سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ڌرتيءَ تارا

 

صفحو : 7

اچو اي ساٿيو

 

اچو اي ساٿيو!

ڳايون وطن جا ڳيچ سانوڻ ۾

گلن سرهاڻ ڦيرائي دليون سرهيون ڪيون آهن.

ٺري اکيون پيون آهن.

رنگيلا پر ڪڍي پوپٽ گلن تي ڏين ٿا ڦيرا،

ته

ٻهڪڻ ٿو لڳي

هي ديس مارن جو،

سنگهارن جو،

پنهوارن جو،

ڌنارن جو،

پٽن پوشاڪ پهري آ،

سائي سائي

ڏسون ٿا ڏينهن سُرميلا

وسن ٿا وڏ ڦڙا هن پاڪ ڌرتيءَ تي،

ٿڌو ٿر ٿي پوي ٿو منهنجي مارن جو

هڻي چهبڪ ٿي بجلي بادلن کي جي ته

روئن ٿا.

۽

ڪڙڪن ٿا

چمن ۾ ٿا چتون چهڪن

ڪري ٿي ”ڀيروين“ بلبل

قصيدا ٿي پڙهي ڪوئل

۽

چيها چهنب کولي ٿا عجب ڪن لاتيون ”بزمي“

اچ اي ساٿيو

ڳايون وطن جا ڳيچ سانوڻ ۾

 

******

 

” ’گل ڦل‘ آگسٽ1985ع“

 

لولي

سمهي پؤ تون پٽڙا! ته لولي ڏيانءِ،

جگر جا ٽڪر گهورجي مان وڃانءِ.

 

کلين ٿو ته منهنجي ٿي قسمت کلي،

ابل! روشني ٿي اکين کي ملي،

نه روئڻ مان راڻا! ڏسي ٿي سگهانءِ.

 

لڳي شل نه توکي ڪا ڪوسي هوا،

هجي توتي رحمت جو سايو سدا،

چڱائيءَ جي ڪا پوک تون پوکجانءِ.

 

پنهل!  تنهنجو پينگهو ٿي لوڏي ٺران،

ڍڪي تاج سر تي نڪرندين گهران،

پيل پٽ جي پوشاڪ شل مان ڏسانءِ.

 

ابو ڏاڏو پنهنجو ملهائيندين شل،

نه تون لوءِ پنهنجي لڄائيندين شل،

ڏياٽيون کڻي راهه روشن ڪجانءِ.

 

ڀلائيءَ جو ڀاڙو ڌڻي ٿو ڏئي،

برائيءَ مان حاصل نٿو ڪجھ ٿئي،

ٿڌيءَ دل سان ويهي اهو سوچجانءِ.

 

خدا ڏينهن توکي وڏا شل ڏئي،

هزارين ورهيه عمر تنهنجي ٿئي،

وطن جو تون ”بزمي“ محافظ ٿجانءِ.

 

******

 

سنڌي ٻولي

 

سنڌي ٻولي زنده باد،

سنڌي ماڻهو زنده باد.

 

سنڌي ٻولي دل جي اور،               سنڌي ماڻهو مٺڙا مور،
سنڌي ٻولي سنڌو ڌارا،                        سنڌي ماڻهو نالي وارا،
سنڌي ٻولي مينگهه ملهار،           سنڌي ماڻهو باغ بهار،
سنڌ ٻولي لوئيءَ لاک،                 سنڌي ماڻهو سچ جي ساک،
سنڌي ٻولي ٿڌڙو ٿانءُ،                        سنڌ ماڻهو مٺڙو نانءُ،
سنڌي ٻولي هوشوءَ هوڏ،                       سنڌي ماڻهو لک جي لوڏ،
سنڌي ٻولي وايون بيت،                       سنڌي ماڻهو ساوا کيت،
سنڌي ٻولي چوڏهينءَ چنڊ،            سنڌي ماڻهو کير ۽ کنڊ،
سنڌي ٻولي جيجل ماءُ،                       سنڌي ماڻهو سڀڪو ڀاءُ،
سنڌي ٻولي جڳ جي سونهن،                سنڌي ماڻهو جڳ جي سونهن،
سنڌي ٻولي مٺڙي لات،                       سنڌي ماڻهو ڏات ئي ڏات،
سنڌي ٻولي بڙ جي ڇانءَ،                     سنڌي ماڻهو سياڻا ڪانءَ،
سنڌي ٻولي ڳڻ ۽ ڳوت،                      سنڌي ماڻهو ”بزمي“ هوت.

 

سنڌي ٻولي زنده باد،

سنڌي ماڻهو زنده باد.

 

*****

 

”’گل ڦل‘ جون 1984ع“

 

سنڌڙي

 

 

تنهنجي سينڌ سجايان سنڌڙي،

سهرا تنهنجا ڳايان سنڌڙي،

 

ڳالهيون تنهنجون ڳائڻ جهڙيون،

هارن وانگر پائڻ جهڙيون،

ٻين کي ڇو نه ٻڌايان سنڌڙي.

 

خوبين کان تون ناهين خالي،

تنهنجي آهي سونهن نرالي،

ڳل سان توکي لايان سنڌڙي.

 

اجرو اجرو تنهنجو پاڻي،

تو ۾ مرڪي سنڌو راڻي،

هر سک ٿو  مان ڀانيان سنڌڙي.

 

جيجل توتان ساهه ڇڏيندس،

تنهنجي خاطر صدقي ٿيندس،

سر ڇو پيارو ڀانيان سنڌڙي.

 

سنڌڙي تنهنجيون پوکون سايون،

ڇونه آلاپيان شاهه جون وايون،

ڇيريون ٿو ڇمڪايان سنڌڙي.

 

باغن مان سرهاڻ اچي ٿي،

بلبل گلڙن لاءِ نچي ٿي،

ان کي ڇو ڦاسايان سنڌڙي.

 

”بزمي“ آهي تنهنجو پياري

سون جيان آ تنهنجي واري،

ساهه هتي سرچايان سنڌڙي.

 

***********

 

 

”’گل ڦل‘ آڪٽوبر 1982ع“

 

منهنجي پياري امڙ

 

منهنجي مٺڙي امڙ، منهنجي پياري امڙ،

آهين سون سچو تون ساري امڙ!

 

تنهنجي پاڇن هيٺان پلجان ٿو،

تنهنجو ٻالڪڙو مان سڏجان ٿو،

تنهنجي ٻولي آهي ٻاجھاري امڙ.

منهنجي پياري امڙ.

 

منهنجي لاءِ سهين ٿي سور سوين،

ته به مون ڏي ڏسي ٿي مرڪي پوين،

ڪائي تو نه ڪئي بيزاري امڙ.

منهنجي پياري امڙ.

 

مون کي لوليون ڏئي آرام ڏنئه،

مون کي پيار ڀريا پيغام ڏنئه،

پنهنجو فيض ڪيو تو جاري امڙ.

منهنجي پياري امڙ.

 

مون کي جيئڻ جي تو جوت ڏني،

منهنجو تحفو وتو تو رب کان پني،

منهنجي سگهڙ سچي سوڀاري امڙ.

منهنجي پياري امڙ.

 

******

 

” ’گل ڦل‘ اپريل 1978ع“


 

سچ کي سلام

 

 

سچ کي سلام آهي،

سچ کي سلام آهي.

 

سچ جوت آ جهان جي، سچ سونهن آ زبان جي،

سچ آ يقين محڪم، سچ ساک آسمان جي،

سچ ٻيءَ طرح زمين جو ماه تمام آهي،

سچ کي سلام آهي.

 

سچ اعتماد آهي، سچ هڪ جهاد آهي،

سچ ۾ آ هر فضيلت، سچ زنده باد آهي،

روز ازل کان سچ جو ٿيو احترام آهي،

سچ کي سلام آهي.

 

سچ آ خدا جي نعمت، انسان تي آ رحمت،

ڪنهن کي نصيب ٿي شل آ پنهنجي پنهنجي قسمت،

ڪوڙي جي زندگي ٿي ويندي حرام آهي،

سچ کي سلام آهي.

 

سچ آ سچي جو ساٿي، سچ ڳالهه آ پراڻي،

سمجھي سگهي ٿو سڀڪو هيءَ ڇا ڪجي ڪهاڻي،

زم زم جي آب جو سچ شيرين جام آهي.

سچ کي سلام آهي.

 

سچ واٽ ٿو وٺائي، منزل تي ٿو رسائي،

سچ آ شفاف شيشو منهن ڪونه ٿو لڪائي،

سچ کي خدا جو ”بزمي“ پيارو ڪلام آهي،

سچ کي سلام آهي.

 

*******

 

” ’گل ڦل‘ جون 1986ع“

 

يتيم ٻار

ظلم جو زور هو،

رات ڪاري هئي،

رب جي نانءَ تي ڀروسو ڪونه هو.

ماڻهو ماڻهو نه هو.

ڄڻ ته حيوان هو

پنهنجي انگن ڍڪڻ جو نه دستور هو.

ڪو حيا ڪونه هو

ڪا حليمت ڪونه هئي،

شرم جو ڏس پتو ڪو ڪٿي ڪونه هو.

بي حيائي هئي

هر طرف بس!  برائي هئي،

ڪابه مادر نه مادر هئي

سر مٿان ڪانه ڪنهن کي به چادر هئي،

ڀيڻ جو ڀاءُ کي ڪونه احساس هو

جانور جانور جهنگ ۾ پئي رهيا

ڪانه بستي هئي

شهر ڪوئي نه هو

لاٽ انسان نيت جي روشن نه هئي.

سوچ جو سلسلو ڪنهن مغز ۾ ڪونه هو،

لفظ ڪنهن کي، اچارڻ به آيا نه ٿي،

خالي چيخون هيون،

خالي دانهون هيون،

باقي سمجھڻ سڻڻ جي نه ڪا ڳالھ هئي،

 

نيٺ چوڏهن صديون کن اڳي،

گل ڦٽو خوبصورت ڪو صحرا

جي ميدان ۾

نور ڦاٽي اٿيون

۽ سموري جهان ۾ ڦهلجي ويو،

جلوا جاڳي پيا

جذبا جاڳي پيا

ماڻهو ”ماڻهو “ ٿيو،

انگ ڍڪجڻ لڳا

ماءُ ٿي ”ماءُ“ وئي

مسجدن ڪر کنيا

پنج ڀيرا نمازن جو دستور ٿيو

ٽيهه روزا مليا.

سنتن جي وسيلي دليون ڌوپجي

نيلوفر گل جيان ٿي توانيون پيون

نعرو منبر تان الله اڪبر لڳو،

حمد ڳائڻ لڳيون بلبليون ڪوئلون،

بي زبانن کي ويئي زبان ڄڻ ملي

ڪنڌ ڦيرائي انسانيت هي ڏٺو،

رنگ و بو جهان

ڪير هو؟

جنهن ڏنا سچ جا ڪي سبق

ڪنهن جي آئي ٿيا چوڏهن ئي روشن طبق.

هي يتيم ٻار هو

نانءُ جنهن جو محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم ٿا ٻڌندا اچون،

اڄ به ساڳي سخا

اڄ به ساڳيو اثر

جيستائين آ قائم ”بزمي“ جهان

تيستائين اهو نانءُ دلين جي هوندو شفا.

 

*********

 

 

 

” ’گل ڦل‘ جنوري 1981ع“

 

ٿو آءٌ ڏسان

 

ٻهه ٻهه ڪنديون ٻڪريون ڏسان،

پوٺا ڏسان ٽڪريون ڏسان،

مان نٿ ڏسان نسبيون ڏسان،

يا چوڙيون وٺبيون ڏسان،

جھومڪ ڏسان جھانجھر ڏسان

يا بولو ڪو بئنر ڏسان،

مان هر ڏسان هاري ڏسان،

ڇا ڇا مان چؤڌاري ڏسان،

واڙا ڏسان واڙيون ڏسان،

يا محل ۽ ماڙيون ڏسان،

مانڌاڻين جا مک ڏسان،

ڏاڏي ابي جا ڪک ڏسان،

مان وڻ ڏسان پاڇا ڏسان،

ٻن اکين سان ڇا ڇا ڏسان؟

سنڌو ڏسان لهرون ڏسان،

وهنديون ڪٿي بادل ڏسان،

بوندون ڏسان لهرون ڏسان،

ڪٻريون ڏسان ڪانگل ڏسان،

دادو ڏسان هالا ڏسان،

يا ”سکر“ جا چالا ڏسان،

اجرڪ ڏسان لنگيون ڏسان،

جھانگين جون يا جھڳيون ڏسان،

اي سنڌڙي مان ڇا ڇا ڏسان؟

 

*****

 

 

” ’گل ڦل‘ مئي 1982ع“

 

آزادي

 

آزاديءَ جي ڳالھ ڪجي ڇا،           آزادي آ ڀٽ جو ميلو،
آزادي آ روح جي راڻي،        آزادي آ مست قلندر،
آزادي آ ساهه سيباڻي،         آزادي آ ڇير جو ڇمڪو،
آزادي آ عيد جو اعلان،        آزادي آ لئه بينن جي،
آزادي آ درد جو درمان،         آزادي آ عشق جي منزل،
آزادي جون راهون سهڻيون،    آزاديءَ جو  مٺڙو نالو،
آزادي جا رستا سهڻا،          مصريءَ جهڙو ماکيءَ جهڙو،
آزادي جا ماڳ پيارا،           آزادي آ سوني پتلي،
آزادي جا راڳ رسيلا،         آزادي آ پٽ جي گڏڙي،
آزادي  آ رب جو تحفو،                آزادي آ صبح جو ليئو،
آزادي آ اُجري قسمت،         آزادي آ هاريءَ هونگر،
آزادي آپٽ جو ڳانو،           آزادي آ نور نسورو،
آزادي آ ڏاٽو ڪوڏر،            آزادي جي ڳالهه ڪجي ڇا!
آزادي آ مکڻ سان ماني،              آزادي آ سنڌوءَ ڇولي،
آزادي جي ڳالهه ڪجي ڇا!   آزادي آ مٺڙي لولي.

 

 

******

 

 

” ’گل ڦل‘ آگسٽ 1983ع“

سنگتي شڪارپور

 

کلندا وتو ڪڏندا وتو

 

گلن جهڙا ٻارڙو! کلندا وتو ڪڏندا وتو،

شاهه زاد بڻجي پنهنجي شان سان گهمندا وتو،

ڪڏندا وتو.

سوچ ۽ سچ جا ڀري ڀنڊار دلين ۾ رکو،

ادب ۽ اخلاق جا انوار دلين ۾ رکو،

علم جي لاهن تي ادڙو! لڙڪندا وتو.

ڪڏندا وتو.

ملڪ ۽ ملت اوهان جي لاءِ آهن منتظر،

آس پالي ٿي اوهان جي لاءِ هرڪائي نظر،

نيڪين جي راهه تي ڀڄندا وتو ڊڪندا وتو.

ڪڏندا وتو.

 

شينهن جي هڪ ڏينهن جي ڀي زندگي آ بهترين،

ٻيءَ طرح ڪهڙو گذارو گدڙ جو برزمين،

نونهالو! هونهارو! اوج لئه اٿندا وتو.

ڪڏندا وتو.

 

قوم جي ميراث جا اي وارثو، اي مالڪو،

ٻاٽ ۾ ڪا لاٽ ٻاري پوءِ ٻهڪو ٻالڪو،

هڪ ٻئي کان منزلن جي رهگذر پڇندا وتو.

ڪڏندا وتو.

 

پٽ تي پئجي پئجي آخر رنگ ڪهڙو لائبو،

جانفشانيءَ سان ئي مقصد دل جو ٻارو! پائبو،

چنڊ کي، تارن کي پنهنجي هٿن سان ڇهندا وتو،

ڪڏندا وتو.

 

سرحدون هن پاڪ ڌرتيءَ جون اوهان ڏي ٿيون تڪن،

ڳل ڏسي ڳاڙها اوهان جا پوءِ ٿيون مرڪي پون،

پنهنجي جذبن کي وڌائي، سون  ‎۾ ترندا وتو،

ڪڏندا وتو.

 

مائرن جي، امڙيُن جي مدعا آهيو اوهين،

ڀينرن جي آرزو جي انتها آهيو اوهين،

ٿر جي ٿڌڙي هير وانگر تن مٿان گهلندا وتو،

ڪڏندا وتو.

 

وير ۽ ويڇا وساري پاڻ ۾ گڏجي وڃو،

سينا سينن سان ملائي ٻهڳڻو! ٻکجي وڃو،

ٽُٽَل دلين کي سڪ سان سورهيو! سبندا هلو،

ڪڏندا وتو.

 

ساهه جي سوغات آهي هي سدوري سنڌڙي،

ننڍڙا اي دوستو! هي ءَ سنڌڙي آ جندڙي،

شل جيئي جيئندي رهي ههڙي دعا گهرندا وتو،

ڪڏندا وتو.

 

شل هجو آباد ٻارو! شل هجو باغ و بهار،

ٻي دعا ڪهڙي ڏئي آخر ڀلا ”بزمي نثار“،

ٻارڙو انسانيت جي پوئتا ڀڄندا وتو،

ڪڏندا وتو.

 

” ’گل ڦل‘ آگسٽ“”1976ع“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com