سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب:ٽي ديوَ يا راڪاسَ

باب: 5

صفحو : 5

باب پنجون

ٻيو راڪاس بھ ڪم ڪرڻ لڳي ٿو

 

انھيءَ کنڀن واري راڪاس جئڪسن کي ورندي ڏني تھ ”ھائو آئون آب روان جو ڀاءُ آھيان ۽ منھنجو نالو ”بادوزان“ آھي.* آئون تنھنجي ڪم ڪرڻ واسطي تيار آھيان. بشرطيڪ تون مون کي پنھنجي مرضيءَ تي ھلڻ ڏيندين. آئون پنھنجي ڀاءُ جھڙو ناھيان، جو ڏھاڙي ماٺ ڪري ھڪ رستي پيو ھلندو آھي. آئون ڪڏھن ڪڏھن ھن جي ڍرائي تي کلندو آھيان، ۽ ھن کا چالاڪ ٿيڻ ۽ تڪڙي ھلڻ لاءِ چيڙائيندو ۽ چوريندو آھيان. جڏھن ڪا تمام ڳري شيءِ کڻڻي ٿيندي ٠اٿس تڏھن ھن کي مدد ڪندو آھيان. انھي وقت آئون پنھنجا کنڀ پکيڙي اھڙو جلد ھلندو آھيان، جو ھن کي زمين تان کڻي مٿي ڪندو آھيان.“

جئڪسن کي انھيءَ ڳالھھ جي حيرت لڳي تھ ھو آب روان کي ڍرو ۽ سست ٿو سڏي. ھن کي ٻڌايائين تھ آب روان اتي جي رھندڙن لاءِ ڪيترو نھ ڪم ٿو ڪري. ھن ھڪل ڪري چيس تھ ”تون منھنجي ڳالھھ نٿو مڃين. انھن ڪمن ڪندي بھ ھو رڳو جون وانگي ڍرو آھي. ائين چئي ھو کنڀ پکيڙي لحظي ۾ نظر کان نڪري ويو، جئڪسن کي ڊپ ٿيو تھ ھو وڃڻ لاءِ ويو، پر ھن ڏيکاريس ٿي تھ آئون ڪھڙو نھ تکو آھيان، سو سگھو ئي موٽي آيو ۽ جئڪسن کي چوڻ لڳو تھ ”جي تون ھلي جبل جي چوٽيءَ تي رھندين تھ آئون تو وٽ رھي تنھنجو ڪم ڪندس.“

جئڪسن چيو تھ ”منھنجو گھر ھڪڙي ٽڪر جي پاسي ۾ آھي، آئون تو کي پنھنجي مٿان کڻي ٽڪر جي چوٽيءَ تي جاءِ ڏيندس.“ راڪاس چيو تھ ”چڱو، جي تون مون کي ٻھ وڏا جانڊاھھ جا پھڻ آڻي ڏيندين تھ آئون تنھنجو ان ھڪ ڪلاڪ ۾ ايترو پيھندس جيترو آب روان ٻن ڪلاڪن ۾ پيھندو ھوندو. پنھنجي ڀاءُ وانگي آئون بھ سواءِ کاڌي ۽ اجوري وٺڻ جي ڪم ڪندو آھيان، پر آئون بند ڪونھ سھندو آھيان، ۽ ڪم بھ جڏھن وڻندو اٿم تڏھن ڪندو آھيان.“

جئڪسن ڄاتو تھ ”ھي راڪاس برابر پور وارو ۽ خود خيال آھي، پر آھي زيادھھ طاقت وارو. سو لاچار ھن جي طبيعت تي ھلڻ گھرجي.“ پوءِ، ھو ٻئي گڏجي ڳوٺ ويا ۽ جئڪسن ھڪدم ان جي پيھڻ لاءِ جاءِ جوڙڻ لڳو، جتي بادوزان کي رھي ڪم ڪرڻو ھو. ايتري ۾ بادوزان ٽڪر تان لھي ھيٺ ماٿريءَ ۾ پنھنجي ڀاءُ جي ملاقات لاءِ آيو. ڏسي تھ ھو ڪنھن جا تختا کنيو پيو وڃي. پاڻ ۾ گڏيا. بادوزان انھي وقت چڱي طبيعت ۾ ھو ۽ تختا تمام گھڻا ۽ ڳرا ھئا، تنھنڪري ھن کي چيائين تھ ”ادا انھي وک سان تون جلد پھچي نھ سگھندين. آئون ٿو تو کي مدد ڏيئي اڳڀرو ڪريان؟“

ڇوڪرو جيڪو تختن جي مٿان ويٺل ھو، تنھن اھو ٻڌي چيو تھ ”ھي جلد نٿو ھلي؟ اسين جيڪر ڊوڙون تھ بھ ھن جي چوٿين پتيءَ جيترو جيڪر پنڌ نھ ڪريون.“ بادوزان ورندي ڏني تھ ”سچ، پر اسين اوھان جيڏا گڏا ڪين آھيون.“ پوءِ تھ بادوزان ھن ڇوڪر جي پاسي ۾ ويھي پنھنجا کنڀ کڻي کوليا ۽ اھڙو تھ تکو ھلڻ لڳو جو ڄڻ تھ اڏامندو وڃي. ڇوڪر پھرين ڊنو، پر پوءِ ڏاڍي فرحت آيس ۽ خوش ٿيو.

جڏھن ٺھرايل ھنڌ تي پھتا ۽ تختا لاٿائون، تڏھن آب روان ڀاءُ کي چيو تھ ”نھ ادا، ھاڻ وري بھ مون کي اتي جلد پھچاءِ.“ پر ھن چيو تھ ”ادا ھاڻ ڳوٺ کي ياد ڪر. آئون سڌو ھليو ٿو وڃان. سنئون ھلڻو ھجي ئي تھ آئون تو کي وٺيو ھلان، نھ تھ تنھنجي مرضي.“ آب روان کي انھيءَ تي البت مٺيان لڳي. ٻنھي ڀائن جي وچ ۾ ريڙھھ پيڙھھ ھلي. آب روان ڪاوڙ مان زمين تي لتون ھنيون، بادوزان کي بھ چڙ لڳي سو شينھن وانگي گجڻ ۽ گوڙيون ڪرڻ لڳو. نيٺ ھو اڏامي ھليو ويو ۽ آب روان ڪرڪندو ڇوڪر کي ڪلھن تي چاڙھي آھستو ھليو ويو.

جڏھن انھيءَ ڇوڪر جئڪسن کي اھا ڳالھھ ڪري ٻڌائي، تڏھن ھو ڊنو تھ متان بادوزان موٽئي ئي نھ. ھن تھ سندس آسري جانڊھھ جو سارو ڪم لاھي ڇڏيو ھو. پر اڌ رات جو بادوزان وري آيو ۽ اچي پنھنجي ڪم کي لڳو. صبح جو جئڪسن اٿي ڏسي تھ اڌ ان جو پيٺو پيو آھي. پوءِ تھ ھو ٻين جو بھ ڪم ڪرڻ لڳو، پر ماڻھن کي اھڙو ڪمائتو نھ ٿيو، جھڙو سندس ڀاءُ ھو، ڇا لاءِ جو ڪنھن کي بھ خبر ڪانھ پوي تھ ھينئر ھو ڪھڙي پور ۾ آھي، ڪم ڪندو يا نھ. پوءِ بھ ڪم ڪندي بعضي اڌ ۾ ھليو ويندو ھو، ۽ بار يا مال دڳ تي پيو ھوندو ھو.

*


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com