سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ

باب: 8

صفحو :8

باب اٺون

عمر کي پنھنجو حق ملي ٿو

 

محلات ۾ پھچڻ کان پوءِ سلطان راڻيءَ کي گھرايو، ۽ جيڪي پاڻ ڪيو ھئائين، ۽ جيڪي پريءَ چيو ھوس، سو ھن کي ٻڌايائين. راڻيءَ کي پوري اميد ھئي تھ جنھن کي ھن خواب ۾ بھ پئي ڏٺو، سو برابر سندس سچو پٽ آھي، ۽ اھو پنھنجي صندوقڙي سڃاڻي کڻندو.

سلطان اھي ٻيئي صندوقڙيون پنھنجي تخت جي اڳيان ٻن ميزن تي رکيون ۽ پوءِ ماڻھو موڪلي امير امراء سڀ گھرايائين. جڏھن سڀ پنھنجون جايون وٺي ويھي ويا، تڏھن ”لبا خان“ کي گھرايائين. ھو ڏاڍي وڏائيءَ سان اتي آيو، ۽ تخت جي اڳيان گوڏا کوڙي چوڻ لڳو، تھ ”ٻانھو حاضر آھي، بابي سائينءَ جو ڪھڙو حڪم آھي؟“ سلطان چيو تھ ”ابا، ڪي ماڻھو ٿا چون تھ تون منھنجو پٽ ناھين. ھاڻ ھنن ٻنھي صندوقڙين ۾ تنھنجي پٽ ھئڻ جي ثابتي رکيل آھي. چونڊي ھڪڙي کڻ. اميد آھي تھ تون سڃاڻي اھائي صندوقڙي کڻندين.“

”لبا خان ڳچ وقت تائين اھي صندوقڙيون ڏسي ڏسي، دل ھڻي ھڻي نيٺ چوڻ لڳو تھ ”بابا سائين، اوھان جي راضي ھئڻ کان وڏي ٻي ڪھڙي خوشي آھي، ۽ اوھان جي محبت کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي دولت آھي؟ آئون اھا صندوقڙي ٿو کڻان، جنھن تي ”دولت ۽ خوشي“ لکيل آھي. سلطان چيس تھ چڱو ابا، پاڻيھي ڏسنداسين. ھاڻ تون ويھي رھھ.“ پوءِ ”عمر“ کي گھرايائين.

”عمر آھستي آھستي غمگيني جي حالت ۾ اندر آيو. سڀني کي ھن جي حالت ۽ ھن جي شڪل ڏسي رحم پئي آيو. ھو بھ سلطان جي اڳيان دوزانو ٿي ويھي پڇڻ لڳو تھ ”قبلا، ڪھڙو حڪم آھي؟“ سلطان چيس تھ ”ھنن ٻن صندوقڙين مان ھڪڙي چونڊي کڻ.“ ان موجب ھو ميز تي وڃي صندوقڙيون ڏسڻ لڳو.

ھن ڏاڍي خيال سان ڍڪن تي جيڪي لفظ لکيل ھئا سي پڙھيا. پوءِ چوڻ لڳو تھ ”گذريل ٿورن ڏ ينھن ۾، مون آزمودي سان معلوم ڪيو آھي تھ دولت ۽ خوشي جٽاءُ نٿيون ڪن، ۽ عزت ۽ ناموس ھميشه جٽاءُ ڪرڻ واريون آھن، کڻي جي مون کي پنھنجو حق يا شاھي درجو نھ ئي ملي، تھ بھ آئون عزت ۽ ناموس جي لفظن واري صندوقڙي پسند ڪندس.“

پوءِ سلطان ”لبا خان“ کي چيو تھ ھاڻ تون پنھنجي صندوقڙي کڻي آءُ.“ پوءِ پاڻي گھرائي، ھٿ ڌوئي الھندي ڏي منھن ڪري چوڻ لڳو تھ ”اي ڌڻي منھنجا! تون ورھين کان اسان جي خاندان کي پاڪ ۽ سچو رکندو آيو آھين. ھاڻ بھ اسان جي نالي تي داغ نھ آڻج. پنھنجي فضل سان اسان کي ڏيکارج تھ منھنجو سچو پٽ ڪھڙو آھي.“

پوءِ وري تخت تي ويھي ھنن ٻنھي دعويدارن کي چيائين تھ ”ھاڻ اوھين پنھنجون صندوقون پٽيو. اڃا ھنن ڍڪن کي ھٿ لاتو تھ صندوقڙيون پٽجي پيون. ”عمر واري صندوقڙيءَ ۾، ھڪڙي ننڍڙي بخمل جي گادڙيءَ تي ھڪڙو سونو ڇٽ رکيو ھو، ۽ ”لبا خان“ واري صندوقڙيءَ ۾، سئي ۽ ڍيري رکي ھئي.

سلطان اھو پاڻ وٽ گھرائي ڏسي، اھو ننڍو سونو ڇٽ ڪڍي ”عمر“ جي ھٿ تي ڏنو. اوچتو اھو ڇٽ وڌي وڌي وڏي ڇٽ جيڏو ٿي پيو، جو سلطان کڻي ”عمر“ جي مٿي تي رکيو. ھن گوڏا کوڙي سلطان جا ھٿ چميا ۽ سلطان ھن کي اٿاري پنھنجي سڄي ھٿ پاسي ويھاريو.

”لبا خان“ جو ھاڻ ڏاڍو شرمندو ٿي ويو ھو، تنھن ڏي منھن ڪري چيائين تھ ”خدا جي مرضي اھا آھي تھ تون پنھنجي سئي ڌاڳي واري ڌنڌي ۾ لڳو رھين. تون ڪنھن بھ مھرباني ۽ مروت جو لائق ناھين، مگر پنھنجي پٽ جي صدقي، آئون توکي ڪو نقصان نھ رسائيندس. ھاڻ ھڪدم تيار ٿي ۽ پنھنجي ڳوٺ روانو ٿيءُ.“

ويچاري درزيءَ ڪڇيو ڪين. شھزادي ”عمر“ اڳيان ماٺ ڪري ويھي ھٿ ٻڌي چوڻ لڳو تھ ”مھرباني ڪري مون کي معافي ڏي. جو مون توکي ايذاءُ پھچايو آھي.“ ھن چيو تھ ”آئون دوست ۽ دشمن سان ڀلائي ڪرڻ وارو آھيان. توکي معافي آھي“. ”عمر“ کي بادشاھھ سڏي ڀاڪر وڌو، ۽ پيار ڪيو، راڻيءَ بھ زياده محبت ڏيکاريس، ۽ سڀني اميرن وزيرن مبارڪباد ڏنيس.

*

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com