سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3 ۽ 4

ايڊيٽوريل

صفحو :8

ٻارن جي ڦلواڙي

ٻارن جي ڦلواڙي،“ ڪراچيءَ طرفان يوم پاڪستان ملهايو ويو

تاريخ 23 مارچ، خميس ڏينهن، ٻارن جي ڦلواڙي، ڪراچيءَ طرفان ”يوم پاڪستان“ ڌام ڌوم سان ملهايو ويو.

اول ۾ مسٽر نواز علي ڀٽي، ”23 مارچ“ جي اهميت تي تقرير ڪئي.

ان بعد ساڳئي عنوان تي ٻين تقريرون ڪيون، جن ۾ مشتاق احمد، انور حسين ڀٽي جان محمد ڀٽي ۽ محمد عرس ميمڻ خاص بهرو ورتو. آخر ۾ موسيقيءَ جي محفل ڪئي ويئي، جنهن ۾ قلندر بخش جمناڻي، حسن شاهه راشدي، نواز علي ڀٽي، ظهيرالدين چني، ۽ ضميرالدين چني سامعين کي خوب وندرايو. تنهن بعد قومي تراني سان هن محفل جو اختتام ڪيو ويو. هن کان اڳ تاريخ 17 فيبروريءَ تي، ”ٻارن جي ڦلواڙيءَ“ جو بنياد وڌو ويو هو، جنهن ۾ هيٺيان مکيه عهديدار چونڊيا ويا هئا:

1.                  نواز علي ڀٽو (صدر)

2.                 انور حسين ڀٽو (جنرل سيڪريٽري)

3.                 ظهير الدين چنو (جائنٽ سيڪريٽري)

ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا هيٺيان ميمبر چونڊيا ويا:

1.                  منظور حسين ڀٽي

2.                 حسين شاهه راشدي

3.                 غلام محمد ڀٽي

4.                 ضمير الدين چنو

5.                 امان الله

6.                 اقبال حسين

7.                 عبدالحسين

سنڌ ۾ ٻين ڦلواڙين جا سيڪريٽري هيٺئينءَ ائڊريس تي خط لکن:

 

جنرل سيڪريٽري،

’ٻارن جي ڦلواڙي،‘ ڪراچي. (9- آغا بلڊنگ، نزديڪ سعيد منزل، برنس اسٽريٽ، ڪراچي-3)

 

”ٻارن جي ڦلواڙي“ ٽنڊوباگو

تاريخ 18 مارچ، ڇنڇر ڏينهن، ڦلواڙي جي هڪ عام ميٽنگ مسٽر نٿو مل جي صدارت هيٺ ٿي. ميٽنگ قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروع ٿي. هيءَ ميٽنگ خاص عيدالفطر ملهائڻ واسطي گڏ ڪئي ويئي، جنهن ۾ ڦلواڙيءَ جي آفيس کي تمام سهڻي نموني سينگاريو ويو، ۽ رنگا رنگي پردن سان جرڪايو ويو. هن سهڻي موقعي جي خوشيءَ تي، ميمبرن طرفان ڦلواڙيءَ جي آيل ميمبرن کي چانهه ۽ شربت پارٽي ڏني ويئي. هن موقعي تي ميمبرن کان سواءِ، ٻين معزز مهمانن به شرڪت ڪئي. بعد ۾ ڦلواڙي طرفان ميمبرن ۽ آيل مهمانن جا فوٽا ڪڍيا ويا. جناب صدر صاحب ڦلواڙيءَ طرفان آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. آخر ۾ هي شڀ موقعو پاڪستان جي قومي تراني سان پورو ٿيو.

-                    جنرل سيڪريٽري

’ٻارن جي ڦلواڙي‘ ٽنڊوباگو

”ٻارن جي ڦلواڙي“ عباس آباد

تاريخ 13 مارچ، 1961 ع تي، هتان جي پرائمري اسڪول ۾ ٻارن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”ٻارن جي ڦلواڙي“ قائم ڪئي ويئي. هيٺيان عهديدار هڪ سال لاءِ چونڊيا ويا:

(1)              پريزيڊنٽ: محمد رمضان رند

(2)             وائيس پريزيڊنٽ: سوڍو خاصخيلي

(3)             سيڪريٽري: آچريو ڀيل

(4)             مددي سيڪريٽري: محمد عيدل رند

(5)              خزانچي: الطاف حسين رند

(6)             لئبررين: مانسنگ ڪولهي

(7)             آڊيٽر: ڏيولداس ڪولهي

(8)             مددي آڊيٽر: مينڌرو ڀيل

(9)             راندين جو سيڪريٽري: ترسيداس ڪولهي

هن ڦلواڙيءَ جا هيٺيان مقصد رهندا:

(1)              ٻارن کي تعليمي- تحريري ۽ تقريري تربيت ڏيڻ.

(2)             ڀائرن وانگر گڏجي گذارڻ جو سبق ڏيڻ.

(3)             غريب شاگردن کي ڪتاب ۽ سليٽون وغيره هٿ ڪري ڏيڻ.

(4)             پنهنجي مادري ٻوليءَ لاءِ وڌيڪ چاهه پيدا ڪرڻ.

ڦلواڙي ٿورن ڪتابن تي پنهنجي لئبرري قائم ڪئي آهي، ”گل ڦل“ ۽ ٻين رسالن لاءِ چندو گڏ ڪيو پيو وڃي. هن وقت ”ڦلواڙي“ جا ڇويهه ميمبر آهن، جي هر مهيني چار آنا چندو ڏيندا. ڦلواڙيءَ جي ڪوشش رهندي ته آسپاس جي چڱن ماڻهن کان پڻ مالي مدد حاصل ڪئي وڃي. هن ڦلواڙيءَ جي هر پندرهين ڏينهن کان پوءِ ڪچهري ڪرڻ ۾ ايندي. ايندڙ ڪچهري 27 مارچ سومر جي ڏينهن ٿيندي. ٻيون ڦلواڙيون اسان سان هيٺينءَ ائڊريس تي لکپڙهه ڪن.

-                    سيڪريٽري

’ٻارن جي ڦلواڙي‘، عباس آباد،

معرفت خيالي پڙيوارو،

پوسٽ جهول (سنڌ).

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com