سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شخصيتون

 

صفحو : 3

چوچڪ بيگم

 

        اٽڪل سوا ٽي سئو ورهيه ٿيا، جو سنڌي تي تَرخان گهراڻي جو بادشاهه شاهه حسن ارغون حڪومت ڪندو هو، کيس هڪ ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو چوچڪ بيگم هو. هوءَ پنهنجي سونهن ۽ سيرت سبب ديسان ديس مشهور هئي. تن ڏينهن ۾ هندستان تي مغل گهراڻي جو بادشاهه همايون حڪومت ڪندو هو، جنهن جو ڀاءُ ڪامران ڪابل جو حاڪم هو. ڪامران جڏهن چوچڪ بيگم جي سونهن ۽ سيرت جي واکاڻ ۽ هاڪ ٻڌي، ته پرپٺ مٿس عاشق ٿي پيو ۽ سندس پيءُ کان سڱ گهريائين. شاهه حسن ارغون ڪامران جي ڳالهه قبول ڪئي. ڪامران کي جڏهن اها خوشخبري ملي، ته هو شاديءَ لاءِ يڪدم اچي سنڌ ۾ پهتو. شاهه حسن سندس ڏاڍي مرحبا ڪئي ۽ وڏيءَ ڌام ڌوم سان پنهنجي ڌيءُ جي شادي ڪامران سان ڪرايائين. ٿوري گهڻي ڏينهين ڪامران موٽي ڪابل وڃڻ جي ڪئي، ته شاهه حسن کيس هڪ هزار سپاهي ساڻ ڏنا ۽ ڪئين قيمتي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي روانو ڪيائين. ڪامران ڪنوار کي ساڻ وٺي ويو. اڃا ڪابل مس پهتو، ته همايون زبردست فوج وٺي مٿس حملو ڪيو. دراصل ٻنهي ڀائرن ۾ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ جنگ ۽ جهيڙو هلندو ٿي آيو. هن لڙائيءَ ۾ همايون جي فتح ٿي، سو نه رڳو ڪامران جو تخت ۽ تاج هٿ ڪيائين، پر سندس ٻئي اکيون به ڪڍائي ڇڏيائين. ڪامران ويچاري لاءِ ته هاڻ هِن جهان ۾ چوچڪ بيگم کان سواءِ ڪجهه ڪونه بچيو. سو ارادو ڪيائين، ته زال کي ساڻ ڪري حج تي هليو وڃان. اها ڳالهه ڳڻي هو سنڌ ۾ آيو. اڳئين ڀيري جڏهن هو سنڌ ۾ آيو هو، ته سندس وڏو شان ۽ شوڪت هو. سونُ روپو ساڻ هو، فوج هئي، يار دوست ۽ نوڪرن چاڪرن جا اٽالا هئا، پر هاڻي سواءِ چوچڪ بيگم جي ٻيو ڪو ڪونه بچيو هو. شاهه حسن کي پنهنجي ناٺيءَ جي تباهيءَ جو احوال هونئن ته اڳيئي معلوم ٿي چڪو هو، پر جڏهن کيس هيئن بي يارو مددگار ڏٺائين، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس. سو اڳئين کان به وڌيڪ آجيان ڪيائينس، جيئن سندس دلجوئي ٿئي. سندس رهڻ جو بندوبست لسٻيلي ۾ ڪيائين. خرچ پکي لاءِ ميرپوربٺوري وارو سمورو علائقو حوالي ڪيائينس. ڪامران کي جڏهن ڏڍ مليو، ته ڏاڍو خوش ٿيو. چار ڏهاڙا سک سان ويهي گذاريائين. پر اها ڳالهه ڪين وساريائين، ته هو ساهري گهر مهمان آهي. سو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجي سهري کي حج تي وڃڻ جي خيال کان واقف ڪيائين ۽ موڪل گهريائين. شاهه حسن گهڻو ئي چيس، ته هيءُ ملڪ پنهنجو گهر سمجهه ۽ هتي ئي رهي پئو، پر ڪامران ڳالهه نه مڃي. چوچڪ بيگم جڏهن مڙس جو اهو ارادو ڏٺو، ته هن به ماءُ پيءُ کان موڪل گُهري. پر ماڻهنس پڻهنس موڪل ڏيڻ ۾ دل هڻڻ لڳا، جو ڄاتائون ٿي ته سندس سڪيلڌي ڌيءُ کي انڌي محتاب مڙس سان وڏا ڏاکڙا ڏسڻا پوندا. جڏهن موڪلائڻ جو ڏينهن آيو، ٻيڙي تيار ٿي اچي بيٺي ۽ چوچڪ بيگم ڏٺو، ته سندس ماءُ پيءُ کيس موڪل ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، ته هوءَ ماٺ ميٺ ۾ پاسو وٺي وڃي ٻيڙيءَ ۾ مڙس سان گڏ ويهي رهي. پڻهنس کي جڏهن اهو پتو پيو، تڏهن ڏيءُ کي سمجهائي پاڻ سان واپس گهر وٺي اچڻ لاءِ ٻيڙيءَ تي آيو. چوچڪ بيگم کيس ڏسي چيو، ته بابا! ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي! جڏهن منهنجو مڙس بادشاهه هو، ته اوهان خوشيءَ سان مون کي ساڻس پرڻايو، پر هاڻي جڏهن هن جي قسمت ڦيرو کاڌو آهي ۽ هو محتاج ۽ لاچار شخص ٿي پيو آهي، ته اوهان مون کي ساڻس گڏ وڃڻ لاءِ موڪل نٿا ڏيو ۽ چاهيو ٿا، ته مان مڙس کي ڇڏي گهر ۾ ويهي رهان. زال ۽ مڙس جي ته قسمت ئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندي آهي. اڄ جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏينديس، ته پوءِ دنيا زال ذات لاءِ ڇا چوندي؟ شاهه حسن ڌيءَ جو اهو جواب ٻڌي پنهنجي ڳالهه تان هٿ کنيو. پوءِ هو زال مڙس کانئس خوشيءَ سان موڪل وٺي سفر تي روانا ٿيا ۽ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن ڏک سک ۾ گڏجي مڪي شريف ۾ پورا ڪيائون.

 

***

 

ارسطو

 

        سڪندر اعظم جي ڄمڻ تي سندس پيءُ فلپ، جو ان وقت مقدونيا جو بادشاهه هو. ارسطوءَ ڏانهن نياپو موڪليو، ته آءٌ خدا جو شڪر گذار آهيان، جو مون کي تنهنجي ڏينهن ۾ پٽ ڄائو آهي. مون کي يقين آهي ته، تنهنجي تعليم ۽ تربيت ۾ رهي، هو پاڻ کي قابل ۽ تخت جي لائق ثابتڪ ندو.

        مقدونيا جي حاڪم جي مٿئين نياپي مان ارسطوءَ جي عظمت ۽ وڏائي ظاهر ٿئي ٿي. حقيقت ۾ اهو ارسطوءَ جي تعليم ۽ تربيت جو ئي اثر هو، جو سڪندر پاڻ کي سڪندر اعظم ٿابت ڪيو.

        ارسطو عيسوي سن کان 384 سال اڳ ”اسطاغيرا“ شهر ۾ ڄائو. سندس پيءُ نقوماڪس هڪ طبيب هو. کيس فيثا غورث جي فلسفي سان ڏاڍو چاهه هو. ان ڪري پنهنجي پٽ ارسطوءَ کي به فلسفي جي تعليم ڏياريائين. ارسطو يونان جي هاڪاري فيلسوف افلاطون جي ذهين شاگردن مان هڪ هو. افلاطون سندس هوشياري ۽ تيز فهميءَ کي ڏسي کيس پنهنجي مجتب جو ”بهترين ذهن“ سڏيندو هو. تاريخدانن جو چوڻ آهي، ته افلاطون کي پنهنجي شاگرد ارسطو سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. هونئن به دنيا جو دستور آهي ته استاد پنهنجي هوشيار ۽ ذهين شاگرد ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏيندو آهي. ۽ سندس هر طرح سان سار سنڀال ڪندو آهي. ارسطو تمام گهڻو محنتي ۽ تيز فهم شاگرد هو، انهيءَ ڪري سندس استاد افلاطون هن جو ڏاڍو خيال رکندو هو. ايتري قدر جو جيستائين ارسطو نه ايندو هو، ته پڙهائي شروع نه ٿيندي هئي. سندس ٻيا شاگرد پڙهائي شروع ڪرڻ لاءِ جڏهن زور ڪندا هئا، تڏهن افلاطون چوندو هو، ته ”بابا ترسو، اڃا اهو شخص ته آيو ئي ڪونهي، جيڪو نسورو علم ۽ مڪتب جو ذهن آهي.“

        ارسطو ٽيهن سالن تائين افلاطون جي شاگرديءَ ۾ علم ۽ حڪمت جي دولت سان پاڻ کي مالا مال ڪندو رهيو. ان عرصي ۾ هن افلاطون تي پنهنجي ذهانت ۽ قابليت جو ايترو ته اثر وڌو، جو جڏهن افلاطون کي ڪجهه وقت لاءِ سفر تي وڃڻو پيو، تڏهن ارسطوءَ کي مڪتب ۾ پنهنجو قائم مقام ۽ جاءِ نشين مقرر ڪيائين. ارسطو، افلاطون جي وفات پڄاڻان، اٿينس ۾ دنيا جي ڪاروبار کان پري پنهنجي هڪ شاگرد هرمياس وٽ رهڻ لڳو ۽ سندس ڀيڻ سان شادي پڻ ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پٽ پڻ ٿيو.

        شاديءَ کان ڪي سال پوءِ جڏهن ارسطو، مٽيلين ۾ مطالعي ۽ تحقيق جي ڪم ۾ مشغول هو، ته کيس مقدونيا جي حاڪم فلپ واعدي پٽاندر پنهنجي پٽ سڪندر کي تعليم ڏيڻ جي دعوت ڏني. اها هڪ وڏيءَ عزت جي ڳالهه هئي. ارسطو مقدونيا روانو ٿيو ۽ خوشنصيب شهزادي سڪندر کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ارسطوءَ جي تعليم ۽ ترتيب سڪندر جي دل ۾ اهڙي همٿ پيدا ڪئي، جو هو وڏي هوندي هڪ زبردست حاڪم ثابت ٿيو. حقيقت ۾ اهو ارسطوءَ جي صحبت ۽ قربت جو ئي اثر هو.

        توهان شايد ائين سوچيندا هوندا، ته ارسطو رڳو سڪندر کي حاڪماڻي ٻار جي حيثيت ۾ اڪيلائي ۾ تعليم ڏيندو هوندو!

        نه، يونان ۾ اهو اصول نه هو، ارسطوءَ کي پنهنجو مڪتب هو، جتي مقدونيا جو شهزادو ٻين شاگردن سان گڏ تعليم حاصل ڪندو هو.

        هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي، ته ارسطو پنهنجي شاگردن جي ذهن ۽ قابليت پرکڻ لاءِ پنهنجي هڪ شاگرد کان جيڪو پڻ شهزادو هو، پڇيو، ”جڏهن حاڪم ٿي ويندين ۽ تخت جو وارث ٿيندين، تڏهن ڇا ڪندين؟“

        هن وراڻيو. ”آءٌ مشڪل جي وقت ۾ توهان کان مشورو وٺندس ۽ انهيءَ تي هلندس.“

        هڪ ٻئي شاگرد کان به ساڳيو سوال پڇيائين. تنهن به ساڳيو جواب ڏنو. جڏهن ساڳيو سوال سڪندر کان پڇيائين. تڏهن هن جواب ڏنو:

”سائين، آءٌ هينئر ڪجهه به ٻڌائي نٿو سگهان، ۽ نه ئي ڪو انسان ٻڌائي سگهي ٿو، ته  سڀاڻي ڇا ٿيڻو آهي، جڏهن اهو وقت ايندو، تڏهن توهان مون کان سوال پڇجو ۽ مان حالتن پٽاندر توهان کي جواب ڏيندس.“

        مقدونيا جو حاڪم ارسطوءَ جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ سندس هر ڳالهه جو ڌيان رکندو هو. ارسطوءَ جو اباڻو وطن ”اسطاغيرا“ گهڻي زماني کان وٺي هيڻائي ۽ رحم جوڳيءَ حالت ۾ هو. ارسطو مقدونيا جي حاڪم کي چئي سڄي شهر کي نئين سر ٺهرايو ۽ شهر جي رهواسين کي خاص رعايتون ڏياريائين. شهر جي جن ماڻهن کي شهر نيڪالي ڏني ويئي هئي ۽ اهي نهايت مفلسيءَ جي حالت ۾، مختلف جڳهين تي پنهنجو وقت گذاري رهيا هئا، تن کي واپس شهر ۾ اچي رهڻ جي اجازت ڏيارائين.

        سڪندر اعظم جي دل ۾ به پنهنجي استاد لاءِ تمام گهڻي محبت ۽ عزت هئي. هن هڪ ڀيرو ارسطوءَ جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو، ”پنهنجي پيءُ کان مون کي زندگي ملي ۽ ارسطوءَ مون کي اها زندگي شان سان گذارڻ سيکاري.“

        ارسطو جڏهن حياتيات جي تحقيق جي ڪم ۾ مشغول هو، تڏهن سڪندر اعظم کيس هڪ هزار ماڻهو خدمت لاءِ پيش ڪيا، جن کي پکين، حيوانن ۽ مڇين جي خصلتن ۽ عادتن جي مشاهدي ڪرڻ ۽ ان مشاهدي کي لکڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو ويو، نه رڳو ايترو پر سڪندر اعظم ارسطوءَ کي انهن ناياب ڪتابن ۽ قلمي نسخن حاصل ڪرڻ ۽ خريدڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪي ٻيءَ حالت ۾ کيس هوند هٿ نه اچن ها.

        سڪندر اعظم جڏهن ايشيا جي ملڪن کي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ته ارسطو ساڻس گڏ هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ اٿينس موٽي آيو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ يونان جو علمي ۽ ثقافتي مرڪز هو. انهن ڏينهن ۾ ارسطوءَ جي عمر پنجاهه سال هئي. هن ليسيم نالي مڪتب کوليو، جتي بي حساب شاگرد هن عظيم فيلسوف ۽ ڏاهي کان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جمع ٿيڻ لڳا.

        ارسطوءَ جي علم ۽ تحقيق جو دائرو تمام گهڻو وسيع هو. شروع شروع ۾ ارادو هئس، ته پنهجيپيءُ وارو پيشو اختيا ڪري، يعني طب ڏانهن توجهه ڏئي. پر اهو ارادو ڇڏيائين. ان هوندي به آخري وقت تائين علم حياتيات ۾ خاص دلچسپي وٺندو رهيو.

        ارسطوءَ جو فلسفو حقيقتن تي ٻڌل آهي ۽ حقيقتن مان اُسري ٿو. سندس ذهن هڪ سائنسدان جو ذهن هو، جنهن هر شيءَ کي مشاهدي جي گهري نظر سان پرکيو ٿي. اهوئي سبب آهي، جو موجوده تهذيب جي ترقيءَ جي شروعات لاءِ ارسطوءَ جي تعليم اڻ ٽر هئي. سندس علم ۽ فلسفو انگريزي شاعر ”جان ڊرائيڊن“ جي لفطن ۾ ڪائنات جو نور هو ۽ اهو نور هر شيءِ کي روشن ڪندو رهيو.

        ارسطو اخلاقيات، مابعد الطبعيات، شعر، ناٽڪ، علم ڪيميا، سياست ۽ تقرير جو فن نه رڳو پنهنجي شاگردن کي سيکاريو. پر انهن مضمونن ۾ ايتري قدر واڌارو ڪيو، ۽ انهن کي اهڙيءَ ريت پيش ڪيو، جو اڳتي تاريخ ۾ ايندڙ شخصيتون ارسطوءَ جي علم مان فيضياب ٿينديون رهيون. انهن ۾ دانتي، اسپينسر ۽ گوئٽي جا نالا ذڪر جوڳا آهن.

        ليسيم مڪتب قائم ڪرڻ کان پوءِ ارسطوءَ تعليم ۽ تدريس سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو سلسلو به شروع ڪيو. سندس سدائين زنده ڪندڙ رهندڙ ڪتاب انهيءَ دور جا لکيل آهن. وچئين دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، جيڪي به مفڪر ۽ سياستدان پيدا ٿيا آهن، انهن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ارسطوءَ جي ڪتابن کان مدد پئي ورتي آهي ۽ اڄ به شايد ئي ڪو اهڙو مضمون هجي، جنهن تي ارسطوءَ روشني نه وڌي هجي.

        ارسطو نه صرف هڪ فيلسوف ۽ مفڪر هو، پر ان سان گڏ هو هڪ نيڪ خصلت دوست، همدرد پاڙيسري ۽ خدمتگذار شهري پڻ هو. هو هر ڪنهن سان نهايت نوڙت ۽ محبت سان پيش ايندو هو. پنهنجي فياضيءَ ۽ سهڻن مشورن سان شهرين کي فائدو پهچائيندو رهندو هو. جيتري قدر پڄي سگهندو هئس، مانهن سان ڀلائي ڪندو هو.

        ارسطو جيڪڏهن چاهي ها، ته مقدونيا جي حاڪم کان پنهنجو ذاتي فائدو به وٺي سگهي ها، پر هن ايئن ڪڏهن به نه ڪيو. هن فقط اهو ڪم ورتو، جو حاڪم کي چئي، پنهنجي ابي ڏاڏي جي شهر ”ارسطا غيرا“ کي نئين سر ٺهرايو.

        جيڪي شاگرد وٽس علم حاصل ڪرڻ ايندا هئا، تن جي هر طريقي مدد ۽ حوصلي افزائي ڪندو هو. سندس زندگيءَ ۾ گهڻائي اهڙا مثال ملن ٿا، جن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هو محتاجن ۽ ضرورت مندن جي هر نموني مدد ڪندو هو ۽ بيواهه عورتن کي شادي ڪرائيندو هو.

        ارسطاغيرا ۾ اهڙو ڪو ماڻهو مشڪل ئي هو، جنهن تي ارسطوءَ ڪنهن نه ڪنهن نموني احسان نه ڪيو هجي ۽ جيڪو سندس ٿورائتو نه هجي. مگر هيءَ دنيا حسد ۽ بغض کان خالي ڪانهي، جتي چار چڱا هوندا آهن، ته چار برائي ڪرڻ وارا به هوندا آهن. جتي دوست هوندا آهن، اتي دشمن به هوندا آهن. ارسطوءَ جي مقبوليت ۽ مشوري، عزت ۽ منزلت کي وڌندو ڏسي، گهڻائي ماڻهو حسد وچان سندس دشمن ٿي پيا. خاص ڪري اهي ماڻهو، جيڪي پراڻين رسمن ۽ رواجن جا شيدائي هئا، سي ته ڪٽر دشمن ٿي پيا. مٿس بي دينيءَ ۽ ڪفر جا الزام مڙهيا، جيئن اڄ به عام طرح سان گهڻن ئي سٺن ماڻهن تي ڪفر جا الزام لڳندا رهندا آهن. چڱن تي برا الزام مڙهجڻ رڳو اڄ ڪلهه جو دستور نه آهي، اهو دنيا جو قديمي دستور آهي. خير ارسطوءَ کي بدنام ڪرڻ لاءِ اها ڳالهه مشهور ڪئي ويئي، ته ارسطو يونان جي خدائن کي نٿو مڃي ۽ انهن تي ٺٺوليون ٿو ڪري. اهو ساڳيو الزام سقراط تي پڻ مڙهيو ويو هو. ارسطوءَ کي مجبور ڪيو ويو، ته هو معافي نامو لکي عدالت ۾ پيش ڪري. لاچار هن کي ائين ڪرڻو پيو. سقراط کي به انهيءَ قسم جو ساڳيو معافي نامو لکي ڏيڻو پيو هو ۽ انهيءَ معافي نامو پيش ڪرڻ کان پوءِ کيس اٿينس ۾ رهڻ ڏنو ويو هو.

        سقراط کي ادب سيکارڻ ۽ سچ جي پرچار ڪرڻ جي بدلي ۾ جيڪي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا ۽ ظلم سَهڻا پيا هئا، تن جو مشاهدو ارسطو ڪري چڪو هو، انهيءَ ڪري هو معافي نامو پيش ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي اٿنيس کي ڇڏي، ٿريس جي شهر چئلنس ۾ وڃي رهيو، جتان کيس وري موٽي اچڻ نصيب نه ٿيو ۽ سن 322 ق –م  اتي ئي وفات ڪري ويو.

        هاڻي اچو ته توهان کي ارسطوءَ سان روبرو ملايون. سندس تصوير توهان جي سامهون آهي. مشڪندڙ چهرو، رنگ اڇو، وار پيشانيءَ تي ڪريل، قد ننڍو، مگر جسم سڊول ۽ ويڪري هاٺيءَ وارو، گهاٽي ڏاڙهي،ننڍيون خماريل اکيون، مٿي وريل سنئون نڪ، سنهڙي کاڏي ۽ ويڪرو سينو. جڏهن اڪيلو هلندو هو، ته وکون تڪڙيون تڪڙيون کڻندو هو، پر جي ڪو ماڻهو ساڻ هوندو هئس، ته تمام آهستي هلندو هو. ڪنڌ هيٺ ڪري ڳالهائيندو هو. ٻئي جي ڳالهه غور سان ٻڌندو هو ۽ سمجهڻ کان پوءِ ئي جواب ڏيندو هو.

        ارسطو اٿينس جي رهواسين تي ايترا احسان ۽ مهربانيون ڪيون، جو سندس وفات کان پوءِ انهن ماڻهن هڪ اوچي جاءِ تي هڪ منارو جوڙيو، جنهن تي هيٺان لفظ اُڪيري ڇڏيا:

”ارسطو پنهنجي نيڪين، احسانن، همدردين سبب ۽ خاص ڪري انهن مهربانين سبب جيڪي هن فلپ بادشاهه وٽ رهڻ وقت اٿينس جي رهواسين تي وقت بوقت پئي ڪيون آهن. ان ڳالهه جو مستحق آهي، ته اٿينس جا رهاڪو هميشھ سندس ٿورائتا رهن ۽ سندس علم ۽ بزرگيءَ جو اعتراف ڪن. اهڙيءَ طرح جو اهي احسان ايندڙ نسلن تائين هميشھ لاءِ يادگار رهن.“

        ارسطوءَ جا دشمن اهو ڏسي حسد جي باهه ۾ سڙڻ لڳا. اتفاق سان هڪ ڀيري انهن حاسدن مان ڪنهن ماڻهوءَ کي موقعو ملي ويو ۽ هن اهو منارو ڪيرائي ڇڏيو. اٿينس وارن کي  جڏهن ان ڳالهه جي خبر پيئي تڏهن انهن جوش ۾ اچي ميناري ڪيرائيندڙ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ مناري کي وري ٻيهر جوڙيو. هن ڀيري ارسطوءَ جي احسانن ۽ تعريفن سان گڏ ارسطوءَ جي دشمن جي بڇڙيءَ حرڪت ۽ قومي نمڪ حراميءَ جو سارو قصو پڻ مناري تي لکيو ويو، ته جيئن ارسطوءَ جي نيڪين سان گڏ سندن دشمنن جي تنگ نظري ۽ ڪميڻائپ به دنيا جي اڳيان هميشھ لاءِ يادگار رهي.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com