سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 12

باب: --

صفحو :8

 

هنن سان ملو

 

201- نالو: نور احمد ولد محمد رحيم سهتو (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون-سي).

عمر: 11 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: سنڌ يونيورسٽي ماڊل اسڪول حيدرآباد سنڌ.

202- نالو: محمد اقبال ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس اٺون).

عمر: 12 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس بئراج ڪالوني حيدرآباد سنڌ.

203- نالو: سعيد احمد ولد حاجي علي احمد ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس اٺون- اي)

عمر: 12 سال.

ائڊريس: نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد سنڌ.

204- نالو: شجاعت علي سومرو

عمر: 13 سال

وندر: تصويرون ٺاهڻ.

ائڊريس: معرفت لطف علي سومرو، سومرا محلا، صديق ماڙي روڊ شڪارپور.

205- رام ڪمار ولد ديالداس زرگر (پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون).

عمر: 12 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.

206- نالو: محمد ايوب سومرو.

عمر: 14 سال.

وندر: چترڪاري.

ائڊريس: عمر ڪريانه مرچنٽ، امام جو پڙ، دڙو سنڌ.

207- نالو:  محمد صادق ولد محمد صالح چاچڙ (پڙهندڙ ڪلاس نائون).

 عمر: 13 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ.

ائڊريس: معرفت محمد صالح چاچڙ هائوس نمبر 1721 ابراهيم شاهه بخاري اسٽريٽ، لاڙڪاڻو.

208- نالو: سليم احمد (پڙهندڙ ڪلاس ستون)

عمر: 12 سال.

وندر: راند ڪرڻ ۽ پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سڪرنڊ، ضلعو نواب شاهه سنڌ.

209- نالو: حاجي محمد چنا (پڙهندڙ ڪلاس اٺون- بي سائنس).

عمر: 10 سال.

وندر: پڙهڻ ۽ رڪارڊنگ ٻڌڻ.

ائڊريس: ميمڻ محلا ٽنڊو محمد خان.

210- جميل احمد سيهڙ ولد خان محمد سيهڙ (پڙهندڙ ڪلاس نائون).

 وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ.

پتو: عظيم ڪالوني (غريبنواز ڪالوني) سڪرنڊ روڊ، نواب شاهه.

211- نالو: آفاق احمد ولد الله بخش انصاري (پڙهندڙ ڪلاس نائون).

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي ۽ ڊرائينگ ڪڍڻ.

ائڊريس: نزديڪ پرائمري گرلس اسڪول، لاهوري محلو، لاڙڪاڻو.

212- نالو: گل حسن شيدي.

عمر: 10 سال.

وندر: شرارتون ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت محمد ابراهيم ٽيلر ماسٽر، شاهي بازار ميرپوربٺورو، ضلعو ٺٽو.

213- نالو: عبدالحسين ”راهي“ ولد محمد قاسم شيخ (پڙهندڙ ڪلاس ٻيو سنڌي).

عمر: 7 سال.

وندر: نماز پڙهڻ. روزا رکڻ.

ائڊريس: معرفت محمد قاسم شيخ، قدم شريف، حيدرآباد سنڌ.

214- نالو: شاهنواز شيخ ولد محرم علي شيخ(پڙهندڙ ڪلاس چوٿون).

عمر: 11 سال.

وندر: ڪتاب پڙهڻ، قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: ولي محمد شيخ ڊپو هولڊر، ڦليلي پار، حيدرآباد سنڌ.

215- نالو: نثار احمد ميمڻ ولد محمد  موسيٰ ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون).

عمر: 10 سال

وندر: قلمي دوستي، گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: گهر نمبر 1055- کوکر محلو، گاڏي کاتو ، حيدرآباد سنڌ.

216- نالو: طارق شهزاد حافظ ولد حافظ جمال الدين (پڙهندڙ ڪلاس اٺون سنڌي).

عمر: 13 سال.

وندر:قلمي دوستي رکڻ ۽ رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: ڪوارٽر نمبر C.6 سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، ڄامشورو.

217- نالو: منير احمد چنڙ ولد صاحب خان چنڙ (پڙهندڙ ڪلاس ستون سنڌي).

عمر: 13 سال.

وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ، قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: ڪوارٽر نمبرC-134 سنڌ يونيورسٽي ڪالوني، ڄامشورو.

218- نالو: دلدار احمد ميمڻ ولد محمد رمضان ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون سنڌي).

عمر: 11 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ، سنڌي اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گهر نمبر 1055 کوکر محلا گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ.

219- نالو: عالم الدين چانڊيو(پڙهندڙ ڪلاس ستون).

وندر:اخبارون پڙهڻ.

ائڊريس: معرفت شمس الدين انصاري ڪلاٿ مرچنٽ شاهي بازار سڪرنڊ، ضلعو نواب شاهه سنڌ.

220-نالو: فضل حسين ولد گهنور خان زرداري (پڙهندڙ ڪلاس پنجون).

عمر: 10 سال.

وندر: چرچا ڪرڻ ۽ حرڪت ڪرڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول گهنور خان زرداري، پوسٽ سرهاڙي، ضلعو سانگهڙ.

221- نالو: سردار احمد ولد سردار الحاج محمد هاشم امير البحر (پڙهندڙ ڪلاس ٻيون).

وندر: اسڪولن ۾ هوشياري جا انعام ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ.

ائڊريس: مير منزل، مڱڻهار گلي، دادو.

222- نالو: محمد رجب ولد محمد اسماعيل سومرو (پڙهندڙ ڪلاس پنجون-الف).

عمر: 10 سال.

وندر: پڙهڻ ۾ هوشياري رکڻ ۽ گولين راند کيڏڻ.

ائڊريس: شمس گهٽي، ٻُٺ محلو، دادو.

223- نالو: الهورايو ولد دين محمد ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس پنجون-الف).

عمر؛ 9 سال.

وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: مڇي مارڪيٽ روڊ، ڪنڀار محلو، دادو.

224- نالو: محمد انور سومرو، (پڙهندڙ ڪلاس پنجون).

عمر: 14 سال.

وندر: سنڌي رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ.

ائڊريس: سومرا پان هائوس نزد مدينه مسجد، شاهي بازار دڙو، ضلعو ٺٽو.

225- نالو: خواجه اقبال احمد (پڙهندڙ) ڪلاس ڏهون-اي).

عمر: 15 سال.

وندر:.....       .......  ........

ائڊريس: خواجه محلا، ٽنڊو محمد خان.

226- نالو: زبير احمد ولد غلام محمد ٽالپر (پڙهندڙ ڪلاس پهريون).

وندر: پڙهڻ سان چاهه، راند ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ.

ائڊريس: معرفت محمد صديق ڪلاٿ مرچنٽ، شاهي بازار ٽنڊو جان محمد، تعلقو ڊگهڙي، ضلعو ٿرپارڪر.

227- نالو: ولي محمد عباسي ولد محمد يوسف عباسي (پڙهندڙ ڪلاس يارهون).

عمر: 15 سال.

وندر: اخبارون پڙهڻ ۽ خط لکڻ.

ائڊريس: معرفت ماستر غلام رسول سهتو، ڳوٺ حاجي رسول بخش عباسي، پوسٽ آفيس بوچيري، ضلعو نواب شاهه.

228- نالو: بدر الدين ”طارق“ اعواڻ (پڙهندڙ ڪلاس نائون –بي).

عمر: 13 سال.

وندر: عام معلومات ۽ بئڊ منٽن کيڏڻ.

ائڊريس: عزيز الله اعواڻ نيڪسن توبڪو ڪمپني اعواڻ بازار، ڪنڌڪوٽ.

229-نالو: محمد سليم ولد عبدالله ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس نائون).

عمر: 13 سال.

وندر: ناول ۽ رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو، ضلعو ٺتو.

230- نالو: محمد ”عرفان“ اشرف (پڙهندڙ ڪلاس نائون).

عمر: 13 سال.

وندر: ٻارن جا رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ.

ائڊريس: معرفت محمد عثمان راهي، هاءِ اسڪول پنگريو سنڌ.

231 – نالو: اوم پرڪاش ولد چندن مل (پڙهندڙ ڪلاس اٺون).

عمر: 13 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ راند ڪرڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورماٿيلو.

232- نالو: گل محمد ڪوٽائي ولد محمد يوسف ڪوٽائي، (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون).

عمر: 15 سال.

وندر: شربت وڪڻڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ.

ائڊريس: ايم يو پرهياڙ، مانڊڻي وارو، ميرپوربٺورو.

233- نالو: اقبال احمد ولد حاجي محمد صديق سومرو (پڙهندڙ ڪلاس نائون).

عمر: 14 سال.

وندر: سنڌي  رسالا پڙهڻ ۽ اخبارون پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو، ضلعو ٺٽو.

234- نالو: عبدالواحد ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس پهريون).

عمر: 2 سال.

وندر: راند کيڏڻ.

ائڊريس: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”ميمڻ محلو“، لاهوري، لاڙڪاڻو سنڌ.

235- نالو: سليم رضا ولد احمد خان ڀٽي (پڙهندڙ ڪلاس اٺون).

عمر: 14 سال.

وندر: لکڻ لطيفا پڙهڻ ۽ ٺاهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو، ضلعو ٺٽو سنڌ.

236-نالو: سيد ايم. اي. لڪياري (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون).

عمر: 16 سال.

وندر: اخبارون ۽ مختلف رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپورناٿن شاهه، دادو سنڌ.

 

سلام ۽ سنيها

 

ادا، شوڪت حسين اسلام عليڪم.

ادا، آئون ”گل ڦل“ رسالو باقاعدي پڙهندو آهيان. آڪٽوبر جو رسالو بيحد پسند آيو. خاص طور ”ڀيڻ جي محبت“، ”وفادار دوست“ ۽ ”حڪمت واري ڪمري ۾“ قابل اشاعت آکاڻيون هيون. ڏاڍي خوشي ٿي جو توهان ننڍڙين دلين کي خوش ڪريو ٿا. رسالو هر مهيني ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهي ٿو ۽ اهو ڏسي به ڏاڍي خوشي ٿي جو ڪنڊ ڪڙڇ جا ٻارڙا هن رسالي ۾ حصو وٺن ٿا. هن رسالي ۾ اڃا  به جيڪڏهن ڪجهه تجويزون شايع ڪريو ته انشاء الله تعاليَ هي رسالو هر ٻار جي سونهن جو سينگار بڻجي ويندو.

(1)                          رسالي ۾ رنگين ”ٻارڙن جو البم“ ڏنو وڃي، جنهن ۾ ٻارڙن جون رنگين تصويرون شايع ٿي سگهن.

(2)                         رسالي ۾ چترڪاري جو نمونو ڏنو وڃي. جيئن ٻار پنهنجي هٿ جون ٺاهيل تصويرون ٺاهي سگهن.

(3)                         جيئن ته هر ٻار هر خط ۾ ڪونه ڪو عنوان ڏيئي ان تي بحث ڪرايو وڃي ٻار تمام گهڻي شوق سان لکن ٿا، تنهن ڪري مهرباني ڪري هر مهيني اهو سلسلو جاري رکيو وڃي. عنوان ته تمام گهڻا آهن. مثال: ڊاڪٽر وڌيڪ قوم جي خدمت ڪري ٿو يا استاد يا ماءُ، ٻار جي وڌيڪ سنڀال ڪري ٿي يا پيءُ، يا استاد جي مار ٻار جي سنوار آهي، انهيءَ تي بحث ڪرايو وڃي.

(4)                         رسالي ۾ ذهني آزمائش ۽ هڪ قسطن تي آکاڻي ڏني وڃي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.

اُميد ته تجويزون پسند اينديون.

-سليم رضا ڀٽي، دڙو.

ادڙا، تنهنجون تجويزون ته سڀ سهڻيون آهن، پر هن وقت ڪجهه اهڙيون مجبوريون آهن جو انهن تي عمل نٿو ٿي سگهي. جيئن ئي مالي حالتن اجازت ڏني ته گل ڦل کي وڌيڪ سهڻو بنايو ويندو.

-ايڊيٽر)

 

ادا، ايڊيٽر صاحب اسلام عليڪم:

رسالي ۾ ڪجهه تبديلي آئي آهي، اڃا به ڪجهه خامي آهي سا اُميد ته ازخود ختم ٿي ويندي! رسالو گهڻو انتظار ٿو ڪرائي، ان طرف ڪجهه توجهه ڏيندا. ”ٻارڙن“ جي لکڻين سان گڏوگڏ توهان صاحب به ننڍڙن ٻارڙن جي دل خوش ڪرڻ لاءِ ڪا لکڻي پياري ”گل ڦل“ ۾ ڏيندا ڪريو ۽ ڪو وڏو اديب ڪا لکڻي موڪلي ته اها به شايع ڪندا ڪريو.

-                                محمد جمن چانڊيو، تلهار.

[ادا، اسان سڀني وڏن اديبن کي عرض ڪيو آهي ته هو سنڌي ٻارڙن  ڏانهن  به ڪجهه ڌيان ڏين ۽ انهن لاءِ لکن، پر اهي ايترا مصروف آهن جو ٻارن جي لاءِ وقت ڪڍي نٿا سگهن. ان حالت ۾ ڇا ڪجي؟]

-ايڊيٽر)

 

ادا، اسلام عليڪم:

نومبر جو پرچو پڙهيم تنهن ۾ ڪهاڻيون تمام گهڻيون پسند آيون. هن کان اڳ هڪ ڪهاڻي موڪلي هيم پر اڃا شايع نه ٿي آهي ٻي به هڪ ڪهاڻي موڪليان ٿو اُميد ته ضرور شايع ڪجو، ننڍڙا چترڪار ڪالم جلد شروع ڪريو. رسالي ۾ اڃا به گهٽ تصويرون ٿا ڏيو ۽ جيڪي ڏيو ٿا سي به اڌ کان وڌيڪ اڳين پرچن ۾ ڇپيل آهن، ڀلا ٻڌايو ته ڪالم جلد شروع ڪريو انهيءَ کي ڇو بند ڪيو اٿوَ؟ ڪا باتصوير قسط وار ڪهاڻي ڏيو ته رسالي کي چار چنڊ لڳي ويندا.

-خالد اڪبر ٽالپر، ٽنڊو جان محمد.

 

جناب ايڊيٽر صاحب اسلام عليڪم:

هن دفعي گل ڦل تمام پسند آيو. خاص ڪري گدڙ ۽ تتر واري آکاڻي، ڳجهارتون، هنن سان ملو، هن دفعي ڪالم کل ته سهي ۾ ڪو خاص لطف ڪونه هو. ٻارن جا ليک ۾ ڏاهو ٻار ڪنهن کي چئجي اها نصيحت ڀري آکاڻي هئي. هن جي ليکڪ ”قربدار“ غلام حسين کي منهنجا سلام چوندا. گل ڦل ۾ تصويرون رنگين ڏيو ۽ تمام گهڻيون ڏيو ته رسالو وڻندڙ لڳندو صفحا ٿورا ٿا ڏيو. آکاڻي چنڊ جي ڌيءَ به ڏاڍي سٺي هئي.

-”بيتاب“ علي خان زرداري، سرهاري.

 

اسلام عليڪم: پيارا ڀاءُ شوڪت حسين

عرض ته نومبر  وارو پرچو پڙهيم. دل کي تمام وڻيو منجهس جڏهن هيڻو جاڳيو، حجام راجا، چنڊ جي ڌيءَ، ماکي جي ماني ”گل ڦل“ گدڙ تتر، علم وڏي دولت آهي، ٻٽاڪي دوست، قدرت جو ڪارخانو، پرولي ته ڀڃ، کل ته سهي، هنن سان  ملو، سلام ۽ سنيها، مطلب ته هر ڳالهه وڻي. ادا، هن رسالي کي سٺي نموني ۾ پيش ڪرڻ تي اوهان کي ۽ لکندڙ ڀائرن کي منهنجي پاران لکين ڪروڙين مبارڪون هجن. ادا، اوهان ديس ديس جون خبرون ڇو بند ڪيون آهن. ادا، آءُ هڪ ڪهاڻي رجسٽرڊ ڪري ٿو موڪليا، اميد اٿم ته سالنامي ۾ ضرور شايع ڪندا، ادا، اوهين ڪالم ”هنن سان ملو“ سان گڏ هڪ ٻيو عنوان شروع ڪريو ”نوان ميمبر،“ اميد اٿم ته مون ننڍڙي ادي جو چوڻ مڃيندا، چڱو خدا حافظ.

-”پروانو“ شوڪت علي کماڻ، ٺٽو سنڌ.

(ڀائو، تنهنجي موڪليل آکاڻي پهتي. آئيندي هڪڙي ڳالهه جو خيال رکج ته مس سان نڪتل ليڪن تي نه لکڻ کپي. ليڪون هميشھ پينسل سان ڪڍڻ کپن.

-ايڊيٽر)

 

*پورو ٿيو*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com