سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻارن لاءِ آکاڻيون

باب: --

صفحو : 7

 بادشاهه جي نصيحت

چيڪوسلواڪيا جي آکاڻي

 

اڄ کان تيرهن سئو سال اڳ جي ڳالهه آهي. يورپ جي اوڀر ۾ هڪ وڏي حڪومت هئي. انهيءَ ۾ موراويه، ٻوهيميه ۽ سلواڪيا جا ملڪ هئا. انهن ملڪن تي جيڪو بادشاهه حڪومت ڪندو هو، ان جو نالو ”سوائو پولڪ“ هو. اهو بادشاهه ڏاڍو سياڻو ۽ بهادر هوندو هو. اهو هن جي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هو، جو هو انهن ملڪن تي حڪومت ڪندو هو. جڏهن بادشاهه پوڙهو ٿي ويو ۽ بيمار رهڻ لڳو، تڏهن هن کي اچي ڳڻتي ٿي ته مون کان پوءِ هيڏي ساري ملڪ کي ڪير سنڀاليندو! هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي ٽنهي پٽن کي پاڻ وٽ سڏايو. ٽيئي اچي هن جي بستري وٽ بيٺا. بادشاهه هنن کي چيو  ”پُٽ! آءٌ هاڻي ڏاڍو پوڙهو ۽ ڪمزور ٿي ويو آهيان ۽ ڪن ڏينهن جو مهمان آهيان. مون وڏي ڪوشش ۽ محنت سان هيءَ حڪومت قائم ڪئي آهي. هاڻي اهو وقت تمام ويجهو اچي ويو آهي، جو اوهان کي اها حڪومت سنڀالڻي پوندي. هن حڪومت جا دشمن به گهڻا اَٿوَ، جن جون نظرون هر وقت ان ۾ لڳل آهن. توهان جو هاڻي فرض آهي ته هن حڪومت کي دشمنن کان بچايو ۽ قائم رکندا اچو!“

ائين چئي بادشاهه هڪڙي پوڙهي نوڪر کي پاڻ ڏانهن سڏي، هن جي ڪَن ۾ ڪي چيو. نوڪر بادشاهه جي ڳالهه ٻڌي، اتان هليو ويو ۽ ٿوريءَ دير ۾ ئي سنهيون ۽ ڊگهيون ڪاٺيون کڻي آيو. بادشاهه جا پٽ اهي ڪاٺيون ڏسي ڊڄي ويا، ڇو ته ننڍپڻ ۾ جڏهن اهي ڪا حرڪت ڪندا هئا ته بادشاهه اهڙن لڪڻن سان هنن کي ماريندو هو.

بادشاهه پٽن ڏانهن ڏسي کليو ۽ چوڻ لڳو: ”توهين هنن ڪاٺين کي چڱيءَ طرح سڃاڻو ٿا. ڏسو هي ڪاٺيون ڪيتريون نه سنهيون آهن. اوهان مان هر هڪ هنن ڪاٺين کي سولائيءَ سان ڀڃي سگهي ٿو.“ پوءِ بادشاهه اهي ڪاٺيون نوڪر کي ڏنيون ۽ چيائين ته ”ٽيئي ڪاٺيون گڏي ٻڌي اچ.“ نوڪر ٽنهي ڪاٺين کي گڏي هڪ مضبوط رسيءَ سان ڇڪي ٻڌو. هاڻي اهي ٽيئي ڪاٺيون گڏجي هڪ ڪاٺي ڏسڻ ۾ آئي. اتي بادشاهه پٽن کي چيو ”مون کي اوهان ٽنهي جي ڏاڍي ڳڻتي آهي. اوهين پاڻ ۾ سدائين وڙهندا رهندا آهيو ۽ هاڻي به جيڪڏهن اوهين وڙهندا رهندو ته پوءِ هي ملڪ اوهان جي هٿن مان نڪري ويندو، پر جيڪڏهن اوهين ٽئي گڏجي رهندؤ ته پوءِ هيءُ ملڪ به مضبوط ۽ فاتح رهندو.“

ائين چئي بادشاهه ڪاٺيون نوڪر جي هٿ مان وٺي پنهنجن پٽن کي ڏيندي چيو ته ”اوهان مان هر هڪ هنن گڏيل ڪاٺين کي ڀڃي ڏيکاري!“

ٽنهي پٽن ڪاٺين کي ڀڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر اهي ڀڄي نه سگهيون. بادشاهه چيو: ”ڏٺوَ اها اَٿوَ ايڪي جي طاقت! جيڪڏهن اوهين به ٽيئي گڏجي هڪ ٿي رهندؤ ته اوهان کي ڪوبه نقصان نه ٿيندو.“

وري بادشاهه نوڪر کي چيوِ ”رسي کولي ڪاٺيون جدا جدا ڪر.“ نوڪر ٿوريءَ دير ۾ ٽيئي ڪاٺيون کولي جدا جدا ڪيون. بادشاهه هرهڪ پٽ کي هڪ هڪ ڪاٺي ڏني ۽ چيو: ”هاڻي ان کي ڀڃي ڏيکاريو.“

ٽنهي پٽن پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڪاٺيءَ کي ڏاڍي سولائيءَ سان ڀڃي ٻه ٽڪر ڪيو. بادشاهه اهو ڏسي چين: ”ڏسو، اهو اٿوَ ڦوٽ جو نتيجو! جيڪڏهن اوهان گڏجي حڪومت نه هلائي، پاڻ ۾ پيار محبت نه ڪيوَ، ته اوهين اڪيلا ٿي پوندؤ ۽ دشمن اوهان کي ختم ڪري ڇڏيندو. منهنجي نصيحت ياد رکو: پاڻ ۾ ڪڏهن به نه وڙهجو. سدائين هڪ ٿي دشمن کي منهن ڏجو. پوءِ ڪابه طاقت اوهان کي نقصان نه پهچائي سگهندي. سدائين انصاف، رحمدلي ۽ سخاوت سان حڪومت ڪجو. اوهان جو ملڪ سلامت رهندو. پوءِ نه ملڪ ۾ ڦيٽاڙو پوندو ۽ نه وري ٻاهرئين دشمن کي اوهان تي حملو ڪرڻ جي همت ٿيندي.“

ٿورن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه مري ويو ۽ هن جي ٽنهي پٽن کي حڪومت سنڀالڻي پئي. پر هنن پنهنجي پيءُ جي نصيحت وساري ڇڏي ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. اهو حال ڏسي، هنن جي دشمنن کي وجهه ملي ويو. هنن هڪ هڪ ڪري ٽنهي ڀائرن کي ماري، هنن جي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو. بادشاهه سوائو پالڪ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان جيڪا هيڏي وڏي حڪومت ٺاهي هئي، اها ڌارين جي هٿ اچي ويئي ۽ ڦوٽ جو نتيجو بربادي ٿي.

 

 جادوءَ جو تعويذ

ڊينمارڪ جي آکاڻي

 

ڪنهن ملڪ ۾ هڪڙو شهزادو رهندو هو. هن هڪڙي شهزاديءَ سان شادي ڪئي. ٻيئي ڏاڍا خوش هئا ۽ سڄي ملڪ ۾ هنن جي شادي جي خوشيءَ ۾ جشن پئي ٿيا. پر رکي رکي ٻنهي کي هڪڙي خيال پئي ستايو ۽ اُهو هيءُ ته شاديءَ کان پوءِ جيڪي خوشيون اسان کي نصيب ٿيون آهن، اُهي سدائين هجن. هنن جي دل ۾ هر هر خيال ٿي آيو ته جيڪر اهڙو تعويذ ملي جنهن جي ڪري اسان جون خوشيون ختم نه ٿي سگهن.

انهيءَ ملڪ ۾ هڪڙو جهنگ هو، جنهن ۾ هڪ ڏاڍو سياڻو ۽ عقلمند ماڻهو به رهندو هو. انهيءَ ماڻهو جي عقلمنديءَ ۽ سياڻپ هر هنڌ مشهور هئي. شهزادي ۽ شهزاديءَ نيٺ سوچيو ته ڇو نه انهيءَ سياڻي شخص سان صلاح ڪئي وڃي، تنهنڪري ٻيئي هن وٽ ويا ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌايائونس. سياڻي شخص سندن ڳالهه ٻڌي کين صلاح ڏني ته ”اوهين ٻئي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃو ۽ اتي اهڙي زال مڙس کي ڳولي لهو، جيڪي هر ڳالهه ۾ خوش ۽ آسودا هجن. پوءِ هنن کان اهڙي ڪپڙي جي گهرُ ڪريو، جيڪو هو پنهنجي ڪپڙن هيٺا پائيندا هجن؛ جهڙوڪ بنيان يا ٻيو ڪو اهڙو ڪپڙو. اوهان کي جڏهن اهڙو ڪپڙو ملي وڃي ته پوءِ اهو سدائين پائيندا رهو. انهيءَ جي ڪري اوهين ٻيئي به سدائين خوش رهندو.“

سياڻي جي صلاح ٻڌي شهزادو ۽ شهزادي اهڙي زال مڙس جي ڳولا ۾ نڪتا، جيڪي سدائين خوش رهندا هجن. هڪڙي هنڌ هنن کي هڪ اهڙي سردار جو ڏس مليو، جيڪو پنهنجيءَ زال سان گڏ ورهين کان ڏاڍي خوش زندگي گذاري رهيو هو. ٻيئي ان سردار وٽ ويا ۽ هن کان پڇڻ لڳا، ”ڇا اوهين زال مڙس سچ پچ خوش ۽ آسودا آهيو؟“

سردار چيو: ”هائو، اسين بلڪل خوش ۽ آرام سان رهون ٿا. البت هڪڙي ڪسر رهجي وئي آهي ۽ اُها هيءَ ته اسان کي ڪوبه اولاد ڪونهي.“

شهزادو ۽ شهزادي اهو جواب ٻڌي افسوس ڪرڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته سردار ۽ سندس زال ڪنهن به حالت ۾ خوش ۽ آسودا نه هئا. لاچار ٻيئي پنهنجي ڳولا ۾ اڳتي ويا. هاڻي هو هڪ ٻئي ملڪ ۾ پهتا. اتي هنن کي خبر پئي ته هتي هڪ اهڙو، ماڻهو رهي ٿو جنهن جي زندگي خوشين سان ڀرپور آهي ۽ جنهن کي ڪابه ڳڻتي ۽ فڪر ڪونهي. اهو ٻڌي ٻيئي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ سان وڃي مليا. شهزادي ۽ شهزاديءَ انهيءَ شخص کان سندس خوشيءَ جو سبب پڇيو ته هن چيِو ”آءٌ ۽ منهنجي زال هڪٻئي کان ڏاڍا خوش آهيون. رڳو هڪڙي ڳالهه آهي ته اسان کي ٻار گهڻا آهن. جيڪڏهن اسان کي ايترا سارا ٻار نه هجن ها ته اسان جي خوشيءَ ۽ آرام جو ڪو ڪاٿو ئي نه هجي ها.“

اهو ٻڌي شهزادي ۽ شهزاديءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ ته سچي خوشي هتي به نه هئي. وري هو هڪ ٻئي ملڪ ۾ ويا ۽ ڳولا ڪندا رهيا، پر کين ڪوبه اهڙو زال مڙس نه مليا، جيڪي هر حال ۾ خوش ۽ آسودا هجن. هڪڙي ڏينهن هو ٻيئي هڪڙي ٻنيءَ جي ڀرسان پئي ويا. رستي ۾ هنن ڏٺو ته هڪڙو چارڻ هڪ طرف ويٺو مزي سان بنسري وڄائي. ايتري ۾ هڪڙي مائي جنهن جي ڪڇ تي ٻار هو. آئي. چارڻ ٻار کي ڏسي پنهنجيءَ ڪڇ ۾ کنيو ۽ هن کي پيار ڪرڻ لڳو. عورت وري ڇا ڪيو جو هڪڙو ڪپڙو وڇائي، ان تي ماني رکي ۽ چارڻ کي سڏ ڪيائين. چارڻ آيو ۽ مانيءَ مان ٽڪر ڀڃي هن پهرين ٻار کي کارايو ۽ ٻيو ٽڪر پنهنجي ڪتي کي ڏنو. ان کان پوءِ هو پاڻ ماني کائڻ لڳو. شهزادي ۽ شهزاديءَ اهوسڀ ڪجهه پريان بيٺي ڏٺو. هنن کي پڪ ٿي ته اهو چارڻ ۽ سندس زال خوش ۽ آسودا آهن. ٻيئي هنن ڏانهن ويا ۽ پڇيائون: ”ڇا اوهين ٻيئي سچ پچ خوش ۽ آسودا آهيو؟“ چارڻ جواب ڏنو ”الله جي مهرباني آهي. اسين ٻيئي ڏاڍا خوش آهيون. اسان جهڙي خوشين ڀري زندگي ته بادشاهن کي به نصيب نه هوندي.“ اهو ٻڌي شهزادي چارڻ کي چيو: ”ادا چارڻ! تون اسان تي هڪڙي مهرباني ڪر. تون پنهنجي بنيان يا ٻئي اهڙي ڪپڙي جو هڪڙو ٽڪرو اسان کي ڏي. اسين توکي انهيءَ جي بدران گهڻو انعام ڏينداسون.“

چارڻ جواب ڏنو ته ”هڪڙو ٽڪرو ته ڇا پر آءٌ سڄي بنيان اوهان کي ڏيئي ڇڏيان. پر اسان زال مڙس وٽ ٻيو ڪوبه ڪپڙو پائڻ لاءِ ڪونهي.“

اهو ٻڌي شهزادو ۽ شهزادي اتان هليا ويا. هاڻي ته هنن کي پڪ ٿي ويئي ته جنهن شيءِ جي ڳولا ۾ هنن هيترا سارا ملڪ گهميا، اها هنن کي ڪٿي به ملي نه سگهندي. تنهنڪري هنن صلاح ڪئي ته هاڻي گهر ڏانهن موٽي هلجي. گهر ڏانهن ايندي جڏهن ٻيئي ان سياڻي ماڻهوءَ جي لانڍيءَ وٽان لنگهيا ته ساڻس وڃي مليا ۽ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائونس ۽ ڪاوڙجي چيائونس ”تو اسان کي اهڙي شيءِ ٻڌائي جيڪا سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ملي نه سگهندي.“

اهو ٻڌي سياڻو شخص کلڻ لڳو ۽ چيائين ”اوهين سمجهو ٿا ته اوهان جيڪو هيڏو سفر ڪيو آهي، اهو اجايو ويو ڇا، اوهان کي انهيءَ سفر مان ڪوبه سبق نه مليو؟“

شهزادي چيو: ”هائو، مون کي ان ڳالهه جي خبر پئجي ويئي ته سچي خوشي ۽ آرام هن دنيا ۾ ڪٿي به ڪونهي.“

شهزادي چوڻ لڳي ”مون وري هيءُ سبق سکيوآهي ته سچي خوشي ۽ آرام رڳو اهڙيءَ طرح ملي سگهندو ته ماڻهو هر حالت ۾ خوش رهي.“

سياڻي شخص هنن کي دعائون ڪندي چيو ته ”سچي خوشيءَ ۽ آرام جو تعويذ ته اوهان جي دل ۾ آهي. انهيءَ جي حفاظت ڪريو. ڪوبه ڏک ۽ ڳڻتي اوهان جي ويجهو نه ايندي ۽ اوهين سدائين خوش رهندؤ.“

  

  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com