سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 12

باب: --

صفحو :4

 

سنڌيڪار: مولا بخش ڪلهوڙو    

(اسپيني ڪهاڻي)

 

نافرمانيءَ جو نتيجو

 

گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي هڪ ڪُڪڙِ پنهنجن آنن مان تيرهن ٻچا ڦوڙيا. انهن تيرهن چوزن مان ٻارهن ته سٺا، سهڻا ۽ خوبصورت هئا ليڪن انهن مان هڪ اهڙي عجيب صورت وٺي آيو هو جو عبرت وچان ڏندين آڱريون ٿي اچي ويون. ان چوزي جي هڪ اک، هڪ پرُ ۽ هڪ ڄنگهه هئي. مطلب ته هڪ ئي وقت منڊو ۽ انڌو هو. رڳو اهو ئي نه پر ان سان گڏوگڏ هن جي چهنب جو هيٺيون حصو به ڪو نه هو. ڪُڪڙِ هن کي ڏسي ڏاڍو اُداس  ٿيندي هئي، ڊڄندي هئي  ۽ چوندي هئي ته اڳتي هلي هي چوزو ڪهڙي ڪم ايندو، پر الله جي ڳجهه ۾ منهنجي هٿ اٽڪائڻ جي ڪهڙي ضرورت، هوءَ ائين چئي صبر سان ويهي رهندي هئي. ٿورن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ چوزو پنهنجي هڪ ڄنگهه کان ڪم وٺي وتندو هو ڏيڏر وانگر هيڏانهن کان هوڏانهن ٽپڙا ڏيندو. جيتوڻيڪ منڊو هو، لولو هو پر ائين ٿي ڀانيو ڄڻ سندس ذهن ۾ شرارت ۽ حرڪت ڀري پئي هئي. شرارت ته پري رهي، پر ان سان گڏوگڏ نافرمان به هو. جڏهن به ماڻس هن کي پاڻ ڏانهن سڏيندي هئي ته هو هاسيڪار وتندو هو لنوائيندو- ڇو ته هن کي هڪ ڪن آهي، ان ڪري هو چڱي نموني ٻڌي ڪونه ٿو سگهي. ماڻس کيس سمجهائي سمجهائي ٿڪجي پيئي. نيٺ چپ ڪري ويهي رهي. آهستي آهستي هو هڪ چوزي مان ڦري ڪڪڙ بڻجي  پيو. ان ڪري هن جون شرارتون به جوان ٿيڻ لڳيون هيون. پوءِ ته هن ٽنگ تي ڪڏندو، وتي شرارتون ڪندو.

هڪ ڏينهن هن جي ذهن ۾  هڪ اهڙي اُٻهري ۽ عجيب رٿ آئي جو ماءُ کي چوڻ لڳو ته ”امان، مان هاڻ هن زندگيءَ کان بيزار ٿي پيو آهيان. چاهيان ٿو ته ته ميڊرڊ شهر ڏانهن وڃان. سير جو سير به ڪري ايندس ۽ بادشاهه کي به ڏسي ايندس.“ ماڻس سمجهائيندي چيس ته ”هتان شهر ڪافي ڏور آهي، اڃان تون ننڍو آهين، جڏهن جوان ٿين ته پوءِ وڃي گهمي اچجانءِ.“ پر ڪڪڙ ڪٿي ٿو مڃي ۽ مڙي.

هڪ ڏينهن لڪي لڪي شهر ميڊرڊ روانو ٿي ويو. سڄي رستي ۾ خيالي پُلا5 پچائيندو ڪڏندو ڪڏندو، منڊڪائيندو منڊڪائيندو هلندو رهيو. رستي ۾ هڪ واه آيو. واه ۾ هڪ جاءِ تي، ڪجهه گندو گارو پيو هو، ان جي ڪري اتان پاڻيءَ جو وهڪرو ڪجهه گهٽ پئي وهيو. ڪڪڙ کي پاڻيءَ مدد لاءِ پڪاريو ۽ چيائينس، ”پيارا ڪڪڙ، اچ منهنجي مدد ته ڪر، هي گند ڪچرو ته پري ڪر جيئن مان ڪجهه اڳتي اسهي يا وڌي سگهان.“ تنهن تي ڪڪڙ هڪ اک کڻي هن ڏانهن نهاري چيو، ”معاف ڪجانءِ، مان بادشاهه ڏانهن شهر ميڊرڊ ٿو وڃان، ان ڪري دير نه ٿي وڃي، پنهنجي مدد پاڻ ڪر.“

ائين چئي پڇ کي ور وڪڙ ڏيندو اڳتي اڃا وڌيو ئي مس ته رستي ۾ هن باهه ٻرندي ڏٺي،  ان جي ڀرسان ڪجهه سڪيون ڪاٺيون به پيل هيون ۽ هوڏانهن باهه وسامڻ تي هئي. ڪڪڙ هڪ آواز ٻڌو جيڪو هن ڏانهن باهه کان اچي رهيو هو. ”او پيارا پيارا ڪڪڙ، اچ منهنجي مدد ڪر. مان وسامڻ واري آهيان. تون ڪجهه ڪاٺيون کڻي منهنجي مٿان وجهه.“ ڪڪڙ منهن کي ڦنڊائيندي چيو ته ”معاف ڪجانءِ، مان بادشاهه کي ڏسڻ شهر ميڊرڊ وڃي رهيو آهيان. مون کي دير ٿي ويندي. پنهنجي مدد پاڻ ڪريو،“ ائين چئي هو اڳتي هليو.

ورندي صبح جو هڪ جهنگل مان لانگهائو ٿيو ۽ هڪ وڻ هيٺان ساهي پٽڻ لاءِ ويٺو ته اوچتو ئي اوچتو هن کي ڪنهن مدد لاءِ پڪاريو: ”او پيارا ڪارڙا ڪمارڙا ڪڪڙ، مون کي گهاٽن وڻن جي شاخن سڪ ڪري ڇڏيو آهي. اچ، مون کي انهن کان نجات ڏيار ته جيئن مان ڪجهه  اڳتي وڌي، هلي سگهان.“ اها پڪار هوا جي هئي. ڪڪڙ غصي ۾ اچي ويو ۽ چيائينس ته ”هيءَ ڪهڙي مسخري آهي! مان بادشاهه ڏانهن شهر ميڊرڊ وڃي رهيو آهيان، تون خوامخواه منهنجو وقت ٿي زيان ڪرين. مون کان تنهنجو ڪم ٿي ڪونه  سگهندو، پنهنجي مدد پاڻ ڪر.“ ائين چئي اوچو ڳاٺ ڪري اڳتي هلڻ لڳو. شهر جي اچي ويجهو پهتو. پري پري کان بادشاهي محل جا مينار مرڪي رهيا هئا ۽ هيءُ انهن کي ڏسي موٽ ۾ مشڪي رهيو هو، ۽ خوش ٿي رهيو هو. منڊڪائيندو منڊڪائيندو نيٺ وڃي محل جي ويجهو پهتو ۽ در وازي وٽ بيهي بادشاهي مرغ خاني اندر وڃڻ بابت سوچڻ لڳو. پنهنجي ئي پر ۾ پاڻ کي شاهي مرغ خاني جو داروغو سمجهي رهيو هو. ٿوري دير در تي بيٺي ٿيس ته اوچتو ئي اوچتو ڪنهن جو آواز آيو: ”آها! آها! جنهن شيءِ لاءِ مان صبح کان پريشان هوس اها ته هت ئي ملي ويئي“، ۽ پوءِ ڪنهن جي مضبوط هٿن ڪڪڙ جي ڳچيءَ کي پڪڙي ورتو. ڪڪڙ رڙيون ڪرڻ لڳو، ليڪن وريس ڪجهه به ڪونه. هن کي پڪڙيندڙ شاهي بورچي هو. هو چئي رهيو هو ته مان هن کي بادشاهه لاءِ پڇائيندس. ڪڪڙ جي ڪنن تي انهن اکرن ڄڻ تاڙيون چاڙحي ڇڏيون. هيءُ ته بادشاهه سان ملڻ ۽ ان کي ڏسڻ آيو هو ليڪن هاڻ ته بادشاهه جو کاڄ ٿي پيو. هو ڪافي لڇيو پڇيو پر بورچيءَ سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ هن کي پر کان وٺي ڪري پاڻيءَ سان ڀريل ديڳڙيءَ ۾  وجهي ڍڪ ڏيئي باهه تي چاڙهيائين. ڪڪڙ رڙيون ڪرڻ لڳو پر ڪو به چارو ڪونه چليس. پاڻيءَ کي چوڻ لڳو: ”پاڻي او پاڻي، مون کي ته نه ٻوڙ، هتان ڪڍ.“ پاڻي مٿو ڌوڻيندي جواب ڏنس ته ”اهو وقت ياد ڪر ته منهنجي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو“. ائين چئي ڪڪڙ کي هڪ غوطو کارايائين. ”باهه! ڙي باهه!“ هاڻ ڪڪڙ باهه سان مخاطب ٿي فرياد ڪرڻ لڳو: ”منهنجي مدد ڪر مون کي نه ساڙ تون وسامي وڃ.“ ”ڪڏهن به نه“، باهه جواب ڏنس. ”ٿورو ان وقت کي ياد ڪر جڏهن مان مصيبت ۾ هيس ۽ تو مون کي جواب ڏيئي ڇڏيو هو،“ ائين چئي باهه پنهنجي تپش وڌائي ڇڏي. ان وقت هوا جو اتان گذر ٿيو. ڪڪڙ ٿورڙي منڍڙي ڪڍي چيس، ”هوا! او هوا! منهنجي مدد ڪر، مون کي هتان ڪڍ يا نه گهل، ته نه باهه ٻري نه پاڻي ڪوسو ٿئي ۽ نه مان سڙان“. هوا هن کي سڃاڻي ورتو ۽ چيو: ”جيتوڻيڪ تو منهنجي مدد نه ڪئي هئي ليڪن مان تنهنجي مدد رڪيان ٿي. نه صرف مدد ٿي ڪريان، ليڪن اهڙو ٿي سبق سيکاريان جو باقي رهندي زندگي به ياد ڪندين.“ ائين چئي هوا تيز گهلڻ لڳي. ديڳڙيءَ جو ڍڪ اڏي وڃي پري ڪريو، هوا ڪڪڙ کي ساڻ وٺي مٿي اُڏڻ لڳي. شهر جي بلند ۽ وڏين عمارتن مٿان، مينارن مٿان اڏائيندو وڃي هڪ اوچي جاءِ تي ڦٽو ڪيائينس. ڪڪڙ حيرت جو مجسمو بڻيو هڪ ٽنگ تي بيٺو هڪ اک سان هيڏي هوڏي تڪڻ لڳو. تنهن ڳالهه کي ڪو زمانو گذريو، مگر ڪڪڙ اتي ئي قطب نما بڻيو ماڻهن کي پيو هوا جو رخ ٻڌائي.

 

نظير احمد شورو

 

قطب نما جي ڪهاڻي

 

اڄ ڪلهه دنيا ۾ ايتري ترقي ٿي چڪي آهي جو اچ- وڃ جا گهڻا وسيلا ۽ آواز جهڙوڪ بيل گاڏي، گهوڙا، سڙهه ۽ ونجهه پراڻا ۽ بيڪار سمجها وڃن ٿا. پر سائنسي اوزارن جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ به قديم دور جي قطب نما کي ساڳي اهميت حاصل آهي. جتي ڪنهن طرف  ۽ منزل جو نشان ڪونه ملندو آهي، اتي مسافرن جو سڀ کان وڏو سهارو قطب نما ئي هوندو آهي. جيتوڻيڪ قطب نما ۾ سڌارا آندا ويا پر اهي ڪي خاص نه آهن. اصل  چقمقي اوزار اڄ به اهڙو ئي آهي جهڙو چوڏهين صديءَ ۾ يا ان کان اڳ هو. مسافريءَ ۾ ماڻهو ان کي کڻڻ نٿو وساري.

اها خبر ڪانه پئجي سگهي آهي ته اهو سادو اوزار ڪنهن ٺاهيو هو ۽ ڪنهن ان کي سڀ کان اول ڪم آندو. اندازو هي آهي ته سمنڊ جي ڪنهن ملاح وٽ اهو اوزار موجود هوندو. اوچتو موسم جي خراب ٿي پئي هوندي. آسمان تي ڪارا ڪڪڙ ڇانئجي ويا هوندا ۽ ان ڪري تارا لڪي ويا هوندا جن جي وسيلي طرف معلوم ڪري سگهجي. اهڙي خطرناڪ موقعي تي اهو اوزار ئي ڪم آيو هوندو،. چئي سگهجي ٿو ته اهو ڪو اٽليءَ جو رهاڪو يا عرب ملاح هوندو، جنهن سڀ کان پهرين قطب نما کان ڪم ورتو هوندو. پر اهو ڪير به هجي ۽ ڪهڙي به ملڪ جو رهاڪو هجي، ان حقيقت ۾ ڪو شڪ ناهي ته قطب نما جي ايجاد تاريخ جو سڀ کان وڏو واقعو آهي.

ان بابت گهڻيون ڪهاڻيون مشهور آهن. مثال طور چيو ويندو آهي ته حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان ٻه هزار سئو سال کن اڳ چين جي ملڪ تي ڪنهن دشمن حملو ڪيو.ا تفاق سان سخت ڌنڌ ڇانئجي ويو ۽ ڪا خبر نٿي پئي ته فوج کي ڪهڙي طرف وڃڻ جو حڪم ڏجي. چين جي بادشاهه هڪ اهڙي جنگي گاڏي ٺهرائي، جنهن وسيلي ڏکڻ جو طرف معلوم ٿي سگهيو ٿي. پوءِ ان گاڏيءَ جا اڳواڻيءَ ۾ دشمن تي حملو ڪيو ويو. اهو نٿو چئي سگهجي ته اها گاڏي چقمق جي اصول تي ٺاهي وئي هئي يا ان وقت تائين چين جي ماڻهن کي چقمق جي خاصيتن جي خبر پئجي وئي هئي. البت تاريخ ۾ اها ڳالهه لکيل آهي ته چين ۾ 1297ع ۾ قطب نما موجود هو.

چين جي ماڻهن کان سواءِ جن ٻين قومن قطب نما ٺاهيو تن ۾ يوناني، اطالوي (اٽليءَ جا رهاڪو) ۽ عرب شامل آهن. ان ڳالهه جو ذڪر پهريون ڀيرو هڪ انگريز اليگزينڊر نيڪم جي ڪتاب ۾ آيو آهي.

گهڻي وقت تائين ڪنهن کي چقمق جي اصول جي ڄاڻ ڪانه هئي ته ڇاجي ڪري قطب نما جي سوئي اتر طرف رهندي آهي. (يا وري ڏکڻ طرف جيئن چينين پنهنجي حساب جي لاءِ مناسب سمجهيو.)

اهڙيءَ طرح ڪنهن کي اها خبر ڪانه هئي ته جاگرافيائي اتر قطب ۽ چقمي اتر قطب هڪ ٻئي کان بلڪل الڳ ۽ ڌار آهي. ٻي ڳالهه ته چقمقي اتر قطب هڪڙي مستقل هنڌ تي نٿو رهي، پر جاءِ بدلائيندو رهندو آهي. چقمقي اتر قطب نقشي تي سڀ کان پهرين 1831ع ۾ ظاهر ڪيو ويو.

مطلب ته قطب نما جي ايجاد انسانيت جي تاريخ ۽ اچ – وڃ تي جيڪي اثر وڌا تن جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. افسوس جو اسان کي نڪا اها خبر آهي ته قطب نما ڪنهن ايجاد ڪيو ۽ نه وري اهو ڄاڻون ٿا ته ڪيئن ايجاد ٿيو.

 

ٻارن جا ليک

عبدالعزيز رنگريز،ميرپوربٺورو.

 

چالاڪ ٻڪرار

 

هڪڙي ملڪ تي ڪو راجا راڄ ڪندو هو. هن هڪ سونو ڪڪڙ ٺهرائي، پنهنجي بادشاهيءَ ۾ پڙهو گهمايو ته جيڪو به مون کي ڪا نئين ڳالهه ٻڌائيندو، جيڪا  منهنجي ٻڌل نه هجي، انهيءَ کي هيءُ سونو ڪڪڙ انعام طور ڏيندس. ڪيترا آيا پر ناڪام ٿيا. اُن شهر کان ٿورو پري هڪ ٻڪرار جنهن جو نالو امين هو، پنهنجي پوڙحيءَ ماءُ سان گڏ رهندو هو. هو ٻڪريون چاري پنهنجو گذران ڪندو هو. اها ڳالهه جڏهن امين ٻڌي تڏهن پنهنجيءَ پوڙهي ماءُ کي چيائين ته آءُ اهو ڪڪڙ کٽي ايندس، جنهن تي ماءُ خوش ٿي هن کي موڪل ڏني. امين ٻڪريون گهر ڇڏي شهر ڏانهن روانو ٿيو. ٿوري پنڌ ڪرڻ کانپوءِ  بادشاهه جي درٻار ۾ اچي پهتو. بادشاهه جي درٻار ۾ اچي پهتو. بادشاهه کي ادب سان سلام ڪري چوڻ لڳو ته ”حضور گستاخي معاف ڪجو، ڪنهن زماني ۾ منهنجا مائٽ بادشاهه هوندا هئا، جن توهان جي مائٽن کي امانت  طور سوني ديڳ ڏني هئي. اها وٺڻ آيو آهيان.“ جنهن تي بادشاهه چيس ته ”اها ڳالهه مون نه ٻڌي آهي!“

امين چيس ته ”جيڪڏهن توهان نه ٻڌي آهي ته مون کي شرط وارو سونو ڪڪڙ ڏنو وڃي.“ جنهن تي بادشاهه مرڪي سونو ڪڪڙ ڏنس. هو خوش ٿي اهو کڻي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو.


 

  تراب علي سومرو شڪارپور سنڌ.

 

پٽيوالو

 

هونءَ ته ڪاڪو ڏنو اسڪول جو پٽيوالو آهي، پر نوڪري ساري محلي جي ڏيندو آهي. صبح جو سوير هيڊ ماستر جو ٻوڙ ڀاڄي وٺڻ ويندو آهي ته اول ساري محلي جا گهر پڇي پوءِ بازار جو رخ ڪندو آهي. مون کي سندس ذهانت تي حيرت لڳندي آهي جڏهن پندرهن گهرن جا سودا بنا لکڻ جي ياد ڪري صحيح سلامت وٺي ايندو  آهي. اسڪول جي هيڊ ماستر جي ڪڻڪ پيهارڻ وڃي ته اسان جي گهران به ضرور پڇي. ٽيون ڏينهن سندس گهران روئڻ جو آواز آيو ته مان ڊوڙندو اوڏانهن ويس. ڇا ڏسان ته ڪاڪي ڏني جو ننڍڙو بچل پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ پيو آهي پر سندس عضوا ڦري ويل آهن. ڪاڪي ڏني جي منهن تي مايوسي ڇانيل هئي. زال کي غمگين ٿي چوڻ لڳو: ”خليفي صاحب کي سڏي اچان؟“ سندس گهر واريءَ روئيندي چيو: ”خليفو ڇا ڪري سگهندو؟ هتي اهو ڏاڪدر اچي جنهن سيٺ جي ڌيءَ جو علاج ڪيو هو. بچل کي به اها بيماري آهي.“

ڪاڪو ڏنو گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ مان به سندس پٺيان لڳس. ڪاڪو ڏنو ٿورو پنڌ هلي سيٺ صاحب ڏني جي گهر وٽ بيهي رهيو. پر وري اڳتي وڌيو ۽ ٻه چار وکون کڻي وڏيري جي اوطاق وٽ ترسيو ۽ پوءِ سڌو خليفي حڪيم صاحب جي دڪان ۾ گهڙي ويو.

سيٺ ۽ وڏيري جي در وٽ بيهڻ مان مون محسوس ڪيو ته ڪاڪي ڏني کي پئسن جي ضرورت آهي. مون وٽ به پورا ارڙهن رپيا پين خريد ڪرڻ لاءِ پيا هئا. مون هڪدم ڊاڪٽر فاروقي جي اسپتال جو رخ ڪيو. منهنجا پير تمام تيزيءَ سان مون کي اسپتال ۾ وٺي آيا. گاڏيءَ واري کي سڏ ڪري ڊاڪٽر صاحب کي سوار ڪري سڌو ڪاڪي ڏني جي گهر پهتس. اندر وياسين ته ڪاڪي ڏني جي گهر واريءَ ڊاڪٽر کي ڏسي روئندي چيو: ”ڊاڪدر صاحب، مون کي بچل بچائي ڏي.  تنهنجا پير سڌورا ٿيندا.“ ڊاڪٽر صاحب مائيءَ کي دلجاءِ ڏني ۽ بچل جي نبض ڏسي هڪدم سئي ڀري بچل کي هنئي ۽ ٻاڪري کير جي پهڻ رکڻ لاءِ تاڪيد ڪيو. مان هڪدم اسپتال پهچي، دوا وٺي بيڪريءَ تان ڊَبل روٽي وٺي سڌو ڪاڪي ڏني جي گهر پهتس. بچل اکيون کولي پنهنجي ٻاتڙي آواز ۾ چئي رهيو هو: ”امان بٿ لڏي آه.“ مون کيس ڊبل روٽي ڏيندي چيو: ”هي تنهنجي لاءِ وٺي آيو آهيان. کير ۽ کنڊ وجهي توکي کارايون ٿا.“ ڪاڪو ڏنو ۽ سندس زال مون کي لک لک دعائون ڪرڻ لڳا: ”ابا الله ڪندو شل ڪلٽر ٿيندس. جج ٿيندين.“

مون بازار مان اڍائي رپئي واري ايگل پين خريد ڪري اچي پنهنجي اسڪول  واري ٿيلهي ۾ وڌي. شام جو بچل کان پڇڻ واسطي جيئن ئي در ۾ پير وڌم ته ڪاڪي ڏني جي گهر واريءَ جو آواز آيو: ”امڙ، الله شل جيئند کي حياتي ڏئي، جنهن اسان جي مدد ڪئي.“ سج لاهو ٿيو ته ڪاڪي ڏني جي هٿ ۾ کير جا ٿانو هئا ۽ واڙي جو رخ ڪيائين.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com