سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو : 6

 

رامچند هاسيجا غوثپور

 

ڇا اوهان کي خبر آهي ته.....

 

1.                              دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي عمارت امپائر  اسٽيٽ، نيويارڪ ۾ آهي.

2.                             دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي ندي مسيسپي آهي.

3.                             آڪسيجن گئس سڀ کان پهريائين ڪارل شيلي 1772ع ۾ ڳولي لڌي.

4.                             ريڊيو، مارڪوني ايجاد ڪيو.

5.                             بلب، ايڊيسن جي ايجاد آهي.

6.                             ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏي مسجد انڊونيشيا ۾ آهي.

7.                             آسٽريا جي گاديءَ جو هنڌ ويانا آهي.

 

مٺو شاهه ٺٽو

1.                          دنيا ۾ سڀ کان تکو ڊوڙندڙ جانور چيتو آهي.

2.                        جيڪو دوست، دوست سان غداري ڪري ٿو، اهو پنهنجو پاڻ سان غداري ڪري ٿو.

3.                         دنيا ۾ طاقت، تندرست ۽ چالاڪ ماڻهو اهو آهي، جنهن کي عقل آهي.

 

علي اڪبر سومرو ٽنڊوالهيار

ڏيڍ مڻ وزني صحتمند ماڻهو ۾:

1.                           ايتري چرٻي ٿئي ٿي جو  ان مان پاءُ واريون ڇهه صابڻ جون چڪيون ٺهن.

2.                          ايتري ڪاربان ٿئي ٿي جو ان مان نوَ هزار پئنسلون ٺهي وڃن.

3.                          ايترو فاسفورس ٿئي ٿو، جو ان مان ٻه هزار ٻه سئو تيليون جڙن.

4.                          ايترو گندرف ٿئي ٿو، جو ان مان ڏيڍ سئو ڦٽاڪا ٺهن.

5.                           ايترو چن ٿئي ٿو، جو ان مان هڪ وچولي درجي واري ڪمري کي پوچي ڏجي.

6.                          ايترو لوهه ٿئي ٿو، جو ان مان هڪ هڪ انچ جا ٻه ڪوڪا ٺهن.

7.                          ايتري بجلي ٿئي ٿي جو ان مان پنجويهن وولٽن جو بلب پندرنهن ويهن منٽن تائين ٻري سگهي.

8.                          هڪ ڪلاڪ ۾ ايتري گرمي خارج ٿئي ٿي جو ان مان اڌ گئلن پاڻي ٽهڪائي سگهجي ٿو.

 

لالچند”لعل“ ميرپور بٺورو

”ٽي شيون“

ٽن شين جو شوق ڌاريو: هنر، پڙهڻ ۽ ڪم ڪرڻ.

ٽن شين کي پاڻ ۾ ڌاريو: ذهن، ڪوشش ۽ اورچائي.

ٽن شين کي پاڻ کان ڌڪاريو: ڪوڙ، چوري ۽ جهيڙو.

ٽن شين سان پيار ڪريو: علم، ادب ۽ همدردي.

ٽن شين کان پري ڀڄو: نفاقي، دغابازي ۽ حسد.

ٽن شين کي چاهيو: صفائي، ڀلو ڪرڻ ۽ پرائڻ.

 

دوستي

دوستي فقط دوستيءَ خاطر ڪجو، ڇو ته جا دوستي ڪنهن مطلب لاءِ ڪئي ٿي وڃي، سا دوستي نه آهي، پر هڪ ڄار آهي، جنهن ۾ ٻئي ڦاسي وڃن ٿا. پاڻ کي دوست کان نه لڪايو، مٿس پنهنجين نيڪين سان گڏ اوڻايون به ظاهر ڪريو.

خليل جبران

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com