سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: ويدانتي وڻڪار

 

صفحو :1

ويدانتي وڻڪار

سرڳوسي رامچند صوڀراج ڏاسواڻي

ديباچو

        هي پستڪ سرڳواسي مستر رامچند صوڀراج جو ترجمو ڪيل سندس پترن جي خواهش موجب سڄو جيئن جوتيئن ڇپايو ويو آهي. منجهس ڪيترا ويدانت بابت گنڀير سوال درشٽانتن دواران سليس نموني ۾ سمجهايل آهن. البت ڪن مثالن ۾ ڪجهه وڌاءُ ڪيل پيو ڏسجي، پر گڻ گراهڪ، سار گرهرڻ ڪري فائدو حاصل ڪندا. اسين شڪر گذار آهيون سندس پترن جا جن پنهنجن وڏن جي نمت هن پستڪ لاءِ سهائتا ڏني آهي، جنهنڪري هن پستڪ جي قيمت ٿوري رکي ويئي آهي.

        پڻ احسانمند آهيون مستر جشنمل قيمتراءِ جا جنهن صاحب هن ڪتاب جو مهاڳه لکي ڏنو آهي.

 

                        پڇاڙيءَ ۾ اسين مستر سمير سنگه پيپلس پريس جي مالڪ جا ٿورائتا آهيون جنهن صاحب هن ڪتاب جا پروف ڏسي سندر نموني ۾ پنهنجي پريس ۾ ڇپيو آهي.

 

                                       شيوا ۾

                                  هري سندر روپچند

                                            سيڪريٽري

                             ڪؤڙومل سنڌي ساهتيه منڊل

                                      کاهي رستو، حيدرآباد سنڌ.

 

ارپڻ پتر

          هيءَ  تڇ ڀيٽا مان پنهنجن پيارن
          ڏاڏي سرڳواسي مسٽر صوڀراج هاسارام
          پتا سرڳواسي مستر رامچند صوڀراج
          ڀاءُ سرڳواسي مستر منگهارام رامچند
          ڀاءُ سرڳواسي مستر حشمتراءِ رامچند
 

جي پوتر يادگيريءَ ۾ گهڻي پريم سان ارپڻ ڪريان ٿو – شل پرماتما جنهن اَوستا ۾ اُهي هجن اُنهي اَوستا ۾ کين سکي رکي ۽ پنهنجي چرنن جو ڌيان ڏئي ۽ اُهي سندس سروپ ۾ سمائجي سم روپ ٿي وڃن.

        شيوا ۾ اُتمچند رامچند ڏاسواڻي

 

 

مهاڳ

سچو ويدانت ڇا آهي؟

اَز قلم – جشن مل قيمت راءِ (S.T.C.)

        هن وقت ۾ ”ويدانت“ ۽ ”ويدانتي“ لفظن جو ارٿ تمام عجيب نموني ۾ لوڪ ڪڍن ٿا! هنجي نظر ۾ ”ويدانتي“ اخلاق رهت آهن ۽ اُڀماني آهن جو پاڻکي ”ايشور“ جو روپ ٿا چوائين. مگر در حقيقت ائين اصل ڪونهي. ”سچي ويدانتي“ جهڙو پوتر آتما ۽ نراڀماني دنيا ۾ ڪونه لڀندو. خود ”سکمني صاحب“ ۾ فرمايل آهي.

 

”برهم گياني آپ پرميشور“

 

          2- ”ويدانت“ جي ڄاڻڻ وارو ئي ويدانتي سڏجي ٿو. ”ويد“ سڀڪنهن ”وديا“ جا ڀنڊار آهن پر اُنهن ويدن جي به تت ۽ آخرين گيان  کي ”ويدانت“ چئجي ٿو. ”سچو ويدانتي“ اُهو ٿي سگهي ٿو؛ جو اڳيئي سڀني هيٺين منزلن کي طيءِ ڪري وڃي چوٽيءَ تائين پهتو آهي. خود ”جپ صاحب“ ۾ فرمايل آهي ”ايت راهه پت پؤڙيان، چڙهئيء هوءِ اِڪيش“ يعني هن راهه ۾ پت جون پؤڙيون (ڏاڪا) چڙهي ٿيندو ميلاپ هڪ ايشور سان. مطلب ته ”سچو ويدانتي“ اُهو آهي جيڪو سڀ هيٺيان ڏاڪا چڙهي، سڀ اؤڻايون وڃائي، نج، نرمل چيتن آنند سوَ روپ ٿئي ٿو. اهڙا جيو دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هوندا؛ باقي ٻيا ان راهه يا رستي تي هلندڙ جيڪي سرشٽ آتمائون آهن تنکي ”ڪانکي“، ”طالب“ يا ”پانڌيڙو“ چئجي

 

ٿو.  اهي اُن مارگه تي هلي رهيا آهن پر اڃان منزل مقصود تي پهتا ڪونهن؛ ان ڪري ”سچا ويدانتي“ سڏجڻ جا اڌڪاري ڪونهن.

          جيئن ”ڪروڙ پتي“ کان جيڪر چوريءَ جو گناهه ڪڏهين ڪونه ٿئي ڇو جو هو خود اَکٽ مايا جو مالڪ آهي پوءِ ڇاجي لاءِ چوري ڪندو؛ تيئن ”سچو ويدانتي“ راجائن جو به راجا آهي سو هو ڪيئن ايترو ڪرندو جو اَنيتي يا اَڌرم جو ڪم ڪري! جيڪي ويدانتي چوائي پاپ جا ڪم ڪن ٿا سي ”پاکنڊي“ آهن. اهڙي جيو سچا ويدانتي هرگز ڪونهن. البت هن دنيا ۾ اهڙا سچا ويدانتي هرگز ڪونهن. البت هن دنيا ۾ اهڙا ”دشٽ جيو“ به پيا آهن جيڪي پوتر آتمائن تي به ڪوڙا ڪلنڪ لڳائڻ کان ڪين ٿا گسن. درحقيقت جي اونهو وڃي ڏسجو ته معلوم ٿيندو ته رڳو هن اُتم مارگه تي هلندڙ ويدانتي به گناهن ڪرڻ کان پاڻ کي روڪيندا ڏسڻ ۾ ايندا.

          هو دنيا جي ماڻهن وانگر ”تن پرور ۽ خود غرض“ هرگز ڪونه آهن. هنن جو جيئڻ ئي ايشور جي جيون جي ڀلي ڪاتر آهي. هو ڪنهنجي به نقصان ۾ ڪونه هوندا آهن. مگر جي ڪل ڌرم، ديش ڌرم، يا شاسترن ۾ ڄاڻايل ڌرم نيتيءَ موجب ڪنهن سان مقابلو ڪرڻو پوندن ته منهن ڪونه موڙيندا ۽ جي ضرور پيو ته سر ڏيڻ کان به ڪين گسندا. اهي آهن نشانيون ”سچن ويدانتين“ جون.

          ”سچن ويدانتين“ جو اِهو به متو آهي ته هيءَ سرشٽي سڄي، خيال جي پيدائش آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو اِنسان، اُتم خيال، اوُچا خيال ۽ بي ڊپائي جا خيال رکي ٿو ته ڪهڙو گناه ڪيائين؟ هڪ اِنسان ۾ شڪتي گهڻي ٿي ڏسڻ ۾ اچي ته اُن جو مؤل ڪارڻ اِهو آهي جو هنجا خيال ڪمزور ڪونهن. هو شڪتي ۽ بي ڊپائي جا خيال هر وقت پنهنجي

من ۾ ڌاري ٿو. ان ڪري سدائين روشن ۽ ٻهڪندڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻيو اِنسان دل جو ڪمزور آهي ۽ خيال اَشڌ اٿس ته منهن ئي سائو پيو ڏسڻ ۾ ايندس. هاڻي جڏهين خيال ۾ ايڏي طاقت آهي ته اُهو انسان مورکه ڪونه چئبو جو سٺن خيالن کي ڇڏي، جڏا ۽ خراب خيال ڪندو رهي ۽ پاڻ کي سدائين پاپي، ڪميڻو، گندو ۽ خسيس سڏيندو رهي. اهو ڪو سچو ڌرم ڪونهي. توهان کي خود پنهنجو آزمودو به هوندو ته درحقيقت اهڙي ماڻهوءَ کي ڪو ٻيو کڻي گهٽ وڌ ڳالهائي ته جيڪر هن تي ڪاوڙجي پوي پر پنهنجي مکه سن پرار ٿنا ڪرڻ وقت پيو پنهنجي لاءِ گهٽ وڌ اکر ڪم آڻيندو.

          ويدانت جو مکيه متو اهو آهي ته جهڙا توهين خيال ڪندا، ٻول ٻوليندا ۽ ڪرم ڪندا، اَهڙا توهين بڻجي پوندا – ڇو جو خيال ۾ طاقت آهي توهان کي اهڙو بنائڻ جي. ان ڪري هو چوندا آهن ته توهين ڇوٿا پاڻ کي پاپي، ڪامي ۽ شيطان سمجهو. جي سمجهندا ته اِنهن خيالن جو اثر توهانجي ڪرمن تي ٿيندو ۽ توهين شيطانپائي جا ڪرم ڪندا رهندا. توهين پنهنجي اَصل نسل کي سڃاڻو ته آيا ڪٿان آهيو؟ توهين اُن سروشڪتي وان جڳت پتا جي اَنش آهيو. توهان جو حق ۽ ورثو آهي، شڪتي، پوترتا ۽ پوڙن گيان. ان ڪري جيتوڻيڪ توهين هينئر هن شرير روپي جيل ۾ بند آهيو ته به توهان کي يادگيري هر وقت پنهنجي اَصل مڪان جي رکڻ روا آهي. ڄاڻو ته توهين ست چت آنند سروپ پرماتما جي اَنش آهيو، ان ڪري توهين سڀني کوٽين واشنائن ۽ ڪرمن کان مٿي آهيو – توهين پنهنجي جنم جي حق (ايشور جي اَنش) کي سڃاڻي ”تتوم اَسي“ يعني ”آءٌ اُهو ايشور جو روپ آهيان“ ياد ڪري سدائين آنند ۾ رهو ۽ کوٽن خيالن، ڪرمن ۽ سنگت کان آجا رهي، هميشہ جو مزو ۽ سچو آنند دکه ۾ خواه سکه ۾، هاڃي ۾ خواه لاڀ ۾، جس ۾ خواه اَپجس ۾ ماڻيدا رهو ۽ پنهنجي سچي آنند سوَ روپ کان هرگز نه ڀلجو. اِها آهي ”سچي ويدانت“ جي سکيا! ”سچو ويدانت“ فرمائي تو ته جيستائين پاڻکي شرير ڪري سمجهندا تيستائين هيءُ آتما جو آنند ماڻي ڪين سگهندا، ان ڪري پاڻ کي نج چيتن سو روپ آتما سمجهو ۽ ان ورتي ۾ سدائين لولين رهو. شاهه عبدالطيف به فرمايو آهي:

 

”عالم آءٌ ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري؛

                        پاڻ نه آهي، ڄاڻ مانڊيءَ منڊ پکيڙيو.

يعني نه دنيا جا سڀ جيو آءٌ آءٌ ڪري، وٺيو پاڻ کي سيٽين، پر ويچارن کي اِها به خبر ڪانهي ته آءٌ سچ بچ آهيان ڇا؟

        ڪر ٽار جو وڏو جادوگر ۽ مانڊي آهي؛ تنهن هي سڀ عجيب منڊ کڻي پکيڙيو آهي، جنهن ۾ خوامخواه سڀ پنهنجي سچي پاڻ کان ڀلجي، پاڻ کي هڪ جو ٻيو سمجهي، پيا دکه ڀوڳين.

 

        ”سچو ويدانت“، جيون کي ”سچو سکه“ ڏيڻ لاءِ آهي.

        سچي سنت ”بلي شاهه“ به پنهنجي سه حرفيءَ ۾ فرمايو آهي ته:

 

        اَلف آپڻي آپ نون، تون سمجهه پهلي،

                            ڪي وستو هئي، تيرڙا روپ پياري؛

        ٻاجهه اپڻي آپ دي سهي ڪيتي،

                            پيو وچ وسوري دي دکه ڀاري؛

        هور لکه اُپاءِ سکه نا هوسين،

                            پڇ ديکه سيالڙي تون جڳه ساري؛

        سکه روپ اَکند چيتن هئه تون،

                            بلا شاهه پڪاريندي ويد چاري“.

 

          مٿئين ڪلام جو مطلب آهي ته ”پهرين تون پنهنجي پاڻ کي سمجهه ته آهين ڇا ۽ ڪير؟ ڇو جو جيسين تو پنهنجي ”سچي پاڻ“ کي نه سمجهو آهي تيسين وسوڙل وانگر پيو دکه ڀوڳيندين. ٻيا ڀلي وڃي لکه اُپاءَ ڪر ته به سکه ڪونه ٿيندءِ. ڀلي پڇي ڏس، هي سياڻا، تون جڳه سڄو. ”سکه روپ اَکنڊ چيتن تون خود پاڻ آهين“، بلا شاهه چوي ٿو ته چار ئي ويد اِهو ڪلام وار وار پڪاري پيا چون.

( 6 )

        مطلب اهو آهي ته جيسين تون ”پاڻ کي سکه روپ اَکنڊ ۽ چيتن“ ڪونه سمجهندين تيستائين توکي سچو آنند ملڻو ئي ڪونهي. ڀلي تحقيقات پنهنجي سر ڪري ڏس. هن کانسواءِ باقي جيڪي ٻيو پاڻکي سمجهندين اُهو اَنت ۾ تو لاءِ دکدائي ثابت ٿيندو. هن ويدانت جي پوري سمجهه ۾ سکه ئي سکه ٿيندو. هن ويدانت جي پوري سمجهه ۾ سکه ئي سکه آهي، دکه جو نالو به ڪونهي؛ بشرطيڪ اسين اُن تي عمل ڪريون. ٻي حالت ۾ هيءَ چتونءَ جي ٻولي، ۽ رام رام! اهڙي ڪم جو آهي جهڙو طوطو ٻلي کي ڏسي رام رام وساري، وڃي پنهنجي اصلوڪيءَ ٽان ٿان ۾ پوي. مطلب ته هتي نشچيه ۽ رهڻيءَ جي ضرورت آهي، خالي ڪهڻيءَ مان ڪڇ ڪونه ورندو.

              ”ڪرم ڪر هووي نهڪرم،

                      تس بئسنو ڪا نرمل ڌرم“

اوم شانعيِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com