سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 8

باب: --

صفحو :9

 

 

سلام ۽ سنيها

 

ڳڙهي ياسين کان فيروز احمد قاضي لکي ٿو:

گل ڦل سنڌي ٻوليءَ جو ٻارن لاءِ هڪ شاهڪار رسالو آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ سٺيون ڪهاڻيون، نصيحت آميز نڪتا ۽ مواد شايع ٿئي ٿو. اسان جون سنڌي ادبي بورڊ جهڙي عظيم اداري ۾ وڏيون اميدون آهن ته هو اڃا به هن رسالي تي وڌيڪ خرچ ڪري، ان کي مثالي رسالو بنائيندو. اسان جناب غلام رباني صاحب جا به ٿورائتا آهيون، جنهن هن رسالي کي پنهنجي نگرانيءَ ۾ نهايت ڪامياب بڻايو آهي. ڪجهه تجويزون آهن، انهن تي ٻارڙن جي امنگن مطابق عمل ڪيو وڃي ته بهتر 1- سنڌ جي ڪنهن شهر بابت احوال ڏنو وڃي. 2- شاگردن ۾ لکڻ جا مقابلا ڪرايو ته منجهن لکڻ جو چاهه به وڌي ۽ سندن صلاحيتون به ترقي ڪن. 3- ڪهاڻيون گهٽ ڏيو، ڪجهه اخلاقي، اصلاحي ۽ علمي مواد ڏيو. 4- رسالي کي تصويرن ۽ نظارن سان رنگين ڪيو وڃي. (ادا، گل ڦل جي سرهاڻ، اوهان جهڙن گلن سان ئي پکڙي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جو بنيادي مقصد ئي آهي سنڌي ٻولي، ادب ۽ علم کي ترقي ڏيارڻ. اوهان ڏٺو هوندو ته هاڻي هر مهيني رسالي کي معياري بنايو پيو وڃي. محترم رباني صاحب طرفان شڪريو قبول ڪندا. جيئن ته هو صاحب اڄ کان پندرهن سال اڳ، هن رسالي جو ايڊيٽر هو، ان ڪري سندس مشورا، صلاحون ۽ نگراني، رسالي جي ڪاميابيءَ جو سبب بنيا آهن. اوهان جون تجويزن مان گهڻن تي عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ باقي صلاحن تي جلد عمل ڪبو.)

 

*ڪشمور کان محمد شعبان سميجو لکي ٿو:

 اوهان کي جس هجي جو اوهان گل ڦل کي سٺي نموني شايع ڪري رهيا آهيو. انعامي مقابلي هيڪاري، ٻارن ۾ چاهه پيدا ڪيو آهي. ”اوهان جو امتحان“ هڪ سٺو ڪالم آهي. پر صلاح آهي ته سوال جواب جو ڪالم شروع ڪريو. ان کانسواءِ ٻارن جا فوٽا ڏيو ته تمام سٺو ٿيندو. (ادا، گل ڦل جي ڪاميابي، سنڌي ٻارن جي ڪاميابي آهي. اوهان جي پسند ڪرڻ جو شڪريو. سوال جواب جو ڪالم شروع تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن رسالي ۾ صفحا وڌندا، جيئن ته پنو ڪوٽا تي ملي ٿو، ان ڪري اهو ممڪن ڪونهي. ٻارن جا فوٽا هن پرچي کان شروع ڪيا اٿئون.)

 

*لاڙڪاڻي کان ڀيڻ شمشاد ڌاريجو ۽ ڀيڻ عاليه جوڻيجو، پنهنجي جدا جدا خطن ۾ رسالي کي پسند ڪيو آهي.

لکن ٿيون ته اسان ڪهاڻيون ۽ لطيفا موڪليون ٿا، جلد شايع ڪندا (ادي شمشاد ۽ ادي عاليه؛ اوهان جون ڪهاڻيون ۽ لطيفا پهتل آهن. جلد شايع ڪبا. رسالي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني. اميد ته آئيندي به مواد موڪلينديون رهنديون.)

 

*حيدرآباد کان ڀيڻ خورشيد اختر صديقي لکي ٿي:

 ”ادا؛ آءُ ڪجهه لطيفا موڪلي رهي آهيان ۽ ان سان گڏ ڪجهه تجويزون به. مهرباني ڪري ٻارن جي ليک سان گڏ سندن تصوير به ڏيو ۽ ان کانسواءِ به ٻارن جون تصويرون ڏيو. پرولين وارو ڪالم ختم ڪريو، ڇاڪاڻ ته ٻار ساڳيون ساڳيون لکن ٿا. لطيفا به نوان نوان ڏيو، ڪڏهن ڪڏهن ته ساڳيا ساڳيا به شايع ٿيو وڃن. (ادي؛ اوهان جون تجويزون ڏاڍيون سٺيون آهن، اسان ته ٻارڙن جي صلاح تي هلنداسين. جي پرولين وارو ڪالم پسند نه آهي ته بند نه ڪنداسون پر ائين نه ٿئي جو ٻيا ٻار وري ڪاوڙجي پون. انڪري ٻارن کي صلاح آهي ته نيون پروليون ۽ نوان لطيفا موڪلين. ٻارن جي فوٽن شايع ڪرڻ لاءِ اعلان جون واري پرچي ۾ ڪيل آهي. اوهان جا لطيفا پهتل آهن. واري جو انتظارڪيو).

 

*ڳوٺ مير يار محمد کان غلام رسول ٽالپر لکي ٿو؛

 گل ڦل مون کي پسند آهي. هڪ آکاڻي، موڪليان ٿو. اها ضرور شايع ڪندا ۽ پوءِ اميد ته اسان سٺيون سٺيون آکاڻيون، موڪليندا رهنداسون (ادا؛ اوهان جي آکاڻي پهتي، پر اها اڳيئي هڪ ادڙي ترجمو ڪري موڪلي هئي جا ڇپجي چڪي آهي. تون وري ڪا ٻي آکاڻي ترجمو ڪري موڪل).

هنن ڀائرن پنهنجي خطن ۾ گل ڦل کي هڪ مثالي رسالو قرار ڏنو آهي.

ڳوٺ ميمڻ کهڙا کان اسدالله ميمڻ، لاڙڪاڻي کان اسلم سنديلو ۽ نثار ڪورائي ارشد، ڪنڌڪوٽ کان اندر لعل-ايل، پياسي ۽ ڌرمپال هاسيجا. خانپور شڪارپور کان عبدالحق دايو ۽ ڳوٺ وسن عادل کان محسن علي ڪنڀر.

 

* بدين کان عبدالمجيد قاضي خادم لکي ٿو:

 ”ادا؛ ماهه جولاءِ ۾ آکاڻي ڏاهي ڇوڪري، گلن جهڙا ٻارڙا رسالي تان نقل ٿيل آهي. ادي محمد صالح مٺواڻيءَ کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو. هونئن ته رسالو سٺو آهي پر انهن نقل ڪندڙن کان بچايوس (ادا؛ اها واقعي ڏک جهڙي ڳالهه آهي، اسان بار بار ٻارن کي اهي هدايتون ڏنيون آهن ته اڻ ڇپيل ڪهاڻيون موڪليو پر هو پنهنجي نالي شايع ڪرڻ جي شوق ۾ اهو ادبي ڏوهه ڪري ٿا وجهن جو ڪرڻ نه کپي اميد آهي ته ادو محمد صالح مٺواڻي، آئنده احتياط رکندو.

 

*ڪشمور کان مشتاق احمد سومري

 پڻ، ڏاهي  ڇوڪري، لاءِ شڪايت لکي آهي ته اها ريڊيو تان نشر ٿي آهي ان کانسواءِ اتحاد جي برڪت، آکاڻي لاءِ لکي ٿو ته هڪ ڪتاب تان نقل ٿيل آهي. وڌيڪ لکي ٿو ته امداد حسيني جي اَلولي پسند آئي. شاهي منارو، نکمڻو ڇوڪر ۽ گڏهه جي آتم ڪهاڻي به پسند آهي. ادا، هن شهر ۾ ڪو ايجنٽ ڪونهي ان ڪري اسان کي رسالو ڪنڌڪوٽ مان خريد ڪرڻو پوي ٿو.

(ادي، نقل ٿيل ڪهاڻي بابت ته مٿي جواب ڏيئي چڪا آهيون. ٻين ڪهاڻين جي پسند ڪرڻ لاءِ مهرباني اوهان جي شهر ڪشمور ۾ ايجنسيءَ لاءِ نانڪرام پريمي جامع مسجد روڊ ڪشمور سان لهه وچڙ ۾ اچو)

 

*هالا نوان کان مفتون احمد شيخ

 جي خط جي جواب ۾ عرض ته ادا، اوهان جي ڪهاڻي ”همدردي“ شايع ڪرڻ جهڙي ڪانهي ٻي ڪا سٺي ڪهاڻي لکي موڪليو ته شايع ڪنداسين.

”دڙو کان شبانه پروين لکي ٿي: جولاءِ جي پرچي ۾ بدبخت پخالي، جادؤَ جي راڻي ۽ سٺي زندگي گذارڻ جا اصول پسند آيا. چورن مٿان مور ڪهاڻي اڳئي ٻن رسالن ۾ شايع ٿي چڪي آهي. ڏاهي ڇوڪري به ريڊئي ۾ گهڻائي دفعا ٻڌي اٿئون. مهرباني ڪري اهڙيون ڪهاڻيون، هن پياري رسالي ۾ شايع نه ڪريو. پروليون بند ڪريو، انهيءَ جاءِ تي سوال جواب شروع ڪريو. (ادي، نقل ڪيل ڪهاڻين جي باري ۾ ٻارن کي هدايت ڪيل آهي. سوال جواب جو ڪالم اڃا شروع ڪرڻ جوا رادو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ٻارڙا اسان لاءِ ايترا سوال موڪليندا جو هڪ ٻار جي هڪ سوال جو جواب ڏيڻ سان به رسالو سڄو سوال جواب ۾ ئي پورو ٿي ويندو. ادي؛ اسان کي خبر نٿي پوي ته اوهان جي شهر ۾ ڪهڙا ادا آهن جي فرضي ڇوڪرين جي نالن تي خط و ڪتابت ڪن ٿا. مناسب آهي ته اوهان، هن سلسلي ۾ اسان جي رهنمائي ڪريو ته اسان انهن لاءِ ڪو علاج سوچيون.)

 

*ٽنڊي محمد خان کان گرڌاري لال

 کي جواب ۾ عرض آهي ته ٽنڊي محمد خان ۾ جلد ئي ايجنٽ مقرر ٿي ويندو ۽ اوهان جون تڪليفون دور ٿي وينديون.

 

ناقابل اشاعت فوٽا

هنن ادن جا فوٽا عمر جي لحاظ کان ٻارن جي رسالي ۾ شايع ڪرڻ جهڙا ڪونهن، انهن کي گهرجي ته ڪنهن شاگردن جي رسالي يا صفحي ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ ڏياري موڪلين. حسيني گل حسن زرداري سرهاڙي، رسول بخش خاصخيلي ملير ڪراچي. دکي امير محمد ٿيٻو، جميس آباد. ميمڻ عبدلاوحيد سنڌي لاڙڪاڻو. غلام رسول مشوري سرهاڙي. راجا نبي بخش بلوچ ڳوٺ حاجي ابوبڪر بلوچ. عبدالرشيد انصاري سکر. مير حسن درس مورهڏي کپرو. عبدالوهاب انصاري سکر. محمد هاشم نوناري ڪنڌڪوٽ. محمد پنڃيل ڪلهوڙو سکر. محمد صالح سمون ميرپورخاص. امداد سومرو قمبر. جيڪي ادا چاهين سي پنهنجا فوٽا واپس گهرائي وٺن.

-ايڊيٽر

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com