سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: رنگا رنگي گيت

باب:

صفحو:1

رنگا رنگي گيت

غلام محمد ”غازي“

ڇپائيندڙ پاران

”رنگا رنگي گيت“ ٻارڙن لاءِ خوبصورت تصويرن ۽ رنگن سان سينگاريل سنواريل هڪ گلدستي جي صورت رکي ٿو. جيئن گلدستي ۾مختلف قسمن جا خوبصورت ۽ خوشوبودار گل ٿين ٿا، تيئن هن ڳٽڪي ۾ به نت نون ۽ خوبصورت  جذبن ۽ خيالن جي هٻڪار محسوس ٿئي ٿي. شاعر غلام محمد غازي اهڙي گلدستي کي خوبصورت انداز ۾ ٺاهي، سنڌجي ٻارڙن کي هڪ بيش بها تحفو پيش ڪيو آهي. غلام محمد غازيءَ جا ٻارڙن لاءِ شاعريءَتي لکيل ٻيا به شعري مجموعا بورڊ طرفان ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، ليڪن هيءُ مجموعو انهن مجموعنکان وڌيڪ انفراديت ۽ سونهن رکي ٿو.

مذڪوره ڪتاب، نيشنل بڪ فائونڊيشن، اسلام آباد پاران ٻاراڻي ادب جي مقابلي واري سال 4-2003ع ۾ ٻيو نمبر انعام حاصل ڪيو آهي. ساڳئي نالي سان هڪ ڪتاب ”رنگ برنگي گيت“ بازار ۾ هئڻ ڪري بورڊ پاران هن ڪتاب جو نالو مٽائي ”رنگا رنگي گيت“ رکيو ويو آهي، هڪ ڳڻپ جوڳو انعام حاصل ڪيل هن ڪاب کي رنگين تصويرن سان سينگاري ڇپائڻ تي ادارو سرهائي محسوس ڪري ٿو. اميد ٿي ڪجي ته سنڌجا هونهار ٻارڙا غلام محمد غازيءَ جي هن قلمي پورهئي کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا.

اميد اٿئون ته ”رنگا رنگي گيت“ جو پهريون ڇاپو ٻارڙن سان گڏ وڏن کي به بيحد پسند ايندو.

 

ڄام شورو، سنڌ

خميس 14 ربيع الاول 1427هه

بمطابق 13 اپريل 2006ع

انعام الله شيخ

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

 

ليکڪ پاران

 

مون کي ياد آهي ته 73ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري رجسٽريشن آفيس سکر ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو هئس. 1975ع ۾ مون کي ٽرانسفر ڪري گهوٽڪي ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي استاد محترم اظهر گيلانيءَ سان ملاقات ٿي. ان وقت مون کي شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو هو. اهو شوق هوريان هوريان وڌندو ويو ۽ آئون ٻارڙن لاءِ گيت غزل لکندو رهيس. 1982ع کان ته باقاعده لکڻ شروع ڪيو ۽ وڏڙن استاد محترم نثار بزميءَ کان اصلاح ڪرائيندو رهيس ۽ اخبارن، رسالن ۾ ڇپرائيندو رهيس. ٻارڙن لاءِ گيتن جو چڱو خاصو مواد گڏ ٿي ويو. 1992ع ۾ ”ٻار گلن جا هار“ جي نالي سان سنڌي ادبي سنگت شاخ عبدوءَ پاران پهريون ڪتاب ڇپرايو هو. ان کان پوءِ هيل تائين سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ سنڌي ادبي بورڊ“ سنڌالاجي ڄامشورو، گلڙا پبليڪيشن  شڪارپور، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، اين اي جان، فائونڊيشن حيدرآباد طرفان ست ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. شايد ئي سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ايترا سارا ڪتاب نظم ۾ ڪنهن ٻي جا ڇپيا هجن گيتن ۾ هن ڌرتي. هتان جي ٿرن، برن، جوڌن جرنيلن،  مکيه ماڳن، مقامن جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ سائنس جي حوالي سان ضروري ڄاڻ ڏيڻ مون پنهنجو فرض سمجهيو. سائنس جي حوالي سان ٻارڙن لئه نظمن ۽ گيتن جا ٻه مختلف ادارن طرفان ڇپيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئون ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهيان يا نه مطالعو ڪندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا. ڌڻيءَ در دعا آهي ته منهنجي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق هميشه قائم رهي. جيئن آئون وڌيڪ سنڌي ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪري سگهان. آمين!

غلام محمد ”غازي“

عبدو ضلعو شڪارپور سنڌ

 

ٻارن لاءِ شاعري سولو ڪم ناهي

 

ادبي دنيا ۾ جن سنڌي شاعرن ٻاراڻن ٻولن جو وکر کڻي، پير پاتو ۽ ٻارن لاءِ چيل نظمن توڻي گيتن جا ٻه - ٻه ۽ ٽي - ٽي ڳٽڪا ڏنا، سي پڪ سان ٻارن لاءِ شاعريءَ جي شرطن کي، مون کان وڌيڪ ڄاڻن پر جيئن ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آهي، تيئن مان به جيڪڏهن اهڙي شاعريءَ بابت صلاحون ڏيڻ گهران ته ڦلواڙيءَ جي سونهن هيڪاندي ٿيندي!

ٻارن لاءِ شاعراڻا ٻول لکڻ جي سلسلي ۾ لساني ۽ فني گهرجن تي بحث ڪرڻ کان اڳ مان خود شاعر لاءِ شرط پيش ڪندس. منهنجو خيال آهي ته ٻارن جي شاعر جو مزاج کهرو بنهه نه هئڻ کپي. کيس اياز گل جهڙو نفاست پسند، ادل سومري جيان ماٺيڻو، ذوالفقار سيال وانگي مرڪندڙ ۽ غلام محمد غازيءَ جهڙي ٻاجهاري طبيعت جو مالڪ هئڻ کپي. جيڪڏهن منجهس اهڙين خوبين جي کوٽ هجي ته پوءِ کيس پاڻ ۾ اهڙن ڳڻن آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ اهڙي باغ جو مالهي ٿيڻ ممڪن ڪونهي!

ٻارن لاءِ شاعري ڪرڻ لئه مروج ٺيٺ ۽ تيز سنڌي لفظن جي چونڊ لساني شرط آهي. معياري شاعريءَ لاءِ پڻ لفظن جي نفاست کي آڏو رکيو ويندو آهي پر ٻاراڻا ٻول لکڻ لاءِ اهو شر ط اڃا به سخت ٿي وڃي ٿو.

ٻارن لاءِ شاعري جي فني گهرجن ۽ ماترڪ ڇند يا عروض جي پابندي ايتري ئي ضروري آهي، جيتري معياري شاعريءَ لاءِ نه ته  لئي مان لٺ ڀڃي. ٻارن جو شاعر ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

ان کانسواءِ ٻاراڻا ٻول عروض جي ننڍي ميٽر ۾ لکڻ کپن. نظم يا گيت جي وراڻي سولي ۽ سلوڻي هئڻ کپي. ٻاراڻن ٻولن جو مختصر هئڻ به خوبي آهي. ڊگها نظم ٻار جي مزاج موجب ناهن هوندا پاڻ کي ٻار جي ذهني سطح تي آڻڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته ٻار، شاعريءَ جي روانيءَ ۾ موسيقيت کي گهڻو پسند ڪندو آهي، تنهن ڪري عروضي پابنديءَ  ۽ خيال جي نفاست ضروري شرط آهن. ٻاراڻن نظمن ۽ گيتن ۾ تجنيس حرفي، اندروني قافيا ۽ هلڪا ۽ وڻندڙ اُچار، آڻڻ سهڻي ۽ سلوڻي شاعر هئڻ جو ثبوت آهي. اهڙي ريت خيال ٻارن جي ذهني پهچ موجب هئڻ کپي. ٻار جي مشاهدي ۽ ڄاڻ مطابق خيال پيش ڪرڻ سٺي شاعر جي نشاني آهي. انهن شرطن ۽ پابندين سان گڏ فڪري گهرجن جو خيال رکڻ ضروري آهي. ٻارن لا شاعري رڳو چس ۽ وندر خاطر نه هئڻ کپي بلڪه بنيادي مقصد آئيندي لاءِ سٺا ۽ ڪارائتا شهري پيدا ڪرڻ آهي.

شاعر کي کپي ته ٻارن ۾ روشن خيالي، سهپ، همدردي ۽ پاڻ ارپڻ وارا لاڙا آڻڻ لاءِ نت نوان، تصور اشارا ۽ مثال پيش ڪري ٻار کي اڳتي هلي سماجي ۽ قومي ذميواريون سنڀالڻيون آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته منجهس انسان لاءِ عزت ۽ پيار وارا جذبا اُڀاريا وڃن.

غلام محمد غازي جي ڪتاب ”رنگا رنگي گيت“ ۾ اهڙا گهڻائي شعر ملن ٿا جيڪي مٿي ڄاڻايل فڪر گهرجن کي پورو ڪندڙ آهن. غازي پنهنجي نظم ننڍڙي ٻالڪ ۾ ٻار کان چوائي ٿو:

مان هڪ ننڍڙو نينگر آهيان،
مُرڪي مُرڪي مَنَ مهڪايان،
ڪاوڙ ڪنهن سان ڪين ڪيان ٿو،
سڀ کي پنهنجو پيار ڏيان ٿو.
 

ڏکويل ماڻهن لاءِ ٻارن جي دلين ۾ پيار ۽ پاٻوهه پيدا ڪرڻ خاطر غازيءَ انيڪ نظم ۽ گيت سرجيا آهن، پنهنجي نظم حرڪت ۾ چوي ٿو.

ڏسي ڪنهن جي غربت ڪجي پيار تنهن سان،
ڏسي عيب غازي نه ڪجي کونس ڪنهن سان.
 

بهر صورت هو سٺي کان سٺو شعر لکڻ لاءِ ڪوشان آهي. سندس ايندڙ شاعري اڃا به بهتر هئڻ کپي فني ڪچاين کي وائکو ڪرڻ نقادن جو ڪم آهي. مان فقط ايترو چوندس ته غازي شاعريءَ جو ذخيرو وڌائڻ تي شاعراڻين خوبين کي اوليت ڏئي.

ضياءَ شاهه

جاکوڙي ليکڪ، محبتي ماڻهو

 

غلام محمد ”غازي“ اسان واري ٽهيءَ جي انهن ليکڪن مان آهي، جن ڏينهن رات محنت ڪري، سنڌي ادب ۾ پنهنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ ڪرائي آهي. غلام محمد ”غازي“، اڄ جي سنڌي ادب خاص ڪري شاعريءَ جو خوبصورت نالو آهي ۽ ادب جي سنجيده حلقن ۾ هن جو ذڪر وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ڪيو پيو وڃي. ادب ۾ اهو مقام حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ غلام محمد ”غازي“ ڪي به وڏا ڇالَ نه ڏنا آهن ۽ نه ئي ڪي هٿراڌو سهارا ورتا آهن، پر ان ميدان ۾ هن وڏو رياضُ ڪيو آهي ۽ نور نچويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو هڪ کان وڌيڪ ڪتابن جو سرجيندڙ آهي جيڪي شايع ٿي چُڪا آهن ۽ هن جا ڪيترائي شعري ۽ نثري ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل آهن جيڪي اميد ته ضرور ۽ جلد منظر عام تي ايندا. غلام محمد ”غازي“ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان وڏي جاکوڙ ۽ محنت ڪئي آهي ۽ سندس نالو سنڌ جي انهن آڱرين تي ڳڻجندڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن ٻارن لاءِ گهڻي کان گهڻو لکيو آهي. غلام محمد ”غازي“ جا ٻارن لاءِ شاعريءَ جا هيل تائين ست ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. انهن مان هڪ ڪتاب ”مرڪندڙ مکڙيون“، کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران  1997ع ۾ ٻارن جي ادب جو بهترين ڪتاب مڃي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آهي. ”غازي“ لاءِ اها ڳالهه نهايت ئي فخر جوڳي آهي ۽ سندس محنت جو صلو آهي سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ شاعري جو جيڪو مضبوط بنياد ڪشنچندَ بيوس ۽ هري دلگير وڌو هو، ان تي سنڌ جي ٻين ڪافي اهم شاعرن اوساريءَ جو ڪم ڪيو. هاڻوڪي دور ۾ ”غازي“، ادل سومري کان پوءِ ان حوالي سان ٻارن لاءِ وڏي دلچسپيءَ ۽ محنت سان لکي رهيو آهي. ٻارَ اسان جو مسقبل آهن ۽ ”غازي“ انهن ليکڪن ۾ شامل آهي جيڪي سنڌجي مستقبل لاءِ لکي رهيا آهن ۽ پنهنجو قومي فرض پورو ڪري رهيا آهن، مون کي خوشي آهي ته مان ”غازي، جي پهرين ٻارن لاءِ سچي ثابت ٿي آهي. سچ ته اڄ اسان کي ”غازي“ جي پورهئي ۽ ڪاوش تي پيار ٿو اچي. ”غازي“ جي ٻارن لاءِ شاعري هجي يـا زندگـيءَ جـي ٻـيــن وارتائن تي سندس جذبن جو اظهار نهايت ئي  معيار ۽ رچاءَ ڀريو آهي. هن جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پنهنجي سمورين خوبين سان ڀرپور آهي. ”غازي“ سنڌ جي انهن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو جن جو شعر پڪو، پختو ۽ فڪر سان سلهاڙيل آهي. هو ڌرتي جي دکن، مسئلن ۽ مستقبل جي بهتر آدرشن ۽ خواهشن جو شاعر آهي. ”غازي“، سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان به پنهنجو پاڻ پتوڙيو آهي. هو سنگت جو هڪ سينيئر ۽ سچو ساٿي رهيو آهي. جنهن جون سنگت جي تنظيمي ڪمن ڪارين ۽ ادبي تحريڪ ۾ ڪيل ڪوششون ۽ محنتون ساراهه جوڳيون آهن. ”غازي“ سنگت شاخ عبدوءَ جو سيڪريٽري هجي يا شڪارپور ضلعي جو رابطا سيڪريٽري، هو نهايت سچائيءَ سان ۽ سرگرميءَ سان سنگت جي ڪم ۾ رُڌل آهي. شخصي لحاظ کان به ”غازي“ هڪ مٺڙو ۽ محبتي ماڻهو آهي. منهنجي ساڻس شروعاتي دور کان دوستي رهي آهي هو اعليٰ اخلاق جو مالڪ ۽ پيار ڏيندڙ ماڻهو آهي. اسان دعاڳو آهيون ته اسان جو دوست غلام محمد ”غازي“ پنهنجي ادبي ۽ علمي سفر ۾ اڳي کان اڳڀرو رهي.

اختر درگاهي

 

ٻاراڻي ادب جي آڪاش تي چمڪندڙ تارو

غلام محمد غازيءَ سان پهرين ملاقات خبر نه آهي ته ڪٿي ٿي هئي پر  ان جي پهرين ملاقات وارن لفطن مون کي ايترو ته متاثر ڪيو جو آئون غازي کان هڪ پل به ڌار رهڻ گوارا نٿي سمجهيس. ويتر جو غازي جو ٻارڙن لاءِ پهريون تخليق ڪيل ڪتاب ”ٻار گلن جا هار“ پڙهيم ته اڃا به آئون غازي جو ويجهو ٿي ويس.

غلام محمد ”غازي“ جي رهائش ڳوٺ عبدوءَ ضلعي شڪارپور ۾ آهي ۽ پاڻ هڪ پيغمبري پيشي (استاد) سان لاڳاپيل آهي. منهنجي ساڻس هفتي ٻي هفتي ملاقات ٿيندي رهندي آهي. خبر نه آهي ته غازي جي لفظن ۾ ميٺاج، طلسم يا وري ائين کڻي چئجي ته مقناطيسي قوت موجود آهي جيڪا انسان کي پاڻ ڏانهن يڪدم متوجهه ڪريو ڇڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org