سيڪشن؛  ٻاراڻُو ادب

ڪتاب:شخصيتونَ

 

صفحو : 4

ليڊي اميليا

 

        ليڊي اميليا هڪ نيڪ عورت ٿي گذري آهي، جنهن انگلينڊ جي ملڪ جي عورتن کي سندن حقن ڏيارڻ لاءِ گهڻيون قربانيون ڏنيون. سن 1917ع کان اڳ انگلينڊ جهڙي سڌريل ملڪ ۾ به عورتن کي ووٽ جو حق ڪونه هو. مرد عورتن سان ڪو سٺو ورتاءُ نه ڪندا هئا ۽ عورتن تي طرح طرح جا ظلم ڪيا ويندا هئا. اميليا تي انهن ڳالهين جو ڏاڍو اثر پيو. خوش قسمتيءَ سان سندس شادي هڪڙي هلنديءَ واري سياستدان سان ٿي. جو پڻ ڏاڍو نيڪ ۽ عورتن جي حقن جو حامي هو، انهيءَ ڪري عورتن کي حقن ڏياڻ لاءِ اميليا جو ارادو وڌيڪ پڪو ٿيو.

        هڪ محتاج خاني ۾، جنهن جي صلاحڪار بورڊ جي پاڻ به هڪ ميمبر هئي، عورتن تي سخت ظلم ڪيا ويندا هئا. عورتن کي پٿر جي بنا ٽيڪ بينچن تي ويهي پورهيو ڪرڻو ٿي پيو. حاملا عورتن کان ٻار پيدا ٿيڻ جي آخري وقت تائين مزدوري ڪرائي ويندي هئي. معصوم ۽ ننڍڙيون ڇوڪريون سارو سيارو، اونهاري وارن ڪپڙن ۾ گذارينديون هيون. ماسترن جي مقابلي ۾ ماسترياڻين کي تمام گهٽ پگهار ڏنو ويندو هو. جيتوڻيڪ ويچاريون ماسترياڻيون، ماسترن کان گهڻو وقت پڙهائينديون هيون. جج ۽ ٻيا آفيسر عورتن کي پنهنجن آفيسن کان ٻاهر لوڌي ڇڏيندا هئا. سڀ کان وڏو ظلم وري هيءُ هو، جو کين مردن جي زيردستي ۽ غلاميءَ ۾ رهندي انصاف ۽ آزاديءَ لاءِ ٻاڏائڻ جي به اجازت ڪانه هئي.

        عورتن تي ٿيندڙ انهن زيادتين خلاف ليڊي اميليا پنهنجو آواز بلند ڪيو. سندس سخت مخالفت ڪئي ويئي، پر هوءَ عورتن کي بيدار ڪرڻ کان باز نه آئي. ڪيترا ڀيرا عورتن جا ميڙ ڪري، پارليامينٽ هائوس جي اڳيان وڃي تقريرون ڪيائين، پر هر ڀيري کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو.

        هڪ ڀيرو جڏهن عورتن پارليامينٽ هائوس اڳيان مظاهرا پئي ڪيا، تڏهن سرڪاري سپاهين انهن مٿان گهوڙا ڊوڙائي، ڪيترين عورتن کي لتاڙي ماريو. ڪيترين کي لٺيون هڻي رتورت ڪري، ماڙين جي ڏاڪڻين مٿان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو. باقي جيڪي بچيون، تن سڀني کي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيائون. اهڙين مصيبتن هوندي به هن بهادر عورت همٿ ڪانه هاري. هن جيل ۾ بک هڙتال شروع ڪئي. سپاهين کيس زبردستي ماني کارائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ان ۾ ڪامياب نه ٿيا، تڏهن سڀني کي جيل کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون،  انهيءَ لاءِ ته وري بهتر حالت  ٿيڻ بعد کين جيل ۾ وڌو وڃي. اهڙيءَ طرح هن دلير عورت کي ڪيترائي ڀيرا بيهوشيءَ جي حالت ۾ گهلي جيل ۾ وڃي بند ڪيائون. تڏهن به هوءَ عورتن کي ووٽ جي حق ملڻ جو مطالبو ڪندي رهي. ايترين مصيبتن ۽ قربانين بعد ملڪ جي ڪيترن اميرن، هلنديءَ وارن ۽ ٻين ماڻهن جي دلين ۾ آخر عورتن سان همدردي ۽ انهن جي حقن جو احساس پيدا ٿيو.

        پارليامينٽ جا ميمبر به هڪ ٻئي پٺيان سندن حامي بڻجن لڳا. تان جو سن 1917ع ۾ ليڊي اميليا کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. پهرين ٽيهن سالن کان مٿي عمر وارين عورتن کي ووٽ جي حق ڏيڻ جو بل بحال ڪيو ويو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ هر بالغ عورت کي ووٽ جو حق ڏنو ويو.

        اميليا پنهنجي ساري حياتي عورت ذات جي ڀلي لاءِ صرف ڪئي، پر پاڻ حياتيءَ ۾ ڪوبه سک ڪونه ڏٺائين. سدائين مفسليءَ ۾ گذاريائين. ڇاڪاڻ جو مڙس مري ويو هئس ۽ پاڻ چئن ٻارن جي ماءُ هئي.

        هيءَ نيڪ دل عورت 14 – جون 1928ع تي خدا کي پياري ٿي ويئي. اڄ به سندس مجسمو پارليامينٽ هائوس جي سامهون رکيل آهي، جيڪو هر وقت ملڪي ۽ قومي خدمت جي ڪارنامن ۽ قربانين جي ياد ڏياريندو ٿو رهي.

 

***

قلندر لعل سيوهاڻي

 

”اچي حاضر حسيني ٿيءُ، قلندر لعل سيوهاڻي!“

        سنڌ جي قديمي شهرن مان سيوهڻ هڪ اهڙو آڳاٽو شهر آهي، جنهن تي ماضيءَ جي لڙاٽيل پردن پوڻ سببان، اڄ تائين ڪابه اهڙي تسلي بخش ثابتي نٿي ملي، ته هن جو بنياد ڪڏهن پيو ۽ هن پنهنجي اوج ۽ اقبال جي دور ۾ زماني جا ڪهڙا لاها چاڙها ڏٺا، ۽ پنهنجن ۽ پراون جي هٿان سيني تي ڪهڙا زخم سَٺا؟ سنڌ جي تاريخ جي پردن تي سيوهڻ جي قدامت جي ثابتي، بهرحال سڪندر يونانيءَ جي حملي کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو عيسوي سن کان 336 سال اڳ سڄي دنيا فتح ڪرڻ جي خيال سان بي انداز لشڪر وٺي، ايران، شام، فلسطين ۽ مصر کي لتاڙي، سنڌ ۾ پهتو. هو سنڌ ۾ ڪجهه عرصو، هن شهر جي دلفريب فضا کان متاثر ٿي، هتي رهي پيو ۽ پنهنجو هڪ يادگار قائم ڪرڻ جي خيال کان اڳوڻي قلعي جي مرمت ڪرائي، موٽي وطن ڏانهن اُسهيو.

        سڪندر جي حملي کان پوءِ سيوهڻ ڪيرن انقلابن سان روشناس ٿيو. زماني جي ڏنگيءَ چال هن کي ڪڏهن به دائمي طور پنهنجن جي هٿن ۾ رهڻ ڪين ڏنو. هڪ حملي آور جي چنبي مان لُڇي ڦٿڪي، اڃا هن پنهنجي جان مس ٿي آزاد ڪرائي، ته ائين ئي ڏسندي ڏسندي ڪنهن ٻئي جو ٿي ٿي ويو. ائين هلندي هلندي آخر هن جي اوج ۽ اقبال جا ترانا جيڪي ڏيهان ڏور ٻڌبا هئا، سي آهستي آهستي ختم ٿيندا ويا ۽ هي سڄو شهر برباديءَ واري گوشئه گمناميءَ ۾ رهجي ويو. بهرحال هن شهر زماني جي هيٺانهين ۽ مٿانهين ان گذرندي، ڇهين صدي هجريءَ ۾ هڪ بزرگ ۽ اهل الله، سيد عثمان بن ڪبير الدين مروندي، جنهن جي نسب جو سلسلو تيرهين پيڙهيءَ ۾ امام جعفر صادق رحه سان ملي ٿو، سنڌ جي هن شهر ۾ آيو ۽ سيوهڻ کي پنهنجي ابدي آرام گاهه بنائڻ جو ارادو ڪيائين. سيد عثمان مروندي اڳتي هلي قلندر شهبا جي لقب سان مشهور ٿيو. هن هجري 583 ڌاري آذربائجان علئاقي ۾ تبريز کان چاليهه ميل اُلهندي طرف مروند نالي هڪ ڳوٺڙيءَ ۾ جنم ورتو. پر ڪڏهن تذڪري نگارن جي راءِ آهي ته مروند افغانستان ۾ هڪ ڳوٺڙو آهي، جڏهن ته هن سان قلندر شهباز جي پيدائش جو ڪوبه تعلق نه آهي. ڇاڪاڻ ته هن جو جنم آذربائجان ۾ ٿيو، جتي مروند نالي هڪ ڳوٺڙو اڄ به موجود آهي. اهڙيءَ ريت مروند جي بجاءِ مرند ئي صحيح سمجهڻ گهرجي. اهڙو ساڳيو اختلاف پيدائش جي تاريخ بابت پڻ آهي.

        قلندر شهباز ننڍيءَ عمر ۾ اعليٰ ذهانت جو مالڪ هو. ستن سالن جي عمر ۾ سارو قرآن شريف حِفظُ ڪرڻ انهيءَ ڳالهه جو عين ثبوت آهي. حافظ ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي کيس ان دور جي مشهور عالمن ۽ بزرگن وٽان وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو. اهڙيءَ ريت هو پنهنجي اباڻي وطن کي الوداع چئي، مشهد ۽ عراق ۾ امام رضا ۽ ٻين بزرگن جون زيارتون ڪري، مديني پاڪ ۽ ڪربلا معليٰ کان ٿيندو مڪران پهتو. مڪران جي عالمن ۽ صوفي بزرگن، هن کي علمي چاهه ۽ فيض جي حاصلات لاءِ آماده ڏسي، پنهنجي خاص مريديءَ جي حلقي ۾ آندو ۽ پوءِ ڪافي عرصي گذرڻ بعد قلندر شهباز کي تبليغ ڪرڻ جي خيال سان هندستان ڏانهن روانو ڪيو. ان وقت هندستان ۾ سلطان غياث الدين بلبن جي حڪومت هئي ۽ سندس طرفان شهزادو محمد ملتان ۾ گورنر هو. هندستان پهچڻ کان پوءِ قلندر شهباز ملتان ۾ بهاءُ الدين زڪريا جي خانقاهه ۾ اچي رهيو. شهزادو  محمد، بهاءُ الدين زڪريا جو معتقد هو، انهيءَ وسيلي سان شهزادي محمد جي قلندر شهباز سان شناسائي ٿي. شهزادي محمد جو قلندر شهباز سان تعلق، جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. چون ٿا ته قلندر شهباز ملتان ۾ گهڻو عرصو شهزادي محمد ۽ ملتان جي بزرگن سان رهاڻيون ڪيون. شهزادي محمد جي خواهش ٿي ته قلندر شهباز دائمي طور ملتان ۾ رهائش اختيار ڪري، ۽ هن انهيءَ خيال سان کيس هڪ جدا خانقاهه جوڙائي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. پر اڳتي هلي قلندر شهباز اهڙو ارادو ترڪ ڪري آخري عمر ۾ ملتان کي الوداع چئي، سيوهڻ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي.

        تذڪري نگارن جي راءِ آهي، ته سيوهڻ ۾ قلندر شهباز پنهنجي زندگيءَ جو رڳو آخري هڪ سال گذاريو. انهيءَ حساب سان پاڻ هجري650 يعني هڪ سو ٻارهن ورهين جي عمر ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي هوندائين. قلندر شهباز جي ميلي کي وڏي اهميت حاصل آهي. سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي ميلا ۽ ملاکڙا ٿيندا رهن ٿا، پر هن ميلي جو نمونو ئي ٻيو آهي. هر سال شعبان مهيني جي تاريخ 18 کان 20 تائين هزارين ماڻهو سنڌ، بلوچستان، مڪران، افغانستان ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تان ڪشالا ڪري هتي اچي گڏن ٿين ٿا. ٽئي ڏينهن صبح کان وٺي شام تائين نغارن جي ڌم ڌمان لڳي پئي هوندي آهي. درگاهه تي صبح ۽ شام سارو ڏينهن ڌمالون پيون وڄنديون آهن. هر فن ۽ رنگ جا ماڻهو هن موقعي کي ڏسڻ ايندا آهن. سنڌ جي ٻين ميلن ۾ واپار کي وڏي اهميت حاصل آهي، پر هتي ايئن نه آهي. ٽئي ڏينهن صبح کان شام تائين راڳ ۽ ساز جو چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي. شام جو ملاکڙو لڳندو آهي، جو خاص ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com