سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :4

باب ٽيون

تصوف متعلق

وڏي شان واري الله تعاليٰ چيو آهي: ”وَعِباد الرحمان الذين يُمشُونَ علي الارض هُونَا وَاِذا خاطَبَهُم الجَاهِلُونَ قالوا سلاما“(1). (الله جا ٻانها، جيڪي زمين تي عاجزي سان هلندا آهن، تن سان جڏهن جاهل بداخلاقي سان ڳالهائيندا آهن، تڏهن هو سلام ڪري، هليا ويندا آهن). حضور ﷺ جن فرمايو آهي: ”مَن سَمِعَ صوت اَهل التصوف فلا يومن عليٰ دعائهم ڪُتِبِ عِندالله من الغافلين.“  (جنهن صوفين جو آواز ٻڌو، ۽ ان کي نه مڃيائين، ته اهو الله تعاليَ وٽ غافلن ۾ شمار ٿيندو)، ماڻهن تصوت جي لفظ متعلق گهڻو ڪجهه لکيو آهي، ۽ ڪتاب تصنيف ڪيا آهن. هڪڙن خيال ظاهر ڪيو آهي، ته صوفيءَ کي صوفي ان ڪري سڏيو ويندو آِهي، جو صوف (اُنَ) جا ڪپڙا پائيندو آهي. ٻيا چوندا آهن ته صوفي نماز ۾ پهرين صف (قطار) ۾ هوندو آهي، ان ڪري کيس صوفي سڏيندا آهن. ڪي وري چوندا آهن ته هنن اصحاب صفي جي صحبت اختيار ڪئي، تڏهن کين صوفي سڏيو ويو. ڪن جو خيال آهي ته صوفي لفظ صفا نڪتل آهي. طريقت جي تحقيق ۽ ان جي معنيٰ ۾ هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا لطيفا آهن. اهي سمجهاڻيون صوفي لفظ جي لغوي معنيٰ تي روشني وجهي نٿيون سگهن. هر هڪ سمجهاڻي ۾ ڏکيا دليل ڏنا ويا آهن. تڏهن به لفظ صفا غور ڪرڻ جي لائق آهي. صفا جي معنيٰ صفائي آَهي، ۽ صفائي جو ضِد ڪدُورت آهي. حضور ﷺ جن فرمايو آهي: ”ذَهَبَ صَفُوُالدُنيا و بَقِيَ ڪدَ رُ ها“ )(دنيا مان صفائي هلي وئي، ۽ ڪدروت باقي وڃي بچي). شين جي سٺي حصي کي صفا ۽ خراب حصي کي ڪدر سڏيندا آهن. صوفي پنهنجي اخلاق ۽ ميل ميلاپ کي صاف رکندا آهن، ۽ قلبي مصيبتن کان آزاد هوندا آهن، تنهنڪري کين صوفي سڏيو ويندو آهي اهو نالو عارفن لاءِ ”اسم عام“ (خاص ۽ مقرر ڪيل نالو) جي حيثيت ٿو رکي. صوفين جو مان مرتبو ان ڳالهه کان مٿانهون آهي، ته سندن ڪمن ۾ ڪا لڪل شيءِ هجي. صوفي لفظ سندن ڳُجهين صفتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي. سندن الله تعاليٰ سان ويجهڙائي واري حالت انهيءَ لفظ ۾ سمائجي نٿي سگهي. تنهنڪري صوفي جو اشتقاق (جَڙ) صفا مان ڪڍي، ان کي ”اسم صفت“ بڻائڻ ٺيڪ نه رهندو. هن زماني ۾ الله تعاليٰ تصوف جي حقيقت ۽ صوفين کي عام ماڻهن جي دلين کان لڪائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته تصوف فقط ظاهري پرهيز گاري ۽ تقويٰ تائين محدود آهي، ۽ منجهس باطني ديدار ڪونه آهي. ڪي وري انهيءَ گمان ۾ آهن ته تصوف هڪ ظاهر داري جو طريقو آهي ۽ ان کي ڪو بنياد، ڪونهي، ايتري قدر جو الف ڪن مسخرن ۽ اڻ ڄاڻ عالمن سان ملي صرف ظاهر واري اک سان ڏٺائون، ۽ تصوف جو انڪار ڪيائون، اهي ماڻهو تصوف جي اصلي حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ٿاڪن، ۽ اجايو ان کي گهٽ وڌ ٿا سڏن. عام ماڻهن وري، سوچ ۽ ويچارن کان سواءِ، انهن جي انڌي پيروي ڪئي آهي. هنن پنهنجن وڏن ۽ اصحاب سڳورن جي حڪمن کان به منهن موڙي ڇڏيو آهي. ”ان الصفا صِفَةُ الصديق اِن اَرَدت صوفيا علي تحقيق ”جيڪڏهن سچو صوفي بڻجڻ چاهي، ته ڄاڻ ته صوفي ٿيڻ حضرت صديق رضه جي صفت آهي“. باطن جي صفائي هڪ اصول ۽ هڪ فرع (شاخ) آهي. اصول اهو آهي ته دل الله جي غير کان خالي هجي، ۽ فرع اهو آهي ته جنهن جي دل هن فريبي دنيا کان دور هجي. اهي ٻئي صفتون حضرت صديق اڪبر رضه جون آهن، جنهن جو نالو عبدا: ابوبڪر رضه بن ابي قحافه آهي. هن رستي جو امام اهو ئي آهي. سندس دل غيرن جي محبت کان خالي هئي. حضور ﷺ جن جي وفات وقت سمورن اصحابن سڳورن جون دليون  ٽُٽي پيون هيون، ۽ حضرت عمر رضه تلوار ڪڍي چوڻ لڳو هو، ته جيڪو چوندو حضور ﷺ جن وفات ڪري ويا آهن، ان جو سر ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏيندس. حضرت صديق اڪبر رضه ٻاهر آيو، وڏي آواز سان چيائين: الا من عبدَ محمد قَد ماتَ و من عبد رب محمد فَانہ حَي لايَموُتُ.“ خبردار جن محمد ﷺ جن جي بندگي ڪئي، اهي سمجهن ته پاڻ وفات ڪري ويا، ۽ جن محمد ﷺ جن جي رب جي بندگي ڪئي، اهي سمجهن ته پاڻ سڳورا جيئرا آهي، ۽ هنن لاءِ موت ڪونهي“. وري هيءَ آيت پڙهيائين: وَمَا محمد الا رسول قد خَلَت من قَبلہ الرسل اَفِان ماتَ اوقُتِلَ انقَلَبَتُم عليٰ اَعقا بِڪُم(1). ”محمد ﷺ جن فقط رسول آهن، ۽ کانئن اڳ به رسول گذريا آهن، جيڪڏهن پاڻ وفات ڪري وڃن، يا شهيد ٿي وڃن، ته توهان پنهنجي پُراڻي

رَوشِ تي اچي ويندؤ ڇا؟“ جيڪو فاني شين سان دل رکندو آهي، اهو فنا ٿيندو آهي ۽ سندس سموري محنت اجائي ويندي آهي، جيڪو الله سان لنئون لڳائيندو آهي، اهو باقي رهندو آهي، جنهن محمد ﷺ جن کي بشريت جي نظر سان ڏٺو، ان جي دل مان سندن وفات ڪرڻ سان، سندن عزت به ختم ٿي وئي. جنهن حضور ﷺ جن کي حقيقت جي نظر سان ڏٺو، ان لاءِ سندن جيئري رهڻ يا وفات ڪري وڃڻ ۾ ڪو فرق ناهي، ڇو ته سندن ٻئي حالتون الله تعاليٰ سان نسبت رکن ٿيون. حضرت صديق اڪبر رضه حالتن کي ڇڏي، حالتن جي پيدا ڪندڙ ( الله تعاليٰ) کي سامهون رکيو. حقيقت ۾ حالتون، حالتن جي خلقيندڙ جي حڪم سان ظاهر ٿينديون آهن. حضرت صديق اڪبر رضه حضور ﷺ جن جي عزت، سندن شان موجب ڪئي ۽ پنهنجي دل جو لاڳاپو خدا کان سواءِ ڪنهن به شيءِ سان نه رکيو، ۽ پنهنجي نظر کي ماڻهن جي نظر کان بچائي ورتو. ڪنهن ڪهڙو نه چڱو چيو آهي: مَن نَظَر اَلي الخلق هَلَڪ ومن رجع الي الحق مَلَڪَ. ”جنهن مخلوق کي ڏٺو سو هلاڪ ٿيو، ۽ جيڪو الله تعاليٰ ڏانهن موٽيو سو مالڪ ٿيو“. مخلوق ڏانهن ڏسڻ تباهيءَ جو نشان آهي، ۽ الله ڏانهن ڏسڻ بادشاهيءَ جو نشان آهي. حضرت صديق اڪبر رضه جو دنيا کان دور رهڻ اهڙي طرح هو، جو هن پنهنجو سمورو مال متاع الله جي راهه ۾ ڏئي ڇڏيو، ۽ پاڻ هڪ ڪنبل ويڙهي حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ آيو حضور ﷺ جن کانئس پڇا ڪئي: مَا خَلَفتَ لِعيا لَڪَ. ”پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ ڇا ڇڏي آيو آهين؟“ فقال الله و رسولہ، ”چيائين ته الله ۽ ان جو رسول“، يعني وڏا ۽ نه کُٽڻ وارا ٻه خزانا ڇڏيا اٿم. پڇيائون ته ڪهڙا؟  جواب ڏنائين، ته هڪ الله تعاليٰ جي محبت ۽ ٻي ان جي رسول جي پيروي. دل جڏهن دنيا جي لاڳاپن کان دور ٿي وئي، تڏهن ان جون خرابيون به دور ٿي ويون. اهي سموريون صفتون سچي صوفيءَ جون آهن. هن ڳالهه جو انڪار حقيقت جي انڪار وانگر آهي، ۽ هڪ هٺ ڌرمي به آهي.

مان اڳ ۾ چئي آيو آهيان، ته ”صفا“، ”ڪدر“ جو ضد آهي. ڪدر (ميراڻ) انساني صفتن ۾ شامل آهي. صحيح معنيٰ ۾ سچو صوفي اهو آهي، جيڪو ”ڪدر“ ڇڏي ڏئي. حضرت يوسف عليہ السلام کي ڏسڻ وقت مصر جي عورتن جي بيهوشي، حقيقت ۾ سندن بشري صفتن جو غلبو هو، ۽ اُهي ماديت (جسمانيت) کان هٽي، رُوحانيت ۾ محوَ ٿي ويون. جڏهن انهيءَ عُلبي پاڻي ڪئي، تڏهن بشريت جو غلبو فنا ٿي ويو، ۽ انهن عورتن چئي ڏنو: ”ما هــٰذه بَشَراَ“. (هي ماڻهو ناهي). حقيقت ۾ حضرت يوسف عليہ السلام جي حُسن مصر جي عورتن جي بشري صفتن کي بدلائي ڇڏيو. هنن پنهنجي ڪلام جو نشانو حضرت يوسف عليہ السلام کي بڻايو. مگر اصل ۾ هنن پنهنجو هي حال ظاهر ڪيو. طريقت جي مرشدن جو چوڻ آهي: ”ليس الصفا من صفات البشر لاَن البشر مدر و مدر لا يخلوا عن الڪدر“. (صفا انساني صفتن مان نه آهي، ڇو ته انسان مٽيءَ جو پتلو آهي، ۽ مٽِيءَ جو پتلو ڪدروت سان خالي نه هوندو آهي). صفا انساني صفتن مان نه آهي، ڇو ته مٽيءَ جي پتلي جو دارو مدار ڪدورت تي آهي، تنهنڪري هو ڪدورت کان پاڪ ٿي نٿو سگهي. صفا جو لاڳاپو انساني ڪمن (افعال) سان ناهي. فقط محنت ۽ رياضت سان آدميت فنا ٿي نه سگهندي. صفا جي صفت به اعمالن ۽ حالتن سان ڪو واسطو نٿي رکي ان کي ڪنهن نالي يا لقب سان ڪو تعلق ڪونهي. ”الصفا صفت الاحباب وهُم شموس بلا سحاب“. (صفا الله جي دوستن جي صفت آهي، جيڪي اهڙي سج وانگر آهن، جيڪو ڪڪرن ۾ لڪل ڪونهي). صفا محبت جو نشان آهي، محبت ڪرڻ وارا پنهنجن صفتن کي فنا ڪري، فقط محبوب جي صفتن سان رهندا آهن. حال وارن جي نظر ۾ انهن جو مثال سج وانگر آهي. جڏهن حضور ﷺ جن کان حضرت حارث رضه جي باري ۾ پڇيو ويو، تڏهن فرمايائون: ”عبد نور الله قَلبَہُ با لاِيمان“. (هو اهڙو ٻانهو آهي، جنهن جي دل کي الله، ايمان جي نور سان روشن ڪيو آهي). انهيءَ نور جي فيض سان سندس منهن چنڊ وانگر روشن ٿي پيو آهي، ۽ هو رباني نور جو پتلو بڻجي پيو آهي. ڪنهن بزرگ چيو آهي:

ضياء الشمس والقمبر اذا اشترڪا
انمو ذج من صفاء الحب و التوحيد اذا اشتڪا

(سج ۽ چنڊ جو ميلاپ توحيد ۽ صفا جي ميلاپ وانگر آهي).

جتي الله تعاليٰ جي محبت جو نور موجود هجي، اتي سج ۽ چنڊ جي نور جي ڪهڙي حيثيت رهندي؟ ٻنهي جو پاڻ ۾ مقابلو ڪري نٿو سگهجي. دنيا ۾ سج ۽ چنڊ کان روشن ڪابه شيءِ ناهي. انساني اک سج ۽ چنڊ جو جلوو برداشت ڪري نٿي سگهي. جڏهن سج ۽ چنڊ پنهنجي ڪمال تي هوندا آهن، تڏهن اک آسمان کي ڏسندي آهي. دل وري معرفت جي

نور، توحيد ۽ محبت جي وسيلي عرش کي ڏسندي آهي. ۽ قيادت تائين جيڪو احوال آهي، ان کي ڄاڻي وٺندي آهي. طريقت جي سڀني مرشدن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي، ته جيڪڏهن ٻانهو مقامن جي قيد کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو آهي، حالتن جي ميراڻ (ڪثافت) کان پاڪ ٿيندو آهي، ۽ بدلجندڙ ۽ ڦير ڦار ۾ ايندڙ دنيا کان بيپرواهه ٿي ويندو آهي، تڏهن سموريون وڻندڙ حالتون، هن ۾ داخل ٿي وينديون آهن، ۽ پنهنجين انساني وصفن کان جدا ٿي ويندو آهي، يعني پنهنجي ڪنهن پسند ڪيل صفت کي ڏسي، ان جو قيدي نه بڻبو آهي. ان ڏانهن وري نه ڏسندو آهي، ۽ ان تي مغرور به نه ٿيندو آهي. سندس حال عقل جي وٺ پڪڙ کان آزاد ٿي ويندو آهي. الله تعاليٰ وٽ سندس وقت وهمن ۽ وسوسن جي قبضي کان نڪري ويندو آهي. الله تعاليٰ وٽ سندس حاضري ختم نه ٿيندي آهي، ۽ سندس وجود ظاهري سببن کان بي نياز ٿي ويندو آهي. ”لِاَن الصفا حُضُور بِلاَ اَسباَبَ“ (تحقيق صفا اهڙي حاضري آهي، جيڪا فنا نه ٿي ٿئي، ۽ اهڙو وجود آهي، جيڪو سببن کان سواءِ هجي). جيڪو وجود حاضر هوندو آهي، سو غائب نه ٿيندو آهي. هو ڪنهن به سبب سان نه ملندو آهي، جيڪا حاضري غائب ٿيڻ سان مٽجي وڃي. ان کي حاضري چئي نه سگهبو ۽ جيڪو وجود ڪنهن سبب جي ڪري موجود هجي، اهو صحييح معنيٰ ۾ وجود ئي ناهي. صوفي جڏهن اهڙي منزل تي پهچي ويندو آهي، تڏهن هو دنيا ۽ آخرت ۾ فنا ٿي ويندو آهي. سندس انساني جسم ظاهر هوندو آهي، پر حقيقت ۾ هو رحماني بڻجي ويندو آهي. هن جي نظر ۾ زر ۽ جواهر به ٺڪرن ۽ پٿرن وانگر هوندا آهن. دنيا وارن لاءِ جيڪا ڳالهه اهنجي هوندي، سا ڳالهه هن لاءِ سهنجي ٿيندي آهي، پوءِ کڻي حڪمن جي پيروي هجي يا ٻيو ڪجهه.

هڪ دفعي حضرت حارث بن زيد حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. حضور ﷺ جن فرمايو: ڪيف اصبحتُ يا حارث“ (اي حارث اڄ تنهنجو صبح ڪيئن گذريو؟) هن چيو ”(قال) اصبحت مومناَ بالله حقا فقال اُنظر ما تقول يا حارثة ان لڪي شي حقيقة فما حقيقة ايمانڪ فقال عَزَلتُ وَ حَرفِت نفسي عن الدنيا فاستويٰ عندي حجرها و ذَهبها وَ فضنُها و مَدَرُهُا فاسهرت ليلي و اَصماءت نهاري حتيٰ صِرتُ ڪَاَني اَنظُر اليٰ عرش ربي بارزاً و ڪَاَني اَنظُر اليٰ اهل الجنة يَتَزا وَدون فيها ڪَاَني اَنظُر اليٰ اهل الفاريَـتَـضَارَ عُون وَفِي رواية يتعاورون والحديث“ (هن عرض ڪيو، ته الله تعاليٰ جي سچائيءَ تي ايمان رکندي، رات گذاريم. تون سوچ ۽ ويچار ڪر ته ڇا چئي رهيو آهين؟ هر شيءِ کي هڪ حقيقت هوندي آهي. ٻڌاءِ ته تنهنجي ايمان جي حقيقت ڇا آهي ۽ ان جو دليل ڪهڙو؟ هن عرض ڪيو، ته مون پنهنجو پاڻ کي دنيا کان دور ڪري، پنهنجي رب کي سڃاتو آهي. ان جي نشاني اها آهي، جو پٿر، سون، چاندي ۽ مٽي مون هڪ لاءِ جهڙا آهن، ڇو ته مون دنيا کان بيزار ٿي آخرت تي نظر رکي ‎آهي. منهنجو حال اهو آهي، جو رات جو جاڳندو آهيان، ۽ ڏينهن جو اُڃيو بکيو رهندو آهيان. يعني روزو رکندو آهيان. هاڻي منهنجي اها حالت بڻجي وئي آهي جو ڄڻ ته پنهنجي الله تعاليٰ جي عرش کي ڏسي رهيو آهيان، ۽ اهو به ڏسي رهيو آهيان ته بهشت وارا هڪ ٻئي سان ملي رهيا آهن، ۽ دوزخ وارا هڪٻئي سان ملي روئي پِٽي رهيا آهن. هڪ روايت ۾ ائين به آهي ته هنن کي هڪ ٻئي سان وڙهندي ۽ ماريندي ڏسي رهيو آهيان، حضور ﷺ جن ٽي دفعا فرمايو، ته اي حارث! تو گهڻو ڪجهه پِرايو آهي. هاڻي انهيءَ ڳالهه تي قائم رهه. ڇو ته انهيءَ ڳالهه کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه ڪانهي.

ڪامل ولي ۽ تحقيق ڪندڙ عارف صوفيءَ جي نالي سان سڏبا آهن، اهو صفائيءَ وارو ٽولو انهيءَ نالي سان پڪاريو ويندو آهي. هڪ بزرگ جو قول آهي: ”من صفا الحب فهو صاف ومن صفا الحبيب فهو صوفي“ (جنهن محبت کي پاڪ ۽ صاف رکيو، سو صاف آهي، ۽ جو دوست ۾ فنا ٿي، ان جي غير کان دُور ٿي وڃي، اهو صوفي آهي).

لغت جي لحاظ کان هي لفظ ڪنهن به لفظ مان نڪتل نه آهي، ڇو جو تصوف جو درجو انهن ڳالهين کان بلند آهي. اشتقاق لاءِ جنس جي ضرورت هوندي آهي. موجودات جي هر شيءِ ميري (ڪثيف) آهي، ۽ صفا جو ضد اهي، تنهنڪري ڪا به شيءِ پنهنجي ضد مان نڪري (مشتق ٿي) نٿي سگهي. صوفي سڳورن لاءِ تصوف جون معنائون سج کان به وڌيڪ روشن آهن. هو ڪنهن به عبارت يا اشاري جا محتاج نه آهن. ”لِاَن الصوفي ممنوع عن العبارت والاشارت“ (صوفي عبارت ۽ اشاري کان آزاد آهي). صوفي جي سمجهاڻي ڏئي نٿي سگهجي. جيڪڏهن دنيا جا سمورا ماڻهو ڄاڻندي يا نه ڄاڻندي، ان لفظ جي سمجهاڻي ڏين، ته به انهيءَ نالي کي ڪو خطرو ناهي. ان هوندي به حقيقت ڄاڻن لاءِ ايترو سمجهڻ گهرجي، ته طريقت جي مرشدن ۽ سچن عارفن کي صوفي چوندا آهن. تصوف جو لفظ تَفعل جي باب مان آهي. اهو اصل جي شاخ آهي. تفعل جي باب جي خصوصيت اها آهي، ته ان کي فعل جي ضرورت هوندي آهي. هن لفظ جي لغوي حقيقت ۽ ظاهري معنيٰ جو فرق موجود آهي.

الصفا ولايَة ولَهَا اَية و رواية
والتصوف حڪاية لل
صفا بِلاشڪاية

”صفا ولايت جي منزل آهي ۽ ان جو نشانيون روايتون آهن“. تصوف صفا جي اهڙي ڳالهه (حڪايت) آهي، جنهن ۾ ڪا شڪايت ناهي. صفا جي معنيٰ روشن ۽ ظاهر آهي. انهيءَ لحاظ کان تصوف جي معنيٰ حڪايت آهي، صفا وارا (صوفي) ٽن ٽولن ۾ ورهائي ٿا سگهجن. هڪڙا صوفي، ٻيا متصوف، ۽ ٽيان مستصوف، صوفي اهو آهي، جيڪو پاڻ کي فنا ڪري حق سان ملي وڃي، ۽ نفس جون خواهشون ماري، حقيقت سان گڏجي وڃي. متصوف اهو آهي، جيڪو محنت ۽ مجاهدي سان انهيءَ منزل کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ۽ انهيءَ ڪوشش سان صوفين جي زندگي کي سامهون رکي، پاڻ کي نيڪ ڪرڻ ۾ مشغول رهي. مستصوف اهو آهي، جيڪو دنيا جي شان و شوڪت ۽ دولت هٿ ڪرڻ لاءِ پاڻ کي صوفين وانگر بڻائي، مگر کيس صوفين جي ڪنهن به منزل جو پتو نه هجي. اهڙن هٿراڌو صوفين لاءِ عارفن جو قول آهي: ”المستصوف عند الصوفية ڪالذ باب وعند غير ڪالذياب“ (هٿرادو صوفي مَکَ وانگر آهي، جيڪا مُنهن مٿو پِٽيندي رهي ٿي، ۽ نفساني خواهش لاءِ ذليل ۽ خوار ٿئي ٿي) صوفين کان سواءِ اهو ٻين لاءِ هڪ بگهڙ وانگر آهي، جيڪو مردار کائڻ لاءِ پنهنجي سموري طاقت ڪم ۾ آڻي ٿو. تنهنڪري صوفي وصل (ميلاپ) جو صاحب، متصوف اصول جو صاحب، مستصوف فضول جو صاحب آهي. جنهن ماڻهوءَ جي حصي ۾ خدا جو وصل اچي ٿو، اهو پنهنجي مراد حاصل ٿيڻ تي، ٻئي ڪنهن ڏانهن به ڌيان نٿو ڏئي. جنهن ماڻهوءَ جي قسمت ۾ اصول اچي ٿو، اهو طريقت جي راهه تي قائم رهي ٿو، ۽ پاڻ کي طريقت جي ڳالهين ۾ قابو ٿو رکي. جيڪو ماڻهو فضول جو مالڪ بڻجي ٿو، اهو سڀني ڳالهين کان نراس (محروم) رهي ٿو، ۽ پاڻ کي ريتن ۽ رسمن جي منزل تي رکي ٿو. هو رسمن جي ڪري، سڀني جي اڳيان شرمسار ٿئي ٿو، ۽ سندس اڳيان پردو اچي ٿو وڃي. هن باري ۾ مرشدن ڪيتريون ئي رمزون ۽ عجيب نُڪتا بيان ڪيا آهن. انهن سڀني جو بيان ڪري نٿو سگهجي. البت ڪجهه بيان ڪندس، جيئن پڙهڻ وارا فائدو حاصل ڪري سگهن. سموري توفيق الله جي طرف کان آهي.

(فصل -1)

حضرت ذاولنون مصري فرمايو آهي: الصُوفي اِذَا نَطَقَ بَانَ نُطقَہُ مِنَ الحَقَائِق و اَنِ سَڪَتَ نُطَقتَ عَنہُ الجوراح بقطع العَلائِق“ (جڏهن صوفي ڳالهائيندو آهي، ته ان جو گفت حقيقت موجب هوندو آهي، ۽ جڏهن چپ رهندو آهي، تڏهن سندس حالت دنيوي لاڳاپن جي ٽُٽي وڃڻ کي ظاهر ڪندي آهي.) يعني، سندس ڳالهائڻ طريقت جي اصولن تي پورو هوندو آهي، چُپ رهڻ سندس فقيري کي ظاهر ڪندو آهي. سندس ٻئي حالتون ٺيڪ هونديون آهن، يعني هن جو ڳالهائڻ بلڪل صاف سچو هوندو آهي، ۽ چپ رهڻ وقت سندس هر ڪم فقيري هوندو آهي. حضرت جنيد بغدادي فرمائي ٿو: ”التصوف نعت القيم العبد فيہ قبل لِلعَبد ام للحق فقال نعت الحق حقيقة و نعت العبد رسم“ (تصوف هڪ وصف آهي، جنهن ۾ آدمي جو قيام آهي. ماڻهن پچيو ته اها وصف خدا جي آهي يا انسان جي؟ حضرت جنيد ؒ جواب ڏنو، ته ان جي حقيقت خدا جي وصف آهي، ۽ ان جي رسم انسان جي وصف آهي.)  مطلب اهو آهي، ته تصوف جي حقيقت انساني صفتن جي فنا ۾ آهي، جيڪا الله تعاليٰ جي صفتن جي بقا سان حاصل ٿئي ٿي، تنهنڪري تصوف خدا تعاليٰ جي وصف آهي. رسمي طور تي تصوف ماڻهو کان نفس جي مستقل مجاهدي جي طلب رکي ٿو، ۽ مجاهدي جي طلب رکي ٿو. ۽ مجاهدي جو برقرار رهڻ انساني وصف آهي. انهيءَ کي ٻين لفظن  ۾ هيئن بيان ڪري سگهجي، ته حقيقي توحيد ۾ انساني صفتون صفا ڪونه هونديون آهن، ڇو ته اهي هميشہ نه رهنديون آهن. انهن جو هجڻ، رسمي طور تي هوندو آهي، الله تعاليٰ انهن جو خالق ۽ مالڪ آهي. مثال طور: الله تعاليٰ ٻانهي کي روزي رکڻ جو حڪم ڏنو، ۽ روزي رکندڙ کي صائم سڏيو. اهو روزو رسمي طور تي ٻانهي جو ٿيو، مگر حقيقت ۾ خدا جو ٿيو. الله تعاليٰ حضور  ئي ٿا سگهجن. ندا آحن. ناهي.  آهي، ۽ جو دوست ۾ فنا ٿي، الصوم لي و اَنا اجزي بہ“ (روزو منهنجو آهي، ۽ مان ئي ان جو اجورو (جزا) ڏيندس.) ساري مخلوق ان جي ملڪيت آهي. انسان سان هر

شيءِ جي نسبت رسمي هوندي آهي، ۽ حقيقي نه هوندي آهي. حضرت ابوالحسن نوري فرمايو آهي: ”التصوف ترڪ ڪل حَظِ النفس“. (تصوف نفس جي هر مزي کان هٿ کڻڻ جو نالو آهي). اهو ٻن نمونن سان ٿيندو آهي: هڪڙو رسمي طور تي، ۽ ٻيو حقيقي طور تي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو مزي کي ترڪ ٿو ڪري، ۽ ان جي ترڪ ڪرڻ ۾ به کيس مزو ٿو اچي، ته هو رسمي آهي. جيڪڏهن مزو خود بخود ترڪ ٿي وڃي ته اها مزي جي فنا آهي، ۽ خاص ديدار (مشاهدو) آهي. مزي کي ترڪ ڪرڻ انساني ڪم آهي، ۽ مزي جو خودبخدو ترڪ ٿي وڃڻ خدا جو ڪم آهي. انساني ڪم رسم آهي، ۽ خدائي ڪم حقيقت آهي. حضرت نوري ؒ جو اهو قول، حضرت جنيدؒ جي مٿئين قول جي تصديق ٿو ڪري. حضرت ابوالحسن نوريؒ جو هي قول به آهي: الصوفية هو الذين صفت ارواحهم فصاد و في الصف الاول بين يدي الحق“ (صوفي اهي آهن، جن جا روح بشريت جي ميراڻ (ڪثافت) کان پاڪ، نفساني مصيبتن کان صاف، ۽ لوڀ لالچ کان آزاد آهن. اهي پهرئين قطار ۾ وڏي مربتي سان الله جي پناهه ۾، ۽ غير کان پري آهن). حضرت نوريؒ جو هي به قول آهي: الصوفي الذي لايَملِڪُ وَلاَ يُملَڪَ“ (صوفي اهو آهي جيڪو ڪنهن به شيءِ جو مالڪ نه هجي، ۽ نه وري ڪنهن شيءِ جي ملڪيت بڻجي). انهيءَ جو مطلب عين فنا آهي. فاني صفتن وارو نه ڪنهن جو مالڪ هوندو ۽ نه ڪنهن جي ملڪيت ۾ ايندو آهي، ڇو ته موجود هجڻ واريون شيون ئي ملڪيت بڻبيون آهن. ان جو مطلب اهو آهي، ته صوفي دنيا جي مَڏيِ ۽ آخرت جي زينت واري

ڪنهن به شيءِ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. هو پاڻ کي به نفس جي حڪم هيٺ نه سمجهندو آهي، ۽ نه وري خود کي ان جي ملڪيت ڄاڻندو آهي. هو ٻين تي حڪومت نه ڪندو آهي، متان ڪو ٻيو هن کي ڪنهن جي حڪومت هيٺ سمجهي. صوفين جي انهيءَ قول ۾ هي نڪتي ڏانهن اشارو آهي، جنهن کي پوري (ڪُلي) فنا سڏيندا آهن، خدا گهريو، ته اسان هن ڪتاب ۾ انهن جون غلطيون نروار ڪنداسون، ته جيئن توکي سڀ ڪجهه معلوم ٿي وڃي. حضرت ابن جلا ؒ جو چوڻ آهي: ”“التصوف حقيقة ولا رسم لہ“ (تصوف هڪ حقيقت آهي، جنهن ۾ ڪابه رسم ناهي). رسم انساني صفت آهي، ۽ ان جو لاڳاپو انساني ڪمن سان ٿيندو آهي، مگر حقيقت الله تعاليٰ جي صفت آهي، تصوف انساني دنيا کان مُنهن موڙڻ جو نالو آهي. ان رسم کي ڪو دخل ناهي. حضرت ابو عمر دمشقي ؒ جو چوڻ آهي: ”التصوف رؤية الڪَون بعين النقص بَل عَنضُ الطرف عن الڪون“ (تصوف ڪائنات کي گهٽ (ناقص) ڏسڻ جو نالو نه آهي، ۽ پر ان کان منهن موڙڻ جو نالو آهي.) ان جو مطلب اهو آهي، ته انساني وصفون فنا ٿي وينديون آهن. اکيون دنيا جي شين کي ڏسنديون آهن، پر جڏهن دنيا جي شين کان منهن موڙيو ويندو، تڏهن اکين جي نظر واري وصف به گم ٿي ويندي. جڏهن ظاهر ۾ اکيون ٻُوٽبيون آهن، تڏهن روحاني نظر قائم رهندي آهي، پنهنجي ذات کي وساري ڇڏڻ وارو الله جي نظر سان ڏسندو آهي. ظاهري دنيا کي ڏسڻ وارو اصول ۾ پنهنجي ذات کي ڳوليندو آهي، هن جو ڪم (فعل) پنهنجو

هوندو آهي، ۽ هو ان کي ظاهر ڪندو آهي. هو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري نه سگهندو آهي. کيس پنهنجي خامي نظر ايندي آهي، پر هو پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ نه ڏسندو آهي. بهرحال اک هڪ پردو آهي، ۽ نظر پردي ۾ رکندي آهي. ان جي ابتڙ هڪ ظاهري دنيا کي ڏسڻ وارو ڏسندو ته ڪجهه به ناهي، مگر ان جي آڏو پردو به نه هوندو آهي. اهو هڪ طريقت وارن ۽ معنيٰ جي صاحبن جو مڃيل اصول آهي، مگر هتي ان جي سمجهاڻيءَ جي ضرورت ناهي. حضرت ابوبڪر شبليءَ جو چوڻ آهي: ”التصوف شرڪ لِاَ نہ صِيَانُة القُلب عن رؤية الغير ولا غير“ (تصوف شرڪ آهي، ڇو ته هي دل کي غير جي ڏسڻ کان بچائڻ جو نالو آهي، ۽ الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو وجود ئي ڪين آهي.) ٻين لفظن ۾ توحيد جي ثابتي لاءِ غير جو خيال کان دل کي بچائڻ جي ڪوشس اجائي آهي. حضرت حصري ؒ فرمائي ٿو: ”التصوف صفاء السر من ڪدورة المخالفة“ (الله جي ڳجهه ۽ دل کي مخالفت جي ميراڻ (ڪدورت) کان بچائڻ جو نالو تصوف آهي.) مطلب اهو آهي ته دل کي الله جي مخالفت کان بچائڻ گهرجي، ڇو ته دوستي هم خيال ٿيڻ جو نالو آهي، ۽ هم خيال ٿيڻ (موافقت) مخالفت جو ضِد آهي. هن دنيا ۾ دوست هميشہ دوست جي حڪم هيٺ هوندو آهي. جڏهن هم خيالي هوندي، تڏهن مخالفت جي ڪا ضرورت نه رهندي. حضرت محمد بن علي بن حسين بن ابيطالب رضي الله عنهم فرمايو آهي: ”التصوف خُلق فمن زاد عليڪ في الخُلق زاد عَليڪَ في التصوف“ (تصوف خوش خُلقي آهي. Text Box: 55
53
51
49
47
41
38
36
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
6
2

 

جيڪو زياده نيڪ ۽ خوش خلق هوندو آهي، سو وڌيڪ صوفي هوندو آهي). خوش خلقي جون ٻه صورتون آهن: هڪ خدا سان خوش خلقي سندس حڪمن جي پيروي آهي. ٻانهن سان خوش خلقي اها آهي، ته انهن سان ميل ميلاپ فقط الله جي واسطي رکيو وڃي. اهي ٻئي صورتون، طالب سان واسطو ٿيون رکن، ڇو ته الله تعالى جي پاڪ ذات انساني حڪمن مڃڻ يا بغاوت ڪرڻ کان بي نياز آهي. انهن ٻنهي صورتن جو دارو مدار الله تعاليٰ جي توحيد جي ڄاڻ تي آهي. حضرت مرتعش ؒ جو چوڻ آهي: ”الصوفي لا يسبق همنہ خطوَ تَہُ البنة“” (صوفي اهو آهي، جنهن جو هر قدم ان جي خيال موجب هجي.)، يعني هن کي پوري پوري حاضري (حضور) حاصل ٿيل هجي. جتي سندس جسم هجي، اتي سندس قدم هجي، ۽ جتي سندس قدم هجي، اتي سندس قول هجي. هن قسم جي حاضريءَ ۾ غائب هجڻ صفا ڪونه هوندو آهي. ان جي ابتڙ ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي، ته پاڻ کان غائب رهي، الله سان ظاهر ٿيڻ گهرجي. حقيقت ۾ ائين چوڻ گهربو هو، ته الله تعاليٰ سان ظاهر ٿيڻ سان گڏ پاڻ سان به ظاهر ٿيڻ گهرجي. مجموعي طرح سان ان جو مطلب اهو آهي، ته جيستائين ديدار (رويت) نه ٿئي. تيستائين غائب رهڻ جي حالت برقرار آهي، ۽ جڏهن ديدار ٿي ويندو، تڏهن غائب هجڻ کان سواءِ حاضري (حضور) حاصل ٿي ويندو. اهو قول حضرت شبليءَ جي قول وانگر آهي: ”الصوفي لايريٰ في الدارين مع الله غير الله“ (صوفي اهو آهي، جيڪو ٻنهي جهانن ۾ الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏسي). ٿورن لفظن ۾ ڳالهه اها آهي، ته انسان جي هستي (الله تعاليٰ جو) غير

آهي، ۽ جڏهن هو ڪنهن غير کي نٿو ڏسي، تڏهن ڄڻ ته پاڻ کي به نٿو ڏسي، ۽ سندس احساس بلڪل خالي ٿي وڃي ٿو، پوءِ کڻي ان جو انڪار ڪري يا اقرار. حضرت جنيد فرمايو آهي: ”التصوف مَبنِي عليٰ ثمان خصالِ السخاء والرضاء والصبر وَالاِشارت و الغربة وَليسَ الصوف والسياحة الفقر. اما السخاء فِلاِبراهيم وَاما الرضاء فِلاِسماعيل و اما الصبر فِلاَيوب و اما لاشارة فَـلِـعِيسيٰ واَما الفقر فَلِمُحمد صلي الله عليهم اجمعين“ (تصوف جو بنياد اٺن ڳالهين تي آهي، جيڪي اٺن پيغمبرن سان واسطو رکن ٿيون: سخاوت ۾ حضرت ابراهيم عه جنهن پنهنجي پُٽ جي قرباني ڏني، رضا ۾ حضرت اسماعيل عه، جنهن خوشيءَ سان پنهنجي پياري جان پيش ڪئي، صبر ۾ حضرت ايوب عه جنهن خدا جي غيرت آڏو صبر ڪيو، ۽ ڪِيڙنَ پوڻ جي مصبيت سَٺي، اشارت ۾ حضرت زڪريا عه، جنهن لاءِ الله تعاليٰ چيو آهي: ”اَلاتِڪُلم الناس ثلائة ايم الارمزاَ“ ٽن ڏينهن لاءِ اشاري کان سواءِ ڪنهن سان ڳالهائي ۽ ان لاءِ الله تعاليٰ هيئن به فرمايو: ”اِذ ناديٰ ربہ نِداءُ خَفِياً“ جڏهن هن پنهنجي رب وٽ هوريان ٻاڏايو، غربت ۾ حضرت يحيٰ عه، جيڪو پنهنجي وطن ۾ ڌاريو ٿي رهيو. اُنَ جي پوشاڪ پهرڻ ۾ حضرت موسيٰ عه، جنهن جي پوشاڪ اُن جي هئي، سير سفر ۾ حضرت عيسيٰ عه، جيڪو خدا جي راهه ۾ بلڪ اڪيلو ٿي رهيو. ۽ زندگي جي سامان مان فقط هڪ پيالو ۽ ڦڻي رکيائين. جڏهن هڪ ماڻهوءَ کي ٻُڪ ۾ پاڻي پيئندو ڏٺائين، تڏهن پيالو اُڇلي ڇڏيائين، ڪنهن ماڻهوءَ کي آڱرين سان وار سواريندي ڏٺائين، ته ڦڻي کي به ڦٽي ڪري

ڇڏيائين، ۽ درويشي (فقر) ۾ حضرت محمد ﷺ جن کي الله تعاليٰ ساري زمين جي خزانن جون چاٻيون عطا ڪري ڇڏيون، ۽ فرمايو ته، محنت کان سواءِ شان شوڪت سان زندگي گذاريو، مگر حضور ﷺ جن عرض ڪيو، ته خزانا نٿو گهران. مون کي هڪ ڏينهن ڍاوَل ۽ ٻيون ڏينهن بک ۾ رکيو وڃي. اهو طريقت جي رستي جو چڱو اصول آهي. حضرت حصريؒ فرمايو آهي: الصوفي لا يوجَدَ بَعد عَدمِہ وَلَا يَعَدُمُ بَعد وجوده“. ”صوفي اهو آهي جنهن جي فنا کي بقا ناهي، ۽ جنهن جي بقا کي فنا ناهي“. يعني هن کي جو وڃائجي ويندو آهي، ان کي حاصل نه ڪندو آهي. ٻين لفظن ۾ هن وٽ حاصل ٿيل شيءِ (يافت) غائب ٿيل شيءِ نه بڻبي آهي، ۽ غائب ٿيل شيءِ ڪڏهن به حاصل ٿيل شيءِ نه ٿيندي آهي. هن وٽ اثبات ڪڏهن به نفي سان نه هوندو آهي، ۽ نفي به اثبات سان هوندي آهي. انهن سڀني ڳالهين جو تت هي آهي، ته صوفي سڀني انساني صفتن کان آزاد هوندو آهي، ۽ سندس جسماني حواس ختم ٿي ويندا آهن، ۽ سڀني شين سان سندس ناتا ٽُٽي ويندا آهن، ايتري قدر جو انساني ڳُجهه ظاهر ٿي ويندا آهن. هن جي پريشاني (تفريق) هٽي ويندي آهي، ۽ پنهنجو پاڻ قائم رهندو آهي. هن جو مثال پيغمبرن ۾ چٽو نظر ايندو آهي. هڪ حضرت موسيٰ عليہ، جنهن جي حاضريءَ ۾ ڪڏهن به فرق نه آيو! عرض ڪيائين: رب اشرح لي صدري. ”اي الله تعاليٰ! منهنجي سيني کي ڪشادو ڪر“. ٻيو اسان جو رسول ﷺ، جن ۾ توحيد جي ذريعي جيتري گهٽتائي به ڪانه هئي. کين چيو الم نشرح لڪ صدرڪ. ”ڇا اسان اوهان جي سيني کي Text Box: 59
57
55
53
51
49
47
41
38
36
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
6
2

ڪشادو نه ڪيو آهي؟“ هڪ طرف تي آرام جي تمنا ڪئي وئي، ۽ ٻئي طرف تي سوال ڪرڻ کان سواءِ آرام عطا ڪيو ويو. حضرت علي بن بندار صيرفي نيشاپوري ؒ فرمايو آهي: التصوف اسقاط الرؤية لِلحَق ظاهراً وباطناً ”تصوف اهو آهي، جنهن موجب صوفي ظاهر ۽ ڳجهي طرح پاڻ کي نه ڏسي سگهي، يعني ظاهر ۽ باطن ۾ فرق محسوس نه ڪري، پر هر جاءِ تي فقط خدا کي ڏسي. جڏهن تون ظاهر کي ڏسندين، ته الله جي رحمت جون نشانيون توکي نظر اينديون، پر اهي سموريون نشانيون، الله جي رحمت جي آڏو مڇر جي پَرَ جهڙيون به معلوم نه ٿينديون، ۽ تون ظاهري ڏسڻ کي ڇڏي ڏيندين، جيڪڏهن تون باطن تي نظر ڪندين، ته الله تعاليٰ جي مدد جا نشان ته ڏسي وٺندين مگر الله جي مدد جي مقابلي ۾ اهي نشان هڪ داڻي جي مُلهه جيترا به معلوم نه ٿيندا. ان ڪري تون باطن کان به منهن موڙي ڇڏيندين، ۽ ڄاڻي وٺندين، ته هر شيءِ جو مالڪ الله تعاليٰ آهي، ۽ اها ڄاڻ، توکي سمجهائي ڇڏيندي، ته تون پاڻ ڪجهه به نه آهين. حضرت محمد بن احمد المقريؒ فرمايو آهي: التصوف اِقامَةُ الاحوالِ مَعَ الحَقِ. ”الله تعاليٰ سان حالتن جي برقرار رهڻ جو نالو تصوف آهي. يعني، صوفيءَ کي حالتون پنهنجي حال کان ڦيرائي، غلط رستي تي آڻي نه ٿيون سگهن، ڇو ته جنهن ماڻهو جي دل حالتن جي پيدا ڪندڙ سان ڳنڍجي ويندي آهي، ان کي حالتون ثابت قدمي تان هٽائي نه سگهنديون آهن، ۽ هو حق جي رستي کان ڦِري نه سگهندو آهي.

(فصل -2)

معاملن (ڪمن) جي باري ۾ حضرت ابو حفص حداد نيشاپوري ؒ جو قول آهي: ”التصوف ڪُلہ آداب لِڪُل وقت آدَبَ و لِڪُل مَقَلم اَدَب ولڪُل هال اَدب فمن لَزِم اَدابَ الاوقاتِ بَلَغ مَبلَغَ الرجال ومن ضَيغَ الاَداب فهُوَ بَعيد مَن حَيثُ يَطُن القُرَب وَ مَردُود من حَيثُ يَظُن القبولَ“. ”تصوف پورو پورو ادب آهي. جيڪو وقتن جي ادب کي نظر ۾ رکندو آهي، اهو آدميت جي مٿانهين درجي تي پهچندو آهي، ۽ جيڪو ادب کي وڃائي ڇڏيندو آهي. اهو ويجهڙائي ۽ قبوليت کان هٽي ويندو آهي، ۽ مردود بڻبو آهي.“ اهو قول ابوالحسن نوريءَ جي هن قول کي ويجهڙو آهي: لَيسَ التصوف رسُوماَ وَ لا عُلُوماً ولــٰڪِنَہُ اخلاق ”تصوف رسمن ۽ علمن جو نالو ناهي پر اخلاق آهي“. جيڪڏهن تصوف رسمن ۾ داخل هجي ها، ته محنت سان ملي وڃي ها، جيڪڏهن عالمن جو حصو هجي ها، ته تعليم سان حاصل ٿي سگهي ها. حقيقت ۾ اهو اخلاق ۾ شامل آهي. جيستائين تون ان کي پاڻ نه ڳوليندين ۽ ان جي معاملن کي ٺيڪ نه ڪندي ۽ ان سان پاڻ انصاف نه ڪندي، تيستائين هو ڪنهن به صورت ۾ ملي نه سگهندو. رسمن ۽ اخلاق ۾ اهو فرق آهي، جو رسم ظاهر داري جو عمل هوندي آهي. جو ڪنهن مقصد جي ڪري ظاهر ٿيندو آهي، ۽ حقيقت کان خالي هوندو آهي. سندس صورت ۾ اصليت ۾ وڏو فرق هوندو آهي. ان جي ابتڙ اخلاق ۾ اهڙا عمل (ڪم) شامل هوندا آهن، جيڪي سراهه جوڳا هوندا آهن، ۽ منجهن ڪابه ظاهر داري، مقصد فريب نه هوندو آهي. سندن صورت ۽ اصليت ۾ ڪوبه

فرق نه ٿيندو آهي. حضرت مرتعش ؒ فرمايو آهي: التصوف حسن الخلق. ”تصوف سٺي خلق جو نالو آهي“. اهو ٽن نمونن سان ٿيندو آهي: پهريون هيءُ ته ريا ۽ ڏيکاءَ کان سواءِ خدا تعاليٰ جي حڪمن جي پيروي ڪجي. ٻيو هيءُ ته مخلوق ۾ وڏن جي عزت ڪجي، ننڍن سان پيار ۽ محبت سان پيش اچجي، هڪ جيڏن سان انصاف سان هلجي ۽ بدلي جي اميد نه رکجي. ٽيون هيءُ ته لوڀ لالچ ۽ شيطاني خيالن کان پرهيز ڪجي. اهي ٽيئي ڪم ٺيڪ ٿي ويندا، ته انسان سٺي خلاق وارو ٿي ويندو. اهو سارو بيان هن طرح جو آهي: ڪنهن حضرت بيبي عائشہ رضه صديقہ کان پڇيو: حضور ﷺ جن جي اخلاق متعلق ڪجهه ٻڌايو، حضرت بيبي عائشہ رضه فرمايو ته قرآن پڙهو. الله تعاليٰ جو فرمان آهي: خُذِالعَفو امُر بالعُرف و اَعِرض عَنَ الجَاهلين. ”بخشي ڇڏڻ جي رَوش اختيار ڪيو. چڱي ڳالهه جو حڪم ڪيو ۽ جاهلن کان دور رهو“. حضرت مرتعش ؒ فرمايو آهي: مَذهَبُ ڪُلہُ جِد فلَا تَخلُطُوهُ بِشيءِ مِنَ الهزل. ”هي ڪوشش ۽ سوچ ويچار جو رستو (مذهب) آهي. هن ۾ مذاق ۽ مسخري کي شامل نه ڪيو“. يعني ظاهر پرستن جي پٺيان نه لڳو، ۽ انهن جي انڌي پيروي کان ڊڄو. عام ماڻهن جڏهن انهن ظاهر پرستن کي نچندو ۽ ڳائيندو، يا درٻارين مان انعام وٺندي،  ۽ سڻڀن گرهن تي هڪٻئي سان وڙهندي ڏسندا آهن، تڏهن اهي سڀني ولين سڳورن ۾ خراب عقيدو رکندا آهن ۽ مٿن الزام مڙهيندا آهن، ۽ چوندا آهن ته اهو تصوف آهي، ۽ اهي تصوف جا اصول آهن، ۽ سمجهندا آهن ته پهرين زماني وارا صوفي به اهڙائي هوندا، ائين چوڻ وارن اهو نه سمجهيو، ته وقت فتنو ۽ زمانو مصيبت جو گهر آهي. حرص بادشاهه کي ظلم لاءِ تيار ڪندو آهي. ۽ لالچ هڪ عالم کي بدڪاري ۽ زنا ۾ ڦاسائيندي آهي. ريا هڪ عبادت ڪندڙ (زاهد) کي منافقي جو رستو ڏيکاريو آهي. اهڙي طرح لوڀ ۽ لالچ صوفين کي ناچ ۽ راڳ آواز ڏانهن مائل ڪنديون آهن. ظاهر آهي ته اهڙا طريقت وارا برباد ٿي ويندا آهن، پر طريقت برباد نه ٿيندي آهي. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪي ماڻهو مذاق ۽ مسخري کي پاڪ ۽ صاف شين ۾ شامل ڪندا آهن، ته پاڪ ۽ صاف شيون مذاق ۽ مسخري بڻجي نه وينديون آهن.

حضرت ابو علي قزوينيؒ فرمايو آهي: ”التصوف هو الاخلاق الرضية. ”تصوف پسند ڪيل اخلاق جو نالو آهي“. پسند ڪيل ڪم وارو انسان اهو ٿيندو آهي، جيڪو هر حال ۾ الله تعاليٰ جي مرضيءَ موجب هلندو آهي. انهيءَ کي رضا تي راضي رهڻ چوندا آهن. حضرت ابوالحسن نوريؒ فرمايو آهي: التصوف هو الحريت والفَتَوة و تُرڪ الڪَلفِ والسخاء و البَذلُ الدنياء. تصوف آزادي جو نالو آهي، ۽ آزادي لالچ جي قيد مان نڪرڻ کي چئبو آهي. جوانمردي اها آهي، ته انسان سمورا ناتا ٽوڙي، ۽ تڪليف جو ترڪ ڪرڻ اهو آهي، ته پنهنجي لاڳاپن واري حصي وٺڻ لاءِ ڪوشش نه ڪري، ۽ سخاوت اها آهي ته دنيا کي دُنيا وارن لاءِ ڇڏي ڏجي. حضرت ابوالحسن بوشنجہ ؒ فرمايو آهي: التصوف اليوم اسم ولا حقيقة وقد ڪان حقيعة و لا اسم. ”اڄ تصوف صرف اهڙو نالو وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪا حقيقت ڪانهي، ۽ اصل ۾ اها حقيقت نالي کان سواءِ ٿيندي آهي“. اصحاب سڳورن وڏڙن (مٿن الله جي رحمت هجي) جي وقت ۾ هن جو نالو نه هيو، پر هڪ حقيقت هوندي هئي، جيڪا سڀني ۾ سمايل هوندي هئي. اڄ ڪلهه فقط نالو آهي، ۽ حقيقت ناهي، يعني اڳ معاملو ڄاتل سڃاتل هو، جنهن ۾ ظاهر داري ڪانه هئي، ۽ هاڻي معاملو اڻ ڄاتل ۽ ظاهر داري ڄاتل سڃاتل آهي.

هن وقت تائين سڀ ڪجهه تصوف جي تحقيق متعلق مرشدن جي قولن مان بيان ٿيل آهي. خدا توکي نيڪي ڏئي، تولاءِ طريقت جو رستو کُلي وڃي، ۽ تون طريقت جي منڪرن کان پڇي سگهين، ته ان جي ڪري انڪار مان سندن مراد ڪهڙي آهي؟ جيڪڏهن فقط نالي کان انڪار ڪيو اٿن، ته وڏي ڳالهه ناهي، پر جيڪڏهن معنيٰ جا منڪر آهن،  خدا تعاليٰ توکي اها نيڪي عطا ڪري، جيڪا ولين جي حصي ۾ آئي آهي. مان توکي وصيت ٿو ڪريان، ته انهن خيالن تي پوري طرح عمل ڪر، ۽ انصاف جو شرط پورو ڪر. رياءَ کان پرهيز ڪر ۽ صوفي سڳورن تي سٺو عقيدو رک. سڀ توفيق الله تعاليٰ جي طرف کان آهي.


(1)  63 الفرقان.

(1)  144 آل عمران.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com