سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ڌرتيءَ تارا

 

صفحو : 5

سدا جيئي

پنهنجي ڌرتي، پنهنجو شان،

جيئي منهنجو پاڪستان،

سدا جيئي پاڪستان.

 

پاڪ وطن آ جنت جھڙو،

ڏيهه نه هوندو ڪوئي اهڙو،

منهنجو آهي هي اعلان،

سدا جيئي پاڪستان.

 

کوٽ نه کائڻ پيئڻ جي آ،

جھوري سڀ کي جيئڻ جي آ،

مانُ لهي ٿو هت مهمان،

سدا جيئي پاڪستان.

 

سائي سهڻي ڌرتي منهنجي،

پرور کي آ پرتي منهنجي،

ڳايان ويٺو ٿو احسان،

سدا جيئي پاڪستان.

 

چاليهه سال حياتي ماڻي،

پنهنجن پيرن تي آ هاڻي،

پورو ٿي ويو هر ارمان،

سدا جيئي پاڪستان.

 

هر دل ۾ هت پيار پلي ٿو،

چاهت جو واپار هلي ٿو،

ڪنهن کي ناهي ڪو نقصان،

سدا جيئي پاڪستان.

 

چئن گلن جو گل دستو آ،

سهڻو سائو سر بستو آ،

”بزميءَ“ جو آ من مستان،

سدا جيئي پاڪستان.

 

*********

 

چاچي ڀائيٽي جي ڳالهه ٻولهه

اسين آهيون ٻالڪ

ته ڇا ٿي پيو

وڏا ٿي اسان ڪي

وڏا ڪم ڪنداسين.

اسان پنهنجي تاريخ

چانديءَ جي ورقن تي

لعلن جواهرن جي لفظن سان

ٺاهي لکي

پوءِ پونين کي

تحفي ۾ ڏيئي ڇڏينداسين

چاچا دلاور!

اسين آهيون ٻالڪ

وڏا ٿي اسان دودا دولهه

ٿينداسين

سپاهي ٿي

وطن جا سپاهي ٿي

پنهنجي وطن جي حفاظت ڪنداسين

اسان پنهنجي ڌرتيءَ کي کيڙي

پو خوشحال ٿينداسين

دولت ۽ عزت کي ميڙي

مالا مال ٿي

رب جا احسان ڳائي

پيا مرڪنداسين

او چاچا دلاور!

رڳو تون دعا ڪر،

رڳو تون دعا ڪر.

******

 

”’گل ڦل‘ جون 1989ع“

 


 

اعلان

 

اسلام جو هر جاءِ  تي اعلان ڪنداسين،

هن راه ۾ سر ساهه کي قربان ڪنداسين.

 

شهزور ۽ شهباز اسين اڳ ۾ آهيون،

آئي جو مٿان مهل ته ميدان ڪنداسين.

 

الله جي رحمت جو سهارو آ اسان کي،

دردن جو اسين پاڻ ئي درمان ڪنداسين.

 

هن ديس جي ڌرتيءَ سان محبت آ اسان کي،

مرنداسين مگر ان جو مٿي مان ڪنداسين.

 

عظمت آ محمد جي غلامن جي نرالي،

ڪافر کي سبق ڏيئي مسلمان ڪنداسين.

 

ناموس وطن لاءِ اسين ڇا نه ڪنداسين،

حرفت سان حريفن کي حيران ڪنداسين.

 

مشڪل يا مصيبت کان اسين ڪونه ڊڄون ٿا،

مشڪل کي اسين عزم سان آسان ڪنداسين،

 

محنت سان ملي مان ٿو انسان کي ”بزمي“،

همت سان اسين بر کي بستان ڪنداسين.

 

”’گل ڦل‘ جنوري 1986“

 

ٻه رنگ

پيءُ ڪنهن کي ٿا ڄمن جھونجهار پٽ،

ڪنهن ويچاري جا وري بيڪار پٽ،

 

پنهنجي پنهنجي ڀاڳ جي هيءَ ڳالهه آ،

ڪي ٿين زردار پٽ ۽ ڪي ٿين نادار پٽ.

 

هڪڙا پٽ روشن رکن ٿا خاندان،

ڪي وري بڇڙا، برا، بدڪار پٽ،

 

پيءُ جون ٻنيون کپائي جي ڇڏن،

لعنتن جا سي ٿين حقدار پٽ.

 

جيڪي رستن تي رلي پنندا وتن،

شل نه ڪنهن جا هي هجن پينار پٽ،

 

پٽ اُهي جي پيءُ جي فرمان ۾،

ڪهڙا پٽ جيڪي هجن مردار پٽ،

 

بدفضيلت، بي ادب ڪهڙا ٻچا،

شل ڄمن ڪي هار مڻيادار پٽ،

 

صاف دل، صالح، سدورا شل ڄمن،

اهڙا شل جيئندا وتن سردار پٽ،

 

عاق ناما جي لکائن پيءُ کي،

ٿين پيا ”بزمي“ سي بد ڪردار پٽ.

****

” ’گل ڦل‘ اپريل 1986ع“

 

ٻارن ۾ آ ساهه

منهنجو ٻارن ۾ آ ساهه پيل،

مان گيت انهن لئه ڇو نه لکان.

 

هي ٻار گلن جا هار اٿئي،

اي دوست! اهي سينگار اٿئي،

هي ننڍڙا نه پر جهونجهار اٿئي،

منهنجي ڪوڙيءَ جا هي وار اٿئي،

مان ڇو نه انهن تان صدقي وڃان،

مان گيت انهن لئه ڇو نه لکان.

 

پنهنجي ملڪ جو مانُ وڌائيندا،

ويهي پاڻ ۾ قرب ڪمائيندا،

پنهنجي ٻيڙي ڪناري لڳائيندا،

پنهنجي چاهت کي چمڪائيندا،

اهڙي آس ڀلا مان ڇو نه رکان،

مان گيت انهن لئه ڇو نه لکان.

 

پنهنجي قوم جي خدمت ڇو نه ڪندا،

پنهنجي ظاهر عظمت ڇو نه ڪندا،

پنهنجي روشن قسمت ڇو نه ڪندا،

اهڙي حاصل رحمت ڇو نه ڪندا،

تن کي هر هر ٿو مان دعائون ڏيان،

مان گيت انهن لئه ڇو نه لکان.

 

پڙهي علم ڏياٽيون ٻاريندا،

پنهنجن بابن جي دل ٺاريندا،

بڻجي گهوٽ وطن ۾ گهاريندا،

پنهنجيءَ سنڌڙيءَ کي پيا سنواريندا.

تن کي سورهيه ”بزمي“ ڇو نه چوان،

مان گيت انهن لئه ڇو نه لکان.

 

*******

 

” ’گل ڦل‘ جولاءِ 1995ع“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com