سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه سچل سامي

باب: --

صفحو :3

 

قومون، ملڪ ۽ سماج پنھنجن شاعرن وسيلي سڃاتا ويندا آھن. سنڌ ۽ سنڌي سماج جي سڃاڻپ جا ٽي شاعر آھن. شاھھ، سچل ۽ سامي. سنڌيءَ جا ھي سونھارا ۽ سدا حيات شاعر سنڌي سماج جي سموريءَ چڱائيءَ، سموريءَ سونھن ۽ سموري سچ جا ڄاڻو، امين ۽ ترجمان آھن.

سنڌي سماج رڳو انھن حدن تائين محدود نھ آھي، جيڪي جاگرافيائي يا سياسي طور اڄ سنڌ جون آھن. سنڌي سماج سنڌ کان ٻاھر پاڪستان ۾ توڙي پاڪستان کان ٻاھر بھ موجود آھي. جتي جتي ڪو سنڌي ڪٽنب آباد آھي، اتي سنڌي سماج موجود آھي ۽ اتي انھن جي سڃاڻپ سنڌي ٻوليءَ ۽ سندن پنھنجن سڳورن سنت شاعرن – شاھھ، سچل ۽ ساميءَ سان پريت ۽ سٻنڌ مان پئجي سگھي ٿي. ڪوبھ سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاھر رھندڙ ڪٽنب پاڻ کي سنڌي تھ سڏائي ٿو پر پنھنجي گھر ۾ سنڌي ٻولي نٿو ڳالھائي ۽ سنڌ جي سماجي تاريخ جي ھنن لاثاني ھستين ۽ سنڌي سڀيتا جي ھنن عظيم معمارن جي سار نٿو لکي، تھ اھو پاڻ کي سنڌي سمجھڻ ۽ سنڌي سڏائڻ جو لائق يا حقدار نٿو چوائي سگھي.

*

ڪنھن قوم، ملڪ يا سماج ۾ عظيم انسان روز بروز پيدا ڪونھ ٿا ٿين ۽ جڏھن پيدا ٿين ٿا، تڏھن اھي ان جي نئين جنم جا ساکي ۽ سبب بنجي پيدا ٿين ٿا. ھنن جي پنھنجي دور سان ڪا تِٿ ٻڌل ھوندي آھي ۽ اھي تاريخ جي ان گھڙيءَ لاءِ پنھنجي ذات ۾ پراڻي ۽ نئين ٻنھي جا ترجمان بنجي بيھندا آھن. اھي نمايان صلاحيتن جا مالڪ ٿين ٿا. طاقتور ۽ بيحد اھم ۽ پنھنجن ماڻھن لاءِ نيون راھون گھڙي وڃن ٿا، جن تي ڪيئي دور بلڪ آئيندي لاءِ ھميشھ انھن کي ھلڻو پوندو آھي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ راھن جا ٻيا ڪي رخ انھن لاءِ سڃاڻڻ جھڙا يا ھلڻ جھڙا رھندا ئي نھ آھن. اھي پاڻ سان ڪو خواب، ڪو آدرشي فڪر، ڪا فطري ڏاھپ کڻي ايندا آھن، جنھن سان ھو پنھنجن ماڻھن کي ٻڌائيندا آھن، بلڪ ثابت ڪري ڏيکاريندا آھن، تھ انھن کي ڪھڙيءَ طرح پاڻ کي تيار ڪرڻ کپي، جو پنھنجي اجتماعي زندگيءَ ۾ ھو راھھ جي سڀني ھيٺ مٿانھين، ڌوڪن ۽ فريبن کان بچي سگھيا ٿي ۽ بچي سگھن ٿا. مھذب قومن ھميشھ پنھنجن اھڙن عظيم شخصن کي سڃاتو آھي، انھن سان پنھنجا پيوند پختا ڪيا آھن، ۽ انھن کي پنھنجي لاءِ املھھ نعمت سمجھيو آھي.

قومن، ملڪن ۽ سماجن جا اھي مھا پرش ۽ محسن شخص پنھنجي پنھنجي دور جا باغي بھ ھوندا آھن. ھو پنھنجي دور جي مروج ۽ تسليم ٿيل تربيتي سرشتي جي پيداوار نھ ھوندا آھن، بلڪ پنھنجي ذات ۾ ھو ھڪ نئون ۽ انوکو ڪردار ٿي سامائبا آھن. چالو نظام ۽ سرشتا تھ اڪثر گھمنڊ ۾ ڀريل، آءٌ-پڻي ۾ ورتل ۽ تنگ نگاھھ شخص پيدا ڪندا آھن، جن جي ھانءَ جون دريون پوريل ھونديون آھن ۽ ھو پاڻ کان ٻئي سڀ کي گھٽ سمجھندي ۽ پنھنجيءَ ھر ڳالھھ کي ٻئي جي ڳالھھ کان مٿي ڄاڻندي، پاڻ ۾ توڙي ٻين سان جھيڙڻ ۽ جھڳي ھڻڻ ۾ پورا ھوندا آھن ۽ ائين بند ٿيل ۽ بيٺل پاڻيءَ وانگر ڌپبا ۽ ڪنا ٿيندا رھندا آھن. پر ھو عظيم شخص پنھنجي سماج ۾ نئين انسان طور اڀرندا آھن ۽ ان ۾ نئين انسان جي پيدا ڪرڻ جا داعي ھوندا آھن ۽ ائين ان ۾ نئون ساھھ ۽ تازگي آڻڻ چاھيندا آھن. ھو ذاتي مفاد کي ڇڏي، عام مفاد لاءِ لڇندا آھن، پاڻ کان ھٽي ٻين لاءِ جيئندا آھن. سڄي سماج لاءِ، وسيع ۽ عام خلق جي نئين زندگيءَ لاءِ. ھو سڄي پنھنجي عمر، سڄو پنھنجو وقت ۽ پوريءَ طرح، انھيءَ پنھنجي ھڪ سڀ – لاءِ سک ۽ ساءَ ڀريءَ نئينءَ دنيا جي تعمير لاءِ ڳھندا ۽ ڳرندا آھن. اھا ئي پاڻ کان سندن لاپرواھي ۽ ٻين جي اون ۽ اھا ئي سندن ھڪ مقصد جي لگن ۽ ان لاءِ سندن ڪامل تانگھھ ۽ ڪوشش ۽ ان کي پھچڻ لاءِ سندن غير رواجي حوصلو ۽ ھمت – اھي ئي انھن جي عظمت جون نشانيون ھونديون آھن. انھن لاءِ ئي چئي سگھبو آھي تھ ھو خوب پنھنجو وارو وڄائي ويا، ۽ اھي ئي پوءِ ھميشھ لاءِ جيئندا آھن.

تاريخ جي اھڙن امر انسانن ۾ ڪي بنھھ يڪتا ۽ بي بَدل ھوندا آھن – اِنھن جو ڪو مٽ ڪونھ ھوندو آھي، ڇاڪاڻ تھ جا حاصلات ھو پنھنجي سماج، ملڪ ۽ قوم کي، ۽ ان جي معرفت سڄي عالم انسانيءَ کي، ڏيئي ويندا آھن، اھا حاصلات ڪنھن بھ حالت ۾ ڪڏھن بھ ٻئي ڪنھن شخص جي ھٿان ممڪن نھ ھوندي آھي. اھا املھھ ۽ بي مثل حاصلات جسماني ۽ ”مادي“ نوع جي نھ ھوندي آھي، اھا انساني ذھن (روح) جي دنيا سان لاڳاپيل ۽ خالص تخليقي نوع جي ھوندي آھي. جسماني ۽ مادي حاصلات ڪيتري بھ اعليٰ ۽ ڪيتري بھ نفع بخش ھجي، پر ان جھڙي بلڪ ان کان وڌيڪ اعليٰ ۽ وڌيڪ نفع بخش حاصلات – ڪا مھم، ڪا دريافت ۽ ڪا ايجاد – اڄ نھ تھ سڀاڻي، ھڪ کان نھ تھ ٻئي ماڻھوءَ جي ھٿان، سدائين ممڪن ھوندي آھي. انسان جي اندر (دل، روح، ذھن) ۾ جو ڪجھھ آھي ۽ اتي جو ڪجھھ اڀري ۽ اسري رھيو آھي، ان کي اھڙي روپ ۾ پڌرو ڪرڻ، جنھن کي ڏسي يا ٻڌي ائين محسوس ٿئي ڄڻ انھيءَ انوکي ۽ اڄاتل اندر جي اسرار جي ھڪ جھلڪ ماڻھوءَ جھٽي ورتي آھي – اِھا ھڪ بنيادي ۽ بي بدل ڏات آھي، جنھن جا رڳو فيلسوف، شاعر ۽ فنڪار ئي اھل چيا وڃن ٿا، ۽ اھي ئي پنھنجي وقت ۽ پنھنجي دنيا جي اصلي ۽ سچي امنگ کي پنھنجي پنھنجي رنگ جو ڪو خاص روپ ڏيئي، ايندڙ نسلن ڏانھن دائمي ورثي جي صورت ۾ منتقل ڪري ويندا آھن.

ارسطوءَ جو قول آھي تھ ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي.“ اھو انھيءَ ڪري، جو شاعري مجموعي طور انساني فطرت ۾ زيادھ اونھو ڏسي ٿي – ان جي خصوصيت بلڪ ان جي عظمت جو دليل ئي اِھو آھي، جو اھا اندر جي اسرار جي، ڳالھھ جي اصل جي، ”اکرن“ جي نھ پر ”روح“ جي، صورتگري ڪري ٿي ۽ ٻيو تھ اھا پنھنجي دور تي ۽ ان جي ماڻھن تي وڌيڪ تيز روشني وجھي ٿي، ۽ انھيءَ ڪري انھن سان زيادھ يڪدل ٿي انھن کي وڌيڪ چٽو ۽ صحيح سمجھي ٿي. ھن سلسلي ۾ عظيم شاعريءَ لاءِ اِھو بھ ضروري نھ آھي تھ اھا پنھنجي وقت جي واقعن جا تفصيل بيان ڪري يا انھن ڏانھن رڳو ڪو کليل اشارو ئي ڪري – ڪڏھن ڪڏھن ائين نھ ڪرڻ مروج حالتن پٽاندر ان لاءِ لازمي ٿي پوندو آھي، بلڪ اڪثر اھو ان جي فنڪارانھ ڪمال جو ئي دليل سمجھيو ويندو آھي. وقت جي حقيقتن جو سچو ۽ پورو عڪس سو ان ۾ ضرور موجود ھوندو آھي، ۽ ان خيال کان ان ۾ تاريخ جي جھلڪ ھوندي آھي، ساڳئي وقت ان ۾ انھن حقيقتن جو تعبير بھ موجود ھوندو آھي ۽ ان لحاظ کان ان ۾ فلسفي يا حڪمت جي بھ جھلڪ ھوندي آھي، تنھن کان سواءِ ان جي اظھاري صورت ۾ سمورن لطيف فنن جو پڌرو ۽ اشاراتي حسن موجود رھي ٿو – جو محسوس ڪرڻ کان علاوھ ڏسي بھ سگھجي ٿو، ٻڌي بھ سگھجي ٿو، ۽ ڪن حالتن ۾ ”چکي“ ، ”سونگھي“ ۽ ”ڇھي“ بھ سگھجي ٿو – بلڪ ان جي اھا ”حسن آفريني“ ئي ان جي بنيادي جان ھوندي آھي، ان جي ڪري ئي عظيم شاعري ھڪ لافاني شيءِ بنجي ٿي، عظيم شاعريءَ ۾، جيئن ٻيءَ ھر تحرير ۾، موجود حقيقتن ۽ حڪمت جا ڪي نڪتا ۽ نشان وقت جي تبديليءَ سان جھڪا ۽ غير ضروري بھ بنجي سگھن ٿا. پر ان جو حسن دائمي آھي ۽ ان ۾ اھو ھر زماني ۽ ھر دور ۾ من کي وڻڻ ۽ گرفت ۾ آڻڻ لاءِ موجود ھوندو آھي. اھو ئي سبب آھي، جو شاعري پنھنجي حقيقت نگاريءَ، حڪمت ۽ حسن سان گذريل دورن جي اعليٰ ۽ پرزور مقصدن ۽ امنگن جي نھ رڳو امانتدار ۽ ترجمان بلڪ انھن جي توسيع ۽ تبليغ جي سڀ کان وڌ بااثر، دائمي ۽ واضح بيان يا وسيلو شمار ٿيندي پئي آئي آھي. سنڌي سماج جي تاريخ ۾ مذھب * ان تي سدائين غالب رھيو آھي. سنڌي سماج جو، ھر مذھب سان ان جي فاتحانھ حيثيت ۾، واسطو پيو آھي. آرين، ايرانين، يونانين، عربن – ويندي، وچ ۾ ٻڌمت جي ”آھسنڪ“ گپتا گھراڻي ۽ برھمن واد جي ”ويدانتي“ راءِ گھراڻي وارن – سڀني سنڌي سماج کي پنھنجي پنھنجي مذھب سان فاتحانھ يا ڪم از ڪم حڪومتي، انداز ۾ روشناس ڪرايو. سنڌي سماج جي سڄيءَ تاريخ ۾ رڳو ھڪ سؤ سالن (1843 کان 1947 تائين) جو عرصو اھڙو رھيو آھي، جڏھن مسيحي فاتح قوم پنھنجي سياسي ۽ تھذيبي فوقيت قائم رکڻ لاءِ مذھب کي ھٿيار طور استعمال نھ ڪيو، بلڪ جنھن صورتحال کي جديد دنيا ۾ ”مذھبي آزادي“ يا ”مذھبي لاتعلقي“ چئجي ٿو، ان کي پنھنجي حڪومت جي واضح پاليسيءَ طور عمل ۾ آندو ۽ قائم رکيو. اھا ڪيڏي نھ افسوس جي ڳالھھ آھي، جو ان ”مذھبي آزاديءَ“ جي مختصر دور ۾ ئي اقتدار ۽ معتبرائيءَ کان محروم پر ان کي ٻيھر حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ ورتل مذھبُ، سياست کي ھٿيو بنائي، سنڌي سماج جي ايڪي بلڪ ان جي وجود کي وڌ ۾ وڌ نقصان پھچائي سگھيو. سنڌي سماج ۾، مذھبَ جي ھن صدين کان ھلندڙ سياسي غلبي ۽ ان غلبي جي لازمي شدت ۽ ڪٽرپڻي، سنڌ جي ذھني دنيا ۾، علمي سطح تي ۽ مجموعي طور ٻين ڳالھين کان علاوھ ھڪ خاص قسم جي ٻٽي ردعمل کي جنم ڏنو، جنھن کي ”مذھبيت“ کان مايوسي ۽ بيزاري، پر ”مذھب“ سان عقيدت ۽ راضپي جي روش چئي سگھجي ٿو. ايتري قدر، جو سنڌي سماج جي اھا ٻٽي ذھني ڪيفيت، جنھن ان ۾ مجموعي طور مذھبن ۽ مذھبي فرقن جي سلسلي ۾ سرچاءَ ۽ ڪشادھ دليءَ جي عام روش کي جنم ڏنو، سنڌي تھذيب جي اوسر جو ھڪ بنيادي ۽ مرڪزي پٿر بنجي ويئي.

*

* ڏسڻو ھي آھي تھ مذھب جو، اقتدار جي دنيا ۾ يعني سياست ۾، ۽ اخلاقيات جي دنيا ۾، تاريخي عمل ڪھڙو رھيو آھي. اقتدار جي دنيا ۾، ان بيحد شدت ۽ ڪٺورتا کان ڪم ورتو آھي – لازمي طرح ان کي ائين ڪرڻو ھو، ڇاڪاڻ تھ مذھب، پنھنجي معمول مطابق، پنھنجن معتقدن تي، جن کي ان مان سچي ايمان جي روشني ملي ٿي، ھيءُ روحاني فرض عائد ڪري ٿو تھ ھو ڪافرن کي ڪفر جي اوندھھ مان ڪڍي ٻاھر ڪن. تنھن کان سواءِ، ان ايمان جي روشنيءَ جو خاص واسطو جسم کان وڌيڪ روح سان رھي ٿو ۽ تاريخ ان حقيقت جو ثبوت سدائين بيشمار ڪافرن جي ماس ۽ رت (يعني انھن جي لاشن) جي صورت ۾ پئي ڏنو آھي.

ھن سلسلي ۾ اھا ڳالھھ بھ پڌري آھي تھ جيڪي سچي ايمان جي روشنيءَ کان انڪار ڪندا، اھي بھرحال انھيءَ کان بھ انڪاري ھوندا تھ مومنن کي مٿن حڪم ھلائڻ يعني، صاف سڌن لفظن ۾، سندن ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جو ڪو حق آھي! بس، ائين مقدس ايمان جي روشنيءَ ۽ ان جي مقدس ڪتاب جي تبليغ سان ملڪن ۾ مؤمن قومن جي جذبي ۽ حڪمرانيءَ جي جھنڊن کوڙڻ جو پورو جواز ۽ لاجواب سبب پيدا پئي ٿيو آھي. ان ۾ جيڪڏھن چند داعي، مبلغ، درويش يا عالم شخصي طرح اخلاص ۽ پاڪبازيءَ جا پتلا بھ ھئا، تھ ان ڪري اصل ڳالھھ ۾ ڪو فرق ڪونھ ٿي پيو – انھن جي پاڪبازيءَ ۽ لاطمعيءَ پاڻ ان قوت ۽ اقتدار کي مدد، بچاءَ ۽ تقدس ٻخشڻ جو ڪم ٿي ڏنو ۽ ان وچ ۾ انھن جا ٻيا مؤمن ڀائر اھا ئي قوت ۽ اھو ئي اقتدار پنھنجي پوري جھد ۽ جولان سان استعمال ڪندا ٿي رھيا، تھ جيئن پنھنجي ان جھاد جي عوض ھو جنت جا مالڪ ۽ وارث بنجي سگھن – آخرت جي جنت کان وڌيڪ ھن دنيا جي جنت جا، غلام ملڪن جي باغن ۽ کيتن جي جنت جا، انھن جي وادين ۽ دريائن جي جنت جا، محڪوم قومن جي پگھر ۽ پورھئي ۽ رت ۽ ست جي جنت جا. مقدس دين – پنھنجن چند نيڪ ۽ متقي عالمن ۽ درويشن کان تقريبًا لاتعلق – پنھنجن انھن ”جنت“ پسند مجاھدن جي ھر فتح ۽ ان جي بي انداز مال غنيمت کي پنھنجي خداي قدوس جي طرفان مؤمنن تي لازوال فضل ۽ ڪرم جي بارش ۽ سندس احسان عظيم چوندو ۽ ظاھر ڪندو رھيو – برابر سندن خدا ساڻن خوش ھو ۽ ھو پاڻ بھ خدا سان خوش ھئا! اِئين اخلاقيات جي دنيا ۾، ھڪ تھ مذھب پنھنجن معتقدن جي ذھنن ۾ اھڙو ھڪ ڏٺو وائٺو ۽ بي سرتيو غرور ڀريو تھ سندن پنھنجو ڪردار ۽ پنھنجا اخلاقي قدر ٻين جي ڪردار ۽ اخلاقي قدرن کان بھر صورت بھتر ۽ اعليٰ ھئا ۽ انھيءَ ڪري سندن اھو حق بھ ھو ۽ فرض بھ ھو تھ ٻين جي عقيدن کي بدلائڻ ۽ انھن کي راھھ راست تي آڻڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ان لاءِ ھو ھر قسم جي طريقن کي ڪم آڻڻ ۾ حق بجانب ھئا : ۽ ٻيو تھ انساني تھذيبن جي ان اختلاف ۽ ٽڪر ۾، ۽ ان جي نبيري ۾، مؤمنن جي عقيدھ پرست ۽ خود پسند جنون انساني اخلاقيات کي اھڙو ھڪ اجھاڳ ۽ پر فريب روپ ڏيئي ڇڏيو، جھڙو سمنڊ ڪڏھن اجھاڳ ھو ۽ جھڙو اڄ بھ ھو پرفريب آھي. انھيءَ ڪري اسين پوري اعتماد سان چئي سگھون ٿا تھ ڪوبھ جيڪڏھن چاھي تھ ھو! !سچ پچ ھڪ نيڪ ۽ بااخلاق انسان بڻجي (اسان کي دل ۾ اھو شڪ آڻڻو نھ آھي تھ نيڪ ۽ بااخلاق انسان ٻڻجڻ ممڪن بھ آھي يا نھ، بلڪ آءٌ سمجھان ٿو تھ اسان کي پورو يقين رکڻو آھي تھ ائين ممڪن آھي)، تھ ھن کي سڀ کان پھريائين مقدس ايمان جي منع نامن، گناھن ۽ منافقتن کان پاڻ کي ڇني ڌار ڪرڻو آھي. تحقيق، جيڪڏھن خدا جي تصور يا مفھوم ۾ ڪا سچائي يا ڪا افاديت آھي، تھ اھا اِھا ئي ٿي سگھي ٿي تھ ان جي مدد سان اسين پنھنجي من ۾ وڌيڪ ڪشادا، وڌيڪ آزاد ۽ وڌيڪ پيار ڪندڙ انسان بڻجون. جيڪڏھن خدا اسان کي ائين نٿو بڻائي سگھي، تھ پوءِ بھتر آھي تھ اسين ان جو نالو وٺڻ ڇڏي ڏيون.“ 

(جيمس بالڊون ھڪ آمريڪي سياھھ فام پادري) : حوالو انگريزيءَ جي ڪتاب “Freedom, Reason or Revolution” تان، ايڊيٽر – گارڊن بُوڪر، روليج ائنڊ ڪاگن بال لميٽيڊ، لنڊن، 1970ع. )

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com