سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 10

باب: --

صفحو :6

 

ڇا اوهان کي خبر آهي ته...........

 

*اصغر حسين ٽالپر ٽنڊو جان محمد.

1- ڪرنل ليو نارڊ اسٽون انهيءَ ڪري مشهور هو، جو هو جڏهن به فوج کي ڪو حڪم ڏيندو هو ته هن جو آواز ٽن ميلن تائين آسانيءَ سان ٻڌي سگهبو هو.

2-”هوائي“ جي هڪ ٻيٽ ”ڪائي“ جي ڪناري تي اهڙي قسم جي واري هوندي آهي، جو ان تي هلڻ سان ان مان ڪتي جي ڀونڪڻ وانگيان آواز نڪرندو آهي.

3- يارڪ شائر جي ”ٽام ويڊر“ نالي هڪ شخص جو نڪ ساڍا ست انچ ڊگهو هو.

4- واٽر بوئنگ دنيا جو سڀ کان ننڍي قدم جو ماڻهو هو. هو قد ۾ ويهه انچ هو. هو جرمنيءَ جو رهندڙ هو، ۽ 48 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو.

5-جاپان ۾ هڪ وڻ آهي، جنهن کي ”پهم“ چوندا آهن، اهو وڻ 500 سئو سال پراڻو آهي، پر اڃا تائين فقط ٽي فوٽ اوچو آهي.

6-  اولهه آفريڪا ۾ ”ٽاماني“ نالي قبيلي جا ماڻهو انسان جي کوپري سان فٽ بال جهڙي راند کيڏندا هئا.

 

*خالد اڪبر ٽالپر، ٽنڊو جان محمد.

1- دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو بند اٽلي ۾ پائيو درياءَ تي آهي جو 813 فوٽ اوچو آهي.

2- آسٽريليا ۾ ٻٻر جو وڻ 150 فوٽن تائين اوچو ٿئي ٿو ۽ ان جي ڪاٺي ڪاري ٿئي ٿي.

3- آسٽريليا ۾ هڪ اهڙو وڻ ٿئي ٿو، جنهن جو ٿڙ بوتل وانگر ٿيندو آهي، جيڪڏهن منجهنس سوراخ ڪبو ته پاڻي نڪري ايندو، پوءِ کڻي ان علائقي ۾ سڄو سال برسات نه پئي هجي.

4-آسٽريليا ۾ اٽڪل ڏيڍ سئو ٿيلهي وارا جانور ٿين ٿا،جڏهن ته باقي دنيا ۾ رڳو ٻن قسمن جا ٿيلهي وارا جانور هوندا آهن. اهي سڀ گاهه کائين ٿا. انهن ۾ ڪينگرو مشهور آهي.

5- آسٽريليا ۾ هڪ عجيب جانور ”ايمو“ آهي جو اُٺ پکيءَ کان پوءِ دنيا جو سڀ کان وڏو پکي آهي.

 

*اخلاق انصاري، لاڙڪاڻو.

1- عينڪون تيرهين صدي عيسوي ۾ ايجاد ڪيون ويون.

2- ڪيميرائون سورهين صدي عيوسي ۾ ايجاد ڪيون ويون.

3- دوربيني 1571ع ۾ ڪم آئي ۽ خوردبيني 1660ع ۾ ڪم آندي ويئي.

4- شيشو 1200 قبل مسيح ۾ ايجاد ٿيو.

5- راڪيٽ پهريائين 1959ع ۾ چنڊ ڏانهن موڪليو ويو.

6- 1961ع ۾ ميجر گئگرين نالي پهريون ماڻهو خلا ۾ موڪليو ويو.

7- 1939ع ۾ پهريون جيٽ جهاز تيار ٿيو.

8- 1931ع ۾ پهريون هيليڪاپٽر فضا ۾ اڏايو ويو.

9- 1895ع ۾ پهرين سينيما ايجاد ٿي.


 

پرولي ته ڀڃ

 

*لالچند ”لعل“، ميرپوربٺورو.

(1) اداڙي ذات جا اوهين ڪاٺ جيءَ کي ڇا ڪندا.

(2) هڪ شئي آهي هر هنڌ آهي پر ڏسڻ ۾ نٿي اچي ۽ ساهه نه آهي.

 

*رومانه بنت خالد حسين عرساڻي.

(3) اڇو پاڻ، پيلي پوشاڪ، گهمي ديس پرديس.

(4) دريا ۾ پيا ڌُڪڙ وڄن.

(5) انڌي ڪُتي لوڙه لتاڙي.

 

*شوڪت حسين ٽالپر، ڳوٺ مير يارمحمد ٽالپر.

(6) ستي ته ڪتي جاڳي ته جن.

(7) ٻچن سامائي ماءُ مار کائي.

(8) بخمل جي ڳوٿري جنهن ۾ هاءِ هاءِ جو پاڻي.

 

*محمد اسحاق کٽي، ميرپوربٺورو.

(9) ڏاڍي ايمڻا کائي مکڻ لاهي ڦيگڻا.

 

*الهورايو ڄامڙو، شڪارپور.

(10) ناني ڙي ناني هڪڙي هڪڙي شئي آ،

انسان وانگر ڳالهائي ٿي پر انسان به نه آ،

ننڍي وڏي منٽ ٿي ويندي پر اسپرينگ به نه آ،

ڀلا ٻُڌاءِ ڙي ناني آخر آهي ڇا.

(11) مٺي مٺي کنڊ وانگر پر کنڊ به نه آهي،

تيار ٿئي ٿي تڪليف سان، پر دولت به نه آهي،

مالڪ هن جو زهريلو پر نانگ به نه آهي،

کڻي ٻُڌايو ٻارو ته اها ڇا آهي.

 

 

ڀڃڻي

(1) شيدي ۽ ڦڻي (2) هوا (3) خط (4) حُقو (5) جُتي (6) ککر (7) ٻير (8) مرچ (9) سَيون ٺاهڻ جي گهوڙي (10) ريڊيو (11) ماکي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com