سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1985ع

شمشير الحيدري

  

بسم الله الرحمٰن الرحيم

گذارش

(ايڊيٽوريل)

بارگاهِه ادب ۾ ادب جي ضرورت

 

حضرت شاهه عبدالللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۽ فڪر تي واديءَ مهراڻ کي بجا طور تي فخر حاصل آهي. عالمن ۽ دانشمندن جي متفقه راءِ آهي ته ڀٽائي صاحب جو حيات آفرين ۽ زندگي بخش پيغام انسانذات لاءِ هڪ عظيم آدرش جي حيثيت رکي ٿو، ۽ ان جي ضرورت هر دؤر ۾ هڪجيتري ئي محسوس ڪئي وڃي ٿي. ڀٽائي رحه جي عظمت جي پيش نظر ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه آهي ته ڀٽائي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڀٽائي. حضرت شاهه صاحب جي پيغام ۾ فضيلت ۽ ادب، نهٺائي ۽ نماڻائي، نياز ۽ نوڙت ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ رجحانن جا جيڪي درس ڏنل آهن، سي ڪنهن به وڏي تشريح ۽ تفسير جا محتاج ڪو نه آهن، ۽ انهن ئي عظيم علامتن ۽ آدرشن مان سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جو ضمير ۽ خمير جُڙيل آهي، جيڪا اسان جي قومي شناس آهي.

عظيم فڪر ۽ پيغام جي حوالي سان، حضرت شاهه صاحب جو ابدي ماڳ ”ڀٽشاهه“ پڻ اسان لاءِ هڪ انتهائي تقدس ۽ ادب جو مڪان آهي. اڍائي سؤ سال گذري چڪا آهن، اڄ به ڀٽساهه تي ٻارهوئي ساڳيو ميلو متو پيو آهي ۽ سوين هزارين عقيدتمند، انتهائي ادب ۽ اڪير سان هلي اچي هن ڀلاريءَ ڀونءَ تان ڀيرو ڪندا رهندا آهن ۽ حضرت شاهه صاحب کي پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو خراج پيش ڪن ٿا. ڀٽشاه بيشڪ هڪ انتهائي ادب ۽ فضيلت جي بجاءِ آهي، جتي منفي سوچ جي ڪڏهن به ڪا گنجائش نه رهي آهي ۽ نه رهڻ کپي.

بدقسمتيءَ سان، گذريل هڪ-ٻن سالن کان وٺي، حضرت شاهه صاحب جي عرس جي موقعي تي، ثقافتي محفلن ۽ مجلسن ۾، چند جذباتي ۽ هوش کان عاري ماڻهن جي طرفان، جنهن ناشائسته انداز سان بي ادبي ڪرڻ جي جيڪا ناپسنديده روايت قائم ٿي آهي، تنهن ڀٽائي رحه جي عاشقن ۽ عقيدتمندن، عام زائرين ۽ علمي، ادبي، ثقافتي ۽ صحافتي حلقن کي ڪافي ڏکويو آهي. ان قسم جي منفي عمل کي ڪڏهن به چڱيءَ نظر سان ڏسي نٿو سگهجي. انتهائي ادب ۽ فضيلت جي متبرڪ ۽ پروقار ماڳ تي، ڄاڻي ٻجهي بي ادبي جو مظاهرو ڪرڻ، عقل و دانش جي ڪمي جو ڏکوئيندڙ ثبوت آهي. ادب ۽ ثقافت جي مظهر مجلسن ۾ افراتفري پيدا ڪري جلسن کي ڦِٽائڻ جي مذموم ڪوشش ڪرڻ سان، زائرين ۽ لطيف جي عاشقن کي جيڪو ڏک رسي ٿو، ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل ڪونه آهي. ڀٽائيءَ جي عالي مرتبت ماڳ تي جلسا ڦٽائڻ، لطيف جي تقدس جي بي حرمتي جي برابر آهي. نهايت وڏي ضرورت آهي ته ان قسم جي حرڪتن کي ٻيهر اسرڻ نه ڏنو وڃي ۽ وقار ۽ فضيلت کي قائم رکي هڪ مهذب ۽ متمدن قوم ۽ لطيف جي سچي ارادت مند هجڻ جو ثبوت ڏنو وڃي.

ائين برابر آهي ته ڪنهن طبقي کي زندگيءَ جي ڪنهن شعبي ۾ وقت ۽ ماحول سان شڪوه شڪايت ٿي سگهي ٿي. انساني فطرت جي ان تقاضا کي اسان ڪڏهن به نظرانداز نٿا ڪري سگهون، پر ايترو سو ضرور نهايت برجستگيءَ سان چئون سگهون ٿا ته ڪنهن به احتجاج يا شڪايت جي اظهار لاءِ، ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعن تي سنجيده تقريبن کي ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ هڪ سراسر ناپسنديده ۽ نامقعول فعل آهي، جنهن کي ورجائڻ کان پاسو ڪرڻ کپي.

اسان جي دردمندانه اپيل آهي ته اسان جي هن گذارش تي سنجيدگيءَ سان ويچار ڪيو وڃي، جيئن سنڌ جي سونهري ادب ۽ ثقافت جي روشن اهڃاڻ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي تقدس کي ڇيهو نه رسي ۽ عرس جي موقعن تي ادبي ۽ ثقافتي تقريبون پنهنجو شان ۽ وقار قائم رکي سگهن. اسان کي توقع آهي ته اسان جي هن اپيل کي مثبت موٽ ملندي.

هن موقعي تي، اسان هڪ ٻئي اهم نقطي طرف به ڌيان ڇڪائڻ مناسب ٿا سمجهون ته ميلي جي موقعي تي چند سرڪاري طور طريقن سبب عام زائرين کي جيڪا تڪليف درپيش اچي ٿي، سا پڻ نظرانداز ڪرڻ جوڳي نه آهي. ٿيندو هيئن آهي جو انتظامي سربراهه يا ارباب اختيار جي آمد جي موقعي تي درگاهه شريف کي چوويهه ڪلاڪ اڳ عام زائرين کان خالي ڪرايو ويندو آهي. لطيف جي عاشقن ۽ عقيدتمندن کي، درگاهه جي چوديواريءَ کان ان ڪري بيدخل ڪيو ويندو آهي، جو چيو ويندو آهي ته فلاڻي يا فلاڻي خاص شخصيت جي آمد آهي. پوليس ۽ ٻيا متعقله ادارا، عام زائرين کي درگاهه شريف کان لوڌي ٻاهر ڪندا آهن، جيئن خاص شخصيتن جي عظمتن جو احساس نمايان ٿئي! اهڙي صورتحال ۾ لطيف سائين جي پانڌيئڙن کي جيڪا ذهني تڪليف رسي ٿي، سا آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. اوليائن ۽ بزرگن جي حضور ۾ حاضري ڏيڻ دوران، ان قسم جي اڻ برابري جي ناپسنديده روايت، وڏي اهتمام ۽ آب و تاب سان جاري رکڻ ذهني پستيءَ جو ثبوت آهي. اسان جا صوفي بزرگ ۽ اولياءِالله، بنيادي طور انسان دوست دين اسلام جا شارح ۽ پرچارڪ آهن، ۽ مٿي ڄاڻايل ڪارگذاري انهن اصولن جي سراسر ابتڙ آهي. بزرگن جي دربارن ۾ ته ڪنهن کي به فوقيت حاصل هئڻ نه گهرجي ۽ هڪجهڙائيءَ جو ثبوت ڏيئي، درويشن جي پيغام جي اصل روح کي مجروح ٿيڻ کان بچائجي.

اسان جي انتظاميه کي پڻ اپيل آهي ته ڀٽائي رحه جي عرس جي موقعن تي خاص ۽ مکيه شخصيتن جي آمد دوران عام زائرين جي جذبات جو احترام ڪندي سندن بيدخليون بند ڪيون وڃن.

حضرت شاهه عباللطيف ڀٽائي رحه جي حوالي سان، اسان ڪجهه ٻين اهم نقطن طور پڻ ارباب اختيار جو ڌيان ڇڪائڻ مناسب ٿا سمجهون:

(1) لطيف جي عظمت ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ساڻس محبت هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو ڪنهن به وڏي تشريح جو محتاج نه آهي. هڪ زماني کان وٺي اهلِ سنڌ جو هڪ معقول جائز ۽ مناسب مطالبو سدائين جاري رهندو ٿو اچي ته ”لطيف جي عرس جي موقعي تي، سڄي سنڌ ۾ عام موڪل ڪئي وڃي.“ ڪجهه سال اڳ فقط حيدرآباد ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ٿيندو هو، ۽ ان کان پوءِ چند سال ٿيا، ته ان جو دائرو وسيع ڪري حيدرآباد ڊويزن تائين آندو ويو. سنڌ وارن جي مسلسل مطالبن جي پيش نظر گذريل عرس جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير کي چڱي من ۾ پيئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته آئينده اها موڪل حيدرآباد سان گڏ خيرپور ڊويزن ۾ پڻ ڪئي ويندي. ان اعلان سان يقيناً اهلِ سنڌ کي خوشي ٿي آهي، پر ايترو سو ضرور ويچار ٿئي ٿو ته باقي ڪراچي ڊويزن کي پڻ ان اعلان ۾ شامل ڪيو وڃي، جيئن سنڌ وارن جو اهو مطالبو تڪميلي صورت اختيار ڪري سگهي. اميد ته هن سلسلي ۾ فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو.

(2) اهلِ سنڌ اهو مطالبو به ڪافي وقت کان ورجائيندا ٿا اچن ته لطيف جي عرس جي موقعي تي پوسٽ کاتي طرفان يادگار ٽڪلي جاري ڪئي وڃي. اهو مطالبو اهڙو ڪو پيچيندو ڪونه آهي، جنهن تي ڪنهن وڏي پراجيڪٽ قائم ڪرڻ جي ضرورت پيدا ٿئي. عام ماڻهن جي جذبات ۽ احساسات تي مشتمل هن تقاضا کي مڃڻ معقوليت وٽان ٿيندو، ڇو ته ٽڪلي جاري ڪرڻ فقط ”مارڪ آف آنر“ ڏيڻ جي مترادف آهي.

(3) عرس جي موقعي تي سڀني تقريرن کي ٽيليويزن ۽ ريڊيو تان سڌيءَ طرح نشر ڪرڻ جو اهتمام ڪيو وڃي، جيئن سنڌ جي ثقافت احسن طريقي سان اجاگر ٿي سگهي.

(4) لطيف جي راڳ جي اڳواڻ تمر فقير جي اوطاق تي اوقاف کاتي جو تازه قبضو ختم ڪيو وڃي. اوطاق جي فقيرن احتجاج ڪيو آهي ته حضرت شاهه صاحب جي يادگار شين واري اوطاق تي اوقاف کاتي جو قبضو سراسر زيادتي آهي. تمر فقير جي اوطاق، فقيرن جي سارسنڀال هيٺ رهندي ٿي آئي، جا مالڪن کي موٽائي ڏجي. ان اوطاق ۾ صوفي بزرگ جو تنبورو، رسالي جو هڪ قلمي نسخو ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي چاکڙي شامل آهن، جي روايتي انداز سان فقير ئي صدين کان سانڍيندا ٿا اچن.

(5) گذريل عرس جي موقعي تي درگاهه لطيفي کي خوبصورت بنائڻ ۽ عام زائرين کي سهوليتون ميسر ڪرڻ لاءِ هڪ ماسٽر پلان قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. وڏي ضرورت آهي ته ان پلان کي سرگرم بنايو وڃي.

(6) لطيف سائينءَ جي درگاهه جي مرامت جي ڏس ۾ اوقاف کاتي طرفان سنڌ جي ثقافت سان هڪ اهڙو هاڃو ٿي رهيو آهي، جنهن تي اهلِ سنڌ کي بجا طور ارمان ۽ تشويش آهي. درگاهه لطيفي پنهنجي اڏاوت ۽ سونهن-سوڀيا جي لحاظ کان سنڌ جي روايتي ڪاشيءَ جو هڪ دلاويز اهڃاڻ آهي. ڪاشيءَ جي ئي ان ڪرشمي لطيف سائين جي روضي کي روح پروري بخشي آهي. اوقاف کاتي طرفان، مرامت جي مرحلن ۾، مُلڪان ملڪ مشهور ڪاشيءَ جي جاءِ تي ملتاني پينٽ ورڪ ڪيو پيو وڃي، جيڪا ڳالهه سنڌ جي ثقافت سان هٿچراند جي مترادف آهي. سنڌ جي ڪاشيءَ کي بين الاقوامي شهرت حاصل آهي ۽ اڄ به هالا توڙي نصرپور ۾ ڪاشيءَ جي تياري جو ڪم ٿيندو رهي ٿو. اها جنس اسان وٽ ڪا معدوم ڪانه ٿي چُڪي آهي، جو لطيف رحه جي مقبري تي ملتاني پينٽ ورڪ کي ترجيح ڏني ويئي آهي. لطيف جي زائرين، عقيدتمندن ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن، اوقاف کاتي جي ان لطيف جي زائرين، عقيدتمند ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن، اوقاف کاتي جي ان عمل کي، سنڌ جي ثقافت سان دانسته هٿچراند قرار ڏيندي، ان تي احتجاج ڪيو آهي. اسان ان شڪايت سان شامل راءِ آهيون ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿا ڪريون ته ان اڻ وڻندڙ ۽ نامعقول قوم کي فوراً روڪيو وڃي ۽ سنڌ جي روايتي ڪاشيءَ جي ڪم کي قائم رکي، درگاهه جي فضيلت ۽ جاذبيت قرار رکي وڃي.

(7) ڪراڙ ڍنڍ جي تاريخي حيثيت جي پيشِ نظر ان کي خوبصورت بنائڻ لاءِ خاص اپاءَ ورتا وڃن، جيئن هن قدرتي سونهاري هنڌ وسيلي ڀٽشاهه جي دلاويزي ۾ اضافو اچي.

(8) شاهه جو باغ ۽ ڀٽشاهه ثقافتي ميوزم جي ڪمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ خاص فنڊ ڏنا وڃن، جيئن باغ ۽ ميوزم وڏي شان ۽ وقار وارا بنجي سگهن.

 

قابل قدر قدم

فيصلو ڪيو ويو آهي ته واديءَ مهراڻ جي ناياب ۽ نادر قديم قيمتي شين جي هڪ نمائش يورپ، اولهه جرمني، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ منعقد ڪئي ويندي، جا اڍائي سال جاري رهندي. ان ڏس ۾ عجائب گهرن جي بين الاقوامي ڪائونسل، ڪيترين يونيورسٽين، ثقافتي ادارن ۽ يونيسڪو، مٿئين ڪم لاءِ سهڪار ڪرڻ ۽ مالي مدد مهيا ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي. هن نمائش ۾ موهن جي دڙي، هڙاپا، ڪوٽڏيجي، آمري، منصوره، ڀنڀور ۽ ٻين قديم آثارن مان لڌل قيمتي ۽ ناياب شيون رکيون وينديون. نمائش مان جيڪا آمدني ٿيندي، سا موهن جي دڙي جي قديم آثارن جي تحفظ جي ڏس ۾ هلندڙ ڪوششن لاءِ استعمال ڪئي ويندي.

مٿين نمائش پنهنجي نوعيت جي پهرين، اهم ۽ ڊگهي مدي واري نمائش هوندي. هن نمائش سان، مغربي ملڪن ۽ ثقافتي حلقن ۾ وادي مهراڻ جي عظيم تهذيب کي خوش اسلوبيءَ سان روشناس ڪرائي سگهبو ۽ دنيا جي هڪ عظيم ترين تهذيبي ماڳ موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ رقم گڏ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جنهنکي سم ۽ ڪلر سبب تباهيءَ جو وڏو خطرو تيزيءَ سان وڪوڙي رهيو آهي.

ان قسم جي نمائش منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪري هڪ صحيح قدم کنيو ويو آهي، جنهن جي اسان دل و جان سان آجيان ٿا ڪريون. ان سلسلي ۾ يونيسڪو ۽ ٻين ادارن جو تعاون به قابل تعريف آهي. دراصل يونيسڪو يا ان قسم جا ٻيا عالمي ادارا، موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ هڪ عرصي کان وٺي جيڪي  به اپاءُ وٺي رهيا آهن، سي هر طرح قدر لائق آهن. ان ڳالهه جي ضرورت بهرحال باقي پئي رهندي آئي آهي ته اسان جي پنهنجي حڪومت ان ڏس ۾ ڪي غيرمعمولي قدم کڻي اڃا به وڌيڪ پاڻ ملهائي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ان قسم جي عالمي نمائش جو اهتمام ڪري، هڪ وک اڃا به وڌائي ويئي آهي.

مذڪوره نمائش جي حوالي سان اسان هڪ نقطي بابت ڌيان ڇڪائڻ مناسب ٿا سمجهون ته هن عالمي نمائش ۾، اهڙن سُڄاڻ، ذهين، تجربيڪار ۽ متحرڪ ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي، جيڪي سنڌ جي ثقافت کان صحيح ۽ ڀرپور نموني ۾ واقف هجن ۽ وسيع ڄاڻ رکندا هجن.

ساڳئي وقت، اسان هڪ ٻي تجويز ڏيڻ پڻ موزون ٿا سمجهون ته ان قسم جي عالمي نمائش کي وڌيڪ فعال، دلڪش ۽ نتيجه خيز بنائڻ لاءِ سنڌي ثقافت جي موجوده اهڃاڻن ۽ علامتن کي پڻ ان ۾ شامل ڪيو وڃي. قديم آثارن جي نادر ۽ ناياب شين جي افاديت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي، پر سون تي سهاڳ پيدا ڪرڻ لاءِ بيحد ضروري آهي ته اهڙي موقعي ته سنڌ جي هنرمندن ۽ فنڪارن جي دست هنر جي ڪرشمن (جنڊي، ڪاشي، زيورسازي، ڪاٺ تي اُڪر، پٿر تي ٽُڪ جو ڪم، ڀرت جو ڪم، گج، اجرڪ، لونگي، کٿو، کيس، سُوسي، دُربي، رلي، ظروف سازي ۽ پتل جو ڪم وغيره) کي پڻ دنيا جي نظرن آڏو آڻڻ لاءِ عمدگيءَ سان سجائڻ جا انتظام ڪيا وڃن، جيئن عالمي ناظرين کي ڀرپور نموني ٻڌائي سگهجي ته سنڌ پنهنجي ماضيءَ جي عظيم ثقافتي ورثي جي روايت کي، هن دور ۾ پڻ احسن طريقي سان قائم رکندي ٿي اچي.

اهڙي موقعي ٿي سنڌي ساز ۽ آواز جي شموليت پڻ کير ۾ کنڊ جي مصداق ٿيندي. روايتي سنڌي کي اڳ ئي بين الاقوامي شهرت حاصل آهي، تنهنڪري سنڌ. جي لوڪ موسيقي جي دلفريب ۽ خوشگوار مجلسن وسيلي، مقصد جي حاصلات ۾ ڀرپور مدد ملندي.

 

شڪراني جو مقام

الحمد اللہ، سنڌي ادبي بورڊ کي پنهنجي مقصدن جي حاصلات جي ڏس ۾ روز بروز جيڪا ڪامراني حاصل ٿي رهي آهي، سا سنڌ ادب ۽ علم لاءِ نيڪ فال آهي. بورڊ جي مالي مشڪلاتن کي ڪنهن حد تائين حل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار جيڪا خاص مدد ڪئي آهي، ان جو تفصيلي ذر اسان گذريل پرچي جي گذارش ۾ ڪري چڪا آهيون. اها بورڊ جي بنيادي ضرورت جي تڪميل طرف هڪ ٺوس قدم آهي.

تازو بورڊ کي هڪ ٻئي اهم پراجيڪٽ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي، جو بورڊ لاءِ ڇپائيءَ جو هڪ بهترين بندوست راس ٿيو آهي. بورڊ لاءِ جديد آٽوميٽڪ آفسيٽ پرنٽنگ پلانٽ نصب ٿي چڪو آهي ۽ ان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي بورڊ جا سَون جي تعداد ۾ عدم موجود ڪتاب -- جن جي هڪ وڏي عرصي کان خريدارن کي تقاضا هئي -  تيزيءَ سان اشاعت پذير ٿي سگهندا ۽ پڻ نوان نوان ڪتاب جلد منظر عام ٿي ايندا رهندا.

ٻئي طرف، خريدارن جي سهولت خاطر حيدرآباد شهر ۾ بورڊ جي ڪتابن ۽ رسالن جي حاصلات لاءِ قائم ٿيندڙ ”بوڪ شاپ“ پڻ سُتت راس ٿيڻ وارو آهي، جيڪو تلڪ چاڙهيءَ تي بورڊ جي پريس سان ملحق آهي. سنڌي زبان ۽ ادب جي بهي خواهن جي نيڪ تمنائن ۽ دعائن سان، انشاءاللہ، بورڊ کي اڃا به وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ٿينديون.

لاهوتي لڏي ويا...!

تازو اسان جي چند صلاحيتمند ۽ مخلص ادبي خدمتگذارن۽ عالمن جي وفات سان سنڌي علم ادب، صحافت ۽ تحقيق جي شعبن ۾ وڏي ڪمي پيدا ٿي آهي. مولانا خيرمحمد نظاماڻي، پروفيسر محمد اڪرم انصاري، جناب محبوب علي جوکئي، سائين ڪريم بخش چنا ۽ جناب قربان علي بگٽي جون جُدايون، سنڌ جي علمي حلقن نهايت ڏک وچان ٻُڌيون آهن.

- مولانا خيرمحمد نظاماڻي، سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ هڪ برک هستي هو، جو ڪنهن به تفصيلي تعارف جو محتاج ناهي. سنڌ جي نامياري ۽ قابل احترام بزرگ عالم دين، اديب، شاعر، صحافي، مفڪر، تحريڪ آزادي جي سرويچ سپاهي مولانا نظاماڻي جون خدمتون، سنڌ جي ادبي تاريخ جو هڪ روشن باب رهنديون.

- پروفيسر محمد اڪرم انصاري هڪ ممتاز تعليمدان ۽ استاد جي حيثيت ۾ وڏي مرتبي جو صاحب هو، ته ساڳئي وقت سنڌي ادب جي مسلسل خدمت کان به ڪڏهن غافل نه رهيو. لطيف سائينءَ سان سندس شغف، عشق جي حد تائين پهتل هو ۽ لطيفيات جي سلسلي ۾ انصاري صاحب جي ڪيل ڪم کي سنڌي ادب ۾ هڪ سنجيده حيثيت حاصل آهي.

- جناب محبوب علي جوکيو، سنڌي ادب جي هڪ مخلص خدمتگذار جي حيثيت ۾ ڪڏهن به وسري سگهڻ جو ناهي. ڪڏهن به شهرت جو شوق نه رکيائين ۽ پنهنجي تعليم و تعلم جي معزز پيشي سان گڏ ادبي خدمتن سان واڳيل رهيو.

- سائين ڪريم بخش چنا هڪ سُڄاڻ ۽ سينيئر تعليمدان جي حيثيت ۾ وڏي عزت پاتي. دينيات سندس موضوع هو، جنهن تي ڪافي ڪم ڪيائين. سندس علمي ۽ ادبي مضمون، سنڌي ادب ۾ قدر لائق اضافو آهي.

- جناب قربان علي بگٽي هڪ ذهين، صلاحتمند ۽ محنتي اديب هو. لڳاتار تنقيدي مضمونن لکڻ ڪري معروف ٿيو. وسيع مطالعي جو صاحب هو ۽ سندس لياقتن کي قبول عام حاصل ٿيو.

اسان مرحومين جي دکدائڪ جُداين تي سندن مغفرت لاءِ دعاگو آهيون. شال رب پاڪ کين مرهي ۽ سندن پوين کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي.

”مهراڻ“ بابت

سنڌي زبان جي سمورن عالمن، اديبن ۽ شاعرن مهراڻ سان پنهنجو ديرينه علمي ناتو نباهيندي، جنهن سرگرميءَ سان تعاون جو سلسلو جاري رکيو آهي، ان لاءِ اسان پنهنجن ڪرمفرما لکندڙن جا بيحد ٿورائتا آهيون. هي شڪريو رسمي سپاس گذاري ناهي، پر اسان جي دل جي گهراين جو آواز آهي.

گذريل پرچي ۾ آيل اپيل جي سهڻي موٽ ڏيندي اديبن ۽ ادارن پنهنجي تعاون سان نوازيو، جنهن وسيلي اسان نون سنڌي ڪتابن تي تبصرن جو ڪالم، هن پرچي کان شروع ڪري ڇڏيو آهي. انشاءِالله سندن تعاون کي مستقل حيثيت حاصل هوندي.

مهراڻ کي اڃا به وڌيڪ جاذب ۽ دلاويز بنائڻ لاءِ، ان کي سفيد ڪاغذ تي شايع ڪرڻ لاءِ اُپاءِ وٺي رهيا آهيون. اهو پڻ ارادو آهي ته پرچي ۾ علم ادب، ثقافت، تهذيب ۽ صحافت سان وابسته خدمتگذارن جون تصويرون شايع ڪجن، جنهن لاءِ تعاون جي اپيل ڪجي ٿي.

 

- نفيس احمد شيخ

 

 

 

سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق بابت ڪي ويچار

 

جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا سان ڳالهه ٻولهه

- مراد علي مرزا

 

(تعارفي گفتگو: ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. ڊاڪٽر صاحب هن وقت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر آهي. ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽي آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو آهي. تعليم ماهر هجڻ سان گڏ ڊاڪٽر الانا صاحب ادبي ۽ علمي دنيا ۾ مشهور شخصيت آهن. لاتعداد معياري مقالن سان گڏ، ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي، جن ۾ سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي صورتخطي، سنڌي صوتيات، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي ۽ لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۽ سنڌي معلم، مشهور ۽ مقبول ڪتاب آهن. هن وقت سنڌي زبان ۾ سندن هڪ ٻيو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڇپائيءَ هيٺ آهي، جيڪو جلد ئي شايع ٿيندو. ان کانسواءِ ڊاڪٽر الانا صاحب تعليم جي سلسلي ۾، ۽ علمي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ انگلينڊ، فرانس، آسٽريليا، آمريڪا، سئٽزرلينڊ، جاپان، بئنڪاڪ، فرانس ۽ ڀارت جا به دورا ڪيا آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب جي ادبي زندگيءَ جي شروعات افسانن لکڻ سان ٿي، تنهن ڪري ڊاڪٽر صاحب کان پهرين سندن افسانن جي حوالي سان سوال ڪبو.)

· سوال: ڊاڪٽر صاحب، مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته شروع ۾ اوهان ڪيترا افسانا لکيا ۽ ناول لکيا، ۽ پوءِ ڪهڙي سبب ڪري ان تخليقي ڪم کي ڇڏي ڏنو.

· جواب: مرزا صاحب! آءٌ جيئن ته هڪڙي غريب ماڻهوءَ جو فرزند آهيان ۽ غريب فرد آهيان. جنهن وقت آءٌ اين. جي. وي. هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس، ان وقت کان مون افسانن لکڻ جي ابتدا ڪئي هئي، پر مون محسوس ڪيو ته منهنجي طبيعت ڪجهه ’ساڀيان ادب‘ يعني تاريخ طرف زياده آهي. انهن ڏينهن ۾ يا اڄ ڏينهن تائين مون جيڪي افسانا لکيا آهن، منهنجي خيال ۾ اهي وڌ ۾ وڌ پندرهن کن ٿي سگهندا. ان کان سواءِ مون هڪڙو ناول به لکيو هو، ان جو عنوان هو ”لاش“. پر اصل ۾، جيئن مون عرض ڪيو، منهنجي طبيعت جو رُجحان ’ساڀيا ادب‘ طرف هو ۽ ٻن ماڻهن منهنجي ادبي زندگيءَ تي وڏو اثر ڪيو، انهن ۾ هڪڙو هو مرحوم مولانا غلام محمد گرامي، ٻيو هو مرحوم سلطان علي فدائي. انهن ٻنهي بزرگن جي اثر جي ڪري ”ڪرئيٽوِ لٽريچر“ يا تخليقي ادب ڇڏي، يعني افسانن ۽ ناول کي ڇڏي، مون شروع ۾ ٿوري شاعري به ڪئي هئي، تڏهن آءٌ اين. جي. وي. اسڪول ۾ پڙهندو هوس. پوءِ جيئن جيئن گرامي صاحب سان زياده ملاقاتون ٿينديون ويون ۽ گڏجاڻيون ٿينديون ويون، تيئن طبيعت جو سارو رجحان تاريخ، ثقافت ۽ انهيءَ طرف وڌي ويو. انهيءَ ڪري مون افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا ۽ تاريخي مضمون ۽ سنڌ جي آرڪيالاجي ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن طرف منهنجو رجحان هليو ويو، انهيءَ ۾ منهنجي خيال ۾ وڏي ۾ وڏو سبب مولانا گرامي صاحب جو آهي، جيڪو مون کي انهيءَ پاسي گهِلي ويو.

· سوال: يعني جيڪڏهن مولانا صاحب ان طرف توهان جو خيال نه ....

· جواب: ته شايد آءٌ افسانا لکندو رهان ها ۽ شايد آءٌ شاعري به ڪريان ها. مولانا گرامي صاحب خود به هڪ وڏو شاعر ۽ نقاد هو، پر محسوس ائين پئي ٿيو ته هو شاعر گهٽ، تاريخدان، محقق يا نقاد وڌيڪ هو، تنهنڪري مون ’تنقيدي ادب‘ طرف زياده توجهه ڏنو.

· سوال: سائين، مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته توهان جي لکيل ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ جيڪا آهي، سا سنڌ ۾ انگريزي دور تائين آهي ۽ انهيءَ دور کان پوءِ نئين دور ۾ سنڌي نثر جيڪا هر طرفي ترقي ڪئي آهي، ان بابت ڇا اوهان جو آئيندي لکڻ جو ارادو آهي؟

· جواب: منهنجو ارادو ان ڪتاب جي ٻئي حصي لکڻ جو هو، حالانڪ مون چاهيو ٿي ته آزاديءَ کان پوءِ جو جيڪو سنڌي ادب آهي، تنهن تي آءٌ ڪجهه لکان، پر جنهن وقت کان سنڌالاجي ۾ مون پاڻ کي بلڪل مگن ڪري ڇڏيو، سنڌالاجي جي ترقي ۽ ڊولپمينٽ طرف منهنجو ڌيان گهڻو رهيو ۽ مون سنڌ جي ثقافت ۽ لسانيات بابت لکڻ جو ارادو پختو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ آءٌ اها دعويٰ نٿو ڪريان ته ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ منهنجو ڪو معياري ڪتاب آهي. مون وٽ ڪجهه نوٽس به هئا، ڪافي نوٽس مون تيار به ڪيا هئا ۽ مون چاهيو ٿي ته اءٌ جديد ادب تي ڪجهه لکان ۽ اهو ڪتاب مڪمل ڪريان، پر پوءِ آءٌ جڏهن لنڊن کان موٽي آيس ته مون لسانيات طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو. مون محسوس ڪيو ته انهيءَ ميدان ۾ ڪم ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت هئي، ان ڪري مون لسانيات تي لکڻ شروع ڪيو، پر جي آءٌ اڄ به چاهيان ته لکي سگهان ٿو. اسلام آباد ۾ جيتوڻيڪ مون کي تمام گهٽ وقت ٿو ملي، پر تڏهن به آءٌ ادب تي مقالا ۽ مضمون پڙهندو رهان ٿو. تازو حميد سنڌيءَ جو ڪتاب آيو آهي، مون اهو ڪتاب پڙهيو آهي. امر جليل جو ڪتاب آيو آهي، مون اهو به پڙهيو آهي. آءٌ مسلسل پڙهندو رهان ٿو، تنهنڪري تنقيدي نقطهِ نگاهه کان جيڪر آءٌ لکڻ چاهيان ته ڪافي ڪجهه لکي سگهان ٿو.

· سوال: لکڻ گهرجي به تنقيدي نقطهء نگاهه کان، سائين.

· جواب: جي ها! آءٌ ائين به چاهيندس ته جيئن نثر جي تاريخ هڪ اهڙي قسم جو ڪتاب آهي، جو تنقيدي نقطهء نگاهه کان لکيل آهي، ۽ انهيءَ کان پوءِ جو ادب پيدا ٿيو آهي ۽ ان تي به آءُ جيڪڏهن فرصت ملي ۽ وقت مليو ته تنقيدي نقطهء نگاهه سان ضرور لکندس. مون سنڌي ڊرامن تي تنقيدي مقالو لکيو آهي، جو اسلام آباد ۾ مون وٽ موجود آهي.

· سوال: سائين، ٻيو عرض اهو آهي ته جيئن اوهان اعليٰ تعليم ’لسانيات‘ ۾ حاصل ڪئي آهي ۽ سنڌي لسانيات جي موضوع تي اوهان ڪيترو ئي لکيو آهي، تنهن ڪري لسانيات جي ماهر هجڻ جي حيثيت ۾ ٻڌائي سگهندا ته موئن جي دڙي جي ٻولي، ٻولين جي ڪهڙي سَٿ سان لاڳاپو رکي ٿي ۽ اڃا تائين اها ٻولي ڪهڙن سببن جي ڪري پڙهي نه وئي آهي؟

· جواب: هن ڏس ۾، آءٌ جيڪڏهن چوان ته دنيا جا، ٽن ملڪن جا ماهر انهيءَ موضوع تي ڪم ڪري رهيا آهن. نيدرلينڊ جي اسڪالرن پارپولا برادرس جا نالا سنڌ ۾ مشهور آهن، ٻيو روسي گروپ آهي، اهڙيءَ طرح انڊيا ۾ به اُن تي ٿورو گهڻوڪم ٿيو آهي. آءٌ تازو جڏهن گذريل سال سائوٿ انديا، تامل ناڊو اسٽيٽ ويو هوس، اُتي انملاءِ يونيورسٽي جي دعوت هئي. مون کي حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم طرفان نامزد ڪيو ويو هو ۽ حڪومت پاڪستان طرفان شرڪت ڪئي هئم. مون اتي محسوس ڪيو ته سائوٿ انڊين ڪلچر ۾ خصوصاً انملاءِ يونيورسٽي جي آسپاس مون ڪافي خطو ڏٺو. اهو حصو مدراس کان 300 ڪلوميٽر هيٺ هو، جتي منهنجو وڃڻ ٿيو. اتي جو مون جيڪو راڳ ٻڌو، اتي جا مون جيڪي لوڪ ناچ ڏٺا، اتي جا مون جيڪي مندر ڏٺا، ۽ مندرن ۾ جيڪي چِٽ گُل ۽ نشان ڏٺا، ماڻهن جي جڏهن مون ٻولي ٻڌي ۽ اتي جي يونيورسٽيءَ ۾ درواڙي ٻولين جو سينٽر آف ايڪسلينس ڏٺو. درواڙي ٻولين جي اسڪالرس سان منهنجي ميٽنگ رکي وئي هئي، منهنجي گذارش تي. ۽ مون کي چار پنج ڪلارڪ پنهنجي اداري ۾ وٺي ويا. انهن سان به مون گفتگو ڪئي. هو به انهيءَ راءِ جا هئا ته دراوڙي ٻولي موئن جي دڙي جي ٻوليءَ سان واسطو رکي ٿي، پر هو گهڻي قدر انهيءَ ڪري ڪامياب نه ٿيا آهن جو مقامي ٻولي نٿا ڄاڻن. نيدرلينڊ جي اسڪالرن جون ڪجهه رپورٽون اسان جي سامهون آهن. اهي اڃا به ان تي ڪم ڪندا رهن ٿا، هن ”تامل“ يا ”تلنگو“ کي بنياد بنائي، موئن جي دڙي جي ٻوليءَ جو مطالعو ڪيو آهي. پارپولا سان اڳي منهنجي ملاقات ٿي هئي. آءٌ ذاتي طور تي ان راءِ جو آهيان ته جيستائين ڪو به ماهر سنڌي زبان سکي، موئن جي دڙي تي ڪم نه ڪندو، تيستائين هو مونجهاري ۾ رهندو، تنهن ڪري آءٌ اها راءِ ڏيندس، ته پارپولا کي اها ئي راءِ ڏني هئي ته هن کي پهرين سنڌي ٻولي سکڻ گهرجي، ڇو ته هنن جيتري قدر ڪجهه مهرون پڙهيون آهن، انهيءَ نتيجي کي سامهون رکي به مون سنڌي ٻوليءَ سان تقابلي مقابلو ڪيو آهي. منهنجي ڪتاب ”سنڌي جي بڻ بنياد“ ۾ مثلاً هڪڙي صورت يا شڪل ٽڪنڊي جهڙي آهي، جنهن کي هنن ”ڪوه“ پوٺوهاري، پنجابي ۽ هندڪو ۾ به اهو لفظ موجود آهي. اءٌ هينئر انهيءَ خطي ۾ رهان ٿو. پوٺوهاري، پنجابي ۽ هندڪو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي هڪجهڙائي آهي. اءٌ سمجهان ٿو ته ڪو اسڪالر ٻاهران اچي ۽ انهيءَ سڄي لساني گروپ جي اسٽڊي ڪري، سرائڪيءَ کي پڙهي، سنڌيءَ کي پڙهي ۽ انهن کي پڙهڻ کان پوءِ تقابلي مطالعو ڪري ۽ پوءِ موئن جي دڙي جي انهن مهرن سان ڀيٽي نتيجا ڪڍي. ائين ڪرڻ سان شايد ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهي.

· سوال: ڊاڪٽر گريئرسن انهيءَ تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، انهيءَ جا نتيجا جيڪي ڪڍيا آهن، انهن سان توهان جو ڪيتري قدر اتفاق آهي؟

· جواب: مرزا صاحب! گريئرسن 1900ع کان 1907ع تائين يعني ست سال انهيءَ موضوع تي ڪم ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو بنيادي ڪم آهي. اهو تمام وڏو ڪم آهي. ماهرن جي هڪ گروپ کي اهو ڪم هٿ ۾ کڻڻ گهرجي. ”شنا“ ۽ ”خوار“ يا ڪشميري يا هندڪو تي ڪم ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ گريئرسن جي ريسرچ کي بنياد بنائي ڪا لينگوئسٽڪ ريسرچ سوسائٽي ٺاهجي ۽ ڪنهن يونيورسٽيءَ طرفان اهو ڪم هٿ ۾ کڻجي ته آءٌ سمجهان ٿو ته گريئرسن جتي ڪم کي ڇڏيو آهي، اتان انهيءَ ڪم ۾ هٿ وجهجي ته ان سلسلي ۾ وڏي خدمت ٿي سگهي ٿي. لسانيات جي ميدان ۾ پاڪستان ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ خصوصاً 1927ع کان پوءِ بلڪل معمولي ڪم ٿيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ گريئرس پارو ڪو جاکوڙي پيدا ٿئي، ڪا منسٽري هيءَ ڪم هٿ ۾ کڻي. مون کي خبر آهي ته ڊاڪٽر محمد افضل کي ذاتي طرح سان لسانيات سان دلچسپي آهي، پر جيڪڏهن منسٽري طرفان ڪا اهڙي انسٽيٽيوٽ قائم ٿئي ته وڏي خدمت ٿيندي. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي وٽ اهڙي اسڪيم آهي. اسان جون جيڪي به پاڪستاني ٻوليون آهن، تن جي پڙهائڻ جي سلسلي ۾ فنڪشنل سنڌي، فنڪشنل اردو، فنڪشنل بروهي، بلوچي، پشتو وغيره وغيره. جيڪي ننڍيون يا وڏيون ٻيوليون آهن، انهن تي ڪم ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اوپن يونيورسٽي سڄي ملڪ جي يونيورسٽي آهي. اها ئي هي ڪم هٿ ۾ کڻي سگهي ٿي. بالتي ٻوليءَ وارا، شنا وارا، خوار وار ۽ ٻيا به مختلف ٻولين جا ماڻهو آهن، انهن سان وقت به وقت آءٌ ملندو رهندو آهيان. اهي سڀ چاهين ٿا ته سندن ٻولين جو مطالعو ٿئي. اءٌ سمجهان ٿو ته موئن جي دڙي جي ٻوليءَ جي مطالعي لاءِ ضروري آهي ته اسين انهن مقامي ٻولين جو مطالعو ڪريون ۽ تنهن کان پوءِ موئن جي دڙي جي انهيءَ نتيجي تي پهچي سگهنداسين. پر اهو ضروري آهي ته جيئن مون جيتريقدر تامل ناڊو ۾ ڏٺو ته اسان جي انهن جي ٻولي ۽ تهذيب سان گهڻي نسبت آهي. ايتريقدر جو هڪڙي ڪلچرل ايوننگ ۾ لوڪ ناچ جي هڪڙي نشست هئي. اتي جيڪي به مرد ۽ خواتين جا ناچ هئا، سي بلڪل اسان جي سنڌ جي لوڪ ناچن جهڙا هئا. تنهن کان پوءِ هڪڙو ڪلاسيڪل ڳائڻو آندو ويو هو جنهن حالا نڪ سڄي انائونسمينٽ پنهنجي پاڻ پئي ڪئي ۽ اها به تامل ٻوليءَ ۾، پر راڳ جي جن سُرن جا نالا ٿي ٻڌايائين، اهي نالا آءٌ سمجهي ٿي ويس، اهي هئا مانجهه ۽ سنڌڙو ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا نالا. ان کان سواءِ اتي نٽ راج جو شو به مندر تمام وڏو مندر آهي. حيدرآباد جو اڌ شهر انهيءَ ۾ سمائجي سگهي ٿو ۽ مُراد صاحب! توهان کي ٻڌي حيراني ٿيندي ته موئن جي دڙي تي جيڪو وڏو تلاءٌ آهي، اهڙو بلڪل اهڙو تلاءٌ هن وقت اتي به آهي، جتان سڄو مندر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان جي چوڌاري جيڪي ”پوڄاري“ آهن يا ٻيا اچي وهن ٿا، پنهنجي پنهنجي عبادت ڪن ٿا. پهرين اتي تڙ ڪن ٿا، وهنجن ٿا. وهنجڻ کان پوءِ وري چؤڪنڊين ڪوٺڙين ۾ ويهي عبادت ٿا ڪن. عبادت کان پوءِ وري تڙ ڪري ٻاهر ٿا نڪرن. ان تلاءَ جي جيڪا بيهڪ آهي، اها اهڙي آهي، جو انهيءَ ٽيمپل جا چارئي دروازا، تلاءُ جي ڪنهن به ڪنڊ تان بيهي اوهين ڏسي سگهندا. ان جي بيهڪ اهڙي نموني جي آهي. اتي مون کي جيڪو پروفيسر وٺي هليو هو، تنهن مون کي ٻڌايو ته هن جو منظر ڇا آهي، هن جو نمونو ڇا آهي. هن جي راءِ موجب هن مندر ۾ ڪائنات جو تصور سمايل آهي. نٽ راج جي حيثيت مرڪزي آهي. نٽ راج واري پاٺ پوڄا ۾ آءٌ به شامل ٿيو هوس، انهيءَ لاءِ ته ڏسان ته اها ڪهڙي نموني ٿئي ٿي. هن مندر جي چوڌاري ناچ جا روپ اڪريل آهن. اهي چار سؤ کن هئا. هڪڙي شام جو پدما سبرامنيئم، اتي جي هڪ مشهور ڊانسر، جنهن ڪلاسيڪي ڊانس ۾ انهيءَ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. اها به ناچ تي، هن فقط پنجن روپن تي ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. ان خاتون هڪ هڪ روپ تي روشني وڌي ۽ پوءِ پرئڪٽيڪل ڪري ڏيکاريا. آءٌ سمجهان ٿو ته اهو سڄو ڪلچر ۽ انهن سڀني ٻولين جو اڀياس ۽ جيڪي پاڪستان ٻوليون آهن، انهن جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ان جو تقابلي مقابلو ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن موئن جي دڙي جي تهذيب تي ۽ موئن جي دڙي جي ٻوليءَ تي ريسرچ ٿي سگهندي. مون کي اڃا تائين سائوٿ انڊيا جو سفر ياد آهي، اهو سفر منهنجي ذهن ۾ آهي. اءٌ ان تي لکي به ڪو نه سگهيو آهيان، جو وقت گهٽ ٿو مليم، پر اُتي ڄڻ ته آءٌ سنڌ ۾ هوس. انهن جو ووڪل ميوزڪ به ايتريقدر جو انهن جو ميوزڪ جو ڪاليج هو. ان جي مکيه دروازي جي اڳيان هڪڙو بت ٺهيل آهي، هڪڙو پنڊت پلئي ماري ويٺو آهي. سندس هڪڙي هٿ ۾ يڪتارو ۽ ٻئي هٿ ۾ کڙتال آهي. اتي مون ڪن شاگردن کان پڇيو ته توهان هن ساز کي ڇا ٿا چئو، انهن انگريزيءَ ۾ نالو ٻڌايو. پر مون چين ته انگريزيءَ ۾ مون کي نالو نه کپي، توهان پنهنجي ٻوليءَ ۾، هتي دراوري ٻوليءَ ۾، ۽ تامل ٻوليءَ ۾ انهيءَ کي ڇا ٿا چئو؟ ته انهن چيو ته اسان انهن کي چوندا آهيون ”چَپرون“. اوهان کي ته خبر آهي ته چپڙون سنڌي لفظ آهي. اهڙي نموني هنن ايگزيبيشن ۾ ميوزڪ پئي وڄايو، مون ائين محسوس ڪيو ته اءٌ الغوزو ٻڌي رهيو آهيان يا انهيءَ قسم جا راڳ ٻڌي رهيو آهيان. مون محسوس پئي ڪيو ته ڄڻ آءٌ سنڌ ۾ آهيان.

· سوال: سائين، توهان اهو چئو ٿا ته ٻولين جو تقابلي مطالعو ڪرڻ گهرجي. توهان علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جا سربراهه آهيون ته ڇا علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ طرفان اهڙو شعبو يا اهڙي ريسرچ نٿي ٿي سگهي؟

· جواب: نه، في الحال لينگوئسٽڪ ڊپارٽمينٽ کولڻ جو ڪوبه ارادو ڪونهي. في الحال اسان پاڪستاني ٻولين تي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. البت انهن جي نصاب ۾ لينگوئسٽڪ شامل ڪرڻ جو ارادو آهي. موئن جي دڙي تي ريسرچ ڪرائڻ منهنجي وس ۾ ناهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ وڏو سرمايو کپي. پر پاڪستاني ٻولين جي انسٽيٽيوٽ ۾ جڏهن ڪي اسڪالر گڏبا، يعني پنجابي ڳالهائيندڙ يا هندڪو ڳالهائيندڙ يا سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ ٻيا، اهي سڀ هڪ ٻئي سان گڏ ويهي ڪجهه سوچي سگهن ٿا.

· سوال: سائين، روس ۾ جيڪو ڪم ٿيو آهي، پاڪستان جي ڪيترين ئي ٻولين، جنهن ۾ سنڌي به اچي وڃي ٿي، انهن تي هنن مختصر رسالا جديد تحقيق مطابق لسانيات ۾ مرتب ڪيا ويا آهن. سنڌي ۾، پنجابي تي، بلوچي تي. انهن رسالن ۽ ريسرچ کي اڳيان رکي ڪجهه ڪم ڪري سگهجي ٿو؟

· جواب: بلڪل ڪري سگهجي ٿو، پر اسان وٽ لينگوئسٽڪ تي ڪو توجهه ڪونهي، صرف ٻه شعبا آهن، هڪڙو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، جتي اردوءَ سان گڏ هڪ پيپر آهي. ان جي لينگوئيج لئبارٽري به آهي. ٻيو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي ان تي ڪجهه ڪم ڪيو آهي. پر آءٌ سمجهان ٿو ته جيستائين ڪو گروپ قائم نه ٿيندو، جيستائين ڪا انسٽيٽيوٽ ان سلسلي ۾ قائم نه ٿيندي، جيئن انڊيا ۾ هڪڙي يونيورسٽي، پوني ۾ ۽ ٻي ڏکڻ هندستان ۾ انملاءِ يونيورسٽي جنهن ۾ سائوٿ انديا جي ٻولين تي ڪم پيو ٿئي. آءٌ سمجهان ٿو ته پاڪستان ۾ انهيءَ قسم جو ادارو قائم ٿئي، ڪنهن يونيورسٽي ۾ ٿئي، پر ان ۾ جديد لسانيات، اپلائيڊ لينگئسٽڪس يا سوشل لينگئسٽڪس يا ڊسڪريٽو لينگئسٽڪس وغيره تي ڪم ٿيڻ گهرجي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فقط سنڌي شعبي ۾ هڪڙو پيپر آهي. جيڪڏهن اهو ادارو قائم ٿي وڃي ۽ اهو ادارو پنهنجي ذمي ڪم کڻي ته پاڪستان ۾ هن ميدان ۾ وڏي خدمت ٿي سگهي ٿي.

· سوال: سائين، ٻيو سوال آهي اوهان جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ جي باري ۾. هڪ نقاد جو چوڻ آهي ته ان ڪتاب ۾ لسانيات تي جيڪو بحث ڪيو ويو آهي، اهو مشهور امريڪي ماهر لسانيات ليونارڊ بلوم فليد جي ڄاڻايل نظريي مطابق آهي. انهيءَ نقاد جو چوڻ آهي ته هن وقت بلوم فيلڊ جا لساني نظريا آوٽ ڊيٽيڊ ٿي ويا آهن. انهيءَ ڏس ۾جيڪي جديد نظريا آهن، تن کي اوهان پنهنجي هن ڪتاب ۾ نظرانداز ڪيو آهي. ان باري ۾ اوهان جي راءِ معلوم ڪرڻي آهي.

· جواب: مرزا صاحب! منهنجي راءِ ان سلسلي ۾ هيءَ آهي ته اسين ماڻهو ڪم گهٽ ڪندا آهيون ۽ عيب وڌيڪ ڪڍندا آهيون. خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي ڪم نه ڪندا آهن ۽ ڳالهيون گهڻيون ڪندا آهن، اهي اهڙي راءِ ڏيندا آهن. کڻي اهو مڃجي ته بلوم فيلڊ جو نظريو پراڻو ٿي ويو آهي، اسان وٽ انهيءَ نظريه تي ڪيترا ڪتاب لکيا ويا آهن؟ بلوم فيلڊ کي ڪيترا ماڻهو سڃاڻن؟ مون کي خبر آهي ته اهو نقاد ڪير آهي. ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ ڪتاب هن نفرت وچان پڙهيو آهي ۽ عيبن ڪڍڻ لاءِ پڙهيو اٿس. ان ڪتاب جي مفهوم کي سامهون رکو، ان جي فهرست ڏسو ته ڪتاب جو مقصد ڇا آهي. ڪتاب جو مقصد اهو ناهي ته ٻولي ڇا آهي، ٻوليءَ جي وصف ڇا آهي يا سماج ۾ ٻوليءَ جي اهميت ڪهڙي آهي. انهيءَ موضوع تي فقط تعارفي باب ڏنل آهي. ان ۾ وصف ڏنل آهي ۽ لسانيات جو مقصد ڏنل آهي. اهو باب منهنجي هڪ پراڻي مضمون تي مدار رکي ٿو. فقط تعارف لاءِ اهو باب شامل ڪيو ويو آهي. مون کي خبر آهي ته لسانيات جي موضوع تي انهيءَ سلسلي ۾ ڪافي جديد تحقيق ٿي آهي، خاص ڪري ٻن موضوعن تي، هڪڙو اپلائيڊ لينگئسٽڪس ۽ ٻيو آهي سوشؤ لينگئسٽڪس. انهن ٻنهي موضوعن اپلائيڊ ۽ سوشؤ لينگئسٽڪس تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ منهنجو مقصد لساني لڏپلاڻ، اها علم الانسان جي نقطه نگاهه کان. هن ڪتاب ۾ منهنجو مقصد هي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جاگرافيائي حدون اورانگهي ڪيستائين ۽ ڪٿي ڪٿي پهتي آهي. اهو سڀ ڪجهه مواد مان ئي ظاهر آهي. لينگئسٽڪي جاگرافي انهي کي چئبو، جنهن ۾ لهجن جو اڀياس هجي. هن ڪتاب ۾ ٻوليءَ جي وصف يا استعمال تي مواد ڄاڻي واڻي گهٽ ڏنل آهي. انهيءَ ۾ مون ڏنو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ڪيستائين پکڙيون آهن ۽ جيڪڏهن ”ڪرمان“ تائين سنڌي ٻولي پکڙي آهي ته ان جي لاءِ سبب ڪهڙا آهن. سنڌي ٻولي اوستائين ڇو ۽ ڪيئن پکڙي. جيڪا ملڪ جي سياسي سرحد آهي، اها ٻوليءَ جي سرحد ڇو نه آهي؟ سنڌي ٻولي پنهنجون سياسي سرحدون اورانگهي اڳتي ڪيئن وڌي آهي. جيڪڏهن اڳتي وڌي آهي ۽ ڪرمان تائين پهتي آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن. جيڪڏهن سنڌي ٻولي ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ تائين پهتي آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن. جيڪڏهن سنڌي ٻولي رحيم يار خان ۽ ملتان تائين پهتي آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ مون اهو ڪم ڪيو آهي، اهو سڀ ڪجهه اوهان جي آڏو آهي. ٻوليءَ جي استعمال، ٻوليءَ جو ڪارج، جنهن کي اسان سماجي ڪارج چئون يا ٻوليءَ جي وصف يا ٻوليءَ جي لاءِ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا ڪارڻ آهن. مون کي اها به خبر آهي ته منهنجي ڪتاب تي هڪڙو براءِ نام تنقيدي ڪتاب به لکيو ويو هو، جنهن ۾ مون تي تنقيد جي بدران ان ۾ سڀ ڪجهه لکيو ويو هو، اهو ڪتاب منهنجي نظر مان نڪتل آهي. هينئر جيڪو هڪڙو آءٌ ڪم ڪريان پيو يا اهڙي نموني ٻوليءَ جو بڻ بنياد ڪتاب تي به ڪجهه پروفيسرن راءِ ڏني يا ڪڏهن ڪڏهن جيئن مثلاً آءٌ مراد علي کي پسند نٿو ڪريان، ته مراد علي جيڪا شيءِ لکي ته آءٌ فيصلو ڪري ويٺس ته ان ۾ غلطي هوندي ته ان لاءِ آءٌ ڇا ٿو ڪري سگهان. جنگ اخبار ۾ منهنجو انٽرويو ڇپيو هو، ان لاءِ مون کي اهو ٻڌايو ويو ته مون ان ۾ چيو آهي ته چڱو لفط صفت ناهي. مون چيومانس ته جناب! مهرباني ڪري اوهان اهو انٽرويو وري پڙهو ۽ سمجهو ته آءٌ به گهٽ ۾ گهٽ سنڌي زبان جو پروفيسر رهيو آهيان، لسانيات جو شاگرد آهيان. مون ان ميدان ۾ ڪجهه لکيو به آهي. مون کي اها خبر آهي ته ”چڱو“ لفظ گرامر ۾ ڇا آهي؟ جيڪڏهن نحو جي نقطه نگاهه کان انهيءَ لفظ کي هٽائي ان بيهڪ واريءَ جاءِ تان کڻي ٻئي هنڌ ڪم آڻينداسين ته ويا ڪرڻ جي حيثيت بدلجي ويندي. مون وڌيڪ چيومانس ته مون کي گهٽ ۾ گهٽ اها خبر آهي، پر جيڪڏهن اوهان ان تي وڌيڪ لکڻ چاهيو ٿا ته بيشڪ لکو. اءٌ جواب ڏئي سگهندس. اهڙيءَ طرح لساني جاگرافي ڪتاب لکڻ ۾ منهنجو مقصد فقط اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ جو مطالعو ڪجي. ان لاءِ دليل ڏنل آهن. هندستاني ماهرن اهو ڪتاب پسند ڪيو، پر اسان وارن عيب ڪڍيا. ائين ٿيندو آهي!

هر نقاد کي اهو حق ٿو پهچي ته هو تنقيد ڪري، ڇاڪاڻ ته آءٌ چوندو آهيان ته ڪا شئي جڏهن ڇپجي ماڻهن جي سامهون ٿي اچي، تڏهن اها عوام جي ملڪيت بڻجي ٿي. ان تي تنقيد ٿيڻ گهرجي. پر هڪڙي شئي ضروري آهي ته ماڻهو شخصي ضد، آنا دل مان ڪڍي. نفرت پري ڪري تنقيد ڪري. مون کي خبر آهي ته جنهن دوست جو اهو رايو آهي، ان جي ڪافي مون سان خط و ڪتابت ٿي هئي. انهيءَ جو رڪارڊ سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي. مون کي خبر آهي ته بلومفيلڊ کان پوءِ ڪافي مواد ڇپجي ظاهر ٿيو آهي، ۽ هن وقت به اسلام آباد ۾ منهنجي ميز تي انهن مان ڪي ڪتاب ڏسندو.

هن وقت آءٌ هڪ مقالو لکي رهيو آهيان. اصل ۾ مون اهو مقالو سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس نالي ڪتاب لکڻ لاءِ پئي چاهيو، پر ڇاڪاڻ ته مذڪور ڪتاب جو مواد ناشر کي موڪلي چڪو هوس، تنهنڪري مون ان ۾ اهو شامل نه ڪيو آهي. ان مقالي جو عنوان ”ٻولي جي ابتدا“ هئي. دنيا ۾ ٻوليءَ جي ابتدا ڪيئن ٿي، ان لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نظريا آهن. اسان کي ٻن-چئن ڪتاب مان ڊنگ ڊانگ وارو نظريو، يا چيخ و پڪار ڪري، جيئن انسان جي گلي مان آواز نڪتو، پوءِ انهيءَ آواز ٻوليءَ جي صورت ورتي، ۽ ائين ٻولي ٺهي. پر هن مقالي لاءِ ڪافي ڪتاب ڏٺا آهن، مختلف ماهرن جا ڪتاب پڙهيا آهن. آءٌ اهو مقالو اردو ۽ سنڌيءَ ۾ گڏوگڏ ڇپائڻ چاهيان ٿو، ڇاڪاڻ ته اردو زبان ۾ لسانيات ڪم بلڪل گهٽ ٿيو آهي، بلڪه نه ٿيڻ جهڙو ٿيو آهي.

· سوال: مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته نوان سنڌي جيڪي اديب آهن، اهي شايد نئين اسلوب جي ڳولا ۾ گرامر جي اصولن کي نظرانداز ڪري اڙانگهن لفظن ۾ ابتي ٻوليءَ ۾ لکن ٿا. اوهان جي خيال ۾ اهو ڪيتريقدر درست يا غلط آهي؟

· جواب: مون ذاتي طور ان کي ابتي ٻولي تسليم نه ڪيو آهي، ۽ نه وري آءٌ ان کي ابتي ٻولي سڏيان ٿو. ابتي ٻولي ان کي ته پاڻ اسان جي انهن ليکڪن سڏيو آهي. ابتي ٻولي نالو پهرين هندستاني لکڪ گني سامتاڻيءَ استعمال ڪيو هو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ تنوير جوڻيجو ۽ مشتاق شوري اهو نالو استعمال ڪيو هو. مون انهيءَ سلسلي ۾ هڪ مقالو به لکيو آهي، جنهن ۾ چيو اٿم ته دنيا ۾ ٻولي ڪڏهن به ابتي ٿي نٿي سگهي، ڇو ته ٻولي هڪ قدرتي نظام آهي. ٻولي قدرتي علامت آهي ۽ اها ڪنهن تنظيم تحت وجود ۾ آئي آهي. اها اُبتي ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ انهن افسانن ۾ تنوير جا ٻه افسانا آهن، مشتاق سوري جو هڪڙو افسانو آهي، جن ۾ هو ٻئي دعويٰ ڪن ٿا ته انهن ابتي ٻولي ڪم آندي آهي. اسان جي افسانه نگارن انهن جي ساراهه ڪندي چيو آهي. هيءُ نئون تجربو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو ڪو نئون تجربو ڪونهي. اهو مقالو اول مهراڻ ۾ ڇپيو هو ۽ پوءِ اهو ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اصل ۾ ڳاله هيئن آهي ته اسان جا ڪي نوجوان، ٻوليءَ جي اصولن کان خاص ڪري صرف ۽ نَحَو جي قانون کان واقف نه هجڻ سبب، نثر جي نموني کي ابتي ٻولي سڏين ٿا. مثال طور ”اڻ وڻندڙ“ لفظ هاڻي ”وڻندڙ اڻ“ ته استعمال ڪو نه ڪبو. اهو هڪڙو قانون آهي ته ”آڻ“ اڳياڙي آهي ۽ ڪنهن ڌاتو جي هميشه اڳيان استعمال ڪبي آهي. انهيءَ وانگي ڪي ٻيا به اهڙا لفظ آهن جن جون نشانيون پٺيان ملائبون آهن، تنهن ڪري جيڪا اڳياڙي آهي سا پڇاڙيءَ طور استعمال نه ٿي سگهندي ۽ اهڙيءَ طرح پڇاڙيءَ واريون اڳياڙيءَ طور استعمال نه ڪري سگهبيون. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ائين چوي ته مون ابتي ٻولي ٺاهي آهي، ته اها دعويٰ غلط آهي .

(بشڪريه ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com