سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ويدانتي وڻڪار

 

صفحو :11

گيان (ڄاڻ) يا معرفت

        پهرين ٽن پرڪرنن ۾ ڪي تمام مکيٿ ڳالهيون برسڌ ٿي ڪيون آهن – ارٿانت:-

        1- جتي جيوَت آهي تتي سک جي سڪ آهي ئي آهي. سڀڪو جيؤ، ننڍو توڙي وڏو، ڪيلي توڙي ڪنچر (هاٿي) سک لاءِ پيو تڙپي. اُهو ڪهڙو سک؟ جو سدائين جٽاءَ وارو ۽ سروَ ڄاڻو هجي يعني جنهن ڄاڻ کان مٿي يا وڌيڪ ٻيو ڪو ڄاڻ نه هجي. رات ڏينهن اِها ئي جهوري، اِهائي لوري لڳي پيئي اٿس ۽ پل پل انهي سروَ سک، انهي ست چت آنند، انهي اندر واري کي پيو اَنڌن جيان وئڙي ۽ ڍونڍي.

        2- ڪو به ٻاهريون يعني دنيا جو پدارٿ اسانکي اُهو سچو آنند نه ڏيندو جنهن ڪاڻ اسين هيترو پيا واجهايون ۽ پاڻ پتوڙيون.

        3- انهي سک پراپت ڪرڻ لاءِ من. جو سدائين ٻاهرئين جڳتر سان وهنوار ۾ رڌل رهي ٿو سو مرڻ گهرجي.

        4- من جو موت معني آهي من جو اگيان جي اوندهه مان نڪرڻ ۽ پروڙڻ ته پاڻ (من)، آتما يعني پراگنا يا پرم پاڻ کان نرالو نه آهي.

        انهن مٿي ڄاڻايل سڌانتن (حقيقتن) مان پڌرو آهي ته من (پاڻ)، پراگنا يعني پرم پاڻ هئڻ ڪري آنند جو آستان آهي ۽ جيئن ڪنهن لکا پتيءَ کي پنهنجي شاهوڪاريءَ جي سڌ نه هجي ۽ وتي وائڙن جيان پنندو ۽ ٿاٻا کائيندو، تيئن هي سچ پچ آنند روپي من پنهنجي آدي (اصلوڪي) سروپ کان بي سڌ ٿي يعني ڀلجي پيو سکه جي ڳولا ۾ ٽولاڪا کائي. جڏهين من يعني اندر واري يا جيو کي سوجهي پوندي ته مون ۽ آتما يا پراگنا جي وچ ۾ ڪو ڀيڌڀاءُ ڪونهي يعني جڏهين کيس پنهنجي سچي سڀاءَ جي سڌ پوندي، تڏهين هنکي سچو سکه پراپت ٿيندو جنهن لاءِ هيترو پئي پاڻ پتوڙيائين ۽ ڏکه ڏوجهڙا ڏٺائين. پوءِ هو پاڻمرادو ٻاهر ڀٽڪڻ جي پچر ڇڏي ڏيندو. ڪهڙو ڌونونت نرڌن ٿيڻ چاهيندو؟ اهي سڌانمت، اهي سڀاويڪ سچ اسانجي شاسترن ڪئين اَڪيچار نمونن ۾ نرنءِ ڪيا آهن. واٽون سي نراليون نراليون آهن. بر مقصد – توڙ – ساڳيو سکه.

        اسين دکي آهيون، اسين سکي ٿيڻ چاهيون ٿا، پر نهاريون پيا اَوجهڙ پاسي جتي سک آهي ئي ڪونه. دکن جي درياهه مان لنگهي پار پوڻ لاءِ، اسانکي سچو ۽ سدائين جٽاءُ وارو (نت نيڀهه) سک ڳولي هٿ ڪرڻ گهرجي. پٽڻو ته نپٽ پار کان ئي پڻو. اسانکي دکه جي بنهه پاڙ پتڻ گهرجي. مڙهيون ۽ مندر، ڌرم سالائون ۽ اَناٿ آشرم، اؤکد آليه وغيرهه اِهي اسانجو مسئلو ڪونه حل ڪري سگهندا. اِهي ڪي سچا اُپاءَ نه آهن. اِهي آهن وقت جون کيڏون ۽ ڏڏوڏاڻ، کڻڀنگر ۽ ٻاهريون يڪتيون. جيوَت جي وڪارن ۽ براين جو اَڻگس علاج آهي اگيان جي اُوندهه مان نڪرڻ.

اوچتوئي اوچتو من ۾ اچي وهم ويٺو ۽ وسهڻ لڳو ته آتما (پراگنا) جوئي رڳو سچ آهي، تنهن کان مان نيارو (اَلڳه) آهيان. اِهو گهاٽي ڀولائو، اِهو ڀرم ئي آهي، جنهن اسان کي اَنيڪ جنمن جي چڪرن ۾ آڻي اَڙايو آهي، جو آپسوارٿ، وير ونجهوڳه ۽ جهيڙن جهٽن جو مول ڪارڻ آهي. اِهو جدائيءَ جو ڀرم، اِهو اگيان ئي آهي جنهن اسان کي ههڙو سوڙهه – دليو، ننڍڙو، نيچ ۽ ڪين جهڙو بنايو آهي. انهي اگيان کي ويدانت وارو مايا يا اَوديا جي نالي سان سڏين ٿا.

        اُتپتي ۽ سندس ساٿي ڏکه ڏاکڙا، جوڻين جا چڪر اِتان شروع ٿيا جتي من ٿڙڪيو يعني ڀلجي پاڻکي آتما کان اَلڳه سمجهڻ لڳو. اِها ڀل، اِها مايائي آهي جنهن هيءَ سڀ رچنا رچي آهي. اَناتما وٿن جي پاڙ مايا آهي. سندس سڀاءُ اگيان آهي. هنکي مول پرڪرتي به چوندا آهن. هن ۾ ٽي گڻ، ستو، رجو ۽ تمو وياپڪ (سمايل) آهن، جي پيا کيل کيلين ۽ رنگه رچائين. منجهن نت پرت ۽ پل پل پيئي مٽ سٽ ٿئي جن جي پرڀاءَ هيٺ ۽ برڪت سان هي سارو پسارو، هي نانا روپ پر گهٽ ٿيا آهن. مايا يا اگيان ڪري ئي هڪ مان ٻه ٿيا ۽ ٻن مان ٻهون (گهڻا). ڪيئنم اَدرشٽ مان درشٽ ٿيو، ڪيئن نرآڪار مان آڪار ٿيو، ۽ ڪيئن آڪار وڌي وستار ٿيو، تنهنجو ورتانت مثال طور هيٺينءَ ريت اُپنشدن ۾ ڏنل آهي:-

        پرجا پتي، آدي پرش يعني پهريون پهريون ديهه ڌاري (جيوُ) ڏاڍو ويڳاڻو ۽ وياڪل ٿي پيو. اڪيلي رهڻ ۾ رهس ۽ مزو ڪنهن کي به ڪونه ٿو اچي. کيس ساٿيءَ جي سڪ ٿي. سندس اَوستا اهڙي هئي جهڙي اِستري ۽ پرش جي هڪ ٻئي جي آنٽي ۾ ٿيندي آهي. هن اِها اَوستا ٻٽي ڪري وراهي ته ٻه جيوَ نر ۽ ناري ٿي پيا. سندس سنگه مان ماڻهو پئدا ٿيا. نارئ پاڻ سنڀاليو؛ چي ”جنهن مونکي اُپايو آهي تنهن سان منهنجو سنگه نٿو سيبائي. مان هاڻ پاڻ چيائينديس.“ سو ديهي بدلائي گانءِ ٿي پيئي ته هو وري گابو ٿي پيو. ائين ڍڳيون ۽ ڍڳا اُتپن ٿيا. انهي پرماڻي اَنيڪ پرڪارن جون آڏيون ديهون ڌاري ننڍي ۾ ننڍيءَ ڪيليءَ ۽ ڪيئين تائين هن جنس وار هر هڪ جئرو جاڳندو آڏو جوڙو اِسٿاپن ڪيو.

        هن ڄاتو مان ئي رچنا آهيان، مان ئي رچنما جو ڪرتا آهيان. جو سچ پچ ائين اَنڀؤ ڪري ٿو ته سندس آتما جڳتر آهي، سو هن سرشٽيءَ ۾ پرجا پتي جيان ليکيو وڃي ٿو.

        اسان کي مٿين اَرٿاءَ (مثال) جي سمجهاڻي ۾ ڳوڙهي وڃڻ جو ضرور نه آهي، پر ڳالهه جو پروجن پڌرو پيو آهي. ڏيکاري ٿو ته ڪيئن ڪال ۽ ڪارڻ جي سنسڪارن (اثر) هيٺ هڪ مان ٻه ٿيا ۽ ٻن مان ٻهون؛ ڪيئن انهي دوئي يعني ٻيائيءَ جي ٻج مان هي سارو دکه روپي سنسار ڦٽي نروار ٿيو ۽ ڪيئن، جڏهين گيان جي پرڪاش دواران هيڪڙائي ۽ گهڻائي جو ڀيڌ ڀاءُ نڪري ويندو ۽ سڀ هڪ ئي هڪ ڏسڻ ۾ ايندو، تڏهين هي دکه روپي سنسار پاڻ کان پاڻيهي الوپ ٿي ويندو. هڪڙي مها پرش جو چوڻ آهي ته ٻيائي سين ٻک جن وڌو سي اَڙيا. هڪڙي تامل رشيءَ جا وچن پڻ ويچارڻ جوڳا آهن. جڏهين مان ۽ مان جو وهم جو (لپنا) ڪنهنجي اَندر ۾ اُتپن ٿئي ٿو، تڏهين جڳتر- مايا – پرڪرتي اَنيڪ روپ ڌاري وڃي پکڙندي ۽ پوءِ جو دکه روپي مهاساگر اُسري پاڙيون ڪريو پلٽي، آها، تنهنجو ورنن ڪير ڪري سگهي؟ ماس ديهي، اِندريون، اَندر، ٻاهر، آڪاس، وايو، اَگني، جل، پرٿوي، جبل، ننديون ۽ رڻ پٽ ۽ ٻيا به ڪئين وڏا وڏا ڏٺل ۽ اَڻ ڏٺل پدارٿ، جي جبلن جي قطارن وانگيان وڃن هڪ ٻئي مٿان اُسرندا ۽ چڙهندا، ويسر ۽ سانڀر، ڏکن ۽ سکن جون ڇوليون، هي سارو سنسي (مايا) روپي مهاساگر، ڪرم، جي کين هستي ڏين ٿا، ڌرم ۽ ڌرم

پال، جن جيون جي ڪلياڻ ڪاڻ پنهنجا پنهنجا پنٿ ۽ مت متانتر جاري ڪيا، ديوتائون، ڀڳت، نگم ۽ شاستر، نيت مرجاتا جا نيم ۽ ڪڙم، اڙي! سمنڊ جي ڪناري جي واري ڳڻڻ سولي، پر بڇڙاين جو نبهيڙون، پينڊين پٺيان پينڊيون، ڪٽڪن تي ڪٽڪ، جي جدائي جي ڪوڙي ڪلپت (خيال) ئي سڌ ڪيون آهن سي ته ڳڻڻ يا ويچارڻ کان ٻاهر آهن.

        جيوت جي براين، ڏکن ۽ ڪشٽن جو پورن ۽ چٽيئڏاڻ اؤکد آهي اَوديا (اگيان جي اوندهه مان نڪرڻ. اُٿو، سجاڳه ٿيو، ڪنهن مهاپرش جي سرن پئو، ڪنهن گروءَ کان گيان جي ڏات وٺو. اڳيان جي اوندهه نڪري ويئي ته پوءِ ٻالڪ اَهنڪار يعني مان ۽ مان جي ڪؤڙي ڪلپنا پاڻيهي ناس ٿي ويندي ۽ پوءِ پنهنجو ”سچو پاڻ“ يعني ”پرم پاڻ“ يا آتما پاڻ مرادو پنهنجي ئي جوت ۾ پيو جهلڪندو، جيئن چنڊ، گرهڻ کان ڇٽڻ مهل ڪندو آهي. جو هن ئي جيوت ۾ گيان پرائي ٿو سو جنم مرڻ جي جک جک کان ڇٽيو پوي ۽ اَمر ٿيو وڃي. جو هيءُ اُملهه مانکي ديهي، جا ڪنهن پورن پڃ ڪري ملي آهي، سا اجائي وڃائي ٿو، سو ڄاڻي ٻجهي پنهنجي پير تي ڪهاڙو ٿو هڻي. اُهي وير، اُهي وريام جي سڀ ۾ آتما پسن ٿا تن هي جڳ جيتيو آهي. سي سدائين جئرا آهن. آتما جي ڄاڻ کان سواءِ نيتارو ڪونهي.

”جئڻا اڳي جي جيا، جڳه جڳه سي جئن؛

                        موٽي ڪين مرن، مرڻ اڳي جي مئا.

مرڻا اڳي جي موا، سي مري نه ٿيا مات؛

                        هوندا سي حيات، جئڻا اڳي جي جئا.“

( شاهه )

 

        ٿائيمور رشي چوي ٿو ”ماڻهون ڀلي ته سنت يا مهاتما پرش جهڙي جيوت ڪاٽي، ڀلي ته ڀڳتي ڀاءَ ۾ گذاري. ساري دنيا جا تيرت تڪيا ڀيٽي – سمنڊن ۽ نندين ۾ اشنان ڪري – ڀکي ته وچ اگنيءَ ۾ ويهي بکه اُڃ ماري پراسچت (پڇتاءُ) ڪري – هوا پاڻي ۽ سڪن پنن تي نر ٻاهه ڪري، مون ورت ڌاري ۽ ڪٺن تپسيا ڪري پهاڙن جي گهور گفائن ۾ رهي، ڀلي يوگه ٻل سان اندر جون رڳون ۽ ناڙيون ۽ نسون ڌوئي اُجل ڪري. پرانن کي روڪي – سماڌيءَ ۾ چندرما جو اَمرت پان ڪري (ڇوُسي)، ڪلپن جا ڪلپ پنهنجي ننڍڙي ديهي کي جيئرو رکي ته به ائ پتا ۽ آنند مئ گرو، گيان ڌاران ڪنهنجي گت ڪانهي.

        ڪني ڪيڙو جوڳه، ڪني ٽپ تيرٿ ساڌن ڪيا؛ ڪني دان پڃ جڳه هوم ڪيا، ڪني تياڳيو ڀوڳه؛ ڪني ويد پران پڙهي ڪري، سڀ چتايو لوگه؛ مٽيو تنهنجو رڳه، جنهن کي سامي مليو ستگرو.

        منڪ اُپنشد به ائين ئي ٿو آکي، چي ”اَوديا (اگيان) جي اوندهه ۾ پئي، هيءُ مورکه جيوُ پاڻکي سياڻو ۽ ودوان سمجهي ڏکڻ جي گهاڻي ۾ پيو پيڙجي ۽ جنمن جا ڦيرا پائي. بک بحراڻا، اَکا ڦلا، دان پڃ اِهي اسانکي ڪونه تاريندا. سڀڪو جيوُ پنهنجن ڪرمن آهر سرڳه جا سکه ماڻي وري اچو هن جڳتر ۾ جنم وٺي يا ته پاڻ وڌيڪ هيٺ ڪري. جي جيؤ پنهنجون اِندريون روکي، ڄاڻ ۽ سنياس جي ساڌنا سان شرڌا پائي بن ۾ رهي تپشيائون ڪن ٿا، سي پاپ کان مڪت ٿي سورج لوڪ مان لنگهي، گيان مارڳه يعني اُتر جي واٽ وٺي وڃو وئڪنٺ واسي ٿين.

        اُپنشدن ۾ به وري وري انهي ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته گيان ٻاجهون گت ڪانهي. شنڪر آچاريه پڻ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته گيان، ۽ نه ڪرم موکيه جو اُپاءُ آهي. اِنهي وشيه تي چيلي ۽ گروءَ جي ورونہه

(گفتار) گهڻي وڻندر لڳندي.

        چيلو:- شڀ ڪرم اسانکي برهم (ايشور) جو درسن ڪونه ڪرائيندا ڪيئن؟ پوءِ ڇو پيا اسين ويدانت جي واٽ پڇون؟

        گروُ:- جيڪڏهين تون ڀائين ته سڌ پوي ته گهونگهٽ اندر ڪير آهي ته ڊوڙڻ ڊڪڻ، لڇڻ ٽپڻ ۽ ڦيرين پائڻ بدران بهتر آهي ته سندس چال چلگت، ڪم، سڀاءُ ۽ ٻيا آريکڻ (اُهڃاڻ) جاچ. ساڳيءَ ريت شاسترن جو اڀياس، ٻل دان، پڇتا ٽاپ، منتر ساڌڻ ۽ ٻيون ڪريائون ڪرڻ، اڌينن ۽ اناٿن کي کارائڻ مان آتما جي ساڃهه ڪانه پوندي.

        چيلو:- ميرو شيشو، اي پوُج پتا، هٿ سان اُگهڻ يا ڌوئڻ اُجل ٿي سگهي ٿو. اُتي ٻڌيءَ جي حاجت نه آهي. تهڙيءَ ريت گيان پرائڻ کانسواءِ ڪرمن جي وسيلي شڌ نٿو ٿي سگهجي؟

        گروُ:- بابا – شيشي جي مر سچي آهي پر من جي ميراڻ يا ڪارنهن ڪوڙي، ڪلپت جي (خيالي) آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڀلجي پاڻکي آتما کان الڳه سمجهيو ويٺو آهي. پهڻيءَ (گول ۽ لسو پٿر) جي مر سچي نه آهي، رڳو پاڇي ماتر آهي. پهرينءَ حالت ۾ هٿ لڳائڻ يا ڌوئڻ ئي بس آهي. پوئين حالت ۾ من پاڻ چئي سگهندو ته پهڻي اوجل آهي ڪين نه. ساڳئي ريت من جي اَڻ ڄاڻائي (اگيان) گيان جي سوجهري پوڻ بنا دور نه ٿيندي.

        گيان ڇا آهي؟ نرلنڀ اُپنشد چوي ٿو ته گيان آهي ڄاڻڻ، ته هيءَ ساري روبڪار، هي سارو پسارو چيتن جوئي چمتڪار آهي. پاڻ ئي چيتن آهي. چيتن يا برهم کان ٻاهر ٻيو ڪجهه نه آهي. پاڻ ئي درشتا آهي پاڻ ئي دريشيه آهي. پاڻ ئي ڏسندڙ آهي پان ئي ڏيساندڙ (يا ڏيکه) آهي.

        پنهنجو پسارو پاڻ ٿو پسي.

        ”پاڻ ئي پسي پاڻ، پاڻ ڪَرَ پاڻ لهي.“

        هو سم پورن يعني سڀ ۾ پورن آهي. نه ڪنهن ۾ گهٽ نه وڌ. هنکي ڪپڙي گنديءَ يا ٺڪر ٺوٻر وانگر جدا جدا روپ نه آهن. سچه پچه هنکي نه آهي رنگه نه روپ، نه آهي انگه نه آڪار. هو سڀ ۾ رمي رهيو آهي. هڪ اَڻي به کانئس اوُرن (خالي) نه آهي.

        شاهه لطيف به ساڳي اهڙي ئي اور ٿو اوري:-

        سو هيُ، سو هوُ، سو اجل1 سو الله؛
        سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهروُ 2.
        سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي من وسي؛
        سوئي سو پسي، تنهن سندو سوجهرو.
                                                     (شاهه)

 

        اندرين کي وس ۾ رکي، گروءَ جي شيوا ٽهل ڪري، آتما بابت پريم ۽ پريت سان، سندس شڌ واڻي سڻي، ويچاري سندس سکيا (ڏيکاريل واٽ) موجب ساڌنا ڪري پنهنجو پاڻ پڇاڻي، اِهو آهي سٺي ۾ سٺو ۽ پورو ورنن گيان جو. مٿئين بيان مان صاف ظاهر آهي ته پهرين پهرين آتما جي سروپ بابت گروءَ جي سمجهاڻي ڌيان ۾ رکي اُنهي تي ويچار ڌري ۽ پوءِ اُن گروُءَ جي ڪرپا سان پاڻ اُهو سچ پروڙي. انهي وشيه تي اسين، رڳو ويچار شڪتيءَ جي پاسي کان وستار ڪري سگهنداسين، باقي ٻيو پاسو يعني پروڙڻ، اَنڀؤ ڪرڻ سو ته آهي سڀڪنهن جي مرضيءَ تي ڇڏيل. جيڪي ڳولين سي ئي لهن. هيءُ آهي ڏوريندن جو ڏيهه، ويٺن تي واري وري.

 

        پڇن سي ئي پسن، جڏهين تڏهين پرينءَ کي؛
        ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.
                                                        ( شاهه )

 

        ويچار شڪتيءَ جي پاسي کان ڏسبو ته ٽي مکيه ڳالهيون نرنءِ ٿينديون: (1) ڏسندڙ ۽ ڏيساندڙ (ڏٺو) ٻئي پراگنا يعني چيتن جا روپ آهن، (2) پراگنا سڀ ۾ پرويش ڪري رهيو آهي 7 نالي ۽ روپ جي بنڌڻن کان باهر آهي، (3) هي سڀ ڀن ڀن وٿون، هي سڀ وچتر ۽ انيڪ پدارٿ، ۽ چراچر، سچ پچ پراگنائي آهي ۽ نه ڪي ٻيو. اَر ٿانت، هي جيڪو ڀيڌ ڀاءُ ڏسڻ ۾ اچي ٿو سو رڳو ڀرم ماتر آهي يعني من جو رچيل آهي ۽ من ۾ ئي لين ٿي وڃي ٿو.

        ڪي شايد ائين به چون ته گيان جو دائرو تمام موڪرو رکيو ويو آهي. ايترو چوڻ بس نه آهي ڇا ته گيان آهي ويچارڻ ۽ پوءِ ساڌنا ڪري اَنڀؤ ڪرڻ (پرکڻ) ۽ پروُڙڻ ته من يا جيوَ ۽ آتما جي وچ ۾ ڪو ڦير يا فرق نه آهي؟ پوءِ ڪهڙو ضرور چوڻ جو ته ڏسندڙ ڏيساندڙ (ڏٺو) ۽ پراگنا (ڏسڻ شڪتي) اَٿوا جيوُ-جڳتر ۽ آتما مڙيئي هڪ آهن؟ اسانجي دکن جو موُل ڪارڻ آهي اها اڻ ڄاڻائي، اهو اگيان ته جيوُ ۽ آتما ٻئي هڪ ٻئي کان نرالا آهن. انهي اگيان جي اوندهه مان نڪرڻ لاءِ رڳو ايترو ڄاڻڻ بس نه آهي ڇا ته جيوُ ۽ آتما ٻئي هڪ آهن؟ هروڀرو ٽنهين جي هيڪڙائي ثابت ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور پيو آهي؟ ها، ضرور آهي. سو هن ڪري ته اهو اندر وارو جنهنکي اسين نت ڳوليون پيا (جيئن ٻئي پرڪرڻ ۾ ثابت ٿي چڪو آهي) سو نه رڳو انادي ۽ بي انت آهي پر نت نيڀهه ۽ سرؤ ڄاڻوُ به آهي. تنهنجي معنيٰ ته انهي ”پرم پاڻ“، انهيءَ اندر واري کان الڳه ٻيو ڪجهه نه آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو. ائين چوڻ ته جڳتر آتما نه آهي، سو ڏيکاري ٿو آتما بي انت نه آهي، جا ڳالهه سڌانت يعني ثابتيءَ جي اُبتڙ آهي. شاهه لطيف اِنهي وشيه تي ڪي جو ڪي ڇليو آهي. ڏاڍا عجيب ٻول ٻوليا اٿس.

        (1)  پڙاڏو1 سوئي سڏ، ور وائيِءَ جو جي لهين؛
             هئا اڳيئي گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
        (2)  سائي صورت عين (ع) جي، سائي صورت غين(غ)؛
             سمن2 نقطا ڏور ڌرو، ته عين ڪي عين.

        نوٽ:- جيئن ع ۽ غ جو روپ ساڳيو آهي، رڳو ٽٻڪي ئي ايڏو ويڇو وڌو آهي؛ تيئن پرڪرتي ۽ پرش به ساڳي ڳالهه آهي، رڳو اگيان يعني انڌ جو پردو مٿس چڙهي ويو آهي تنهنڪري ايڏو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

        ٽئين پر ڪرڻ ۾ ثابت ڪيو ويو آهي ته جيو اَٿوا (يا) اندر وارو جنهن کي من ڪري سڏيون ٿا سو سڀاويڪ آتما کان نيارو نه آهي ۽ هو دکي آهي ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي سچي سڀاءَ (سروپ) جي سڌ نه آهي. انهي ۾ شڪ ڪونهي، ته منس (من) ٻڌي، سنڪلپ شڪتي، اَهنڪار ۽ ساکي (شاهد يا ڏسڻ وارو) سڀڪو پنهنجي پنهنجي ورتڻ ۾ پورو آهي، پر اِنهي مان ائين ڪونه ٿو پرسڌ ٿئي ته جدا جدا ورتڻ ڪري سندسن سڀاءَ يا تت ۾ به ڦير هئڻ گهر جي يعني ته جدا جدا مهانڊا هئڻ گهرجن. هڪڙو ئي ماڻهون ساڳئي وقت پنهنجي زال جو مڙس آهي، پنهنجي پيءُ جو پٽ آهي، پنهنجي ڌڻيءَ جو نؤڪر آهي، پنهنجي نؤڪرن جو ڌڻي

آهي. تهڙئِ ريت، پراگنا، ساڳئي ۽ هڪ ئي وقت منس به آهي، ٻڌي به آهي، سنڪلپ شڪتي به آهي، اهنڪار به آهي ۽ پاڻ انهن پنهنجن نرالن نرالن ڪمن جو ساکي پڻ آهي. جيڪڏهين من جا جدا ڌنڌا ڌاريون سڀ سچا آهن ۽ انهن جو نباهڻ سندس لاءِ لازمي آهي ته پوءِ ڪهڙو پروجن ثابت ڪرڻ جو ته من سچ پچ پراگنا آهي؟ مڙس جي اَوستا نؤڪر جي اَوستا کان نرالي آهي؛ پر ٻئي اَوستائون منجهائي ڇڏڻ ڇاڪاڻ ته ساڳيو ماڻهون ٿو ڪري، سو پاڻ کلائڻو نه آهي ته پيو ڇا آهي؟

        هڪڙوئي ماڻهون ساڳئي وقت گهڻيئي ڪم ڪري سگهي ٿو، پوءِ ڪهڙو سود ثابت ڪرڻ جو نه ”جيو“ آتما آهي ۽ تنهنڪري آنند روپ، جيڪڏهين کيس انهن ڪمن پوري ڪرڻ لاءِ رلڻو پنڻو ۽ پاڻ کي دکي ڪرڻو ٿو پي؟ مان سچ پچ ۽ قاعدي موجب لکاپتي هجان، پر ڪا اهڙي سٻر شڪتي مونکي انهي ملڪيت ماڻڻ کان محروم ٿي رکي ۽ پيٽ پالڻ لاءِ وتان پنندو، پوءِ اِها منهنجي ملڪيت ڪهڙي ڪم جي ٿي؟ جهڙي آهي تهڙي نه. تهڙي ريت جيڪڏهين جيوَ کي لاچار (پنهنجا) پنج ئي ڪم ڪرڻا ٿا پون، جي سندس تيج، سندس پرتاب ورڇيو وکيڙيو ڇڏين ۽ پاڻ دکه ٿو ڀوڳي، پوءِ اها ثابتي ته هو سڀاويڪ آنند روپ آهي، سو ڪهڙي ڪم جي؟ اِهو سک، اهو آنند اهڙو آهي، جهڙو رت پياڪ راڪاس جي سنڀال هيٺ ڌن. برابر، پر سوال آهي ته هو سچ پچ آهي جدا جدا ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهي ڪيئن؟ هو اهي نٽائي يا ٽاري سگهي ٿو يا نه؟ سڀاويڪ جواب اِهو ئي آهي ته جيسين جڳتر آهي، ۽ هو اُن ۾ رهي ٿو، تيسين جڳتر جا سنسڪار جا ئي اُتس چڙهندا. هنکي انهن جي چرهه ڇاند ڪري، عمل ۾ آڻي، جيوَت جا ڦل، کٽا ڪي مٺا اَوس کائڻا پوندا. جيسين زالون، نوڪر ۽ ڌڻي جڳتر ۾ هڪيا آهن، تيسين ماڻهونءَ کي لاچار ڪنهنجو مڙس، ڪنهنجو ڌڻي ۽ ڪنهنجو نوڪر ٿي رهڻو پوي ٿو. ساڳيءَ ريت، جيسين هي جڳتر. مؤجود آهي، جيسين هيءَ رنگه ڀؤمي لڳي پيئي آهي، تيسين، جيوُ، راڳه (موهه)، دويش (ڪراهت) ۽ تپرس ۾ پوڻ بنا رهي ڪين سگهندو. سوامي وويڪ آنند سچ ٿو چوي: ”اڄ اسان کي مار ٿي ملي، اسين روئون ٿا، پر ڪرتي اسانکي خرچي ڏيئي پرڀائي ٿي. ٻئي ڀيري ڌڪ لڳو، اسين روئي ڏيون ٿا، پرڪرتي اسانکي ٿو ڏيئي خود ڪري ٿي، ۽ اسين وري کلڻ لڳون ٿا.“ اجهو ائين پيو جڳتر اسان سان ورتي. جيڪڏهين هيئن دنيا دلبا ڏيندي ۽ ڊوه ڪندي، ته پوءِ ڪهڙو ضرور ڄاڻڻ جو ته اسين اصلوڪي سڀاءَ ڪري آنند روپ آهيون؟ جڳتر کان ڇٽڻ جو هڪڙو ئي اُپاءُ آهي. اُهو آهي ڄاڻڻ ته اسانجي سچي سروپ کان ٻاهر جڳتر ڪجهه نه آهي. بنن ۾ ڀڄي وڃڻ، گفائن ۾ پاڻ پورڻ، اکيون ۽ ڪن ٻوٽي وهڻ مان ڪو جڳتر کان ڇٽي ڪونه سگهندو. اِهي بن، اهي گفائون ته جڳتر کان ڇٽي ڪونه سگهندو. اِهي بن، اهي گفائون ته جڳتر ۾ ئي آهن، ۽ حواسن بعد ڪرڻ مان ڪهڙو ڪارج سڌ ٿيندو، جيڪڏهين سپنن لهڻ کان پاڻ روڪي نه ٿا سگهون؟ رڳو هڪڙو ئي رستو آهي جڳتر کان ڇٽڻ جو. اُهو آهي ڄاڻڻ ته جڳتر اهڙو بڇڙو يا نبريل نه آهي جهڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، نڪي نيتيءَ جي اُبتڙ ۽ چريائيءَ جي پوُرن ۾ ٽمٽار آهي، نڪي اهڙو نرد ئي ۽ ظالم آهي جهڙو اسين کيس سمجهي رهيا آهيون، پر جڳتر سچ پچ پاڻ ئي پراگنا آهي ۽ ٽنهن ڪري پنهنجي اصلوڪي سروپ سان هڪ آهي. جيئن ست پرشن جو چوڻ آهي ته پڙاڏي (پڙلاءِ) ۽ سڏ ۾ ڪو تفاوُت نه آهي، رڳو ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا آهن، نه ته آهي اُهو ئي ساڳيو ئي سڏ. جو پاڻ (ارٿانت پنهنجو سچو پاڻ يا آتما) کي ساريءَ سرشٽيءَ ۾ سمايل، ۽ ساري سرشٽي پاڻ ۾ سمايل ڏسي ٿو، سو جوڻين جي ڀيڙ کان ڇوٽڪارو پائي وڃو پرم گتيءَ کي پهچي. جڏهين ماڻهوءَ

کي سڀ جيوَ هڪ سمان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيئن گياني پرش سڀ ۾ پاڻ ئي پاڻ پسي ٿو، تڏهين پوءِ هنکي ڪهڙو ڊپ ڪهڙو ڊاءُ؟ ڪهڙو سنسو ڪهڙو شوڪ؟ برهداڻيڪ اُپنشد پنهنجي مٺي ۽ ونندڙ واڻيءَ ۾ هيئن ٿو آکي: ”پرجا پتي ڊڄي ويو، تنهنڪري ماڻهو اڪيلي سر ڊڄي ٿو. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو: ڪا پهر ڪانه ڏنائين: آٿت آيس ۽ دل ۾ سوچڻ لڳو ته جڏهين مونکان سواءِ ٻيو ڪو آهي ئي ڪونه تڏهين پوءِ مان ڪنهن کان ڊڄان ۽ ڇو؟ اِئين سندس ڊپ ويندو رهيو. ڊپ ٻئي کان ٿو ٿئي. ٻيو آهي ئي ڪونه ته پوءِ ڊپ ڪنهن جو؟ جيسين اسان پاڻ پرکيو ۽ نسچهه نه ڪيو آهي ته من کان ٻاهر جڳتر ڪونهي، تيسين مايا (پرڪرتي) جي ڇل ول کان ڇٽڻ محال آهي. ٻيو ڪو آهي ته سڀاويڪ ڊپ ٿئي ٿو ۽ راڳه ۽ دويش (موهه ۽ ڪاهت) ۽ ٺڳجڻ جو امڪان رهي ٿو.“ انهي مان پرسڌ (پڌرو) آهي ته جيؤ ۽ آتما جي هيڪڙائي ثابت ڪرڻ اجائي آهي، جيسين جڳتر جي هيڪڙائي به منجهن نه اچي ويئي آهي. گيان جو اَرٿ ڳوڙهو آهي. گيان آهي ٻڌيءَ ۽ ساڌنا (اڀياس) رستي پرک پائڻ، نشچي ڪرڻ ته ڏسندڙ، ڏيساندڙ (ڏٺو) ۽ چيتن (ڏسڻ شڪتي) اٿوا، پسندڙ، پسارو ۽ پراگنا سڀ هڪ آهن. جيسين انهي هيڪڙائي جي پرجهه (ٻوجهه) نه پوندي، تيسين جڳتر کان ڀڄي ڇٽڻ ۽ ڪرمن جي ٻنڌڻن کان آجو ٿيڻ اَسمڀؤ (اَڻ ٿيڻي) آهي، ڇاڪاڻ ته اِهي ڪرم ئي آهن جي من کي ٿر پائڻ نٿا ڏين ۽ سکي ٿيڻ کان پيا روڪين. انهي نسبت هيٺين وارتا لاپ ويچارڻ جوڳي آهي:-

        پرشن:- ڪنهنکي ٿا اسين آتما ڪري پوُڄون؟ سندس سڀاءُ يا سروُپ ڪهڙو آهي؟

        اُتر:- هو اُهو آهي جنهنجي وسيلي اسين ڏسون ٿا، جنهنجي وسيلي اسين ٻڌون ٿا، جنهنجي وسيلي اسين ڳالهائي سگهون ٿا، جنهنجي وسيلي سڳنڌ سهي ڪريون ٿا، جنهنجي وسيلي چڱي ۽ مٺي سواد جي سڌ پوي ٿي.

        چت (دل) ۽ من، سچيتي، راڄ جو هٺ، چڱي ۽ مٺي جي ساڃاهه (شناخت)، سٻڌ، شاسترن جو اڻ، (وگيان) سمجهه، ويچار شڪتي، سهڻ شڪتي، هوش يا حؤصلو، من جي ستنترتا، سانڀر، سنڪلپ شڪتي، اَورچائي، جئڻ جي اِنڇا، منشا، مڃتا، اِهي سڀ گيان (ڄاڻ) جا نالا آهن، يعني ته اِهي سڀ ساڳئي پراگنا جا جدا جدا روُپ ۽ ورتيون آهن.

        اِگهو آتما برهما آهي، اهو آهي اِندر، اِهو آهي پرجا پتي، اِهو آهي سڀ ديوتائون، پنج مها ڀوت (وڏا تت) جئن ڪ پرٿوي، آڪاس، وايو، جل ۽ تيج، ۽ اُنهن تتن جا به تت (مول تت)، اِهو آهي سڀني جيون جو ڪارڻ، جي آني مان ڦٽن ٿا، جي گرڀ مان نڪرن ٿا، گهوڙا، گاڙيون، ماڻهون ۽ هاٿي، جيڪي به ساهه وارا آهن (پيرن وارا يا پرن وارا، يا سرڻا)، جيڪي به جڙ ۽ اسٿاور وستون آهن، سي سڀ گيان، پراگنا نيتر ئي بحال ڪيون آهن. گيان آهي پيڙه. برهما آهي گيان (پراگنا). وام ديو گيان پرائي هن جڳتر مان راهي ٿيو ۽ پرولوڪ (ديوڪ لوڪ) ۾ سڀ سندس ڪامنائون سڌ ٿيون ۽ پاڻ اَمر ٿيِ ويو.

        اَنتريه اُپنشد اَنوسار، نه رڳو اندر وارو، جنهنکي اسين من ڪري ٿا سڏيون ۽ جنهنکي سچ پچ جيوُ ڪري سڏڻ گهرجي. سو آتما آهي، پر ساري سرشٽي آتما آهي. هي ساري سرشٽي گيان (پراگنا) ئي رچي آهي. گيان آهي پيڙه؛ برهما آهي گيان. گيان اکر مان پوري معنيٰ نٿي نڪري، تنهنڪري گرنٿ ڪارن پراگنا اکر ڪم آندو آهي. ڄاڻ ۽ سوجهي وغيره اِهي آهن ڪم، ورتيون جن ۾ گهڻو ڪري ٽي ڳالهيون سمايل آهن، ڄاڻندڙ، ڄاتل ۽ ڄاڻڻ شڪتي. پراگنا ڪو ڪم نه آهي. پراگنا پاڻ

پنهنجي روءِ سوءِ آهي. ڄاڻ، سچيتي، آد ڪ (وغيره) سڀ، سندس ورتيون، سندس ڪم آهن.“ مٿيون اُپنشد صفا کولي ٻڌائي ٿو ته سڀ جيڪي هستيءَ ۾ آهي تون ۽ مان، هيءُ ۽ هو، ڏٺو توڙي اڻ ڏٺو، جيڪي به خيال ۾ اچي ٿو سو سڀ پراگنا جي گهڙي آهي. سڀ ساڳئي کوري جون ڄڻ چڻگون آهن، جيئن ٻئي اُپنشد جو چوڻ آهي: اِهي آهن سچيتيءَ جي اَپار سمنڊ جو لهرون، ڦيڻ (گجي) ۽ ڦوٽا (ڦوڪڻا)، نالي ۽ روپ ڪري نهال ڪيا آهن، نه ته ٻيو ڪو ڦير نه آهي. سامي پڻ ساڳي اهڙي ساکه ٿو پري. سندس نرمل ۽ سيتل واڻي ڪهڙي نه ميٺاج ڀري آهي؟

        دنيا هيءَ درياهه، جڳه پاڻيءَ جا پپوٽڙا1؛
        سي پاڻيءَ مون پيدا ٿيا، تنهنجو سائر2 کي سماءُ؛
        سي ٿا الاپيون الله، پاڻيءَ پڇن پپوٽڙا.
 

        مٿي آب اُٿن، پيدا ٿيا ترنگڙا1؛
        سي پئدائش پاڻيءَ جا، اَر پاڻيءَ ۾ پسجن؛
        اُهي ٿا ائين چون، ته پاڻي اسانکون پري.
        درياه مڙيئي ڪن، ڪونهي ڪن درياه پري؛
        اُمگها ڏئيون اُڏن جي، ڦوٽا، ترنگه، ڦيڻ2؛
        ڀائين جون ڀن ڀن، سو دگر3 ناهه درياهه کون.
        نير4 منجهون نپجن، اُڀا آهن آب ۾؛
        سي پاڻي پنڊ5 ڀري ڪري، ڳا پاڻيءَ کي پڇن؛
 

        سي پاڻيءَ تان نه پس، آهي حيراني هن ڳالهه جي.
        پاڻيءَ پسيو پاڻ، تڏهين پپوٽو پاسي ٿيو؛
        ويو دگر درياهه ٿي، موٽي ٿيو مهراڻ؛
        جنهنکي اهڙو ڄاڻ، سو موٽي مورم ڪڏهين.
 

        جيڪڏهين اُپنشدن جا وچن سچا ثابت ٿين ته ويدانت جو اُنو مان سڌ ٿيو. رشين منين جو چوڻ ته ”سڀ جيڪي آهي سو اُهوئي هڪ ايشور آهي؛ کانئس ٻاهر ٻيو ڪجهه نه آهي؛“ اِنهي اونهي سچ جي پرکه تڏهين پوندي جڏهين ماڻهو پاڻ ساڌنا ڪري ساکيات ڪار اَنڀؤ ڪندو. رشين جيڪي ڄاتو، جيڪي پرؤڙيو سو سليو. هاڻي اسانجو ڪم آهي پرکڻ ته ڪيتري قدر سندن چوڻ سچ تي بيٺل آهي. جيڪي اُنهن لاءِ سچ هو، سو اسان لاءِ اُنو مان آهي. اسانکي پهرين پهرين ڌيان ڏيئي تپاسڻ ۽ ويچارڻ گهرجي. پوءِ اسان مان جيڪي سچ ڳولڻ جا اَڌڪاري هوندا، سي پنهنجي روءِ سوءِ پاڻيهي انهي هيڪڙائيءَ جي وچتر هوءِ (حسن) جو مشاهدو ماڻيندا، جنهن بابت سچن سالڪن مؤج جي مؤ ۾ گد گد ٿي اچرج جهڙيون لاتيون لنئيون آهن. شاهه عبداللطيف پڻ مؤج جي مستيءَ ۾ اهڙيون ئي حيرت انگيز ڳالهيون (سر) ٿو ڳائي:- چي،

        وحدتان 1ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل2؛
        حق3 حقيقي هيڪڙو، وائيءَ4 ٻيءَ ۾ ڀل؛
        هيءُ هلاچو5 هل، بالله سندو 6سڄڻين.
        مروئان موران پکڻا، وائيءَ ٻيءَ ۾ ڀل؛
 

        هيءُ هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.
        ڪروڙين ڪايائون تنهنجون، لکين لکه هزار؛
        جيءُ سڀ ڪنهن جي سين، درسن ڌارون ڌار؛
        پريم تنهنجا پار7، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.
 

        تات پرج اِهو ٿو نڪري ته هڪ مان گهڻا ٿي، گهڻا ۽ هڪ سڀ ايشور _چيتن) جو روُپ آهن. اُن ۾ ٻيو ڪو ڀرم نه ڌار. هي سارو پسارو، پڪ ڄاڻ ته اُنهي چيتن جوئي چمتڪار آهي. هو جيوُ جي روُپ ۾ سڀ ۾ رمي رهيو آهي، پر (سڀ ۾) ڌار ڌار درسن ٿو ڏئي. جڏهين اِهو ڪثر، اِهو ڀرم، اِهو ٻيائيءَ جو ٻج اندر مان نڪري ويندو، تڏهين سڀ ۾ ۽ سڀ هنڌ هڪ ئي هڪ ايشور پيو ڀاسندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com