سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 2

باب: --

صفحو :8

 

 

کل ته سهي!

 

موڪليندڙ: نند ڪمار لکواڻي

جج: (ڏوهاريءَ کي) تون ڪيئن ٿو چئين ته توتي چوريءَ جو بهتان ڪوڙو آهي؟ توکي جاءِ واردات تي ويهن شاهدن ڏٺو آهي.

ڏوهاري: بس سائين، رڳا ويهه شاهد! پر آءُ ته اهڙا سوين شاهد پيش ڪري سگهان ٿو، جن مون کي جاءِ واردات تي ڪونه ڏٺو هو.

 

ماستر: جيڪو ڇوڪرو سڀاڻي في نه کڻي ايندو، تنهن کي امتحان ۾ ويهڻ نه ڏبو.

هڪ ڇوڪرو: سائين، جيڪڏهن مون کي گهران في نه ملي ته پوءِ آءُ اٿي بيهي امتحان ڏيندس.

 

هڪڙي همراهه کي ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر سُر ڪونه هئس. هڪ ڀيري ڪنهن دوست کي زوريءَ ويهاري، ڳائي ٻڌايائين. جڏهن ڳائي پورو ڪيائين، تڏهن دوست کان پڇيائين: ”ڪيئن يار! توکي منهنجي ڳائڻ مان مزو آيو؟“ سندس دوست جيڪو اوٻاسيون ڏئي رهيو هو، تنهن وراڻيو:” تو جڏهن ڳائڻ بند ڪيو تڏهن ڏاڍو مزو آيو.“

 

موڪليندڙ: افروز عبدالڪريم

پٽ: بابا! هن سال اوهان کي منهنجن ڪتابن تي پئسا خرچ ڪرڻا ڪونه پوندا.

پيءُ (خوشيءَ وچان) ڇو پٽ!ڪتاب انعام ۾ مليا اٿئي ڇا؟

پٽ:نه بابا هن سال آءُ وري ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهندس.

 

شاگرد:(ٽيليفون تي) ماستر صاحب! اڄ منهنجي پٽ کي بخار آهي، تنهنڪري هو اڄ اسڪول ۾ نه اچي سگهندو.

ماستر: هي ٽيليفون تي ڪير ڳالهائي رهيو آهي؟

شاگرد:(گهٻرائجي) سائين، منهنجو پيءُ

 

موڪليندڙ: پشپا وليزام

هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري پنهنجي ماءُ کي هڪ ڏينهن چيو: ”امان! تنهنجي مٿي جا ڪجهه وار اڇا ٿي ويا آهن!“ تڏهن ماءُ هن کي چيو:”جڏهن ٻار مائٽن کي گهڻو ستائيندا آهن، ته پوءِ مائٽن جا وار اڇا ٿي ويندا آهن.“ اهو ٻڌي ڇوڪري سوچيندي چيو:”تڏهن نانيءَ جا وار به انڪري اڇا ٿي ويا آهن.“

پيءُ: اڙي بلب سان مٿو لڳائي ڇو بيٺو آهين؟

پٽ: بابا، دماغ کي ٿورو روشن ٿو ڪريان

 

ادارو

هڪ ماڻهوءَ کي اوچتو بندوق ڇٽندي اک جي ڀرسان گولي لڳي ۽ هو مري ويو. هن جي چوڌاري ڪيترائي ماڻهو اچي مڙيا. هڪڙو بيوقوف اتان اچي لانگهائو ٿيو. ميڙ ڏسي هو پڇڻ لڳو:”ادا! ڇا ٿيو آهي؟“ ماڻهن ٻڌايس ته ”هن ويچاري کي اک جي ڀرسان گولي لڳي ۽ مري ويو“ ان تي هو چوڻ لڳو: ”وري به خدا جو شڪر ته اک ۾ نه لڳي اٿس، نه ته ويچارو ڪاڻو ٿي پئي ها.“

 

ڪنهن مڙس ۽ زال جو پاڻ ۾ ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ هنن جو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ بند ٿي ويو. مڙس کي ٻئي ڏينهن صبح جو پنجين بجي واري ريل گاڏيءَ ۾ ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻو هو. زال سان ڳالهائڻ بند هئڻ ڪري هن هڪ چٺي لکي زال جي بستري تي رکي ڇڏي ته ” صبح جو پنجين بجي مون کي جاڳائج.“ صبح جو جڏهن همراهه جي اک کلي، ته ان وقت ست وڄي رهيا هئا. هن کي ڏاڍا خار لڳا ۽ جيئن ڪاوڙ وچان بستري مان اٿيو، ته پاسي ۾ هڪ چٺي رکيل ڏٺائين. سندس زال چٺيءَ ۾ لکيو هو:”پنج ٿي ويا آهن، هاڻي جاڳو.“

 

هڪڙو ماڻهو ڊاڪٽر وٽ ويو ۽ شڪايت ڪندي چيائين ته مون کي رات جو ننڊ نٿي اچي، ٿوري اک لڳي ٿي ته ڇرڪ ڀريو جاڳيو پوان. ڊاڪٽر پڇيس ته ”ننڊ ۾ ڪو خواب ڏسندو آهين ڇا!“ مريض جواب ڏنو:” ها. آءُ روز اهو خواب ڏسندو آهيان ته منهنجي کٽ هيٺيان هڪڙو ڪوئو ڊوڙي رهيو آهي.“ اهو ٻڌي ڊاڪٽر چيو: ”ان جو علاج اهو آهي ته تون ڪوشش ڪري اهو خواب  ۾ ڏس ته تنهنجي ڪمري ۾ ٻلي گهڙي آئي آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com