ ڪنهن خاص گروهه واسطي وقف ٿي وڃي ٿو، تڏهن اهو هڪ ضروري ۽ ڪارآمد شيءِ بدران کوکلي تفريح بنجيو پوي... ڪنهن شخص جو فنڪار هجڻ کيس عوامي معاملن ۾ حصي وٺڻ کان نٿو روڪي. “- ٽالسٽاء.

”پنهنجي ذهن ۾ آزاديءَ سان سوچيو، پنهنجي اظهار ۾ آزاديءَ کان ڪم وٺو، پنهنجي آسپاس جي رد عمل کي آزاديءَ سان قلمبند ڪريو، ۽ پنهنجي احساس جي نزاڪت کي ڪنهن به مصلحت يا ڪنهن به خوف سان مُڏو نه ٿيڻ ڏيو. “- ف. م. محمد ايوب خان

 

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

”جيڪڏهن تون دنيا جي تفصيل تي غور ڪندين، ته توکي معلوم ٿيندو ته دنيا مان مراد ٽي شيون آهن: نباتات، معدنيات ۽ حيوانات. زمين في الاصل رهائش ۽ زراعت جي فائدي لاءِ آهي؛ معدنيات- جهڙوڪ ٽامو، ۽ پتل-اوزارن ٺاهڻ لاءِ آهن؛ ۽ حيوانات سواريءَ ۽ خوراڪ لاءِ آهن. انسان ته پنهنجي دل ۽ بدن کي انهن ۾ ئي کڻي لڳايو آهي.

”دل کي انهن شين ۾ لڳائڻ سان ان ۾ ڪيتريون اهڙيون صفتون پيدا ٿين ٿيون،  جي ان جي تباهيءَ جو باعث آهن- جيئن ته حرص، بُخل، حسد، عداوت، وغيره؛ ۽ بدن کي انهن شين ۾ رنڀائڻ سان دل پڻ انهن ۾ ڦاسي پنهنجو پاڻ کي وساري ويهي ٿي، ۽ پنهنجي ساريءَ همت کي دنيا جي ڪاروبار ۾ صرف ڪري ٿي.

”جيئن ته دنيا جون اصل ٽي شيون آهن- کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر- تيئن انسان جي ضرورت لاءِ اصل صنعتون يا هنر به ٽي آهن: هارپو، ڪورڪو، ۽ رازڪو. انهن مان هر هڪ جون مختلف شاخون آهن، جن مان ڪي انهن جو ساز ٺاهين ٿا- جيئن پڃارو ۽ سُٽ ڪتيندڙ، جي ڪوريءَ جو اسباب جو اسباب بڻائين ٿا؛ ۽ ڪي انهن جي ڪم کي پُورت وٺائين ٿا- جيئن درزي، جو ڪوريءَ جي ڪم کي مڪمل ڪري ٿو. انهن سڀني کي ڪاٺ، لوهه ۽ چمڙي وغيره جي اوزارن جي ضرورت پوي ٿي. تنهن ڪري لوهار، واڍو،  ۽ سوچي پيدا ٿيا. جڏهن اهي سڀ پيدا ٿيا، تڏهن انهن سڀني کي هڪٻئي جي مدد جي گهرج پيئي،  ڇا لاءِ جو هر هڪ پنهنجي سر پنهنجو ڪم مڪمل طور پورو ڪري ٿو سگهي، انهيءَ ڪري هو سڀ پاڻ ملي پيا، ته جيئن درزي ڪوريءَ ۽ لوهار کي مدد ڏني، ۽ لوهار وري انهن ٻنهي جو ڪم ڪري: ان سبب انهن سڀني جي وچ ۾ وهنوار پيدا ٿيو، جنهن مان وري دشمنيون پيدا ٿيون، ڇا لاءِ جو هر هڪ پنهنجي حق تي راضي نه رهيو، ۽ ٻئي جي نقصان پويان پيو، ان ڪري وري ٻين ٽن قسمن جي هنرن جي ضرورت پيئي: سياست ۽ سلطنت جو فن، قضا ۽ حڪومت جو فن، ۽ ٽيون فقهه جو علم، جنهن جي وسيلي خلق جي وچ ۾ نبيري نڇيڙي جا قانون سمجهيا وڃن. انهن مان هر هڪ پيشو يا ڌنڌو آهي- اگرچه انهن جو ٻين ڌنڌي ڪندڙن وانگر هٿ سان واسطو ڪونهي.

” اِن سبب ڪري، دنيا جا شغل (ڌنڌا) گهڻو وڌي ويا ۽ هڪٻئي سان ڳنڍجي پيا، ماڻهن پاڻ کي انهن ۾ گم ڪري ڇڏيو، ۽ هن ڳالهه کي وساري ويٺا ته انهن سڀني ڳالهين جو اصل ٽن شين کان وڌيڪ نه آهي- يعني کاڌو، ڪپڙو ۽ گهر. دنيا جا مڙئي ڌنڌا انهن ٽن شين لاءِ آهن، ۽ اهي ٽي شيون بدن جي لاءِ آهن، ۽ بدن دل جي واسطي آهي، ته جيئن ان جي لاءِ سواري ٿي سگهي، ۽ دل الله تعاليٰ جي لاءِ آهي. پر ماڻهو پاڻ کي ۽ خدا تعاليٰ کي انهيءَ حاجيءَ وانگر وساري ويٺا آهن، جنهن ڪعبي جي سفر کي وساري سارو وقت اُٺ جي خدمت چاڪريءَ ۾ صرف ڪيو. “

[امام غزاليءَ جي ڪتاب”ڪيميائي سعادت“ جي سنڌي ترجمي مان ورتل اقتباس؛

چونڊيندڙ شيخ محمد سومار، بدين، سنڌ]

”جڏهن به ڪنهن انجمن يا جماعت يا سوسائٽيءَ وغيره جو اسين ذڪر ڪريون ٿا، ته ان مان اسان جي مراد اها هوندي آهي ته ڪنهن هڪ يا ان کان وڌيڪ مخصوص مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، يا ڪن خيالن ۽ تجويزن کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ، الڳ الڳ فردن جو ڪجهه تعداد، انهن مقصدن يا تجويزن تي متفق ۽ هم خيال ٿي، پنهنجي انفراديت کي اجتماعيت جي شڪل ۾ بدلايو ڇڏي. ان طرح، جتي به ٻن- چئن ماڻهن جا خيال هڪٻئي سان ملي ٿا اچن، اتي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي جماعت جو جنم ٿيو پوي. اڄوڪي زماني جون حالتون ته ايتري قدر پيچيدگي اختيار ڪري ويون آهن جو انسان جي انفرادي قوت قريب قريب ختم ٿي رهي آهي، ۽ ڪو به شخص پنهنجي مفاد کي ذاتي طور تي محفوظ ۽ ڪامياب نٿو بڻائي سگهي، جيستائين هو ان لاءِ ٻين جي حمايت ۽ تعاون نه حاصل ڪري. ٻئي طرف، جيئن ته اڄڪلهه جي زماني ۾ ڳوٺ ۽ شهر، قومون ۽ ملڪ هڪٻئي ۾ گڏجي پيا آهن، تنهنڪري پري پري جي ماڻهن جا مفاد، مختلف صورتن ۾ ، هڪٻئي سان ملي مشترڪ ٿي ويا آهن؛ ڇاڪاڻ ته هو سڀ آسپاس جي هڪ جهڙين حالتن هيٺ گذاري رهيا آهن، ۽ سندن ڳوٺ يا شهر ۽ ملڪ جون مجموعي حالتون مٿن هڪ ئي وقت تي، هڪ ئي نموني سان اثر انداز ٿي رهيون آهن. اهوئي سبب آهي جو اسان کي قدم قدم تي انجمنون ۽ جماعتون، بزمون ۽ سوسائٽيون نظر اينديون. ايتري قدر جو جيڪڏهن هاڻي انهن جماعت بندين جي وجود کي چند ڪلاڪن لاءِ به موقوف ڪري ڇڏجي، ته هوند سجھيءَ دنيا جونظام درهم برهم ٿي وڃي؛ ڪنهن به انسان جو مفاد محفوظ نه رهندو، ۽ دنيا جي تختي تان اخلاقي، قانوني ۽ سماجي ضابطا يڪلخت ختم ٿي ويندا. اهو ئي سبب آهي جو اڄوڪي زماني ۾ اجتماعي مفاد کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، ۽ ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جي انتظام، عدالت ۽ شهريت جي معاملن ۾ جماعتي مطالبن کي وڏي وقعت حاصل آهي. ظاهر آهي ته جنهن تقاضا ۾ جيتري قدر گهڻا ماڻهو شامل هوندا، انهيءَ تقاضا جي پورائيءَ سان ايتري قدر گهڻن ماڻهن جي ضرورتن جي پورائي ٿيندي- ۽ هر ملڪ جي آئين جو بنيادي مقصد اهو ئي هوندو آهي ته گهڻن کان گهڻن ماڻهن جون ضرورتون پوريون ٿين، ۽ عوام جا جماعتي مفاد محفوظ رهن. انهيءَ ڪري، ڪنهن به جماعت يا انجمن کي موجوده دور ۾ ايڏي اهميت آهي، جيڏي اهميت خود زدندگيءَ کي آهي. جماعت معنيٰ زندگي!

”انهيءَ سلسلي ۾ هڪڙي ٻي به ضروري ڳالهه آهي. انسان جون ضرورتون يا مفاد تمام معمولي به ٿين ٿا، ۽ تمام وڏا به. انهن جي اهميت جو مدار، ضرورت جي عموميت تي آهي: جيتري قدر ڪا ضرورت وڌيڪ ’عام‘ هوندي، اوتري قدر اها وڌيڪ ’اهم‘ هوندي. درصل سمورا انساني قدر انهيءَ اصول تي مقرر ٿيل آهن. سمورا اخلاقي، سماجي ۽ قانوني ضابطا انهيءَ اصول مطابق مرتب ٿيا آهن. انساني تهذيب ۽ ثقافت جي تشڪيل پڻ انهيءَ اصول جي ماتحت رهي آهي. بلڪه ڌرمي متن ۽ شريعتن جو بنيادي جز پڻ اها انساني تقاضائن جي عام اهميت آهي. اهميتن جو اهو فرق ئي آهي، جنهن سبب اسين ڪڏهن ڪنهن هڪڙي مفاد تي ٻئي مفاد کي ترجيح ڏيندا آهيون. ذاتي مفاد تي جماعتي مفاد کي، ڪنهن خاص جماعتي مفاد تي ملڪي مفاد کي، ۽ ڪهن خاص ملڪي مفاد تي عام انساني مفاد کي ترجيح ڏيڻ جي عمل کي اسين سڀ يڪسان طور تي سارائيندا آهيون. سماج ۽ اخلاق جا صحتمند نظريا پڻ ائين ئي چون ٿا. سمورا مذهب به انهيءَ ڳالهه جي تلقين ڪن ٿا. دنيا ۾ نيڪيءَ جي فقط اها ئي هڪڙي معنيٰ آهي. ادنيٰ مفاد تي اعليٰ مفاد کي ترجيح ڏيڻ، ’قرباني‘ آهي. جيتري قدر ڪو مفاد اعليٰ هوندو، اوتري قدر اها قرباني عظيم هوندي.“

[شمشير الحيدريءَ جي لکيل، هفتيوار، پنجتني، (حيدرآباد) جي ايڊيٽوريل تان ورتل اقتباس؛ چونڊيندڙ قطب صديقي، حيدرآباد، سنڌ]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com