سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5 ۽ 6

باب: --

صفحو :6

 

غلام نبي ميمڻ

]سوانح[

 

”فلورينس نائيٽنگيل“- بتيءَ واري بيگم

 

 

فلورينس نائيٽنگيل اٽلي ملڪ جي فلورينس شهر ۾، 15- مئي 1820ع ۾ ڄائي هئي. سندس مائٽن مٿس نالو به انهيءَ شهر تان ئي رکيو. هن جو پيءُ ڳوٺاڻو شاهوڪار ماڻهو هو، جنهن جون انگلنڊ جي ڪيترن ڀاڱن ۾ وڏيون وڏيون جايون هيون، ۽ لنڊن شهر ۾ به هڪڙي عاليشان عمارت هيس. انهيءَ ڪري فلورينس نائيٽنگيل کي انگلنڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جي سفر ڪرڻ ۾ گهڻي آساني ٿي.

هن کي ننڍي هوندي کان ئي نرس (دائي) ٿيڻ جو ايڏو ته شوق هو، جو هوءَ جڏهن به گُڏين جي راند ڪندي هئي ته پاڻ نرس ٿيندي هئي، ۽ پنهنجي گڏين کي بيمار سمجهي انهن جي ٽهل ٽڪور ۽ ملم پٽي ڪندي هئي. مگر انهيءَ وقت ۾ نرسن جو ڪم بلڪل نيچ ليکيو ويندو هو، ۽ فقط اهي ئي نرسون ٿينديون هيون، جن کي ٻيو ڪو به پورهيو نه ملندو هو. سو فلورينس نائيٽنگيل جهڙي عورت، جنهن اعليٰ خاندان ۾ جنم ورتو هو، تنهن جي مائٽن اهو گوارا نه ٿي ڪيو ته ڪو سندن ڄائي اهڙو نيچ ڌنڌو ڪري؛ تنهن هوندي به فلورينس نائيٽنگيل پنهنجي حياتي نرس جي ڪم ۾ صرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. انهي ڪري هوءَ لنڊن شهر ۾ غريبن جي پاڙن ۾ جيڪي ننڍيون اسپتالون هيون انهن ۾ وڃڻ لڳي. انگلنڊ ۽ يورپ جي اسپتالن ۾ سالن جا سال ڪم ڪندي رهي. ٽيهن ورهين جي عمر تائين يورپ جي هر هڪ اسپتال ڏسي آئي. تن ڏينهين مصر ملڪ جي خانقاهن وارين اسپتالن جون نرسون هوشيار ۽ سکيا ورتل هونديون هيون، تنهن ڪري فلورينس نائيٽنگيل کي به سکيا وٺڻ جو خيال ٿيو. هوءَ پوءِ پئرس ۽ جرمنيءَ جي خانقاهن جي اسپتالن ۾ وڃي سکيا وٺي آئي، ۽ اچي انگلنڊ جي نرسن کي ڪم سيکاريائين.

فلورينس جڏهن جوان ٿي، تڏهن گهڻن ئي ماڻهن ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ڪئي، ڇو ته هوءَ سهڻي، سمجهو ۽ علم واري هئي. پر، فلورينس ٻين ماڻهن وانگر سمجهيو ته زال ذات جو ڪم آهي گهر ٻار سنڀالڻ، سو جيڪڏهن هوءَ شادي ڪندي ته کيس پنهنجي دلي مراد حاصل ٿي نه سگهندي. انهيءَ ڪري هن شادي ڪرڻ جو خيال دل تان لاهي ڇڏيو. جڏهن اها خبر هن جي مائٽن کي پيئي، تڏهن کين ڏاڍو ارمان ٿيو، مگر فلورينس پنهنجي محڪم ارادي تي پڪي پختي رهي.

فلورينس نايئٽنگيل يارهن سالن تائين اسپتالن ۾ ڪم ڪندي رهي، جنهنڪري انگلنڊ ۾ کيس اسپتالن جي ڪم ۾ ماهر سمجهڻ لڳا. سن 1853ع ۾، هن کي لنڊن شهر جي هارلي گهٽيءَ وارين ضعيف زالن جي گهر جي سپرٽينڊنٽ مقرر ڪيائون. هن جيڪي آزمودا ٻاهرين ملڪن ۾ پرايا هئا سي هتي ڪم آڻڻ لڳي. جڏهن سن 1854ع ۾ ڪريميا واري جنگ لڳي، تڏهن هن پنهنجي دوست سڊني هربرٽ، جو ان وقت جنگ جو وزير هو، کي لکي موڪليو ته آءُ انهيءَ جنگ ۾ پنهنجون خدمتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هوڏانهن وري سندس دوست سڊني هربرٽ کيس خط لکيو ته هن ڪم ۾ تنهنجي مدد جي گهرج آهي. انهيءَ کان پوءِ هڪ هفتي اندر فلورينس اٺٽيهه نرسون ساڻ ڪري، ڪريميا ڏانهن رواني ٿي ويئي. انگلنڊ جو هر هڪ ماڻهو هن زال جي ههڙيءَ همت ۽ استقلاليءَ کي ساراهڻ لڳو. ٻيا ته ٺهيو پر خود سندن والدين، جي پهرين انهيءَ نيچ ڌنڌي ڪرڻ ۾ کيس رڪاوٽون ۽ رنڊڪون وجهندا هئا، سي به کيس هاڻي وڌيڪ همٿائڻ لڳا.

فلورينس استنبول پهچڻ کان اڳ ۾ واٽ تي جن جن شهرن مان لنگهي، اتان کاڌو، دوائون، گرم ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري سامان خريد ڪيائين. اهو سارو سامان هن انهن پئسن مان خريد ڪيو، جيڪي هن کي سندس دوستن ڪريميا جي ڪم لاءِ مدد طور ڏنا هئا. انهيءَ سامان ۽ پيسن کان وڌيڪ ڪارآمد چيز جا هن پاڻ سان آندي هئي، سا هڪ هئي ڪم ڪرڻ جو ڍنگ يا طريقو، ۽ ٻي هئي محڪم ارادو.

ٿوري ئي عرصي ۾ هن جي همدردي ۽ خوش اخلاقي ڏسي سولجر کيس اصل پوڄڻ لڳا. انهن کي خبر هئي ته فلورينس نه رڳو کين آرام ڏنو آهي، پر سندن حياتي پڻ بچائي آهي. فلورينس جي اچڻ کان اڳ ۾ 42 سيڪڙو بيمار هوندا هئا. پر هن جي صفائي ۽ سٺائيءَ جي ڪري انهن جو تعداد وڃي 26 سيڪڙو بيٺو.

فلورينس ڏينهن جو کڻي ڪيتري به محنت ۽ جفاڪشي ڪندي هئي، تڏهن به رات جو پنهنجي سر بتي هٿ ۾ کڻي، هر هڪ بيمار وٽ ويندي هئي ۽ ان کي تسلي ڏيندي هئي. هوءَ جڏهن بتي کڻي سولجرن جي ڀرسان لنگهندي هئي ته سپاهي سندس پاڇي کي چمندا هئا. سپاهي کيس ”بتيءَ واري بيگم“ ڪري سڏيندا هئا، جنهنڪري مٿس نالو پئجي ويو ”بتيءَ واري بيگم“. جنهن نالي سان هوءَ اڄ ڏينهن تائين دنيا ۾ مشهور آهي.

گهڻي ڪم ڪرڻ جي ڪري سندس صحت خراب ٿي پيئي ۽ مرڻ جهڙي ٿي وئي، تڏهن دوستن صلاح ڏنيس ته انگلنڊ موٽي وڃي آرام ڪر. مگر هن جواب ڏنو ته جيستائين هت هڪڙو به سپاهي بيمار هوندو، تيستائين گهر مور نه موٽنديس: ڇاڪاڻ ته منهنجو ڪم اڃا پورو ئي ڪين ٿيو آهي. هن بيمار سپاهين واسطي ڪوٺيون مقرر ڪيون ۽ انهن جو ڪلاس پڻ کوليائين، جتي انهن اڳيان تقريرون ڪيون وينديون هيون ۽ کين بچت ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي هئي. انهن نصيحتن جو اهو اثر ٿيو، جو هنن سپاهين ڇهن مهينن جي اندر ستر هزار پائونڊ بچت ڪري، پئسا پنهنجن عزيزن ڏي انگلنڊ موڪليا.

جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ، هيءَ سن 1856ع جي جولاءِ مهيني ۾ انگلنڊ واپس آئي. انگلنڊ ۾ پهچڻ شرط هن کي واڌايون ملڻ لڳيون. مهاراڻي وڪٽوريا هن جي قدرشناسي ڪندي کيس هڪڙو ٻِلو ڏنو، جنهن تي هيٺيان لفظ اڪريل هئا:

”رحم ڪندڙ مبارڪ آهن.“

جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ به هيءَ نيڪدل عورت پنجاهه سالن تائين اسپتالن جي سڌاري جا ڪم ڪندي رهي. انهيءَ ڪم ۾ کيس مهاراڻي وڪٽوريا ۽ سڊني هربرٽ هر قسم جي همت افزائي ڪندا رهيا.

ڪريميا جي جنگ ۾ جاکوڙ ۽ جفاڪشيءَ ڪري سندس صحت بلڪل بگڙي چڪي هئي ۽ باقي حياتيءَ جا ڏينهن ضعيفيءَ ۾ گذارڻ لڳي.

فلورينس، 1862ع ۾، لنڊن جي سينٽ ٿامس اسپتال ۾ نرسن جي سکيا لاءِ اسڪول قائم ڪيو، جنهن مان موجوده نرسنگ جو طريقو شروع ٿيو. هن جي محنتن جي شاهدي موجوده اسپتالون ۽ نرسون ڏيئي رهيون آهن.

پنجاهه سالن جي سخت محنت ۽ جفاڪشيءَ جي ڪري هوءَ ايترو ته ٿڪجي پيئي، جو ڪو به ڪم ڪري نٿي سگهي. سرڪار سندس قدرشناسي ڪندي کيس ”او. ايم.“ يعني ”آرڊر آف ميرٽ“ جو ٻِلو انعام طور ڏنو. شهنشاهه ايڊورڊ ستين جي حڪم سان اهو کيس گهر موڪليو ويو. فلورينس نائيٽنگيل ان وقت ايترو ته ڪمزور هئي، جو فقط اِهو سمجهي سگهي ته انعام مليو اٿم. جواب ۾ چيائين ته ”مهرباني، مهرباني!“

ٽن سالن کان پوءِ، سن 1910ع ۾، 90 ورهين جي ڄمار ۾، هن نيڪدل عورت وفات ڪئي. اڄ دنيا ۾ جتي به ڪي نرسون ۽ اسپتالون آهن، اُتي فلورينس نائيٽنگيل جو نالو وڏي مان مرتبي سان ورتو ٿو وڃي.

 

 

فضل الرحيم سومرو

(ايم. بي. بي. ايس)

 

خناق

 

هيءَ بيماري ڏاڍو روڳ پيدا ڪري ٿي. وبائي صورت ۾ جي ظاهر ٿيو پوي ته ڪيترن انسانن جون جانيون خطري ۾ وجهيو ڇڏي. سائنس ۽ خاص ڪري طبي سائنس جي تڪڙيءَ ترقيءَ ڪري هاڻي هن بيماريءَ جي ڪيترن ئي هلاڪ ڪندڙ اثرن کان بچاءُ حاصل ڪيو ويو آهي.

1936ع ۾، اسڪاٽلنڊ جي هڪ شهر ۾ ”خناق“ جي وبا وگهي 397 موت ٿيا، پر طبي سائنس جي اڻٿڪ ڪوشش سبب، ساڳئي شهر ۾ 1956ع ۾، هن بيماريءَ ۾ رڳو ٻه موت ٿيا.

”خناق“ جي بيماريءَ جي هڪدم سار لهڻ تمام ضروري آهي؛ ڇاڪاڻ ته جي هيءَ بيماري ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ظاهر ثابت ٿي پوي ته وڏي خطري ۽ نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.

هن بيماريءَ جو هڪ ننڍڙو جيوڙو ٿئي ٿو، جو خوردبينيءَ کان سواءِ ڏسي ڪين سگهبو. هن جيوڙي جي وڌڻ ويجهڻ جي خاص جاءِ- انسان جي ساهه کڻڻ جا مٿئين ڀاڱي وارا عضوا آهن: مثلاً گلو، نڙي، نڪ ۽ وات.

هيءُ جيوڙا پنهنجي ليکي سڌو سنئون ڪنهن به ماڻهوءَ ۾ پيدا ٿي سگهن ٿا، ۽ ڪنهن اهڙي ماڻهوءِ مان به اچي سگهن ٿا جيڪو هن بيماريءَ ۾ اڳ ۾ ئي وچڙي چڪو هجي. جڏهن خناق جو مريض کنگهي ٿو يا ڇڪ ڏئي ٿو جيوڙا ڀر ۾ بيٺل ٻئي ماڻهوءَ ۾، نڪ يا وات ذريعي اندر گهڙي وڃن ٿا، ۽ پوءِ روڳ پيدا ڪرڻ لڳن ٿا.

خناق جي بيماريءَ جون هيٺيون خاص نشانيون ڌيان ۾ رکڻ گهرجن:

خاص قسم جي سوڄ، جا وات ۾ نرم تارونءَ اندر ظاهر ٿئي ٿي. ان کان پوءِ ”سنهڙو پردو“ ٺهي ٿو. جيڪڏهن ان پردي کي ٿورڙو ڇُهبو ته رت نڪري پوندو، تنهنڪري اها نشاني تمام خطري جهڙي ۽ نازڪ سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهوئي هنڌ جيوڙن جو مرڪز آهي. جيوڙا پنهنجو زهري اثر اتان کڻي سڄي بدن ۾ پکيڙي سگهن ٿا.

گلي ۾ سور، ڪَڍ يا قي ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، جي زهري اثر اڃا به وڌيڪ وڃي ٿو ته پوءِ ڳچيءَ جا ڳلڦڙا- سُڄي پون ٿا.

ڦڦڙن ۾ سوزش ٿيو پوي.

آواز بند ٿيو وڃي ۽ نڪ مان بدبوءِدار سنگهه ۽ رت نڪرڻ لڳي.

جيڪڏهن هيءَ بيماري ستت ۽ ترت علاج هيٺ نٿي اچي ته بدن ۾ روڳ پيدا ڪريو ڇڏي، ۽ زهري اثر کي پکڙجڻ ۾ وڌيڪ وقت مليو وڃي. انڪري دل ۽ مرڪزي تنتي سرشتي تي اثر ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا.

دل تي حملي سبب خناق جو مريض يڪدم موت جو شڪار بڻجي سگهي ٿو. تنهنڪري هن بيماريءَ ۾ موت جو وڏو ڪارڻ دل تي زهري اثرن جي ظاهر ٿيڻ ڪري سمجهڻ گهرجي.

دل بيقاعدگيءَ سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ٿي ۽ آخرڪار ڪمزور ٿي بند ٿي وڃي ٿي. تنتي سرشتي تي هن بيماريءَ جا اثر، پهرئين هفتي جي پڇاڙيءَ کان چوٿين هفتي تائين ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا. انهيءَ جي ظاهر ٿيڻ جون هيٺيون مکيه نشانيون آهن: تارونءَ تي فالج جو ڪري پوڻ.

نظر گهٽ ٿي پوڻ.

بدن جي تنتن جو سڄي پوڻ.

نڪ مان آواز نڪرڻ، ڳالهائڻ مهل ائين معلوم ٿئي ته مريض نڪ مان ڳالهائي رهيو آهي.

ٻانهن ۽ ڄنگهن جو ڪمزور ٿي پوڻ.

بيماريءَ مان ڇوٽڪارو: هن بيماريءَ مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته بيماريءَ جي باري ۾ تشخيص يا سڃاڻپ جهٽ پٽ ڪجي. ان لاءِ خاص تپاس جي ضرورت آهي، ۽ اها اسپتال مان ڪرائڻ گهرجي. ان جو خاص طريقو هيءُ آهي ته وات مان ڪپهه جي ٿهيءَ (SWAB)، تي پِڪَ کڻي وٺجي ٿي، ۽ ان کي پوءِ خاص نموني ۾ تيار ڪري- جيوڙن کي سڃاڻي مرض جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. تنهنڪري خناق جي مريض کي يڪدم ڪنهن ماهر ڊاڪٽر وٽ پهچڻ گهرجي.

علاج:

خناق جا خاص ٽڪا هڻائڻ.

ٽن هفتن تائين پوريءَ ريت آرام ڪرڻ. (ٻيءَ صورت ۾ دل تي زهري اثر جهٽ پٽ ظاهر ٿي پوندا.) جيڪڏهن بيماريءَ جو تمام سخت حملو ٿيو آهي ته ٽن مهينن تائين آرام ضروري آهي.

جيڪڏهن تنتي علامتون ظاهر ٿي پيون آهن ته نَوَن مهينن تائين ڇوٽڪاري جو انتظار ڪرڻو پوندو. تنهنڪري هن هلاڪ ڪندڙ خناق جي بيماريءَ کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته مريض لاءِ جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن. جي هيءَ بيماري وبائي صورت ۾ ظاهر ٿي پوي ته خناق کان بچاءَ جا ٽڪا هڻائڻ گهرجن.

اهڙيءَ ريت بدن ۾ انهن جيوڙن سان وڙهڻ جي سگهه پيدا ٿي پوندي، ۽ صحتياب زندگي گذاري سگهبي.

 

 

شاهي حڪيم

 

يونان ۾ هڪ بادشاهه هوندو هو، جو حڪيمن ۽ عقلمند آدمين جو ڏاڍو قدر ڪندو هو. هن سڄي ملڪ مان چونڊي هڪ حڪيم پاڻ وٽ مقرر ڪيو ۽ کيس حڪم ڏنو ته اهڙو ڪتاب لکي تيار ڪر، جنهن ۾ سڀني صحت جي اصولن ۽ بيمارين کان ڇٽڻ جا علاج هجن.

حڪيم بادشاهه جي حڪم موجب هڪ نهايت عمدو ڪتاب لکي تيار ڪيو. بادشاهه کي نهايت پسند پيو ۽ اُن حڪيم کي هڪ لک رپيا انعام ڏنائين.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ حڪيم مري ويو ته سندس جاءِ تي هن جو پٽ شاهي حڪيم مقرر ٿيو. هن به پنهنجي حڪمت ۽ خدمت سان بادشاهه کي ڏاڍو خوش ڪيو. انڪري هو پنهنجي حياتي آرام سان گذاريندو هو.

هڪ ڏينهن بادشاهه اهو ڪتاب پڙهي رهيو هو ته هڪ هنڌ لکيل هو ته ’جيڪڏهن ڪو شخص ٻه پاپڙ ۽ هڪ پاءُ ڏهي کائيندو ته ٻن ڪلاڪن اندر سخت بيمار ٿي پوندو.‘

بادشاهه اهو پڙهي تمام حيران ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته ”عجيب بيعقل حڪيم هو، جنهن ههڙي واهيات ڳالهه ڪتاب ۾ لکي آهي. ڀل پاپڙ ۽ ڏهيءَ ۾ ڪهڙو نقصان آهي، جو ٻن ڪلاڪن اندر سخت بيماري اچي وٺندي.“

ايتري ۾ حڪيم جو پٽ اچي حاضر ٿيو، بادشاهه کيس چيو، ”حڪيم صاحب، تنهنجي پيءُ هيءَ عجيب ڳالهه ڪتاب ۾ لکي آهي ته ’ڏهي ۽ پاپڙ کائڻ سان آدمي سخت بيمار ٿي پوندو.‘ مون کي ته ان تي اعتبار نٿو اچي.“ حڪيم جواب ڏنو، ”بادشاهه سلامت، منهنجو پيءُ دنيا جو مشهور حڪيم هو، هن جي لکيل ڪا به ڳالهه غلط ٿي نٿي سگهي. جيڪي هن لکيو آهي سو برابر آهي.“

اهو ٻڌي، بادشاهه چيو ته ”رستي تان ڪنهن مزور کي سڏي وٺ ته هن ڳالهه جي آزمائش ورتي وڃي.“

حڪيم هڪ مزور کي گهرايو ۽ کيس ٻه پاپڙ ۽ ڏهي کارائي، سمهاري ڇڏيو. صبح ٿيو ته مزور بدستور چاڪ چڱو ڀلو اُٿيو. اهو ڏسي حڪيم حيران ٿي ويو. بادشاهه چيس، ”ڏٺئه! مون سچ ٿي چيو نه، ته هيءَ ڳالهه واهيات آهي.“ حڪيم عرض ڪيو ته ”حضور، ٽن مهنن جي مهلت ڏيڻ فرمايو ۽ هن مزور کي مون وٽ رهايو وڃي، ان کان پوءِ مان هن ڳالهه جو جواب ڏيندس.“

بادشاهه اجازت ڏنيس. هاڻ حڪيم اُن مزور کي عمدا عمدا بادشاهي کاڌا کارائڻ شروع ڪيا. ريشمي ۽ نفيس ڪپڙا پهرڻ لاءِ ڏنا ۽ سمهڻ لاءِ بخمل جو نرم بسترو بڻائي ڏنو. اُهو مزور ڏهاڙي مزي ۾ گذّاريندو هو، نه تتيءَ ٿڌيءَ ٻاهر نڪرندو هو. جيڪي گهرندو هو، سو يڪدم بنا تڪليف ملندو هوس.

ان ريت جڏهن ٽي مهينا گذري ويا ته هڪ ڏينهن حڪيم خيال ڪيو ته هن مزور جو مزاج جاچڻ کپي. هو باغ ۾ گهمڻ گهتڻ ويو ته پَر پُٺ حڪيم ڪاغذ جا ٻه گول چڪرا ڪاٽي، سندس نرم بستري تي رکي، مٿان ريشمي چادر وڇائي ڇڏي. جڏهن هو آيو، تڏهن کاڌو کائي بستري تي اڃا ليٽيو ئي مس ته بيقرار ٿي اُٿيو، ۽ وري ليٽي پيو، پر پوءِ وري به گهٻرائجي اُٿيو، ۽ چيائين ته ”اڄ پلنگ تي ڪجهه لڳي ٿو. سبب ڪهڙو؟“ حڪيم سمجهيو ته هاڻ سندس طبيعت نهايت نازڪ ٿي پيئي آهي. ڀلاجو مزور نٽهڻ اُس ۾ ۽ سخت ولهه ۾ پيو محنت ڪندو هو ۽ ڌرتيءَ تي ليٽي خوب مزي جي ننڊ ڪندو هو، تنهن کي اڄ ڪاغذ جا ٻه ٽڪرا به ريشمي چادر جي هيٺان لڳن ٿا! اهو ويچار ڪري، جواب ڏنائين ته ”آهي ته ڪجهه به ڪين.“ تنهن هوندي به وري بسترو ٺاهي ڏنائينس ۽ اهي ڪاغذ جا ٽڪرا ڪڍي ڇڏيائين، تڏهن مزور کي ننڊ کڻي ويئي.

ٻئي ڏينهن اُن مزور کي بادشاهه وٽ حاضر ڪيو ويو ۽ حڪيم ادب سان عرض ڪيو ته ”بادشاهه سلامت، هاڻ وري آزمائش ڪئي وڃي.“ بادشاهه قبول ڪيو. رات جو مزور کي محل ۾ گهرائي پاپڙ ۽ ڏهي کائڻ لاءِ ڏنا ويا ته پهريائين ته مزور منهن چٻو ڪيو، هٻڪيو هٽڪيو ۽ آخر انڪار ڪيو. ڀلا جنهن ٽي مهينا بادشاهي کانا کاڌا، تنهن کي پاپڙ ۽ ڏهي ڪٿان ٿا وڻن! پر شاهي حڪم، سو لاچار کائي پي سمهي پيو. صبح جو جان ڏسن ته مزور اُٿڻ جهڙو نه آهي، سخت بيمار ٿي پيو آهي.

بادشاهه تعجب ۾ پئجي ويو. حڪيم کي گهرائي چيائين ته ”ٽي مهينا اڳ اهي ساڳيون شيون کائي ويو ته ڪجهه ڪين ٿيس، هاڻ انهن ساڳين شين کائڻ سان بيمار ٿي پيو، سبب ڪهڙو؟“

حڪيم جواب ڏنو،”حضور! منهنجي پيءُ اهو ڪتاب بادشاهن جي تندرستيءَ تي لکيو هو، ۽ ان ۾ سڀ ڳالهيون بادشاهن جي طبيعت موافق لکيل آهن. مون گذريل ٽي مهينا ان مزور کي خوب آرام ۽ عيش ۾ رهايو ۽ سندس طبيعت بادشاهن جهڙي نازڪ ڪري ڇڏيم. ان ڪري هنن شين جو اثر مٿس اهڙو ٿيو جو هو بيمار ٿي پيو. حقيقت اها آهي ته شين جو فائدو نقصان طبيعت موافق پوي ٿو، ۽ عيش عشرت بدن کي اهڙو نازڪ ڪري ٿي ڇڏي جو ٿوري ئي گهٽ وڌائي بيمار ڪيو ڇڏي. ڪڙمي ۽ مزور آدمي محنت سببان وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا، تنهنڪري جيڪي کائين، سو هضم ٿيو وڃي. پر انهن جي بيماريءَ جا سبب ٻيا آهن، مثلاً گهٽ سڻڀ، گهٽ ڀاڄيون، صحت جي قانون مان ناواقفي ۽ ٻيا.“

اهو جواب ٻڌي، بادشاهه نهايت خوش ٿيو ۽ حڪيم کي وڏو انعام ڏنائين.

]ميلارام واسواڻيءَ جي ڪتاب، ”اخلاقي سبق“، تان ورتل[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com