سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 7

باب: --

صفحو :8

 

سهڻا سخن

 

غلام نبي جمالي، ٽنڊو ڄام

1 – سٺي ڪتاب کان وڌيڪ ٻيو سٺو دوست نه آهي، اڄ جي لاءِ نه پر هميشھ جي لاءِ. (فيثا غورث)

2 – اهو دوست ئي ڪهڙو جيڪو صرف وقت جو خون ڪري، اهڙو دوست ڳوليو جنهن سان وقت هميشھ زنده رهي. (خليل جبران)

3 – اسان مان وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو پنهنجي اصلاح لاءِ سڀ کان گهڻي ڪوشش ڪري ٿو. (سقراط)

 

گل حسن زرداري

1 – وڻندڙ ٻار کي ان کي چئجي جو ڪنهن به وڏي جو چيو ڪري ۽ ان جي نافرماني نه ڪري.

2 – جيڪو ڪنهن به ٻاهران آيل يا ڪنهن به ڌاري ماڻهوءَ کي ڏسي ته ان جي عزت ڪري ۽ ان جي سٺي نموني خدمت ڪري.

3 – جيڪو پنهنجي مائٽن جي عزت ڪندو ۽ انهن جي اڳيان ادب سان رهندو ته اهو وڻندڙ ٻار چئبو.

 

محمد ايوب، پڊعيدن

1 – اهو بدنصيب آهي جنهن کي خدا تعاليٰ علم نصيب ڪيو ۽ اهو عمل کان خالي رهيو.

2 – جيڪو صبر ۽ ضبط سان ميدان ۾ ايندو ضرور فتح حاصل ڪندو.

3 – جيڪڏهن زنده رهڻ چاهيو ٿا ته دل کي  صبر جي عادت ڏيو.

4-گلن جي صحبت ۾ رهندا ته مٽيءَ جي ذرن ۾ به خوشبو محسوس ٿيندي.

5 – بيوقوف ماڻهوءَ جي دل وات ۾، عقلمند جي زبان دل ۾ هوندي آهي.

6 – افلاطون کان پڇيائون ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا آهي ته سچي، پر جي ماڻهو کڻي اها ظاهر ڪري ته بڇڙي پئي لڳي؟ جواب ڏنائين: ته ”پنهنجي تعريف.“

 

ڇا اوهان کي خبر آهي ته...

 

ميمڻ عبدالوحيد سنڌي، لاڙڪاڻو

1 – انگريز سائنسدان جرسن پريسٽلي پهريون سائنسدان هو جنهن 1774ع ۾ آڪسيجن ڳولي لڌي.

2 – هڪ آمريڪن سائنسدان نالي ”لوئيس ايڊيسن واٽر مين“ 1884ع ۾ انڊ پين ايجاد ڪئي.

3 – برازيل ۾ هڪ پکي آهي جو هڪ ڪلاڪ ۾ 215 ميلن جي رفتار سان اڏامندو آهي، يعني منٽ ۾ ذري گهٽ 14 ميلن جي رفتار سان اڏامي ٿو.

4 – هڪڙي جهنگلي ماڪوڙي پنهنجي وزن کان 300 دفعا وڌيڪ وزن کڻي سگهي ٿي، جيڪڏهن ماڻهو ائين ڪري ها ته اٽڪل 400 مڻ کڻڻا پون ها.

 

جيرامداس اٻوجهو، ڪاٺڙي

1 – جِهرڪي جي دل هڪ منٽ ۾ 800 دفعا ڌڙڪي ٿي.

2 – وهيل مڇي کي 2406 ڏند هوندا آهن.

3 – دنيا ۾ گلابي گلن جا 792 قسم ٿين ٿا.

4 – دنيا جي سڀ کان هلڪي موٽر هڪ جاپاني ٺاهي جنهن جو وزن 23 سير آهي.

5 – دنيا جو نقشو سڀ کان پهرين 1400ع ۾ پورچوگال جي بادشاهه هنري ٺهرايو.

 

خالد امام، واهه فارم

1- سنگتڙي جو وڻ ڏيڍ سئو سالن تائين ميوو ڏي ٿو.

2 – شينهن جي عمر 35 سال ۽ رڍ جي عمر 15 سال هوندي آهي.

3 – هڪ مڻ ڪوئلي ٻرڻ لاءِ چوڏهن مڻ هوا جي ضرورت هوندي آهي.

4 – دنيا جو سڀ کان تيز رفتار جانور چيتو آهي.

 

پرولي ته ڀڃ

 

 

(اڪثر ٻار، گل ڦل جي پراڻن پرچن يا ڪن ٻين رسالن مان ڇپيل پروليون نقل ڪري موڪلين  ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ وري وري ساڳيون پروليون ڇپجيو وڃن. ان ڪري ٻارڙن کي صلاح آهي ته هو پنهنجي مٽي مائٽن کان ٻڌل نيون نيون پروليون لکي ڏياري موڪلين ۽ پروليون اخلاقي حدن کان ڪِريل نه هجن. ٻيءَ صورت ۾ مجبوراً اسان کي هي ڪالم بند ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته تمام گهڻن ٻارن ساڳيون ساڳيون پروليون ڇپجڻ جي شڪايت لکي موڪلي آهي.             – ايڊيٽر)

 

جڳديش لعل بجاج ميرپورماٿيلو

1- ڪاري جبل تي اڇي چادر.

2- بري ٻڪري بادشاهه جي آهي توڙي ڪجهه به ڏيوس ته کائي وڃي، پر پاڻي ڏيوس ته مري وڃي.

 

مختيار علي سومرو ڪنڌڪوٽ

 3- پاڻ مٽيءَ جو ساس ڄانڀي جو لڳس واءُ ته نڪريس ساهه.

4- اڇي ٻني ڪارو ٻج ڪاٺي سان هر وهي.

5 – اڇي آهي پاڻ، ڪارا اٿس ڪپڙا، گونگا ئي گونگي ته به ڳالهيون ڪري اڪيچار.

6- گول گول ڄاهي جان، ڄاهو به ناهي. ڏاڙهي اٿس مرد جان، مرد به ناهي، اکيون اٿس اڳ ۾ پر سڄو به ناهي. ٺهي ويٺو آهي هٽ تي پر واڻيو به ناهي. ٻڌايو ته ڇا آهي.

7- گل به ڪري، ڦل به ڪري پر ڪري ڪين پَنَ.

 

ڪفايت الله بلوچ ميرپورخاص

8- اهو ڪهڙو ٿالهه جنهن ۾ موتي ئي موتي پر اونڌو ڪرينس ته هڪڙو به نه ڪري.

 

نثار ڪورائي ارشد

9 – ڌڪ لڳ هڪڙن کي دانهون ڪن ٻيا آيا جو ٽيان ته رئندا هليا ويا.

 

الهه بخش سولنگي دڙو.

10 – جيئرا جهلي پٺن ڀر هلي.

11 – تنهنجي هٿ ۾، تون ان جي پيٽ ۾.

 

پنهور ذوالفقار علي ڄامشورو.

12 – اڇي زمين ڪاري پوک.

13 – ٻه ڄڻا وٽبا اچن، پر گنجي نچندي اچي.

 

شيخ ارشاد راهي شڪارپور

14 – منهنجي نالي جو پهريون اکر گهوڙي ۾ آهي، خچر ۾ نه، ٻيو اکر لسيءَ ۾ آهي کير ۾ نه، ٽيون اکر ڦرڻيءَ ۾ آهي، لاٽونءَ ۾ نه، چوٿون اکر لوهه ۾ آهي ڪپهه ۾ نه، ٻڌايو ته مان ڇا آهيان؟

15 – هڪ ماءُ کي سئو پٽ گول مول سڀ هڪجهڙا.

 

گرڌاري لعل ٽنڊو محمد خان

16 – اُڀو وڻ اونڌو شهر جنهن ۾ ظالم زميندار.

17 – اهو ڪهڙو مسافر آهي جو بنا ٽڪيٽ ريل ۾ سفر ڪري

 

شير محمد شيخ شهدادڪوٽ

18 – گهر گهر ۾ گوبو لڙڪي.

19 – گهر گهر ۾ گندڙو ليٽي.

20 – ڀڄي ٿو هرڻ وانگر، اُڏامي ٿو پکي وانگر، ڌڪ هڻي ٿو ماڻهوءَ وانگر ٻڌايو ته ڇا آهي.

 

ڀڃڻي

1- توي تي ماني. 2 – باهه. 3- ڏيئو. 4 – مس پنو ۽ قلم. 5 – اخبار. 6 – ناريل. 7- ڪرڙ جو وڻ. 8 – آسمان جا تارا. 9 – نار. 10 – ٻيڙي. 11 – آرسي. 12 – مٿو ۽ وار. 13 – چپ ۽ ڄڀ. 14 – گل ڦل رسالو. 15 – تسبيح. 16 – ڏينڀن جو مانارو. 17 – ٽن سالن يا ان کان گهٽ عمر وارو ٻار. 18 – ڪرڙ. 19 – ٻهاري. 20 – بال.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com