سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3 ۽ 4

ايڊيٽوريل

صفحو :4

غلام رضا ڀٽو

 

اچو اوهان کي سنڌ گهمايان

 

هالا:

هي شهر حيدرآباد ضلعي جي وچولي درجي وارن شهرن مان هڪ آهي. منجهس ٽائون ڪائونسل (ميونسپالٽي) آهي، ان کان سواءِ منختيارڪاري ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري دفتر اٿس. حيدرآباد ضلعي جي ٻن ڊويزنن مان هڪ جو نالو هالا ڊويزن آهي. هن شهر ۾ سنڌ جي جهونن هنرن مان ڪي هنر اڃا تائين تڳندا اچن. شهر مٿان هٿ مخدوم نوح جي پوين جو آهي. هن وقت شهر جو راڄيو ۽ مخدوم نوح جي درگاهه جو گادي نشين مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ آهي. شهر ۾ اٽڪل ٻارهن هزار ماڻهن جي آبادي ٿيندي. واپار وڻج چڱو هلندڙ آهي. مزور طبقو تمام گهڻي انداز ۾ رهي ٿو- خاص ڪري، ڪوري، وگهامل، رنگريز، ڪاشيگر، کٽي، دايا... وغيره. هن شهر ۾ هر مهيني هڪ ميلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ چوپائي مال جو واپار تمام وڏي پيماني تي هلندي آهي. هي شهر علمي، ادبي، سياسي، هنري ۽ تاريخي نقطي نگاهه کان وڏي اهميت رکي ٿو.

هالا، حيدرآباد شهر کان پنجٽيهه ميل اتر طرف آهي. اڀرندي طرف ٽنڊي آدم ۽ شهدادپور جهڙا مشهور شهر اٿس. چوويهه ميل اتر طرف سڪرنڊ جو شهر آهي. الهندي ۽ ڏکڻ- الهندي طرف ڪٿان هڪ ميل، ڪٿان ٻن ميلن، ڪٿان ٽن ميلن ۽ ڪٿان وڌيڪ ميلن جي مفاصلي تي سنڌو ندي وهندڙ آهي. مٿين مشهور شهرن کان سواءِ، ڪيترا تاريخي مشهور شهر ۽ درگاهون به نزديڪ اٿس. پنجن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ ۽ اڀرندي طرف شاهه عبداللطيف جو مقبرو آهي. يارهن ميل اتر طرف، سڪرنڊ ڏانهن ويندڙ رستي تي پير صاحب جهنڊي جو ڪوٽ آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ وڏو عربي ۽ فارسي مدرسو هو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو هن مدرسي سان ڏاڍو گهرو تعلق رهيو. هن وقت لوڪلبورڊ مڊل اسڪول آهي ۽ مدرسي جو باقي ڪي نشانيون (ڇاپي ۽ قلمي ڪتاب) وڃي رهيون آهن. هڪ ميل جي مفاصلي تي اتر ۽ الهندي طرف خدا آباد جا قبا آهن، جتي اڄ کان اٽڪل ٻه سو سال اڳ چڱو موچارو شهر هو، جنهن جا هن وقت ڪي به نشان نظر نٿا اچن. سر الهندي ٻن ميلن جي مفاصلي تي، سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ”هالا پراڻا“ جو شهر آهي. هالن نون ۽ پراڻن جو پاڻ ۾ اهڙو تعلق آهي، جهڙو ٻن ڀائرن جو. ائين کڻي چئجي ته انهن ٻن ڀائرن جي ماءُ، ”هالڪنڊي“، هنن کي جنم ڏيئي، پاڻ درياءَ ۾ لُڙهي ختم ٿي ويئي. جيئن هنن ٻن شهرن جي پٺيان ”نوان“ ۽ ”پراڻا“ لفظ ڳنڍيل آهن، تيئن هڪٻئي جي مقابلي ۾ به، هر حالت ۾، نئين ۽ پراڻي جو فرق نمايان رکن ٿا. ڏکڻ ۽ الهندي طرف ”خانوٺ“ نالي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ورهين کان جنڊيءَ جي ڪم جا جوڙيندڙ ”وگهامل“ وڏي انداز ۾ رهن ٿا. ڏکڻ پاسي ”کنڊو“ ۽ ”گهوٽاڻا“ جا ڳوٺ آهن، جي ڪا خاص اهميت نٿا رکن. ڪراچيءَ کان پشاور تائين ويندڙ شاهي رستو به هن شهر مان لنگهي ٿو. انهيءَ رستي تي، حيدرآباد کان سورهن ميل اتر طرف ۽ هالن کان اوڻيهه ميل ڏکڻ طرف، مٽيارين جو شهر آهي، جنهن ۾ سيد ۽ پير گهڻي انداز ۾ رهن ٿا.

هالا شهر جي مشهوري ايامن کان آهي. موجوده پراڻن هالن کان الهندي طرف اڌ ميل پنڌ تي ”هالڪنڊي“ نالي هڪ وڏو شهر هوندو هو. انهيءَ وقت هڪ پرڳڻو ”هالڪنڊيءَ“ جي نالي سان مشهور هو، ان جون حدون لڳ ڀڳ موجوده هالا تعلقي سان وڃي ٿيون ملن. اڳئين زماني ۾، واپاري سامان ٻيڙين ۽ خشڪيءَ رستي ايندو ويندو هو، انهيءَ ڪري هن شهر جو واسطو ٻين ڪيترن ئي واپاري مرڪزن جهڙوڪ: بکر، بوبڪ، سيوهڻ (سيوستان)، حيدرآباد (نيرن ڪوٽ) ۽ ٺٽي ننگر سان هوندو هو. هڪ روايت موجب الهندي طرف ”مير ٻيلو“ هوندو هوس ۽ شهر جي الهندي ڪَرَ سان وڏا باغ هوندا هئا، اتان درياءُ ٻن ميلن جي مفاصلي تي وهندو هو. مير ٻيلو، هالا ذات جي ماڻهن مخدوم نوح رحه جن کي نذراني طور ڏنو هو. هن شهر ۾ وڏا عالم، فاصل ۽ درويش رهندا هئا، جن جون نشانيون هالن نون ۽ هالن پراڻن ۾ اڃا تائين موجود آهن. ڀٽي خاندان مخدوم محمد اسحاق جي زماني کان وٺي سندس پوين تائين هن شهر ۾ رهندو هو. هي خاندان تاريخي، علمي ۽ عملي نقطي نگاهه کان اڄ ڏينهن تائين ڏاڍو مشهور آهي. مخدوم نوح، جنهن جو مقبرو هالڪنڊيءَ جي شهر ۾ هو ۽ هن وقت هالا نوان ۾ آهي، سو هن شهر جي اڀرندي طرف رهندو هو. ڪن جو چوڻ آهي ته هي شهر مهاڀارت جي زماني جو هو ۽ منجهس ”هال“ نالي بادشاهه جو تختگاهه هو. ٻين روايتن موجب، هالڪنڊي، ”هالو“ نالي هڪ ماڻهوءَ جو ٻڌايل هو. اڃا به ڪي روايتون آهن، جن مطابق ائين چيو وڃي ٿو ته هي شهر ”هالا“ ذات وارن ماڻهن جي رهڻ جي جاءِ هئي ۽ انهيءَ ڪري هن جو نالو ”هالڪنڊي“ رکيو ويو. اٽڪل سن 1598ع ۾، هن شهر کي درياءَ پائڻ شروع ڪيو. ڀٽي بزرگن ۽ انهن سان واسطو رکندڙ ماڻهن، جهڙوڪ: صدر، شيخ، هندو عامل، هالا، حجام، ميمڻ وغيره، پنهنجا گهر هالڪنڊي شهر جي اڀرندي طرف هڪ مٽيءَ جي وڏي دڙي تي اچي اَڏيا. مخدوم نوح عليه الرحمة جي پوين ۽ انهن سان ويجهو تعلق رکندڙ ماڻهو، جهڙوڪ، هالا، حجام، چاڪي، هندو، ڪڪا، ميمڻ وغيره.

هالڪنڊيءَ مان لڏي ۽ ٻن اڍائي ميلن جي مفاصلي تي اڀرندي طرف ”اسلام آباد“ جي نالي سان شهر ٻڌي اچي ويٺا. لڏپلاڻ وقت، ڀٽي بزرگن، پنهنجي اڳين جا لاش، صندوقن ۾ آڻي ”کڏي کستوري“ ۾ دفن ڪيا. ”کڏي کستوري“ هن وقت مقام ٿو سڏجي ۽ هالن پراڻن ۾ آهي، پر انهيءَ زماني ۾ انهيءَ جاءِ تي هادوءَ جو باغ هوندو هو. مخدوم نوح جي پوين وري مخدوم نوح عليه الرحمة جو لاش پيتيءَ ۾ وجهي آڻي نئين وَسايل شهر ”اسلام آباد“ (موجوده هالا نوان)، ۾ دفن ڪيو. اصلوڪو هالڪنڊيءَ جو شهر تمام وڏو هو ۽ منجهس اٽڪل اڌ لک آدم رهندو هو. سندس ڀر پاسي وارا ننڍا ننڍا پاڙا موجوده هالن پراڻن جي اتر طرف تائين هئا. هندو عامل ته پاڪستان ٿيڻ وقت لڏي ويا، باقي سانوڻي ملان ڀَٽين جي گهرن کان هڪ ميل جي مفاصلي تي هاڻي به رهن ٿا. چون ٿا ته هالڪنڊي شهر انهيءَ طرف اڃا به وڌيڪ پکڙيل هو. ڪيتري عرصي تائين هنن ٻنهي شهرن کي نئون پٽ ۽ پراڻو پٽ ڪري سڏيندا هئا، پوءِ آهستي آهستي ”هالا نوان“ ۽ ”هالا پراڻا“ جي نالن سان سڏجڻ لڳا. اڄ ڏينهن تائين هالا نوان ۽ هالا پراڻا جي نالن سان مشهور آهن. صرف ”هالا“ جي نالي سان مشهور آهي. هالا پراڻا جي آبادي چار هزار ٿيندي: ان شهر ۾ يونين ڪائونسل آهي. شهر چڱيءَ ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي، پر پکيڙ بي ترتيبي اٿس. شهر ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي: ڪٿي کڏون، ڪٿي جهنگ ته ڪٿي مقام، هڪ پاڙي کي ٻئي پاڙي کان جدا ڪن ٿا. اصلوڪن رهندڙن کان سواءِ پوءِ جي آبادي قاضين ۽ مهاجرن جي آهي. قاضي، جي شهر کان ٻاهر، قريشي جي ذات سان مشهور آهن، سي اڄ کان اٽڪل ٻه سو سال اڳ اچي هن شهر ۾ مقيم ٿيا. سندن اصل وطن بوبڪ آهي. هندن جي ڇڏيل جاين مان جيڪي به جايون سلامت بچي سگهيون آهن، انهن ۾ رياستن مان آيل ڪي مهاجر رهن ٿا.

شهر جي ماڻهن جو ڌنڌو واپار ۽ کيتي آهي. ٿوريءَ آدمشماريءَ هوندي به پڙهيلن ۽ نوڪريءَ وارن ماڻهن جو انداز چڱو آهي. مرحوم خانبهادر عظيم خان، مرحوم ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ، مرحوم مولوي احمد ۽ مرحوم محمد صالح ڀٽي به هن شهر جا باشندا هئا. مسٽر غلام الله ميمڻ، مخدوم محمود ڀٽي ۽ عبدالحفيظ قريشي هن شهر جا رهاڪو آهن. انهيءَ کان سواءِ ملا سانوڻي مشهور آهن. هنن کي به پنهنجي شهر کان ٻاهر قريشي سڏين. ”گل“ ۽ ”قاسم“ سنڌ جا مشهور غزل چوندڙ شاعر هن قوم جا فرد هئا ۽ انهن جي علمي خذمتن، هنن آخوندن جي عزت کي ڏاڍو وڌايو. هن وقت منجهن پڙهيل صرف سرڪاري ڪامورا آهن. علم دوست ڪوبه نه ملندو. ميان يار محمد پنهنجي جاءِ تي چڱيءَ عزت وارو ماڻهو آهي. ميان عبدالصمد جي پٽن مان رحمت الله قريشي مختيارڪاريءَ جي عهدي تي پهتو آهي. محمد فاضل جيتوڻيڪ ايترو پڙهيل نه آهي ته به پنهنجن دوستن جي ڪري چڱي مشهوري حاصل ڪري چڪو آهي.

 

هالا نوان:

هي شهر ڪراچيءَ کان پشاور ويندڙ شاهي رستي تي آهي ۽ منجهس ريلوي اسٽيشن ۽ مرڪزي بس اسٽاپ آهي، تنهنڪري ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو آهي. شهر جي گهڻيءَ مشهوريءَ جو هڪ وڏو سبب مخدوم نوح  عليه رحمة جي درگاهه آهي. ميونسپل طرفان شهر جا اندريان سڀ رستا پڪا ٿي چڪا آهن. مخدوم غلام حيدر صاحب جن جي ڪوشش ڪري، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج کلي ويا. ظاهريءَ طرح شهر ۾ ٻاهران آيل ماڻهوءَ کي ڏاڍو چلتو ۽ ماڻهن ۾ جان نظر ايندي، پر شهر جا سجاڳ ماڻهو اڃا ڪيتريون ڪوتاهيون محسوس ڪن ٿا ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي ويچار ۾ رهن ٿا. شهر جي پکيڙ اٽڪل 3 چورس ميل ٿيندي. اتر پاسي سرڪاري دفتر ۽ مقام اٿس. اڀرندي طرف، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول، سروري اسلاميه ڪاليج، بس اسٽئنڊ، شاهي رستو ۽ ريلوي اسٽيشن آهي. اسٽيشن جي ڀرسان ڄاموٽ برادرس جِننِگ فئڪٽري به آهي. ڏکڻ طرف راجا جي هُڙي ۽ جهونو گؤشالا ۽ ”مقو جو ٽنڊو“ آهي. الهندي طرف هالن پراڻن ڏانهن ويندڙ رستو، مسلم اسڪول، ونڊيارڪي کَڏَ (جا هاڻي ڀرجي ويئي آهي ۽ منجهس ڪافي جايون ٺهي چڪيون آهن)، ۽ هالا قوم جي ماڻهن جا گهر آهن. هنن کي ارباب به سڏين ۽ ونڊير به چون.

مخدوم نوح عليہ رحمة جي درگاهه، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج واري رستي جي الهندي ڇيڙي تي آهي. اهو رستو، جتان شاهي رستي مان ڦٽي ٿو، انهيءَ دنگ تي ”باب نوح“ نصب ٿيل آهي. انهيءَ دروازي تي ڪاشيءَ جو ڪم عاليشان ٿيل آهي. دروازو مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، پنهنجي ميونسپل جي پريزيڊنٽيءَ جي ايامڪاريءَ ۾، گذريل چار سال اڳ نصب ڪرايو آهي. اهڙو هڪ دروازو الهندي طرف پراڻن هالن ڏاهن ويندڙ رستي تي پڻ آهي ۽ ان کي ”باب حيدر“ سڏين. ”باب نوح“ جي سَنڌري جي سامهون اتر پاسي، سروري اسلامه ڪاليج جو احاطو شروع ٿئي ٿو، ۽ رستي سان لاڳو سامهون ڪاليج جي هاسٽل آهي. ٿورو الهندي طرف ڪاليج جي مسجد، پرنسپال صاحب جو بنگلو ۽ ڪاليج جون جايون آهن. ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول جي وچ ۾ هڪ زمين جو ٽڪر آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ آبادي ٿيندي هئي، پر هاڻي هر ماه پهرئين سومروار تي جڏهن ميلو لڳندو آهي ته هتي چوپائي مال جو واپار هلندو آهي. ڪٿان ڪٿان جا واپاري ۽ ڀاڳيا اچي گڏ ٿيندا آهن. هيءَ مال جي منڊيءَ هن تَرَ ۾ ڏاڍي مشهور ٿي چڪي آهي.

اسڪول جي ڀرسان تفريح گاهه (سنيما) آهي ۽ ان جي ٿورو اڳيان مخدوم نوح رحمت الله عليه جي درگاهه آهي. هن درگاهه تي ڏاڍي وسندي لڳي پيئي هوندي آهي. سڄو ڏينهن ڪي نه ڪي زيارتي پيا ايندا ويندا آهن. نماز جي وقتن تي به چڱا ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، نه ته به مجاور ويچارا ته سارو ڏينهن اتي ويٺا ئي هوندا آهن. ريلوي اسٽيشن کان وٺي مخدوم نوح جي مقبري تائين، گذريل ٿورن سالن ۾ ڏاڍي وسندي ٿي پيئي آهي، نه ته اڳي فقط ٻنيون نظر اينديون هيون. انهيءَ رستي کان مخدوم صاحبن جي محلي ڏانهن به رستو نڪري ٿو. مخدوم صاحب جي مقبري جي اڳ کان اتر طرف ويندڙ رستو سرڪاري دفتر ڏانهن وڃي ٿو، ۽ ڦري وري به شهر جي الهندي ڇيڙي تي پهچي ٿو. مخدوم نوح جي مقبري اڳيان ڏکڻ طرف ويندڙ رستو شهر جي شاهي بزار آهي جا چڱي موچاري لنبي آهي، ۽ منجهانئس ڪيتريون گهٽيون مارڪيٽ طرف ۽ ٻين پاسن ڏانهن وڃن ٿيون.

هاءِ اسڪول، مخدوم غلام حيدر صاحب جن جي ڪوشش جو نتيجو آهي. هن بندي به انهيءَ اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪري ماستريءَ جي نوڪري اُتي ڪئي، ۽ پنهنجي ملازمت ۾ واڌارو به انهيءَ اسڪول جي طفيل حاصل ڪيو. هن اسڪول هالن جي شهر جي باشندن کي وڏو فائدو رسايو آهي، هالن کان سواءِ ڪٿان ڪٿان جي ٻين شاگردن به هن اسڪول مان ڪافي فائدو ورتو آهي. ڪجهه زماني کان وٺي اهو اسڪول گورنمينٽ جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي پذير آهي. هن اسڪول جي کلڻ کان اڳ هن شهر ۾ انگريزي پڙهيل اٽي ۾ لوڻ مثل هئا، گريجوئيٽ ته هوندو ئي ڪونه هو. مون کي ياد آهي ته هن شهر مان پهرئين گريجوئيٽ ٿيڻ جو شرف مسٽر عرساڻي محمد اسماعيل کي حاصل ٿيو. ٻئي يا ٽئي نمبر ۾ آءٌ پاڻ هوندس. هن وقت خدا جي فضل سان ايم.اي.، ايم. بي. بي. ايس.، بي.اي.، بي. اي.، مئٽرڪ ۽ ٻيا پڙهيل چڱي انداز ۾ آهن. پر پڙهيل گهڻو ڪري سرڪاري ملازم آهن. منجهانئن وڏو انداز ڪلارڪن، ماسترن ۽ تپيدارن جو آهي.

درگاهه مخدوم نوح رحه

ڏکڻ طرف بازار جو ڇيڙو ڀاڀڙن جي گهرن کان لنگهي، راجا جي هُڙيءَ وٽ ٿئي ٿو. هن طرف اصلوڪا هندن جا محلا، چاڪين، داين ۽ مرزائن جا گهر آهن، ۽ هندن جي گهرن ۾ ڪي مهاجر رهن ٿا. شهر جي وچ ۾ ڪَڪَنّ جو محلو آهي، ۽ وچ کان اڀرندي طرف انصارين جا گهر ۽ مخدوم صاحبن جون حويليون آهن. ڪَڪَنّ جو محلو شهر ۾ وڏي ۾ وڏو محلو آهي، ۽ هن محلي ۾ ڇهه هزار آدم رهي ٿو. هن محلي جي گهڻي حصي ۾ ڪورڪو ڪم ڪندڙ ميمڻ رهن ٿا، پر ڪن گهٽين ۾ ابڙا، شيخ، خليفا (سرهيا)، حجام ۽ ڀُٽا رهن ٿا. منهنجو گهر هن محلي جي اتر طرف پورگر محلي ۾ آهي. محلي جي ڏکڻ- الهندي طرف اَڏائڻ لاءِ اوطاقون، ڪاشيگرن جا ڪارخانا ۽ جنڊيءَ جا ڪارخانا ۽ اجرڪن ٺاهڻ جا گهر آهن. محلي جي اتر- الهندي طرف شهر جو وڏو مارڪيٽ آهي جو کڻي چئجي ته واندن جي وندرگاهه ۽ سياست جو مرڪز آهي. هن جي ڀرسان ميونسپل آفيس ۽ پبلڪ لئبرري پڻ آهي. سياست، واپار ۽ وندر کان سواءِ، ادبي، مذهبي ۽ ٻين جلسن جلوسن جي ڪرڻ جي جاءِ به آهي. ڏينهن توڙي رات جو هيءُ ميدان ماڻهن سان ڀرپور هوندو آهي.

هالن ۾ ڪاشيءَ جو ڪم

شهر ۾ مسجدون جام آهن ۽ ان کان سواءِ امام بارگاهه به جابجا آهن. هن شهر ۾ مسلمانن جي آدمشماري پاڪستان کان اڳ به هندن کان زياده هئي: هن وقت ته هندو اڳ جي مقابلي ۾ ٿورا رهن ٿا، پر تنهن هوندي به لاڙ ۽ وچولي ۾ هالن جي شهر ۾ هندن جي آدمشماري چڱي آهي. هتي مسلمانن ۾ سني، شيعا ۽ وهابي فرقي جا ماڻهو ملندا. مسلمانن ۾، خاص طرح ميمڻن ۽ انصارين ۾ نماز جي پابندي ڏاڍي آهي. ٻيا مسلمان به گهڻي ڀاڱي نمازي آهن. هن شهر جا گهڻا ماڻهو مخدوم نوح جا مريد آهن ۽ ڪن ٻين پيرن يا سيدن جا به مريد آهن.

عام طرح شهر جي سڀني گهٽين تي فرش لڳل آهي: رستا سيمنٽ جا ٺهيل آهن. اهي سڀ سڌارا مخدوم غلام حيدر صاحب ۽ مخدوم محمد زمان صاحب جي پريزيڊنٽيءَ جي وقت جا آهن. هنن ڪمن ۾ شهر جي مشيرن پڻ وڏي ڪوشش ورتي آهي. ڪي ڳالهيون اڃا به هن شهر جي رونق، صحت ۽ سماجي سڌاري ۽ واڌاري ۾ رڪاوٽ آهن، پر تنهن هوندي به گهڻن شهرن کان هن شهر جو چلتو زور چيو وڃي ٿو. رات جي وقت روشنائيءَ جو بندوسبت خاطرخواهه نه آهي. وندر ۽ هوا خوريءَ لاءِ ڪو وڏو يا ننڍو پارڪ ڪونهي. زنانو پرائمري اسڪول نه جهڙو آهي. انگريزي زنانو اسڪول ته آهي ئي ڪونه، ان لاءِ سرڪار ايترو جوابدار ڪانهي، جيترا شهر جا ماڻهو، جي ان ڳالهه تي اڃا به متفق نه آهن ته ڪو کولجي يا نه. سرڪاري اسپتال شهر کان تمام پري آهي، تنهنڪري شهري ماڻهو منجهانئس ايترو فائدو وٺي نٿا سگهن. منهنجو هڪ دوست، هڪ ڏينهن هالا نوان گهمڻ ويو ۽ کيس هالن جو شهر ڏاڍو وڻيو. مون کي چيائين ته ”مون عام پيراڻا ۽ ميراڻا شهر ڏٺا وائٺا آهن، پر مون کي هالن جي شهر ۾ وڌيڪ زندگي نظر آئي، سو ڇو؟“ مون پنهنجي دوست کي ٻڌايو ته هن شهر ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا: هڪڙا بلڪل اُتانهان ۽ ٻيا بلڪل غريب ۽ مزور قوم وارا، تنهنڪري پارٽي بازيون ۽ گوڙ گهمسان ڪونهي. وچئين طبقي وارا ماڻهو آهن ئي ڪي ٿورا، پر انهن جي به ڀائچاريءَ ۾ يا شهر جي وڏن وٽ حيثيت ساڳي غريبن ماڻهن واري آهي. شهر ۾ ڪوبه ماڻهو بک ڪونه مري. ماڻهو هنرمند آهن. ڪپڙي اُڻڻ جو ڪم، ڪاشيءَ جو ڪم، اجرڪن رنگڻ جو ڪم، جنڊيءَ جو ڪم، ۽ پِيهُن ٺاهڻ جو ڪم ته هتي هر وقت چالو آهي. ان کان سواءِ رازڪو، واڍڪو، لوهارڪو ۽ ٻيو مزوريءَ جو ڪم به جام آهي. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ بک ته آهي ئي ڪانه. ماڻهو ايترو ته مصروف آهن جو اسڪول ۾ ٻارن کي گهڻو ڪري پاڻ تان بار گهٽ ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏيندا آهن. اسڪولن ۾ چڱي پڙهائيءَ جو دستور آهي، تنهنڪري چڱي انداز ۾ ٻار پڙهي پوندا آهن. جيڪڏهن ڪو ٻار پڙهڻ ۾ گُٿو يا پڙهڻ بعد نوڪري نه مليس ته ڌنڌو کٽو ڪونه اٿس. مائٽ به جڏهن ٻار جي شڪايت تي ماسترن تي ڪاوڙبا آهن ته ماستر صاحب تي ناراضپو ظاهر ڪري وڃي ڌنڌي ۾ هڻندا اٿس. شهر جي ٻارهن هزار آدمشماريءَ مان اٽڪل پنج هزار يا وڌيڪ ڪورڪي ڌنڌي وارا آهن، ۽ باقي هاري ناري، واپاري، مزور، نوڪرين وارا ۽ ٻين هنرن سان واسطو رکندڙ آهن. ڪورڪي ڌنڌي وارا زالين مڙسين پورهيت آهن ۽ ڪنهن جي به ڪاڻ ڪانه ڪڍن. ٻين ڌنڌن وارا به اهڙائي پورهيت آهن ۽ ڪاڻ گهٽ ڪڍندا آهن. عموماً هن شهر جا ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪجهه طبيعت جا تکا پر اَندرَ جا سٺا آهن. اهڙا ته چڱا آهن، جو چڙن به جلد تي ٺري به جلد وڃن: ويچارا مزور ماڻهو چڙي به ڇا ڪندا! غريب جي دل ضعيف ٿيندي آهي، ان کي پنهنجي تسلي ۽ دلداري گهرجي. چڙ ڪري وقتي دل خوش ڪندا آهن، پر وٽن انساني دل آهي تنهنڪري جلدئي پنهنجي زيادتيءَ جو احساس ٿئين ۽ پڇتاءُ ڪري ٺري پون. مون پنهنجي دوست کي ٻڌايو ته شهر جا ماڻهو باوجود پورهيت ۽ هنرمند هجڻ جي ڏاڍا سادا آهن. پيسو ڪونه ميڙين، جيڪڏهن ڪجهه پيسو گڏ ٿيندن ته هليا ويندا حج تي، يا حيدرآباد ۽ ڪراچي گهمي ڦري وري اچي ٻئي سير سفر لاءِ پيسو گڏ ڪندا. پنهنجي طبيعت تي گهڻو بار رهڻ ڪونه ڏين. شادين تي به چڱو پيسو کپائيندا آهن- خاص طرح راڄ جو ڀت ڪندا آهن، ۽ انهيءَ ڀت تي چڱو خرچ ڪري وجهندا آهن. هتي رواج گهڻي ڀت ڪرڻ جو آهي، باقي سٺي طعام سان ايترو وهنوار ڪونهي. جاين تي ايترو خرچ ڪونه ٿئين، ڇاڪاڻ ته گهڻيون جايون ڪچ سريون آهن، هاڻي مڙيوئي پڪين جاين جوڙائڻ جو چاهه وڌندڙ آهي. ڪَڪَنّ جي محلي ۾ ماڻهو ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃن ٿا. والدين پنهنجي اولاد کي پنهنجن ننڍن گهرن ۾ وچاڙيون وجهي ڏيندا اچن ٿا. هن وقت هن ڏس ۾ سڌاري اچڻ جي ضرورت آهي.

ماڻهن جي پوشاڪ سادي ۽ اڳئين زماني واري آهي. گهڻو ڪري سلوار، قميص، پٽڪو يا ٽوپي استعمال ڪن. پنهنجي سانڀر ۾ مون صدريءَ جو به رواج ڏٺو، پر هن وقت گهڻو ڪونهي. دعوت واريءَ جاءِ يا چڱي ماڻهوءَ جي محفل ۾ عموماً سنڌي خوانده يا اڻ پڙهيل بوڇڻ يا ٽوال ڪلهي تي رکي نڪرندا آهن.

هالن جي مارڪيٽ جو هڪ نظارو

رنگارنگي ڪپڙي پهرڻ جو به رواج مردن توڙي زالن ۾ آهي. پوشاڪ جي پهرڻ ۾ نصرپور، ٺٽي ۽ مٽارين جي ماڻهن سان هڪجهڙائي رکن ٿا. زالن ۾ پردي ۾ رهڻ جي ڏاڍي پابندي آهي.

ڪڏهن به ٺڳيءَ جي ڪمن کي ويجها نه ايندا. حون خرابيءَ جي ڌنڌي کي ڪونه وچڙن، پر افسوس جو ان هوندي به مستقل طور تي پنهنجي ۽ پنهنجيءَ قوم ۽ شهر جي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ ايترو چاهه ڪونه وٺن. مون پنهنجي دوست کي وڌيڪ ٻڌايو ته هن شهر جي ماڻهن جو ڪيتري زماني کان اهو دستور ٿي ويو آهي جو پورهيت، نوڪرين وارا ۽ ٻيا شوقين ڪم کان فارغ ٿي اهڙين جاين تي اچي گڏ ٿيندا جتي ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ ڦرندڙ گهرندڙ ماحول جو ديدار به پيا ڪندا، ۽ ان سان گڏ پنهنجون مقالون به چالو رکندا. جيڪڏهن هوٽل تي ويٺل هوندا ته به هٿ جا ڇوٽ، ڏينهن جي ڪمايل روزيءَ مان چڱو کاڌو وٺي کائيندا ۽ دوستن کي کارائيندا، پر ڪچهريءَ جي ريجهه قائم رکيو ايندا.

هالن ۾ جنڊيءَ جو ڪم

هن شهر ۾ ڪيترائي مرڪز آهن، جتي مذاقي مجلسون سدائين متيون پيون هونديون. خود مخدوم صاحبن جي ڪچهري به هن رنگ ۾ ڏاڍي لطف واري هوندي آهي. عام طرح ماڻهو دير سان سمهندا آهن، پاڻ کان ٻين جو ويچار وڌيڪ هوندو اٿن. پنهنجا پرايا قصا ڪُٽي، ۽ پنهنجيءَ ۽ پرائيءَ ڀلائيءَ جون ڪيتريون رٿون رٿي، ۽ ٻئي ڏينهن تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري، رات جو دير سان وڃي گهر سکي ٿيندا، ۽ ٻئي ڏينهن تي وري به اهي ساڳيا دڪان، ساڳيا اوتارا، ساڳيون اوطاقون، ۽ ساڳيون اسپتالون وڃي وسائيندا. ٻئي ڏينهن تي ملندا ته اڳئين ڏينهن وارا فيصلا ياد به نه هوندن، پوءِ ڀلي اهو فيصلو برائيءَ جو هجي يا ڀلائيءَ جو؛ ٻنهي ڳالهين تي عمل گهٽ. جيڪڏهن انهن قصن ڪُٽيندي ڪنهن باهه جو ٻڌندا يا ڪنهن ماڻهوءَ جي تڪليف يا مصيبت جو ڪو ٻڌائيندن، ته فوراً وڃي انهيءَ باهه جهڙي ڏکئي ڪم ۾ مڙسيءَ سان ڪاهي پوندا ۽ مصيبت زده ماڻهن جي رهائيءَ جي فوراً بندوبست ڪرڻ جي هر طرح دل سان ڪوشش ڪندا. پر جيڪڏهن ڪنهن به ڪم ۾ زياده دير لاءِ عمل ڪرڻ جي ضرورت هوندي، ته پوءِ اهو ڪم اهڙو ڪاميابيءَ سان طي نه ٿي سگهندو.

مون کان منهنجي دوست پڇيو ته ”اهو ڇاجي ڪري آهي؟“ مون کيس جواب ڏنو ته هن شهر جا ماڻهو عام طرح مخدوم صاحب جا مريد آهن. جيڪي مريد نه آهن، سي به مخدوم صاحبن جو ڏاڍو خيال رکندا آهن؛ جڏهن ڪابه تڪليف درپيش ايندي اٿن ته هڪدم مخدوم صاحب سان وڃي بيان ڪن ۽ مخدوم صاحب پنهنجي دل و جان سان ۽ وس آهر هرڪنهن شهر جي ماڻهوءَ جي ڪمن ۾ قانون جي حدن اندر دلچسپيءَ وٺندا آهن. ان ڪري ماڻهو مخدوم صاحبن جي ڪوشش ۾ اعتقاد رکي، وڌيڪ ڪوشش ڪانه ڪن. انهيءَ سببان خودمختياريءَ جو مادو ايترو پختو ٿيل نظر نٿو اچي، ۽ ٻيو اهو به سبب آهي جو پورهيت جڏهن ڪمائيندا تڏهن کائيندا، تنهنڪري زياده وقت سيڙائڻ مشڪل ٿيو پوين.

مون پنهنجي دوست کي وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي شهر جي ماڻهن جي ٻين خوبين سان گڏ هڪ ٻي خوبي به بيان ڪرڻ جهڙي آهي، اُها آهي تنقيد يا نڪتچيني ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته گهڻو وقت ڪچهرين ۾ گذرين ٿو، انهيءَ ڪري تنقيد ۽ نڪتچينيءَ جي هنر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن- جنهن به موضوع تي گفتگو ڇڙي پئي ته ان مان نڪتا چونڊي، سهڻي نموني ۾ نڀائي ويندا. جتي به ويٺا هوندا ته لطف پيدا ڪريو ويٺا هوندا. پڙهئي لکئي جو ته سوال اٿيئي ڪونه ٿو، سڀئي هڪ جهڙا قابل آهن. هڪٻئي مان به نه گسن. نڪتچيني ڪرڻ تي ايندا ته ڪنهن مان به وڃي پار پوندا. گفتي جا اهڙا ته پختا آهن جو ڪنهن جي شڪايت ڪري ويندا ته به پنهنجي واسطي نقصان پيدا نه ڪندا. آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ ڄاڻ مان جيڪڏهن اصلاحي حالتن پيدا ڪرڻ لاءِ فائدو ورتو وڃي ۽ ڪجهه ادبي ذوق پيدا ٿي پوي، ته اسان جي ماڻهن جو درجو عام ماڻهن جي درجي کان گهڻو اتاهون ٿي سگهي ٿو. آءٌ ائين چوندس ته شهر جا ماڻهو ڏاڍا زنده دل ۽ خوش خلق آهن.

مون کان پنهنجي دوست سوال پڇيو ته ”تنهنجي سانڀر ۾ هن شهر جي ماڻهن ۾ ڪا سجاڳي آئي آهي؟“

مون جواب ڏنو ته سجاڳي ته آيل آهي، پر تعميري ڪمن ۾ دلچسپي خاطرخواه نه آهي- ادبي محفلون ”طالب الموليٰ“ جن جي دلچسپيءَ سبب ٿينديون رهن ٿيون. ڪي ڇوٽيون ننڍيون جماعتون به ههڙن ڪمن ۾ حصو وٺن ٿيون، پر انهن جماعتن ۾، سواءِ ”رفيق ڪمپنيءَ“ جي ڪو نمايان واڌارو ڪونه ڪيو آهي. مون کيس ٻڌايو ته پنهنجي سانڀر ۾ مون ڪيتريون جماعتون ٺهنديون ۽ ڊهنديون ڏٺيون، ڪيتريون اسڪيمون جڙنديون ۽ ڦٽنديون ڏٺيون، جڏهن کان مخدوم صاحبن عملي ڪمن ۾ حصو ورتو آهي ته انهن ۾ ماڻهو به قاصر نه رهيا آهن. پر اڃا به زياده ڪوشش جي ضرورت آهي.

جڏهن منهنجي دوست منهنجو مٿيون احوال ٻڌو ته هن چيو ته ”جيڪي ڳالهيون اوهان مون کي ٻڌايون آهن، انهن مان منهنجو اهو اندازو آهي ته هي شهر ڏينهون ڏينهن وڌندو رهندو، بشرطيڪ شهر جا ماڻهو تعميري ڪمن ۾ دلچسپي وڌائين ۽ اهڙا اداره قائم ڪن، جن جي ذريعي تعميري ڪم هميشه ٿيندو رهي. اوڻايون پوڻايون، اجتماعي ڪوششن سان دور ٿي سگهن ٿيون.“ منهنجي دوست وڌيڪ چيو ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جي اوهين هالن بابت مضمون لکي، ڪنهن مخزن ۾ ڏيو! مون کي اها صلاح پسند پيئي ۽ ان تي عمل ڪيم. اجهو، هي مضمون اوهان جي اڳيان آهي.

 

وشن جڳتياڻي

[سوانح]

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com