سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3

باب: --

صفحو :7

ڀلا ٻڌايو ته

 

 

 

1.سنڌيءَ ٻوليءَ جون هن وقت مشهور روزانه اخبارون ڪهڙيون آهن؟

2.ڪهڙي ملڪ کي دنيا جي ڇت سڏيو وڃي ٿو؟

3.  اسين ڏينهن جي وقت تارا ڇو نٿا ڏسي سگهون؟

4.  الجزائر جي گاديءَ جو هنڌ ڪهڙو آهي؟

5.  ڪا به شئي سڙڻ کان پوءِ ڪيڏانهن ويندي آهي؟

6.    دنيا جو وڏي ۾ وڏو اسلامي ملڪ ڪهڙو آهي؟

7. اُٺ کي رڻپٽ جو جهاز ڇو ٿو سڏيو وڃي؟

8.       هندستاني بادشاهن جو مشهور هيرو”ڪوهنور“ هينئر ڪٿي آهي؟

9.     انگلنڊ جي موجوده وزير اعظم جو نالو ڇا آهي؟

10.   دادو ضلعي ۾ هڪڙو مشهور پراڻو قلعو آهي، ان جو نالو ٻڌايو؟

(هنن سوالن جا جواب پڙهندڙ وٽان پهچڻ بعد، سندن نالن سان گڏ شايع ڪيا ويندا.)

 

گذريل مهيني جي سوالن جا جواب

1.                  شاهه جو رسالو سڀ کان پهرين جرمن عالم ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرسپ، جرمنيءَ جي شهر لپزگ مان ڇپايو هو.

2.                 اٽليءَ ۾. سڌي هئڻ جي بدران آڏو بيٺل آهي.

3.                 جهڪڙ جو دڙو.

4.                 ٽماهي”مهراڻ“،

5.                 گليو.

6.                 ڪارونجهر.(ننگر پارڪر شهر سان لڳ).

7.                 1_ جولاءِ 1970ع.

8.                 ڪرپئٽرڪ مئڪملن سن 1839ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي شهر ڊمفريز ۾ سائيڪل ٺاهي.

9.                 انهن سوالن جا جواب تمام ٿورن ٻارن لکي موڪليا آهن ۽ انهن به گهڻو ڪري ڌّڪا هنيا آهن. جيئن سوال نمبر 3 جي جواب ۾ ڪن ٻارن موهن جو دڙو لکيو آهي. هنن اهو سوال پورو سمجهيو ڪونهي. سوال ۾ صاف لکيل هو ته”لاڙڪاڻي ۾ تازو هڪ دڙو کوٽيو ويو آهي.....“

 ظاهر آهي  ته موهن جو دڙو گهڻو وقت اڳي کوٽيو ويو هو. سوال نمبر 6 جو جواب اهو ڏنو ويو آهي ته ضلعو ٿرپارڪر هڪ ريگستاني علائقو آهي. انڪري اتي به جبل ٿي نٿو سگهي. حقيقت ۾ سڄو ضلعو ريگستاني علائقو ڪونهي، ٻار جيڪڏهن جاگرافي ڌيان سان پڙهندا ته کين خبر پئجي ويندي. بهر حال، آئيندي انهن سمورن ٻارن جا نالا شايع ڪيا ويندا، جيڪي جواب موڪليندا، پوءِ کڻي جواب غلط به هجن.

 

کل ته سهي

 

 

 

موڪليندڙ: آغا عرفان الله، حيدرآباد.

هڪ ماستر ڪنهن اسڪول ۾ نئون بدلي ٿي ويو، ڪلاس ۾ ڇوڪرا سڀ جڏا هئا. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اسڪولن جي صاحب اسڪول گهمڻ آيو،استاد کان پڇيائين ته ”ڇوڪرا هوشيار آهن يا نه؟ استاد وراڻيو، ”سائين سڀ ٺيڪ آهن.“

صاحب هڪ ڇوڪر کي گهوڙي جي هجي ڪرڻ لاءِ چيو.”ن،ل،س، گهوڙو.“ اها هجي ٻڌي صاحب استاد ڏانهن تڪڻ لڳو، استاد چيو ته ”سائين، الله ڏسي ٿو ته ڇوڪرن کي اهو به مون سيکاريو آهي.“

* * * * *

پٽ(ماءُ کي )امان! اڄ ته اڦراٽا پچاءِ.

ماءُ: ابا گهر ۾ اٽي جي لپ به ڪانهي.

پٽ: ته چڱو، پوءِ  ڀل ڊڳڙ پچاءِ.

 

نور محمد ڪنڀر، ملڪاڻي شريف،

ڪنهن پير کان سندس هڪڙي مريد پچيو ته ‎” سائين، توهان جي عمر گهڻي آهي“ پير جواب ڏنو،”چاليهه سال.“ ڏهن سالن کان پوءِ پير کان وري انهيءَ ساڳئي ماڻهون پڇيو ته ”توهان جي هاڻي عمر گهڻي آهي؟“ پير وري به چيو ته ”چاليهه سال.“ انهيءَ تي مريد حيرت مان چيوته ”سائين، ڏيهه سال پهرين به توهان چيو هو ته چاليهه سال، هينئر به چاليهه سال ڪيئن ٿا چئو؟” پير حاضر جوابيءَ سان چيو: جيڪڏهن تون ڏهن سالن کان پوءِ ايندين، تڏهن به آءُ چاليهه سال چوندس.“

 

خالد پرويز ڪنڀر، ملڪاني شريف.

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو ملان رهندو هو. هڪ دفعي تمام گهڻي برسات پيئي، ملان پنهنجي گهر جي دري کولي ان مان برسات جو نظارو ڏسي رهيو هو. هن هڪڙي ماڻهو کي ڊوڙندو ڏٺو، هن انهيءَ ماڻهوءَ کي چيو ته ”اهڙيءَ طرح ڇو ڀڄي رهيو آهين.” هن ماڻهو جواب ڏنو ته ”ڏسين نٿو ته برسات ڪهڙي پئجي رهي آهي!“ ملان چيو ته ” خدا جي رحمت کان ماڻهوءَ کي اهڙيءَ طرح ڀڄڻ نه کپي.“ اهوماڻهو ماٺ ٿي ويو ۽گهر پهتو، هن جا ڪپڙا بلڪل پسي ويا هئا. هن گهر وڃي ٻيا ڪپڙا پاتا. ٻئي ڏينهن اهو ماڻهو پنهنجي گهر جي دريءَ مان ٻاهر برسات جو نظارو ڏسي رهيو هو، هلڪي هلڪي برسات پئجي رهي هئي. هن ماڻهوءَ ڏٺو ته ڪالهه وارو ملان ڀڄندو پيو وڃي. هن ماڻهوءَ ملان کي چيو ته” ملان صاحب! خدا جي رحت کان هاڻي ڇو ڀڄي رهيو آهين؟“ ملان اهو ٻڌي وراڻيو ته” اي عقلمند ماڻهو! تون نٿو سمجهين ته خدا جي رحمت منهنجي پيرن هيٺان لتاڙجي رهي آهي.“


پير شهاب الدين،حيدرآباد.

ٽيٽيءَ هڪڙي ماڻهوءَ کان، جيڪو ريل ۾ سفر ڪري رهيو هو. ٽڪيٽ ڏسڻ جي لاءِ گهري، ٽڪيٽ ڏسي ٽيٽيءَ هن کي چيو: ”هيءَ ٽڪيٽ ته چئن ڏينهن جي پراڻي آهي!“ مسافر جواب ڏنو:”پر گذريل ٽن ڏينهن کان ته تازي آهي، اڄ چوٿين ڏينهن ريل ۾ چڙهيس ته پراڻي ٿي پيئي!“

 

محمد زمان جمالي، لطيف آباد.

هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو راند وچ ۾ ڇڏي پنهنجي نانيءَ وٽ دوڙي آيو ۽ چيائين: ”ناني! توکي ڏند ته ڪونه آهن نه؟“ نانيءَ چيو،” نه ابا، هڪڙو به ڪونهي.“ ان کي ڇوڪري کيس هڪ صوف ڏيئي چي:”ناني! منهنجو هي صوف تون پاڻ وٽ رک، جيسين آءُ راند ڪري اچان.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com