سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2004ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ سيارو 2004ع نمبر:4

چيف ايڊيٽر اعزازي: امداد حسيني،   ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ

  

هيءَ جا لات ”لطيف“ جي

اُڀرندي سِج، پرين جي نه پَسنديون،

ڪڍي ٻيئي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي.

 

اُڀرندي سِج سان، پرين جي نه پَسنديون،

ڪڍي کي ڪانگان، نوالا نيڻ ڏيان.

 

مون کي اکڙين، وڏا ٿورا لائيا،

ته پڻ پرين پسن، کڻان جي کَرَ سامهيون.

 

نيرانان ئي نيڻ، نيئي آڇ پرين کي،

سَتَر کاڌا کيڻ، جي ڏٺو منهن محبوب جو.

 

اکيون عليٰ الصباح، دوست ديکڻ آئيون،

اُڀينديون اَرداس ۾، ٻي نه ڪنديون ڪا،

رَچنديون ري پاه، پرچنديون پرين سين.

 

ڪي جو ڪنهين پار، اکيون ڏسي آئيون،

ٿيون ديوانيون دل ۾، اَپر لڳين آر،

تهان پوءِ قرار، سُتيون ڪين سيد چئي.

(”شاهه جو رسالو“، سُر ”آسا“، مرتب: علامه آءِ. آءِ قاضي، ص 113-115)

”....شاهه عبداللطيف ۽ سندس شاعريءَ تي گهڻو ڪجهه مواد اچي چڪو آهي. اهو گهڻو ڪري سڀ سنڌي زبان ۾ لکيل آهي ۽ نتيجي ۾ اُهو ڄڻ ته اُنهن ماڻهن جي لاءِ بند ڪتاب آهي، جيڪي سنڌي زبان ڪونه  ٿا ڄاڻن. هن تنقيدي ۽ تشريحي ادب جي شروعات گهڻو ڪري هندستان اندر پوين اسي سالن ۾ انگريزي تعليم جي اثر جي ڪري ٿي آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ شاهه جي جي شاعريءَ کي هڪ مڪمل جاندار ڪلام جي صورت ۾ ڳايو ۽ پڙهيو ويندو هو، پر جڏهن هن ملڪ ۾ انگريزي راڄ پائدار صورت ۾ قائم ٿيو. اُن کان پوءِ ئي تحقيقي ذوق پيدا ٿيو آهي ۽ تنقيدن ۽ تبصرن جا ڪتاب وجود ۾ آيا آهن. حقيقت ۾ شاهه جي بيتن کي ايندڙ نسلن جي فائدي لاءِ دائمي روپ ڏيڻ جي پهرين علمي ڪوشش ولادت جي هڪ مذهبي مشنري جي عالم ارنيسٽ ٽرمپ ڪئي هئي، جيڪو ان وقت سنڌ ۾ رهندو هو، جڏهن بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر هو. برٽش حڪمرانيءَ دوران سنڌ ۾ تعليم جي عام ٿيڻ سان ، جنهن ۾ شايد ميڪاولي جي نظريي جي حيثيت ۾ پڙهڻ جي شروعات ٿي، هن حقيقت ۾ عام ماڻهن جي شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ سان محبت ۽ عقيدت، نسلن کان وٺي شاعر ۽ سندس شاعريءَ تي ڪيترا ڪتاب پئي لکرايا آهن. انهن ڪتابن مان گهڻا ته ابتدائي نوعيت جا آهن. اُنهن جي وڏي ۾ وڏي دلچسپي سنڌ جي عشقيه داستانن کي ورائي ورائي بيان ڪرڻ سان هئي، جيڪي شاهه جي رسالي ۾ به گهڻي تعداد ۾ شامل آهن. بلڪل ائين ئي جيئن ليمب ’ٽيلس فرام شيڪسپيئر‘ ۾ ڪيو هو. بهر حال ان تي وڏو ڪم ٿيو آهي. سو ان ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ڪانهي ته انگريزي تعليم ۽ ان جي اثر جي ڪري پيدا ٿيل ادبي ذوق نه هجي ها ته اڄ به شاهه عبداللطيف جا بيت ان حالت ۾ موجود هجن ها، جنهن ۾ 1843ع ۾ انگريزن ڏٺا هئا يا کڻي ائين چئجي ته اُهي بيت ڪنهن غير واضح صورت ۾ هڪ ڳائڻي کان ٻئي ڳائڻي تائين پهچندا رهن ها ۽ سنڌي ماڻهو، جن کي اهڙن ڪلامن ٻڌڻ جو گهڻو شوق آهي، سي اُنهن کي ٻڌي سڻي پيا خوش ٿين ها....“

_ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي [1940ع]

[”ڀٽ جو شاهه“، مترجم : عطا محمدڀنڀرو، ص 282_283]

 

 

سوچ لوچ

 

(ايڊيٽوريل)

ادب ساهت هڪ ذميواري آهي

 

خاص ڪري هڪ سنڌي اديب/ساهت ڪار لاءِ، جنهن جي ٻولي، ساهت، سڀيتا ۽ مجموعي طور هن جو ساڻيهه انيڪ خطرن جي زد ۾ هجي. اِن ڪري اسان جي لکندڙ کي پوري ايمانداريءَ سان اها ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي.

ادب/ ساهت ”اُوڪو ٻيو فهم“ آهي، ”جنهن سان پَسجي پرينءَ کي“. ادب/ ساهت پوءِ اُهو تخليقي هجي، تحقيقي هجي يا تنقيدي_ لازمي طورتي قومي آجپي لاءِ. انسانذات جي آجپي لاءِ هڪ لڳاتار جا کوڙ آهي. ائين ادب جو مقصد به متعين ٿي وڃي ٿو_ ۽ جڏهن اُن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل هئڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا، تڏهن اُن جو سماجي ڪارج به متعين ٿي وڃي ٿو.

ادب/ ساهت پولار ۾ جنم نه ٿو وٺي، اُهو هن سماج مان ئي اُسري ٿو ۽ ماڻهن لاءِ لکيو وڃي ٿو. ادب/ ساهت نه رڳو سماج کان متاثر ٿئي ٿو، بلڪ سماج تي اثر انداز پڻ ٿئي ٿو_ پر اها ڳالهه ڳنڍ سان ٻڌَڻ گهرجي ته هڪ اديب_ هڪ ساهت ڪار_ هڪ شاعر جو سماج ۾ ڪردار سماج سڌارڪ وارو قطعي ناهي؛ هو سماجي حالتن/ واقعن/حادثن/ سڀائن/ورتائن/مسئلن جي عارضي حل بدران ، اُنهن جي دائمي حل ڏانهن، اسان کي، اسان جي ذميوارين جو احساس ڏياري ٿو. هو موجود صورتحال کي اُڇا ترائيءَ سان نه، پر گهرائيءَ سان نه رڳو ڏسي، پرکي ۽ کڻي ٿو، بلڪ سماج آڏو پيش پڻ ڪري ٿو_ ۽ ائين اعليٰ دائمي قدر جُڙن ٿا.

هڪ اديب_ هڪ ساهتڪار_ هڪ شاعر_ هڪ ڪهاڻيڪار_ ڪردار، ڪهاڻيون، وارتائون، ڳالهيون مُهاڙيون_ سماج مان ئي کڻي ٿو، پر اُنهن کي پنهنجي رڱ ۾ رڱي سماج آڏو پيش ڪري ٿو. هو ماڻهن جي جذبن، احساسن، ڪيفيتن، سَڌن، لُڙڪن، مُرڪن، ڏُکن، سُکن، آسن ۽ اُميدن کي _ لفظن جي موتين سان، ڪلا جي ڪونج ڳچيءَ لاءِ، سِٽَ_ سَريءَ ۾ پوئي ٿو.

هڪ اديب_ هڪ ساهت ڪار_ هڪ شاعر_ هڪ ڪهاڻي ڪار خارجيت جي ڪچي مٽيءَ کي ، داخليت جي لُڙڪن سان مناڙي سناڙي، ڳوهي سوهي، گڏاڙي سَڏاڙي اُن مٽيءَ جو پنوڙي کي، چاهه جي چَڪَ تي چاڙهي، پنهنجي تصور پٽاندر هڪ سهڻي ٿانوَ جو روپ ڏئي ٿو ۽ اُن کي نينهن جي نهائينءَ ۾ پچائي_ اُنهن ئي ماڻهن آڏو پيش ڪري ٿو، جن وٽان هُن اِهو ڪچو مال ڳڌو هو، اُنڪري به هڪ اديب کي _ هڪ ساهت ڪار کي_ هڪ شاعر کي _ هڪ ڪهاڻي ڪار کي _ ماڻهن سان، عوام سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ گهرجي، بلڪ هن کي ماڻهن وٽ، عوام وٽ پاڻ مرادو هلي وڃڻ گهرجي.

توهين ڪنهن به موضوع تي لکو_ سائنس، سنگيت، چتر ڪاري، شاعري، ڪهاڻي، ناول، آتم ڪٿا، مضمون، ليک_ ڪجهه به لکو، اُهو ٻوليءَ ۾ ئي هوندو. ٻولي سماج مان ئي اُسري ٿي. سماج کان ٻاهر ٻوليءَ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ اديب_ هڪ ساهت ڪار ٻوليءَ کي سِٽن ۾ جَڙي ٿو. لفظن کي معنيٰ ڏئي ٿو_ ۽ ائين هو پنهنجي ٻوليءَ کي ، پنهنجي لوليءَ کي محفوظ ڪري ٿو ۽ ائين ئي ادب/ ساهت ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ کي قائم ۽ دائم رکي ٿو، ۽ اها هڪ ڀاري ذميواري آهي.

سنڌي ٻولي ڏاڍن ڏکين ڏينهن ۾ به جيئري رهي آهي. سنسڪرت، عربي ۽ فارسي نه رڳو فاتحن جون ٻوليون هيون، پر ساڳئي وقت اُهي ڌرمي/مذهبي ٻوليون پڻ هيون_ پر سنڌي ٻولي تڏهن به جيئري رهي  ۽ وڌندي ويجهندي رهي. انگريزي ٻولي به فاتحن جي ٻولي هئي، پر انگريزن جي دور ۾ به سنڌي ٻولي نه رڳو جيئري رهي، پر اُن دور ۾ ئي سنڌي ٻوليءَ جي معياري الف_ بي ٺهي، گرامر لکيا ويا، نصاب ٺهيو، درسي ڪتاب لکيا ويا، اسڪول کُليا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي درسي تدريسي جي ٻوليءَ طور رائج ڪيو ويو ۽ سنڌي ٻولي سنڌ صوبي جي ”سرڪاري ٻولي“ قرار ڏني وئي. ان کان پوءِ جو سڄو منظر ”گدائي“ هڪ سِٽ ۾ چِٽيو آهي:

”آزادي آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي!“

ون يونٽي جبري دور ۾ سنڌ جو نقشو ميساريو ويو. اُن جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي سِٽ سِٽي وئي. سنڌي ٻوليءَ کي پنجين درجي تائين واڙيو ويو ۽ اُن کان اُهي حق کسيا ويا، جيڪي انگريزن جي غلاميءَ واري دور ۾ به اُن کي حاصل هئا. سنڌي اديبن، شاعرن ۽ عالمن اُنهيءَ نا انصافيءَ خلاف هڪ زبردست احتجاجي تحريڪ هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي سازش ناڪام ٿي وئي. پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ لاءِ هلايل تحريڪ ”ون يونٽ مخالف تحريڪ“ بڻجي وئي_ ۽ پوءِ جڏهن ون يونٽ جو ڳٽ سنڌ جي ڪونج ڳچيءَ مان لٿو، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جو صوبائي ٻوليءَ وارو حق به بحال ڪيو ويو.

سنڌي ٻولي هڪ جيئري جاڳندي ٻولي آهي ۽ اُها پنهنجي مدافعتي سگهه تي جيئري رهندي، اُسرندي، وڌندي ويجهندي. اُن سچ کي مڃڻ گهرجي ته ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ جي ٽيڪ تي، هٿراڌو ساهه کڻائڻ سان ڪابه ٻولي جيئري نٿي رهي سگهي. سنڌي ٻولي به پنهنجي ٻر ۽ سگهه تي ئي جيئري جاڳندي دل وانگر ڌڙڪندي رهندي. البت ٻين ٻولين مان لفظ کڻڻ، ٻين ٻولين وانگر، سنڌي ٻوليءَ جي فطرت آهي_ پر اُنهن لفظن کي پنهنجي سُڀاءُ پٽاندر ئي پنهنجو ڪندي. دنيا جي هر ٻوليءَ سان اسان کي پيار آهي، سواءِ اُن جي پرماري روپ جي، پوءِ اها سنڌي ٻولي ئي ڇو نه هجي! جيتوڻيڪ اُهو روپ اُن ٻوليءَ جو نه، پر مخصوص مفادن جو هوندو آهي. اهو به طئي آهي ته ڪوبه لفظ ڌاريون ناهي، پر اُن کي ڪتب آڻڻ جي سڄي ذميواري لکندڙ تي آهي، اهو کيس ئي سوچڻو آهي ته ڪٿي هُو ڄاتي اَڄاتي، ڌارئين اَجوڳي اثر هيٺ، احساس برتريءَ/ ڪمتريءَ جو بَک ٿي، پنهنجي ئي ٻوليءَ جي سدا سائي وڻ لاءِ بي پاڙي ول ته نه ٿي رهيو آهي! ٻوليءَ جي بچاءَ، ڦهلاءَ ۽ ’ڦلارَ‘ واري پنهنجي ذميواريءَ جي ابتڙ ته نه ڪري رهيو آهي!

هڪڙا ليکڪ اهڙا آهن، جيڪي جهڙي ٻولي لکن ٿا، اهڙي ٻوليءَ جي وڪالت به ڪن ٿا. ڳالهه رڳو واتا ورڻ جي گدلاڻ (Environment) جي ناهي، ٻوليءَ جي گدلاڻ جي به آهي. ٻوليءَ ۾ اهڙي گدلاڻ جا ”ڪارڻ“ موجود آهن، جن کي ختم ڪرڻ جا اُپاءَ وٺڻ گهرجن. جيڪي ”ٻوليءَ جو بگاڙئي اُن جو سڌار آهي“ جا پرچارڪ آهن، اُهي ئي اهڙي گدلاڻ جا ذميوار به آهن_ ۽ اهو اشارو محمد شهيد هالائيءَ ڏانهن قطعي ناهي، [خط نمبر1] جيتوڻيڪ اها هن جي ذاتي راءِ آهي، پر اسان کي اُن بابت تحفظات آهن. پاڻ سنڌيءَ کي ”شُڌ“ بڻائڻ جي تحريڪ جو ذڪر ڪيو اٿس. جيڪڏهن اُن مان مراد ورهاڱي کان اڳي وارين اُنهن ٻن ”انتهائن“ سان آهي، جن مان هڪ سنڌي ٻوليءَ کي ”شُڌ“ ڪرڻ جي هئي ته ٻي وري اُن کي ”پاڪ“ ڪرڻ جي. هڪڙا سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت/هنديءَ ڏانهن ڇڪي رهيا هئا، ته ٻيا اُن کي عربي/فارسيءَ ڏانهن! ۽ ائين سنڌي ٻولي ٻن ڪَٽرپڻن_ٻن انتهائن_جَنڊ جي ٻن پُڙن جي وچ ۾ اچي وئي!_ ۽ بچي وئي اُنهن سنڌي عالمن جي ڪري، جن اُنهن ٻنهي انتهائن، ٻنهي ڪَٽرپڻن کي ننديو. اُهي بحث ڇپيل آهن ۽ تاريخ جو حصو آهن. ”شُڌ“، ”پاڪ“، ”خالص“ به اسان جا لفظ آهن ۽ عام واهپي ۾ به آهن_ پر ”نجِ“ ۽ ”ٺيٺ“ کي متروڪ ڪرڻ/ سمجهڻ جو ڪوبه جواز ناهي ۽ جڏهن اسين سنڌي ٻوليءَ جي ”نجپڻي“ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اُن جو مطلب ڪو ”قَيد“ نه پر ”آزادي“ آهي_ پر اها ”آزادي“ ٻوليءَ جي حوالي سان، فطرت واري آزادي آهي. اِن ڏس ۾ ”ڏهس نامي“ جو مثال پڻ ڏئي سگهجي ٿو، جيڪا هڪ لوڪ_ صنف آهي.

هتي اهو به عرض ڪريون ته سنڌ ۾ ڳوٺ، وسيون ۽ واهڻ به آهن ته ننڍا وڏا شهر به. سنڌ جي آدمشماري ڳوٺن ۾ ستر سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. شهرن ۾ ٽيهه سيڪڙو کان به گهٽ ۽ سنڌي ٻولي ڳوٺن ۽ شهرن جي ٻولي آهي_ ۽ جيئن ته اسان جي عوام جو گهڻو تعداد ٻهراڙيءَ ۾ ئي رهي ٿو، اِن ڪري سنڌي ٻولي نه رڳو اُتي محفوظ رهي آهي، پر اُتي جي آزاد فضا ۾ وڌي ويجهي به آهي. اسِين مٿي لکي به آيا آهيون ته سنڌي ٻولي ڏاڍن ڏکين دورن ۾ زندهه رهي آهي_ ڇاڪاڻ ته اُها ”عوام“ جي ٻولي آهي، اِن ڪري اسان جي لکندڙن کي نه رڳو ڪتابن جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ گهرجي، بلڪ پنهنجن ماڻهن جو به گوڙهو اڀياس ڪرڻ گهرجي ۽ اُنهن کان پرائڻ گهرجي.

اسان جي هڪ مانائتي پڙهندڙ گل محمد عمراڻيءَ پنهنجي خط [نمبر 14] ۾ لکيو آهي ته اسين مهراڻ ۾ ڇپجندڙ مواد تي ٽيڪا ٽپڻي ڪريون. اسان جي خيال ۾، اهو بنيادي طور پڙهندڙن جو حق آهي، ۽ اُن حق تي اثرانداز ٿيڻ کان بچندي، ڪجهه لکڻين تي لکڻ ۾ ڪو اهم به ڪونهي.

ناسف علي شيراز جو هڪ ليک (”شاهه جو رسالو“ معياري متن_جلد 1 جو تحقيقي جائزو) مهراڻ جي هن پرچي ۾ شامل آهي. ناسف علي شيراز جو اِهو ليک ”لطيفيات“ جي موضوع تي هڪ اهم ليک آهي. اُن ۾ جيڪو لهجو آهي، اُهو اسان جو خاص طور تي ڌيان لهڻي. اُهو نه ته ڪٿي ڪَوڙو ٿو ٿئي، نه ئي ڪٿي ڪُوڙَو ٿو ٿئي. اها ڳالهه اٿاهه اُتساهه ڏياريندڙ آهي ته هڪ سنڌي_ آمريڪي سنڌ کان ايڏو ڏور هوندي به ، سنڌ کي ايڏو اوڏڙو آهي:

ڪي ويجهائي ڏور، ڪي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين !

پنهنجي پاران ۽ مهراڻ  جي پڙهندڙن پاران ناسف علي شيراز کي عرض آهي ته پاڻ سنڌي ادب جا گهڙا ائين ئي ڀريندو رهي ۽ اسان جي، ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ. اُڃ کي ويتر پڙڪائيندو رهي :

تَنَ ۾ تَونس پِريُنِ جي ، پيان نه ڍاپان!

ڊاڪٽر فهميده حسين جو ليک ”شاعر ۽ شعور“ به ”لطيفيات“ جي موضوع تي هڪ اهم ليک آهي. اُن ۾ شاعر ۽ شعور جي حوالي سان جيڪي بنيادي ڳالهيون ڪيون ويون آهن ۽ خاص طور تي هڪ چيني شاعر ’لُوچي‘ اِن ڏس ۾ جيڪي ڪجهه چيو آهي، اسان جي شاعرن کي اُهو هنئِين سين هنڊائڻ گهرجي ۽ شاهه سائينءَ جي پارکن کي پڻ پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻ ۽ نڀائڻ گهرجي.

عنايت الله عباسيءَ جي ”آتم ڪٿا“ جي ڪٿا خاص طور تي ڪرڻ ٿا گهرون. ليکڪ حيدرآباد سنڌ، جيئن ڏٺي_ ڏيکاري_ آهي سو اسان جي ماضيءَ جو ڪلچر آهي_ اُلهيءَ ويل سج آهي ۽ عنايت الله عباسيءَ اُن جا ڪرڻا جهٽي ورتا آهن. هو اسان جي انهيءَ ماضيءَ جي ڪلچر جو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ هن حقي واجبي شاهدي ڏني آهي. هن اُنهيءَ ڪلچر کي نئين سر زندهه ڪري اسان جي آڏو آڻي بيهاريو آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خاب بلوچ”ماڻهو مڻيادار“ هن ڀيري اسان کي هڪ ٻئي مڻيادار ماڻهوءَ سان ملايو آهي. ڌڻي کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ اسان کي ”مڻيادار ماڻهن“ سان ائين ئي ملائيندو رهي.

مهراڻ لاءِ هاڻي ڀِن ڀِن موضوعن تي معياري مواد اچڻ لڳو آهي. اها يقيناَ هڪ سٺي ڳالهه آهي ۽ اُن مان ثابت آهي ته سنڌ، سنڌي ٻولي، ساهت ۽ سڀيتا جي ڏس ۾، اسان جو لکندڙ سجاڳ آهي ۽ پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي. خطن واري ڀاڱي ۾ پڙهندڙن جي راءِ جي پنهنجي اهميت آهي. توڙي جو اسين اُن راءِ سان کڻي سهمت نه به هجون، پر اختلاف راءِ جي اسين آجيان ڪريون ٿا. ائين مهراڻ جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي سُچيتائيءَ سان تنقيدي لهجو اُسري رهيو آهي. ايليٽ چواڻي ”تنقيد ساهه کڻڻ جيان اڻ ٽر آهي.“ ايليٽ اِها ڳالهه شاعريءَ جي حوالي سان ڪئي آهي، پر اِها سماج تي به لاڳو ٿئي ٿي. ڪوبه ادب، ڪابه ساعري ڪوبه سماج، تنقيد کان سواءِ زندهه نٿو رهي سگهي! اسين جيئن ته ادب سان لاڳاپيل آهيون، اِن ڪري ادب جي حوالي سان ئي ڳالهه ڪنداسين. پنهنجي لکڻين ۾ لهجو ڪيڏو به ڪُوڙو سهي، پر اُهو ڪُوَڙو ڪڏهن به نه هئڻ گهرجي.

اِنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هڪ ليکڪ سماج ۾ حساس ترين فرد آهي_ پر هن کان وڌيڪ حساس ترين ٻولي آهي، ساهت آهي، سڀيتا آهي. جيڪڏهن لکندڙن جي حساسيت پنهنجي ٻوليءَ، قوم، ادب ۽ ثقافت سان لاڳاپيل نه آهي، ته پوءِ اُها ”ڏک ڻائپ“ صرف ۽ صرف هن جي پنهنجي ذات تائين محدود آهي_ ۽ اها نفعي بدران نقصان پهچائيندي.اُن جي معنيٰ اِها نه آهي، ته لکندڙ، تخليق ڪار جي ذات کي ڪا اهميت نه آهي، پر اُن جو مطلب اهو آهي ته ذاتي پذيرائي، ذاتي مفاد، ذاتي شهرت_ ”آءُ_آءُ“، ”مان_ مان“ جهڙين بدعتن کان کيس بچڻ گهرجي ؛ڇاڪاڻ ته اُن جو وڏي ۾ وڏو نقصان اهو ٿيندو ته سندن پويان ايندڙ به _جن جا هو آئيڊيل آهن_ ساڳيءَ گپ ۾ گپندا! پوءِ اُنهن کان پنهنجو اصل مقصد وسري ويندو ۽ ائين هو ٻين کي به اصل مقصد تان ٿيڙي ڇڏيندا !

هتي هڪڙو ڀيرو وري به عرض ڪريون ته ادب ۾ ”نئين کيپ“ جي اُهائي اهميت آهي، جيڪا جسم ۾ نئين رَت ٺهڻ جي آهي_ پر اهو به ياد ڏياريون ته ادب ۾ ”نئين کيپ“ مان مراد ”نئون ٽئلينٽ“ آهي_ ۽ ”نئين ٽئلينٽ“ جي ، مهراڻ ۾، اسين ٻه وکون اڳتي وڌي آجيان ڪنداسين.

ٻين ٻولين ۾ کوڙ رسالا آهن، جن ۾ مختلف قسمن جو مواد ڇپجي ٿو. اُنهن ٻولين ۾ هر ڪنهن جي ڏانو وٽان رسالا آهن. سنڌيءَ جي صورتحال ڪجهه مختلف آهي.

عورتن جي رسالن ۾ ڇپجڻ به مرد حضرات پنهنجو حق سمجهن ٿا_ ته ٻارن جي رسالن کي به ”وڏا“ پنهنجي مواد سان مالا مال ڪرڻ جا ڀال ڀلائين ٿا. مختلف رسالن/ڪتابي سلسلن/اخبارن ۾ ڇپجڻ کان پوءِ هو مهراڻ ۾ ڇپجڻ پنهنجو حق سمجهن ٿا. نون لکندڙن جون لکڻيون درستين کان پوءِ هلايون به ٿا، ته اُهي پڙهڻ کان اڳ ئي سندن ٻيون لکڻيون اچيو رسن _ هنن کان ايترو به صبر نٿو ٿئي ته پنهنجي ڇپيل لکڻي پڙهن، ۽ اُن ۾ ڪهڙيون درستيون ڪيون ويون آهن، اُنهن کي ڏسن ۽ پرائين !

ڪنهن به لکڻيءَ کي_ پوءِ اُهو شعر هجي. ڪهاڻي هجي يا ليک_ ايڊٽ ڪرڻ هڪ ڏکيو مرحلو هوندو آهي. مثال طور صورت خطي آهي ۽ مهراڻ ۾ معياري صورت خطي لازمي آهي. غير ضروري تفصيلن/ حوالن ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. گهڻا لکندڙ ته ضروري اعرابون به نٿا ڏين_ مثلاً ”ءَ“ جي نشاني! ۽ ڪي وري هروڀرو به غير ضروري اعرابون ۽ بيهڪ جون نشانيون ٿا ڏين، يا ”اڃا“ کي ”اڃان“ لکڻ. ڪهڙا لفظ گڏي لکڻا آهن ۽ ڪهڙا ڌار، اها ذميواري لکندڙن جي آهي_ نه ته پوءِ سڄي مهراڻ ۾ اهڙيون درستيون ڪرڻيون پون ٿيون، جنهن ۾ وقت ضايع ٿئي ٿو.

سنڌ سڳوري، هن ڌرتيءَ تي، هڪ اهڙو خطو آهي، جنهن کي قدرت پنهنجي فياضيءَ سان انيڪ نعمتن سان نوازيو آهي_ سنڌي ٻولي اُنهن نعمتن مان وڏي ۾ وڏي نعمت آهي، جنهن ۾ اسين خواب ڏسون ٿا_ سوچيون ٿا_ پڙهون ٿا_ لکون ٿا_ ۽ ڳالهايون ٿا. اُن جي شاهو ڪاريت کي ڀرپوريت سان ڪتب آڻڻ جي مکيه ذميواري لکندڙن تي آهي_ ۽ اها هڪ ڀاري ذميواري آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ نڀائڻ ئي هڪ لکندڙ جو نصب العين آهي:

مرنداسين ته دعائون اِن ۾،

جيئنداسين ته صدائون اِن ۾،

جُڳَ جُڳاندر تائين سائَين!

سنڌي ٻولي امر رهي!

     _”مهراڻ“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com