Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 12

گھڻين صدين جي ڳالھھ آھي، تھ ھڪڙو عرب بادشاھھ ”غرناطھ“ ۾ بادشاھي ڪندو ھو. ھو ڏاڍو بھادر ۽ حشمت وارو ھو. پنھنجي ساري جواني ھن جنگين ۾ گذاري. جڏھن منجھس پيريءَ جا اثر ظاھر ٿيڻ لڳا، تڏھن ارادو ڪيائين تھ ھاڻي آرام ۽ آسائش ۾ گذاريان ۽ آسپاس وارن بادشاھن سان صلح ڪري، پنھنجين فتحن جو فائدو وٺان ۽ باقي حياتيءَ جا ڏينھن لذت ۽ فرحت سان گذاريان، پر پاسي وارن بادشاھن مان ڪي جوان، بھادر ۽ جنگجو بھ ھئا، انھن جي مرضي نھ ھئي تھ ھن ٻڍي ۽ زبردست بادشاھھ کي سک ٿي سمھڻ ڏين، پنھنجن پِين – ڏاڏن جا وير وساري ڇڏين. تنھن کان سواءِ خود انھيءَ بادشاھھ جي ملڪ ۾، جن ماڻھن سان ھن زبردستي ۽  ڏاڍائي ڪئي ھئي، سي ھينئر ھن کي سک آرام جو خواھشمند ڏسي، فساد ۽ شورش ڪرڻ جو وجھھ ڳولڻ لڳا، ۽ سندس گاديءَ جي ھنڌ تي ڪاھي اچڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. انھيءَ طرح جوانيءَ جي زبردستيءَ جي ڪري پِيريءَ ۾ ھن کي چؤطرف دشمن ڦري آيا.

”غرناطھ“ جي آسپاس جبل ۽ ٻيلا گھڻا آھن، انھن ۾ گھڻا دشمن لڪي ويھندا ھئا، انھيءَ لاءِ تھ وجھھ وٺي اوچتو شھر تي ڪاھي پون. انھن جو سماءُ بادشاھھ کي پوريءَ طرح پئجي نٿي سگھيو، تنھنڪري جبل جي چوٽين تي ھن ٺلھھ ٺھرايا ۽ انھن تي پھري وارا مقرر ڪيا ۽ جبلن جي وچ وارن درن ۾ فوجون بيھاري ڇڏيون تھ جڏھن ڪنھن دشمن جي اچڻ جي خبر پوين، تڏھن رات جو باھھ جي مچن ٻارڻ سان ۽ ڏينھن جو دنھن دکائڻ سان، کيس توڙي شھر جي ماڻھن کي خبر ڏين. انھيءَ ھوندي بھ ڪي دشمن اھڙا چالاڪ ۽ خبردار ھوندا ھئا، جو ڪن ڏکين جبلن جي لڪن کان لنگھي ايندا ھئا ۽ ملڪ کي ڦري لٽي ھليا ويندا ھئا ۽ ماڻھن کي بھ قيد ڪري ويندا ھئا.  انھيءَ ڪري بادشاھھ ڏاڍي پريشاني ۽ انتظار، فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ رھندو ھو.

اھڙيءَ سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ ھڪڙو ٻڍو عرب حڪيم ۽ نجومي بادشاھھ جي دربار ۾ اچي وارد ٿيو. ھن جي اڇي ڏاڙھي ايڏي وڏي ھئي جو دن تي پئي پيئي. ھو اصل ”مصر“ جو رھاڪو ھو اگرچھ اھڙو ڪراڙو ھو تھ بھ ھمت ڀريو ۽ چست چالاڪ ھو، جو ”مصر“ کان وٺي پنڌ ئي پنڌ ”غرناطھ“ تائين آيو ھو ۽ سواءِ لٺ جي ٻيو ڪو بھ ھٿيار يا وسيلو ڪونھ ھئس. اھا ھڪڙي عجيب لٺ ھئي. مٿس عجيب قسم جا چِٽ، نقش ۽ شڪليون نڪتل ھيون. اھو حڪيم ۽ نجومي اگرچ اڳي اتي نھ آيو ھو، تڏھن بھ ملڪن ۾ اھڙو مشھور ھو، جو سندس ناموس اڳي ئي اتي ٻڌڻ ۾ آئي ھئي. ھن جو نالو ”ابراھيم ابن ايوب“ ھو. مشھور ھو تھ ھن نبيءَ سڳوري جو زمانو ڏٺو ھو ۽ ھن جو پيءُ ”ابو ايوب“ حضرت جن جي پوين اصحابن مان ھو. اھو حڪيم ننڍپڻ ۾ ”عمرو عاص“ جي فوج سان گڏ ”مصر“ ۾ آيو ھو، جنھن فوج ”مصر“ جي فتح ڪئي ھئي. انھيءَ وقت کان وٺي ھو اتي جو رھاڪو ٿيو ۽ ”مصر“ جي ”قسيسن“ يا پادرين ۽ راھبن سان گڏ رھي، انھن جي صحبت ۾ ڪيترائي قديم علم حاصل ڪيا ھئائين. انھن مان نجوم، ڪيميا، جادو ۽ طلسم جا علم خاص ڌيان سان پڙھيا ھئائين. اھا ڳالھھ مشھور ٿي ويئي ھئي تھ عمر وڏي ڪرڻ جي ڳجھھ بھ ھن معلوم ڪيو ھو، جنھنڪري ھن جي ڄمار انھيءَ ٻن سون ورھين کان بھ زياده ھئي.

انھيءَ پوڙھي حڪيم جو بادشاھھ گھڻو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ھن کي پنھنجي خاص محلات ۾ جاءِ ڏنائين، پر ھن نجومي حڪيم عذر ڏيئي معافي گھري ۽ شھر جي ويجھو ھڪڙي جبل جي غار ۾ رھڻ جي اجازت گھريائين. ھن انھيءَ غار کي ڪشادو ڪرايو ۽ انھيءَ ۾ وڏو ايوان ٺھرايائين ۽ غار جي ڇِت مان ھڪڙو سوراخ کوھھ وانگي مٿي ٻاھرين کليل ھوا تائين پھچارايائين، جنھن مان غار ۾ ويٺي، ھو آسمان جي تارن کي ڏينھن جو بھ پيو ڏسندو ھو. غار جي ڀتين تي ھن ”مصر“ جون ڪي نشانيون، نقش ۽ صورتون بھ اڪرايون ۽ تارن جون شڪليون ۽ بُرجن جون علامتون بھ کوٽايون. ايوان ۾ وري عجيب قسم جا ھٿيار رکايائين. اھو سڀ ڪم ھن بادشاھھ جي حڪم پٺيان اتي جي ھوشيار ڪاريگرن کان ڪرايو، جن کي انھيءَ ڳجھي راز ۽ عجيب اسرار جو ڪو بھ سماءُ پئجي نٿي سگھيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

   

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com