سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو : 5

 

شاهه زمان” شير“ عمر ڪوٽ

 

ٻارن کي نصيحت

 

ٻڌايان ٿو ڇا ڇا ڪرڻ ٺيڪ ناهي،

خدا ڌاران ٻئي هنڌ جهڪڻ ٺيڪ ناهي.

                   

اجايو ٻين سان وڙهڻ ٺيڪ ناهي،

اچي سر تي جهيڙو ڀڄڻ ٺيڪ ناهي.

 

پڙهي علم ڪريو وطن جي ڪا خدمت،

فقط پيٽ خاطر پڙهڻ ٺيڪ ناهي.

 

محبت جي آهي ڀلي دال ماني،

پُلائن تي ماندو مرڻ ٺيڪ ناهي.

 

جتي مان عزت نڪي ماڻهپو آ،

انهيءَ جاءِ تي پوءِ وڃڻ ٺيڪ ناهي.

 

هميشه ڪيو دوست اخلاق وارا،

بُرن ساڻ ياري رکڻ ٺڪ ناهي.

 

ادب پنهنجي استاد جو ڪر سدائين،

سندس رنج  سر تي کڻڻ ٺيڪ ناهي.

 

خدا کان ڊڄونيٺ مرڻو ته آهي،

ڏئي ڪنهن کي ڌوڪو ٺڳڻ ٺيڪ ناهي.

 

اها شاهه زمان”شير“ جي ڳالهه مڃ تون،

محبت جو ناتو ڇنڻ ٺيڪ ناهي.

 

سنڌيڪار: علي اڪبر سومرو ٽنڊوالهيار

 

وهيل

 

قدرت دنيا جي سمنڊن ۾ ڪئين ساهه وارا جانور پيدا ڪيا آهن، جن ۾ سڀني کان وڏو جانور ”وهيل“ آهي. هيءُ جانور جنهن کي مڇي سمجهيو وڃي ٿو. اصل ۾ جانور ئي آهي ۽ خيال ڪيو ويو آهي ته ڪنهن زماني ۾ هيءُ جانور خشڪيءَ تي رهندو هو ۽ ٻين جانورن وانگر ئي زندگي گذاريندو هو پر پوءِ زمين تي هن کي خوراڪ نه ملي سگهي ۽ هو پاڻيءَ ۾ گهڙ پنهنجي خوراڪ حاصل ڪرڻ  لڳو. بعد ۾ هُو، پاڻيءَ ۾ رهندي مڇيءَ جي صورت وٺي ويو آهي، پر اڃا به ڪي اهڙيون نشانيون منجهس آهن. جهڙوڪ: ٻيون مڇيون ڪلين سان ساهه کڻن ٿيون، پر هيءَ مڇي ساهه ڦڦڙن سان کڻندي آهي. ٻيون مڇيون آنا لاهينديون آهن پر هيءَ مڇي ٻچا ڄڻيندي آهي ۽ کين کير پيئاريندي آهي.

ساهه کڻڻ لاءِ هن مڇيءَ کي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ پاڻي مان ٻاهر اچڻو پوندو آهي ۽ پهريائين ڦڦڙن ۾ پيل گرم هوا ڪڍندي آهي، جنهن جي ڪري هڪ ڦوهارو پاڻيءَ ۾ نظر ايندو آهي، اهو ڦوهارو ڏسي شڪاري سڃاڻي وٺندا آهن ته وهيل ڪٿي آهي!

هن مڇيءَ جو ٻچو به هاٿيءَ کان وڏو ٿيندو آهي، ۽ ماءُ وٽ 7  مهينا رهندو آهي ۽ اُن عرصي ۾ کير پيئندو رهندو آهي، جنهن کير ۾ 30 کان 40 سيڪڙو سڻڀ هوندو آهي. وهيل مڇيءَ جي کل جي هيٺيان هڪ چرٻيءَ جو تهه ڄميل هوندو آهي، جنهنڪري سخت ٿڌي پاڻيءَ ۾ به اثر نه ٿيندو آهيس.

وهيل 88 هاٿين ۽ 440 رڇن جي برابر وزني هوندي آهي. ۽ ٻه سئو فوٽ ڊگهي ٿئي ٿي ۽ 40 فوٽ چيلهه جي گولائي ٿيندي اٿس.

وات ۾ ڏندن جي بدران هڏن جا پتر هوندا اٿس. جن جي ڪنارن تي وار هوندا اٿس. هيءَ مڇي پاڻيءَ ۾ 40 ميل في ڪلاڪ تري سگهي ٿي. ۽ کائڻ لاءِ ننڍيون ننڍيون مڇيون کائيندي  آهي. مڇين کائڻ لاءِ پاڻيءَ جو هڪ وڏو ڍُڪ ڀريندي آهي. جنهن ۾ تمام گهڻيون مڇيو ۽ ٻيون ڪئي شيون مثلن سمنڊ جا ٻوٽا ۽ جيت وغيره اچيو وڃن. جن کي پوءِ هضم ڪندي آهي، ۽ روزانو اٽڪل ٽي يا پوڻا ٽي هزار مڇيون کايو وڃي. وهيل سڄيءَ دنيا جي سمنڊن ۾ گهمندي رهندي آهي.

هڪ دفعي هڪ وهيل بحرالڪاهل ۾ شڪار ڪئي ويئي پر ڪنهن طرح اتان ڀڄي ويئي ۽ پاڻ سان گڏ اهو ڪُنڍو به کڻي ويئي، جيڪو شڪارين کيس هنيو هو، ۽ آخرڪار هوءَ بحراوقيانوس جي ڏکڻ طرف جهلي ويئي ۽ اهو ڪُنڍو به ان کي لڳل هو.

وهيل گهٽ ۾ گهٽ 3200 فوٽن جي اونهائيءَ ۾ ٽٻي هڻي سگهي ٿي ۽ چيو وڃي ٿو ته دماغي اعتبار کان تمام ذهين آهي جيئن ڪتايا گهوڙا.

سهڻا سخن

زاهده پروين شيخ لاڙڪاڻو

1.                       اوچائي خيال انسان جا دوست آهن، گذريل زندگي هن جو سرمايو آهن.

2.                      سٺي حياتيءَ جا ٽي جزا آهن: علم، محنت ۽ منزل.

3.                      پاڻ کان گهٽ ڪنهن کي به نه ڄاڻو.

4.                      هر نئين شئي سٺي لڳندي، پر دوستي جيتري پراڻي هوندي، اوتري مضبوط رهندي.

5.                       جيڪو به ڪم ڪريو سو سوچي ويچاري ڪريو ، ان جي پڇاڙيءَ جو به خيال ڪريو.

6.                      پنهنجي هٿ ۾ نيڪيءَ جو جوهر پيدا ڪريو، جيڪو سون چانديءَ جي منڊين کان هزار درجا بهتر آهي.

· محسن علي جيڪب آباد

ٽن شين تي ايمان رکو: توحيد، رسالت، جزا ۽ سزا.

ٽن شين کي عزير رکو: ايمان، سچائي، نيڪي.

ٽن شين جو قدر ڪريو: محبت، خلوص، وقت.

ٽن شين کي حاصل ڪريو: علم، اخلاق، صداقت.

ٽن شين کان نفرت ڪريو: ظلم، بي حيائي، غرور.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com