سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 7

باب: --

صفحو :3

 

اعجاز محمد اسماعيل عرساڻي

(سلسليوار باتصوير ڪهاڻي)

 

 

(قسط – 2)

 

مون خيال ڪيو ته متان هي ماڻهو سمجهن ته آءٌ هڪڙو بيڪار گڏهه آهيان، آءٌ خودبخود هلي وڃي ان نوجوان عورت جي اڳيان بيٺس، جنهن پنهنجي ٻار کي مون تي چاڙهي ويهارو ۽ چوڻ لڳي ته ”هي ڏنگو ڏسڻ ۾ ته نٿو اچي.“ مون پنهنجي دل ۾ چيو جيڪڏهن ڪنهن به گڏهه کي مهربانيءَ سان هلائجي ٿو ته تحقيق هو ڏنگو نٿو ٿئي. آءٌ ان جي ننڍڙي ٻار کي کڻي سندس گهر ڏانهن هلندو ويس. هن مون کي پيار جا هٿ گهمايا ۽ مون کي ايترو ته پيار ڪرڻ لڳو جو هن پنهنجي مائٽن کي چيو ته هن گڏهه کي پاڻ وٽ بيهاري ڇڏيو. آءٌ ننڍڙي ٻار کي چٽڻ لڳس، پر دل ۾ خيال ڪيم ته هنن وٽ رهڻ منهنجي لاءِ ايمانداريءَ جو ڪم نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي اڳوڻي مالڪياڻيءَ منهنجي خريداريءَ جا پئسا ڀريا هئا، تنهنڪري جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائي پنهنجي اصلي  گهر ڏانهن ڊوڙندو هليو ويس، منهنجي مالڪياڻيءَ جي ڌيءَ ميري، پهريائين مون کي موٽي ايندو ڏٺو ۽ عجب ۾ پئجي رڙ ڪري چوڻ لڳي ته ”اڙي هي گڏهه موٽي ڇو آيو آهي!“ هوءَ پنهنجي ڀاءُ جان کي سڏي چوڻ لڳي ته ”اچي هن تان زين لاهه.“ جان سندس ڀاءُ ڏاڍو سياڻو ڇوڪر هو. هن مون ڏانهن ڀڻ ڀڻ ڪندو ڊوڙندو آيو ۽ چوڻ لڳو ته ”هو اڪيلو ڇو موٽي آيو آهي، مون کي يقين آهي ته هي ڪنو جانور ڀڄي آيو آهي ڇو ته اڳي به ڪيترا دفعا هن مون کي اِٽون هنيون آهن.“ مون تان زين لاٿي ويئي ۽ مون کي ڀرواري ٻنيءَ ڏانهن هڪلي ڇڏيو ويو. مون اڃان ٻنيءَ جي چوڌاري مس هڪڙو چڪر لڳايو ته ڪن ماڻهن جي اچڻ جو آواز ٿيو ۽ هڪڙو شور مچڻ لڳو. مون کي ان جو سبب معلوم ڪرڻ جو انتظار ٿيو ۽ مون لوڙهي جي مٿان نهاريو. اوهين سمجهي سگهو ٿا ته مون ڇا ڏٺو هوندو؟ مون ڏٺو ته منهنجي مالڪياڻيءَ کي ڪي ماڻهو پنهنجي گهر ڏانهن کڻي پئي آيا. آءٌ اهو نظارو ڏسي ڏڪي ويس. تنهن کان پوءِ مون کي جان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، مون پنهنجا ڪن کڙا ڪيا ۽ ٻڌڻ لڳس. هن چيو ”بابا، آءٌ هن بدمعاش جانور کي وڻ سان ٻڌندس ۽ هن کي لٺين سان مار ڪڍندس“ هن جي پيءُ جواب ڏنو ته ”ها پٽ، ڀلي مار ڪڍينس، پر اهڙا ڌڪ نه هڻنجانس جو جڏو ٿي پوي، ڇو ته ان ڪري اسان جا پئسا نقصان ٿيندا، آءٌ ٻئي ميلي تي هن کي وڪڻي ڇڏيندس.“ مون اهي لفظ ٻڌا ۽ خوف وچان ڏڪي ويس ۽ جيڪا مار منهنجي لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي، ان جي خوف کان منهنجو جسم ڏڪڻ لڳو. هاڻي مون کي هڪ منٽ به دير ڪرڻي نه هئي، ۽ جيئن جان لٺ کڻڻ ويو تيئن آءٌ سوچڻ لڳس ته هاڻي ڇا ڪريان. آءٌ هڪدم لوڙهي ڏانهن ڀڳس ۽ هڪڙي ٻنيءَ مان ٻيءَ ۾، ٻيءَ مان ٽينءَ ۾ اهڙو ته تيز ڀڄڻ لڳس جو ذري گهٽ ماندو ٿي پيس، مون کي پٺيان نهارڻ ۾ به خوف پئي ٿيو. آخر آءٌ بيهي رهيس ۽ عجب کائڻ لڳس ته هاڻي ڇا ڪريان. هتي ڪوبه انسان ڪونه هو جو ڪٿي ڏسڻ ۾ اچي يا ڪوبه آواز ڪونه هو جو ٻڌڻ اچي. آءٌ ڏاڍو ڏکارو ٿيس ۽ منهنجي حالت تمام دکدائڪ هئي. مان جيڪر دانهن ڪريان ها پر جلد ئي ان وقت مون ڏٺو ته آءٌ هڪڙي سائي ٻيلي جي ڀر تي اچي پهتو هئس جو منهنجي سامهون هو. آءٌ هڪدم انهيءَ شاندار ٻيلي ۾ هليو ويس.

منهنجو بخت ڪهڙو نه کلي پيو آهي! مون پنهنجي دل ۾ سوچيو. اتي تازي پاڻيءَ جون نهرون پئي وهيون ۽ سائو تازو گاهه بيٺو هو. دل ۾ چيم ته هتي ڪجهه وقت ترسي پوان. ڪجهه وقت ترسي آرام ڪندس ۽ پنهنجون تڪليفون وساري ڇڏيندس. ڏينهن جو آءٌ هيڏانهن هوڏانهن پيو گهمندو ڦرندو هئس ۽ رات جو ڪنهن نرم جاءِ تي سمهي آرام ڪندو هئس ۽ سج تائين  ستو پيو هوندو هوس.

هڪ دفعي مون کي ڏاڍو اچي ڊپ لڳو. ڇاڪاڻ ته ڪي شڪاري ڪتن جي لوڌ وٺي ٻيلي ۾ گهڙي آيا ۽ مون کي پڪ ٿي ويئي ته شڪاري مون کي پڪڙي وجهندا، مون سمجهيو ته اهي شڪاري ڪتا جنهن ميدان تي آءٌ رهان ٿو ان جي بانس سونگهي وٺندا، تنهنڪري خيال ڪيم ته آءٌ پنهنجي بانس انهن کان ڪنهن نموني ڪوشش ڪري لڪايان، ان ڪري آءٌ پاڻيءَ جي نهر ۾ گهڙي ويس ۽ انهن مون کي ڪونه ڏٺو، بهرحال، آءٌ ٻيلي مان سلامتيءَ سان بچي ويس.

آءٌ ٻيلي ۾ اٽڪل مهينو کن آرام سان رهيس پر آخر ڪجهه وقت کان پوءِ هن اڪيلائيءَ جي زندگيءَ کان ڪڪ ٿي پيس.

وڻن مان پن ڪِريا پئي ۽ پاڻي ڄمڻ لڳو ۽ هوا طوفان ٿي لڳڻ شروع ڪيو ۽ زمين آلي ۽ ٿڌي ٿي پئي. افسوس! آءٌ دل ۾ خيال ڪرڻ لڳس ته منهنجي حالت ڪهڙي ٿيندي؟ جيڪڏهن آءٌ هتي رهندس ته اڃ، بک ۽ سرديءَ جي ڪري برباد ٿي ويندس. آءٌ هاڻي ڪيڏانهن ويندس ۽ منهنجي سنڀال ڪير لهندو؟ تنهنڪري مون پڪو ارادو ڪيو ته ٻيلي مان نڪري وڃان ۽ پنهنجي لاءِ ٻيو ڪو سياري لاءِ آرام جهڙو گهر ڳوليان. تنهنڪري هڪ ڏينهن آءٌ ٻيلي مان ٻاهر نڪتس ۽ ڊوڙندو رستو وٺي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ وٽ پهتس. انهيءَ ڳوٺ جي ٻاهران مون کي هڪ جهوپڙي نظر آئي، جيڪا هڪڙي ننڍڙي باغ ۾ هئي. اها جاءِ بلڪل صاف ۽ سٿري هئي ۽ آرام جهڙي ڏسڻ ۾ پئي آئي. جهوپڙيءَ جي دروازي وٽ هڪ عورت ويٺي هئي جنهن ڪي ڪپڙا ويٺي سبيا، هوءَ ڏسڻ ۾ نهايت مهربان ٿي آئي پر ان هوندي به ڪجهه غمگين هئي جنهنڪري مون کي مٿس ڏاڍو رحم آيو. مون کي پوءِ معلوم ٿيو ته هوءَ هڪ بيوهه هئي جنهن جو پيارو مڙس ڪجهه وقت اڳ گذاري ويو هو. هن پنهنجي پٺي ورائي مون ڏي ڏٺو ۽ آءٌ وڌي هن وٽ ويس ۽ پنهنجو منهن پيار مان هن جي ڪلهي تي وڃي رکيم، هوءَ نيڪ عورت ٿورو ڊڄي وئي ۽ عجب مان دانهن ڪري چيائين ته واه! هن جانور مون کي ڪيئن نه ڊيڄاري ڇڏيو. مون پنهنجو منهن ڪونه چوريو، پر هوڏانهن نماڻائيءَ سان ڏسندو رهيس جنهن سندس دل تي ڏاڍو اثر ڪيو.

 

 

ويچارو غريب جانور! هن چيو ۽ منهنجي ڳچيءَ کي پنهنجي هٿ سان ٺپرڻ لڳي ۽ چيائين ته ”تون خراب جانور ڏسڻ ۾ نٿو اچين، مون کي خيال ٿو اچي ته شايد تون ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ملڪيت آهين، جيڪڏهن ائين نه آهي ته آءٌ توکي پاڻ وٽ بيهارڻ ۾ نهايت خوش ٿيندس ته تون منهنجي اڳين گڏهه جي جاءِ وٺين جو ٿورو اڳ مري ويو آهي. افسوس!“ ائين چئي ان هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چوڻ لڳي ته ”مان ڀانيان ٿي ته تنهنجو ضرور ڪو ٻيو مالڪ آهي.“ گهر مان اندران هڪڙو نرم آواز ٻڌڻ ۾ آيو جنهن چيو ته ”گريني تون ڪنهن سان ڳالهائي رهي آهين؟“ هن جواب ڏنو ته ”جارج آءٌ هڪڙي گڏهه سان ڳالهائي رهي آهيان، جنهن پنهنجو منهن اچي منهنجي ڪلهي تي رکيو آهي. هن مون ڏانهن اهڙي رحم جوڳي نموني ۾ نهاريو آهي جو آءٌ ان کي واپس ڇڏڻ نٿي چاهيان.“

هڪ ننڍڙو اٽڪل ڇهن ورهين جي عمر جو ٻار اندران ڊوڙي ٻاهر آيو ۽ چوڻ لڳو ”آءٌ ڏسان! آءٌ ڏسان! هن کي جيتوڻيڪ ساوا ڪپڙا پيل هئا پر اهي تمام صاف ۽ سٿرا هئا ۽ هن مون ڏانهن نهايت مهربانيءَ جي نموني سان نهاريو. هو چوڻ لڳو ”هي گڏهه ڪهڙو نه عمدو آهي، ليڪن سندس کَل ڪهڙي نه گَهري آهي! گريني، مان هن کي پٺيءَ تي هٿ گهمايان.“ گريني جواب ڏنو ته ”ها جارج ڀلي، پر ڏسجانءِ متان توکي چڪ نه هڻي.“ ننڍڙو ٻار کڙيون مٿي ڪري اٿي بيٺو ۽ پنهنجو ننڍڙيون ٻانهون کولي مون کي هٿ لاتائين. مون پنهنجو ڪنڌ ڦيرائي سندس هٿ پنهنجي زبان سان چٽيو، اهڙيءَ طرح جو هو سمجهي ته آءٌ هن مان ڪيتريقدر نه راضي آهيان. ٻار چوڻ لڳو ته ”گريني گريني، ويچارو گڏهه ڏاڍو چڱو آهي! ڏس اهو منهنجو هٿ پيو چٽي.“ هن جي ڏاڏيءَ جواب ڏنو ته ”عجب ٿو لڳي ته ويچارو اڪيلو آهي، جارج تون سامهون ڳوٺ واري هوٽل ۾ وڃ ۽ پڇي اچ تي هي گڏهه ڪنهنجو آهي، هن جو مالڪ شايد هن کي پيو ڳوليندو هوندو.“ ڇوڪري چيو ته ”گريني، آءٌ گڏهه کي پاڻ سان اتي وٺي وڃان؟“ گريني جواب ڏنو ته ”هو شايد تو سان گڏجي نه هلي، تنهنڪري ڇڏينس ته جيڏانهن وڻيس اوڏانهن وڃي.“ جارج ڊوڙ پائي هوٽل ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ آءٌ به سندس پٺيان ڊوڙندو ويس. جڏهن هن ڏٺو ته آءٌ سندس پٺيان پيو اچان تڏهن هن پٺ ورائي منهنجي پٺي ٺپري چيو ته ”مون کي پڪ آهي ته تون مون کي کڻي هلندين؟“ ائين چئي رستي جي ڀر تي جارج هڪڙي دڙي تي چڙهي بيٺو ۽ جڏهن آءٌ ان جي ڀرسان بيٺس تڏهن هو ٽپ ڏيئي منهنجي پٺيءَ تي چڙهي ويٺو. ڇوڪرو چوڻ لڳو ”جلدي هل.“ ۽ آءٌ ٽپا ڏيندو هلندو ويس ۽ اها ڳالهه ننڍڙي ڇوڪري کي ڏاڍي پسند آئي. جڏهن اسين هوٽل وٽ پهتاسين تڏهن جارج چيو ”بيهه! بيهه!“ آءٌ بيهي رهيس ۽ هو منهنجي پٺيءَ تان ٽپ ڏئي لٿو ۽ اندر هليو ويو، ۽ آءٌ ٻاهر بيهي رهيس جيستائين هو موٽي آيو.

هوٽل واري چيو ته ”جارج توکي ڇا کپي؟“ جارج چيو ته ”مون پاڻ سان هڪڙو گڏهه آندو آهي جو اوهان مهرباني ڪري ڏسو، هو ٻاهر در وٽ بيٺو آهي. اهو توهان جو يا توهان جي ڪنهن گراهڪ جو ته نه آهي؟“

]پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو ايندڙ پرچي ۾ پڙهندا.[

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com