سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 7

باب: --

صفحو :7

 

غلام رسول مشوري سرهاڙي

اخلاقي سبق

 

سٺي زندگي گذارڻ اصول

 

پيارا ساٿيو، سٺي زندگي گذارڻ هر ڪنهن انسان جي چاهنا هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڪو انسان پاڻ کي خوش ۽ مٿانهون ڏسڻ گُهري ٿو. پر اهو سڀ تڏهين ٿي سگهي ٿو، جڏهين اسان ننڍپڻ کان ئي پاڻ ۾ زندگيءَ جا اصول پيدا ڪرڻ جا هيراڪ بنجون، ان لاءِ آءُ ڪي تجويزون پيش ڪريان ٿو، جي اُميد ته منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي پسند اينديون. 1 – صبح جو سويل اُٿجي، رات جو سويل سمهڻ سان نه فقط سٺي عادت ۾ شمار ٿئي ٿو پر ان مان صحت تي به سٺو اثر پوي ٿو. پنهنجي وت سارو ورزش ڪرڻ، نماز پڙهڻ ۽ الله جي عبادت ڪرڻ، سٺي زندگيءَ جا بنياد آهن. جن ذريعي نه فقط تندرست رهي سگهجي ٿو پر دين ۽ دنيا جا به فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. 2 – صاف ڪپڙا به سٺي زندگي گذارڻ جو اُصول آهي. ان مان اهو مقصد ڪونهي ته اوچا ڪپڙا هجن. ڪپڙا ڀلي سادا هجن پر اَڇا اُجرا ۽ ڌوتل هجن، جيئن انهن ذريعي، بدن به صاف رهي سگهي ۽ سندس شخصيت به اُجاگر ٿي سگهي. 3 – سڀ ڪنهن سان پيار ڪريو، ڪنهن سان به وير وروڌ نه رکو، ڇاڪاڻ ته وير وروڌ، بي اتفاقي پيدا ڪري ٿو ۽ بي اتفاقي، نه فقط پاڻ لاءِ پر قوم ۽ ملڪ لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي. جيڪڏهن اوهين ٻين سان پيار ڪندا ته پڪ ٻيا به اوهان سان پيار ڪندا ۽ پيار واري زندگيءَ ۾ خوشيون ئي خوشيون هونديون آهن. 4 – ٻين سان ڀلائي ڪريو ۽ ان لاءِ اهو نه سوچيو ته هو به اوهان سان ڀلائي ڪري، واري نيڪي اهڙي آهي جا هن دنيا ۽ هن دنيا ۾ اوهان لاءِ فائديمند ثابت ٿئي ٿي.

پيارا ساٿيو، اچو ته پاڻ سٺي زندگي گذارڻ جي هنن اصولن تي عمل ڪريون. جيڪي پنهنجي مستقبل لاءِ بهترين مددگار ثابت ٿيندا.

  

غلام ابڙو

(گيت)

 

ساوڻ آيو

 

موٽي مند تي سانوڻ آيو،

وڄون وسڻ جو ڪن ٿيون سعيو،

ديس جا ماڻهو نا گهٻرايو،

آس ڌڻيءَ مان ڪين ڪي لاهيو،

هوا اُٺي جي صحيح سڻايو،

مالڪ آهي مينهن وسايو.

 

آيون ڪڪريون ڪاريون ڪاريون،

گوڙين کنوڻين واريون واريون،

بوندن برسي لايون بهاريون،

ٻهڪن ٻهڪن ٽاريون ٽاريون،

ڀيڄ ڀيڄ چئو آيو آيو،

مالڪ آهي مينهن وسايو.

 

مينهن وَسِي آ ڌرتي ٺاري،

ساوڪ ٿيندي ۽ گلزاري،

ٿيندي جوئر ٻاجهر ساري،

خوش ٿيو هر ڪو هاري ناري،

هر ڪنهن جو ٿيو لايو سجايو،

مالڪ آهي مينهن وسايو.

 

سڪل زمينون سايون ٿينديون،

گايون مينهيون ڍاپيو اينديون،

کير مکڻ گِهه ڏاڍو ڏينديون،

خوشيون اينديون ڳڻتيون وينديون،

ٿورا سائينءَ جا سڀ ڳايو،

مالڪ آهي مينهن وسايو.

 

گل ڦل انعامي مقابلو نمبر 2

 

هن پرچي جي ٽائيٽل (سر ورق) تي هڪ رنگين تصوير آهي، اها غور سان ڏسو، ۽ ان تصوير جي باري ۾ ڪهاڻي لکي موڪليو. مقابلي لاءِ آيل ڪهاڻين مان پهرين چونڊ ٽن کي انعام ڏنو ويندو، ۽ اهي ڪهاڻيون، سندن فوٽن سان شايع ڪيون وينديون. پهريون انعام پنڌرهن رپين جا ڪتاب. ٻيو انعام ڏهن رپين جا ڪتاب، ٽيون انعام پنجن رپين جا ڪتاب. انعام کٽندڙن ٻارن کي ڪتابن جي فهرست موڪلي ويندي ۽ هو پنهنجي پسند جا ڪتاب لکي موڪليندا جي کين رجسٽرڊ پارسل ڪري موڪليا ويندا. مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻارن کي هيٺين هدايتن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي:

1 – ڪهاڻي پني جي هڪ پاسي، صاف اکرن ۾ ۽ مس سان لکيل هجي. 2 – 18 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار حصو وٺي سگهن ٿا. 3 – ڪهاڻي ڪنهن به لوڪ ادب جي ڪتاب تان ورتل هوندي يا ڪنهن رسالي مان کنيل هوندي يا ان جي لکڻيءَ مان ائين معلوم ٿيو ته اها ڪنهن ٻار جي لکيل نه آهي، بلڪ ڪنهن وڏي يا پختي ليکڪ جي لکيل آهي ته اها ڪهاڻي مقابلي ۾ شريڪ نه ڪئي ويندي. 4 – ڪهاڻي گهٽ ۾ گهٽ گل ڦل جي ٻن صفحن جيتري ۽ وڌ ۾ وڌ چئن صفحن جيتري هجي. 5 – ڪهاڻي لفافي ۾ بند ڪري لفافي مٿان گل ڦل انعام مقابلو 2 لکي ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12 – حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ گهرجي. 6 – ڪهاڻي اهڙيءَ طرح موڪليو جو اسان وٽ 28 – آگسٽ 1975ع تائين پهچي وڃي. 28 – آگسٽ کان پوءِ پهچندڙ ڪهاڻيون مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيون وينديون.

گل ڦل انعام مقابلي ۾ حصو وٺي انعام حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ، پنهنجي لکڻين جو معيار وڌايو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com