سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 

صفحو : 4

بادشاهه، شينرو ۽ دُنار وزير جيڪر اِهو کاڌو کائي بي موت مري وڃن ها، مگر راڻي کاڌي مان هڪ گرهه ڪتي کي اُڇلائي ڏنو. ڪتو گرهه کائڻ سان، زمين تي ڦٿڪي ڪِري پيو ۽ اِيذاءَ کان ڪوڪاٽ ڪرڻ لڳو. همير سخت ڪاوڙ مان اُٿي کڙو ٿيو ۽ وزيرن کي چيائين ته ”هلو ته موٽي پنهنجي گهر هلون ۽ هن خونڻ کي اِتي ئي ڇڏي ڏيو.“ راڻي وراڻي ڏني ته، ”موٽي وڃڻ گيدين جو ڪم آهي. اسان کي پنهنجي همت ڪرڻ گهرجي ۽ خدا جي مدد سان اسين هن فريبڻ کي هٿ ڪنداسون.“

انهيءَ وچ ۾ ناتر محلات ڏانهن موٽي ويئي ۽ مومل کي وڃي ٻڌايائين ته راڻي ڪيئن پنهنجي ساٿين کي زهر کان بچائي ورتو. ناتر وري به پنهنجي سانئڻ کي ليلايو ته راڻي کي جيئدان ڏي. مگر مومل هن کي ڇنڀيو ۽ چيو ته جيڪڏهن مان هن کي ڇڏي ڏينديس ته سڀيئي مون تي کِلندا. هاڻي وڃ ۽ هنن جوانن کي هڪ هڪ ڪري سڏي اچ ته منهنجي محلات ۾ پهچڻ جي سوڀ کٽن ۽ جڏهن آلَ بازار ۾ گهڙندا، تڏهن کين ساري سڌ پئجي ويندي.

ناتر کي جيئن ئي سندس سانئڻ چيو، هن ائين ڪيو. پوءِ همير بادشاهه وٽ وڃي عرض ڪيائين ته توهان مون سان گڏ هلو. مومل توهان جي طلب ٿي ڪري ته، توهان هن جي ڪمري تائين پهچي ويا ته پوءِ هوءَ ساري ڄمار توهان جي آهي.

همير اها ڳالهه ٻڌي ٽپ ڏيئي ناتر جي پويان سرنگهه ۾ هليو، جتي اوندهه ۾ هوءَ کانئس کسڪي ويئي ۽ بادشاهه اڪيلو رهجي ويو. سومل جي جادوءَ جي رٿيل رمزن اهڙيون ته، گجگوڙون ۽ رانڀاٽ لائي ڏنا، ڄڻ ته وحشي جانورن سڄيءَ فضا تي حملو ڪرائي ڏنو هجي. بادشاهه ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو، پر پوءِ هن جلد هوش سنڀالي ورتو ۽ سرت ۾ آيو. آخر ڪڪ ٿي اڳتي وڌڻ جي پچر ڇڏي پٺتي موٽڻ جي ڪيائين، جتي سندس ساٿي انتظار ۾ ويٺا هئا. اتي پهچي دوستن کي غار جي هيبتناڪ منظر ۽ خوفناڪ آوازن جو سربستو احوال ڏنائين ۽ چيائين ته هاڻي اسان کي هتي وڌيڪ ترسڻ نه گهرجي. هلو ته موٽي عمرڪوٽ هلون“. انهيءَ تي راڻي ورندي ڏني ته ”بادشاهه سلامت! توهان ڪوشش ڪئي، پر توهان ڪامياب ڪونه ٿيا، انهيءَ ڪري توهان کي ڪير به مهڻو نه ڏيندو. پر جيڪڏهن اسين بنا آزمائش جي موٽي عمرڪوٽ هلنداسيون ته اسان تي چٿرون ۽ کِلون ٿينديون. ڇڏيو ته اسين به ڪوشش ڪري ڏسون، پوءِ جي هارايوسين ته گڏجي موٽي هلنداسون.“

اوڏيءَ مهل ناتر خيمي ۾ گهڙي آئي ۽ ٺٺولي واري مـُرڪ سان چوڻ لڳي ته ”بادشاهه سلامت! توهان ته مومل جي باغيچي ۾ ترسيا ئي ڪين، اهي حال اٿوَ ته ڪيئن مومل ماڻي سگهندا؟ هاڻي اوهان جي وزيرن مان ڪهڙو ٿو مومل کي هٿ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلي؟“

اها ٽوڪ ٻڌي، دنار ٽپ ڏيئي گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ ناتر جي پٺيان سرنگهه ۾ گهڙيو. اڃا ٻه_ چار قدم اڳتي مس هليو ته هوءَ کسڪي ويئي ۽ کيس دُنار جي چوطرف سومل جي رٿيل ٽڪساٽ جي ڌمچر کيس لرزائي وڌو. هو دل جهلي ڪين سگهيو ۽ گهوڙي جي واڳ ڦيرائيندي ڌوڪيندو اچي دوستن جي ديري تي پهتو ۽ ساٿين کي ساري ماجرا اچي ٻڌايائين.

ڪجهه منٽن کان پوءِ ناتر وري باغ مان نڪري آئي ۽ گهـُنڊ پائي چوڻ لڳي ته ”بادشاهه سلامت! تنهنجي وزير ته تو جيتري به سـَٽَ ڪانه جهلي! اهڙيءَ ڪمزور دل وارا مومل جي ماڻن جي ڇا لاءِ ٿا سڌون ڪن؟“

اهو ٻڌي، شينرو اُٿيو ۽ زرهه پائي پنهنجي ڀلي گهوڙي تي سوار ٿي، ناتر جي پٺيان سرنگهه ۾ هليو. مگر هن پڻ دل ڪانه جهلي ۽ گهوڙي کي پٺتي ورائي اوجهڙ ۾ گهڙڻ کان اڳيئي موٽي اچي ماڳ پهتو.

آخر ۾ راڻو پنهنجي قسمت آزمائيءَ لاءِ اٿيو ۽ ٻين سڀني هن کي روڪيو، مگر هن ڪا به ڳالهه ڪانه ٻڌي. ايتري ۾ ناتر به خيمي ۾ موٽي آئي ۽ چوڻ لڳي ته ”اوهان کي مومل جي باغيچي ۾ وٺي هلڻ وقت جو زيان آهي. توهان سڀ بزدل آهيو! ٿوري ئي آواز تي ڊڄي سهي وانگر وٺي ٿا ڀڄو. اهڙا ڪانئر ڪڏهن به مومل جو منهن پسي نه سگهندا“.

راڻو پنهنجي زرهه پائي، صمند گهوڙي تي سوار ٿي، ڌڻيءَ کان دعا گهرندو، ناتر جي پويان سرنگهه ۾ گهڙيو. ٻه_ چار قدم هلي راڻي هن کي چوٽيءَ کان جهلي ورتو ته جيئن هوءَ ڇڏائي نه وڃي. نهايت قابو ڪري جهليائينس. انهيءَ مهل چوڌاري مومل جي جادوءَ جي مانڊاڻ خوفناڪ آواز ۽ گجگوڙون شروع ڪيون. انهيءَ سببان راڻي جي ڪنن تي تاڙيون ۽ اکين اڳيان اونداهه ٿي ويئي. چالاڪ ۽ دغاباز ٻانهيءَ جڏهن ڏٺو ته هاڻي راڻي کان پاڻ نٿي ڇڏائي سگهان، تڏهن ڇا ڪيائين جو راڻي کي هڪ تلاءَ جي ڪپ تي گهلي ويئي، جتي راڻي کي وٺي ڌڪو ڏنائين. راڻو گهوڙي سوڌو وڃي تلاءَ ۾ ڪِريو ۽ ڪِرڻ سان چوطرف اونداهه ٿي ويئي. انهيءَ اونداهه ۾ راڻي کي ٻانهيءَ جي حقارت ڀري کِل جو اواز ٻڌڻ ۾ آيو.

قسمت جي ڪايا وري هئي جو راڻو گهوڙي هيٺان اچڻ ۽ ضرب رسڻ کان بچي ويو. وڏيءَ تڪليف سان رڙهندو ٻاهر نڪتو ۽ سرنگهه مان لنگهي اچي اوجهڙ ۾ پهتو. راڻو اڃا ور وڪڙن ۾ ڦاٿل هو ته ڪاڪ نديءَ جي پاڻيءَ وٺي اُٿل ڪئيس. پاڻيءَ جي وهڪري کي آزمائڻ لاءِ راڻي هڪ سوپاري اُڇلائي، جا ترڻ بدران نديءَ جي سطح تي بيهي رهي. راڻي انهيءَ مان سمجهيو ته اها ندي هڪ طلسم آهي ۽ سامهون جيڪا زمين پيئي ڏسجي، سا انهيءَ ويران بيابان جو ئي ٽڪر آهي. سو انهيءَ تان هلي وڃي نديءَ جي ڪناري تي پهتو ۽ جرئت سان انهيءَ ۾ قدم رکيائين. ندي هڪدم غائب ٿي ويئي ۽ راڻو پنڌ ڪندو وڃي مومل جي محلات کي ويجهو ٿيو.

محلات جي اڱڻ ۾ شينهن ڇـُههَ ماري پيو هو، ڄڻ ته هن جوان تي حملو ڪرڻ وارو هو، پر مومل مٿان دريءَ مان رڙيون ڪري هن کي ڇنڀيو. ان هوندي به راڻو تلوار ڪڍي ڌوڪيندو، شينهن کي لتاڙيندو محلات جي در مان نڪري ويو، جتان ماڙيءَ تي چڙهي، انهيءَ ڪمري ۾ ويو، جتي مومل ويٺي هئي. راڻو ڌوڪيندو سڌو هن ڪمري ۾ وڃي گهڙيو. مومل ڊوڙي وڃي ڀاڪر وڌس ۽ چيائينس ته ”اي بهادر راڻا، تو مون کي وڏيءَ بهادريءَ سان جيتيو آهي. آءٌ اڄ کان تنهنجي آهيان ۽ مون کي قبول ڪر.“

پِرهه ڦـُٽيءَ ويل راڻي مومل کان موڪلايو. پهريائين ته مومل هن جي وٽانئس وڃڻ جي ڳالهه ئي ٻڌڻ ڪانه ٿي گهري، پر پوءِ راڻي وچن ڏنس ته هڪ رات موٽي وٽس ايندو، تڏهن گهڻي روڄ راڙي کان پوءِ پنهنجي عاشق کي مومل ڏنائين. راڻو زرهه پائي، صمند گهوڙي تي چڙهي، اوجهڙ مان لنگهي، سرنگهه پار ڪري، اچي راجا همير جي ديري تي پهتي، جتي بادشاهه ۽ سندس ٻن وزيرن وڏي خوشيءَ مان هن جي کيڪار ڪئي، ڇاڪاڻ ته هنن کي پڪ ٿي ويئي هئي ته راڻو ضرور انهيءَ سرنگهه ۾ ختم ٿي ويو هوندو ۽ هـُو راڻي کي مـُئو سـَهائي ويٺا هئا. سڀئي هن کان پڇڻ لڳا ته ”تون ڪٿي هئين؟ تون ايترو وقت ڇو ترسي پئين؟ توکي انهيءَ طلسمي محلات جي واٽ هٿ آئي ڇا؟“

راڻي کي بادشاهه جي حسد جو ڊپ ٿيو، انهيءَ ڪري مايوسيءَ واري انداز ۾ جواب ڏنائين ته مون به هارايو. ساري رات انهيءَ نڀاڳي سرنگهه ۾ رلندو رهيس ۽ اجهو هينئر جان ڀچائي اوهان سان اچي مليو آهيان.

شينرو ۽ دُنار هن تي ويساهجي ويا، مگر بادشاهه هن جي ڳالهه تي شڪيو ۽ سمجهيائين ته ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ ته هن جي حالت اهڙي ڪانه هئي، جهڙي شڪست کاڌل ماڻهوءَ جي ٿيندي آهي. آخر بادشاهه پنهنجي ٽنهي وزيرن کي چيو ته ”اسان سڀني بي همت ٿي هارايو آهي ۽ هاڻي اسان کي عمرڪوٽ هلڻ گهرجي، پر انهيءَ ماجرا جي ڪنهن سان به ٻڙڪ ڪڍڻ نه گهرجي، ورنه اسان جي خواريءَ جو ڍنڍورو ساري ديس ۾ شروع ٿي ويندو.“

بادشاهه ۽ سندس ٽيئي ساٿي وزير گهوڙن تي سوار ٿي عمرڪوٽ روانا ٿيا. همير جي دل ۾ راڻي لاءِ بدگماني پيدا ٿي چڪي هئي. شينرو ۽ دُنار پنهنجيءَ هار تي تمام گهڻو پريشان هئا ۽ راڻو بادشاهه جي غصي جي غضب کان ڪافي ڊنو ٿي.

عمرڪوٽ ۾ پهچڻ تي راڻي کي پنهنجي وچن جي يادگيري پيئي، جيڪو هو مومل سان ڪري آيو هو. پوءِ ته روزانو رات جو راڻو پنهنجي هڪ تيز رفتار ڏاچيءَ تي سوار ٿيندو هو، جا کيس ڪلاڪ_ ٻن ۾ عمرڪوٽ کان مومل جي محلات ۾ آڻي پهچائيندي هئي، ۽ پرهه ڦٽڻ کان اڳ مومل کان موڪلائي، سج نڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر پهچي ويندو هو. اهڙيءَ طرح راڻو مومل وٽ ايندو ويندو هو. ٻئي طرف بادشاهه جو ڏمر ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو. نيٺ هن راڻي سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ۽ سوچڻ لڳو ته ڪهڙيءَ ريت راڻي کي تباهه ۽ برباد ڪجي.

آخر هڪ ڏينهن راڻي، بادشاهه سان مخفي ملاقات ڪئي ۽ اهو قبول ڪيائين ته مون اوهان سان ڪوڙ ڳالهايو هو ۽ پوءِ بادشاهه کي رحم جي درخواست ڪيائين. همير پڇيس ته جيڪي توسان ٿي گذريو، اهو سڀ مون کي ٻڌاءِ ته مان توکي معاف ڪري ڇڏيندس. راڻي بادشاهه کي اها ساري حقيقت ٻڌائي ته ڪيئن هو سرنگهه ۽ آلَ بازار مان لنگهي طلسمي نديءَ مان پار اُڪري، تلوار هٿ ۾ کڻي، مومل جي ڪمري ۾ ڌوڪيندو ويو، ۽ پوءِ مومل جي حـُسن جي ساراهه اهڙن زوردار لفظن ۾ ڪيائين جو همير کي، مومل جي ديدار جو شوق اڳي کان به وڌي ويو ۽ راڻي کي سختيءَ سان چيائين ته، ”مان رڳو هڪ واريءَ مومل کي ڏسان، پوءِ آءٌ توتي اڳئين وانگر مهربان رهندس.“

راڻي ٿوري دير ويچار ڪري، ورندي ڏني ته، ”جيڪڏهن توهان بادشاهه جي حيثيت ۾ هلندا ته هوءَ توهان سان شايد ڪانه ملڻ چاهيندي، پر جيڪڏهن توهان ڌنار جي ويس ۾ هلندا ته هن کي شڪ ڪونه پوندو ۽ اهڙيءَ طرح مومل کي چڱيءَ طرح سان ڏسي سگهندوء.“

آخر همير راڻي جي صلاح سان ڌنار جو ويس پائي، بوڇڻ مٿي تي ويڙهي، لٺ هٿ ۾ کڻي، تيز رفتار اٺ تي راڻي سان سوار ٿي ويٺو. ٿوري وقت کان پوءِ مومل جي باغيچي جي ٻاهرئين دروازي وٽ اچي پهتا. راڻو اُٺ جي واڳ وٺي سرنگهه ۽ آل بازار مان لنگهي، ندي پار ڪري اچي مومل جي اڱڻ تي پهتو. همير به ساڻ هوس. هن اُٺ کي اڱڻ تي جهڪايو ۽ اُٺ جي مهار همير کي ڏيئي پاڻ محلات ۾ گهڙي، مٿينءَ ماڙيءَ تي مومل جي ڪمري ۾ لنگهي ويو. مومل پڇيس ته، ”اهو نئون ماڻهو توسان ڪير آهي؟“ جواب ڏنائينس ته ”اسان جو ڌنار آهي.“ تنهن تي مـومـل وراڻـي ڏنـس ته ”ڌنار جو ٻار ۽ رنگ جو اهڙو ڀورو؟“ راڻي

وراڻي ڏني ته ”ٻانهيءَ جو پٽ آهي ۽ اسان جي گهر ۾ نپنو آهي.“ انهيءَ تي مومل کي شڪ پيو ته هي ماڻهو ڌنار ناهي، سو انهيءَ آزمائش لاءِ پنهنجي هڪ مينهن گهرائي، راڻي کي چيائين ته ”ڌنار کي چئو ته هيءَ مينهن ڏُهي وٺي.“ ائين چئي راڻو ۽ پاڻ گڏجي محلات ۾ وڃي آرامي ٿيا.

هوڏانهن همير مينهن کي ته جيئن تيئن ڪري ڏُهي ورتو، مگر هن جي جسم ۾ اچي خارش ٿي ۽ زور سان کير ڏُهڻ سبب سندس هٿن ۾ لڦون پئجي ويون. هو مومل جي حـُسن ۽ راڻي جي خوش نصيبيءَ تي سوچيندي پنهنجي اندر ۾ کامڻ لڳو ۽ راڻي کي نقصان رسائڻ جاپهه پچائڻ لڳو. هينئر هن کي مومل جي محلات ۾ هڪ منٽ به وڌيڪ ترسڻ نٿي وڻيو. راڻي هن جي حسد ۽ بيقراريءَ کي تاڙي ورتو ۽ مومل کان موڪلائي اڱڻ ۾ وڃي بادشاهه کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو،  مگر بادشاهه جي ڪروڌ جي باهه تنهان ئي تيز ٿيندي ويئي. آخر راڻو بيوس بنجي همير سان گڏ موٽي عمرڪوٽ آيو.

عمرڪوٽ پهچڻ شرط همير، راڻي کي کڻي قيد ۾ وجهايو، جتي ست راتيون ۽ ست ڏينهن هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ بند رهيو. اٺين ڏينهن راڻي جي ڀيڻ، جا همير جي سڀني راڻين ۾ حسين هئي، مڙس کي ڀاءُ جي رهائيءَ لاءِ ليلايو. پهريائين ته همير نهڪار ڪئي، پر پوءِ چيائين ته ”سڀاڻي مان راڻي کي هڪ پرولي ڏيندس، جيڪڏهن اها ڀڳائين ته آءٌ کيس آزاد ڪندس، پر جيڪڏهن ٻڌائي نه سگهيو ته ڦاسيءَ تي لٽڪائيندوسانس.“ راڻي جي ڀيڻ پنهنجي مڙس کي انهيءَ خيال تان لاهڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر همير پنهنجي ضد تي قائم رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com