سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ

باب: 2

صفحو :11

باب ٻيو

خليفو ڪھنگ ٿي پوي ٿو

 

خليفي انھي عالم کي گھرائي ورتو. جڏھن ھو آيو. تڏھن خليفي چيس تھ ”اسان ٻڌو آھي تھ تون تمام گھڻو پڙھيل ماڻھو آھين. جيڪڏھن ھي ڪاغذ پڙھي ٻڌائيندين تھ توکي سروپاءِ ڏيندس، ۽ ھي نھ پڙھي سگھئين تھ ٻارنھن مڪون ڪنڌ تي ھڻبئي، ۽ پنجويھھ لڪڻ پيرن جي ترين تي، تھ وري پاڻ کي عالم نھ سڏائين.“

”سليم“ ڪنڌ جھڪائي عرض ڪيو تھ ”جيڪا حضور جي مرضي!“ پوءِ اھو ڪاغذ وٺي ڏسي چيائين تھ ”قبلا، ھي رومي اکر آھن. ھن ۾ جيڪي لکيل آھي تنھن جو ترجمو ھي آھي: ”جنھن کي ھيءُ ملي، سو پاڻ کي نصيب وارو سمجھي. جيڪو ھن دٻليءَ واري ناس جي ھڪڙي چپٽي ڏيندو ۽ پوءِ چوندو تھ ”معتبر“، تھ ھڪدم جنھن جانور يا پکي ٿيڻ جي مرضي ھونديس، سو ٿي پوندو، ۽ پوءِ جانورن جون ٻوليون بھ سمجھي سگھندو. وري جڏھن ڦري ماڻھو ٿيڻ گھري، تڏھن اڀرندي ڏي منھن ڪري ٽي ڀيرا ڪنڌ جھڪائي، ساڳيو لفظ وري وري چوي. پر اھا خبرداري رکڻ گھرجيس تھ بدليل حالت ۾ کلي نھ، نھ تھ اھو لفظ وسري ويندس، ۽ عمر لاءِ اھو جانور يا پکي ٿي رھندو.“

ھي ٻڌي خليفو ڏاڍو خوش ٿيو. ”سليم“ کي خلعت انعام ڏيئي روانو ڪيائين، ۽ تاڪيد ڪيائينس تھ انھيءَ ڪاغذ جي ٻئي ڪنھن سان ڳالھھ نھ ڪري. پوءِ وزير کي چيائين تھ ”پاڻ اڄ ڏاڍو چڱو سودو ڪيو آھي. انھيءَ ڪري آئون ڏاڍو خوش آھيان. ھاڻ سڀاڻي صبح جو مون سان ھلجئين تھ ٻاھر ٻنين ۾ گھمڻ ھلون. پوءِ ناس جي چپٽي ڏيئي، جانورن ۽ پکين جون ٻوليون بيھي ٻڌنداسين تھ ڇا ٿا چون.“

ٻئي ڏينھن صبح جو، خليفو ناشتو ڪري سنبري ويٺو تھ وزير آيو. دٻلي ڪمر ۾ وجھي، اميرن ۽ نوڪرن کي ڪم ڪار جو سمجھائي، خليفو ۽ وزير نڪري شھر کان ٻاھر ٿيا. باغن منجھان گھمندا. ھڪڙيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي آيا. اتي ھڪڙو ڪھنگ ڏٺائون، جنھن پاڻيءَ ۾ ڏيڏرن ۽ مڇين مارڻ لاءِ پئي پنڌ ڪيو ايتري ۾ مٿان ھڪڙو ٻيو ڪھنگ بھ اڏامي اچي لھڻ تي ھو. وزير چيو تھ ”ھي ٻھ ڊگھين ٽنگن وارا پکي ضرور پاڻ ۾ ڳالھائيندا. اچو تھ ڦري ڪھنگ ٿي ھنن جون ٻوليون ٻڌون.“

خليفي کي اھا ڳالھھ وڻي. پھرين جيڪي چوڻو ھو ۽ جيڪي ڪرڻو ھو، سو وري بھ ياد ڪري، ۽ نھ کلڻ جو تاڪيد دل تي رکي، خليفي دٻلي ڪڍي ناس جي وڏي چپٽي ڀري، وزير کي ڏني ۽ ھن بھ چپٽي کنئي. پوءِ ٻنھي گڏجي ناس ڏني ۽ ”معتبر“ چيائون تھ ھڪدم ڪھنگ ٿي پيا. ٽنگون بدلجي سنھيون ڳاڙھيون ٿي پين، پيلين جتين مان بدلجي پير ٿي پين، ٻانھن مان پر ٿي پين ۽ ڳچيون وڌي ڊگھيون ٿي پين ۽ ڏاڙھيون گم ٿي وين، ۽ سندن سڄو بت کنڀن سان ڀرجي پيو.

*

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com