سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :18

باب ٻارهون

(پوءِ وارا صوفي سڳورا)

اسان جي زماني ۾ ڪجهه اهڙا صوفي آهن، جيڪي رياضت جو بار ته کڻي نه سگهندا آهن مگر رياست جا طلبگار هوندا آهن. اهي طريقت وارن سڀني بزرگن کي پاڻ جهڙو سمجهندا آهن. ڪڏهن ته پراڻن بزرگن جا قول ٻڌند آهن ۽ سندس مان مرتبو ڏسندا آهن ۽ سندس معاملن جي باري ۾ پڙهندا آهن، ۽ پوءِ پاڻ تي نظر ڪندا آهن، ته پاڻ کي انهن جي آڏو ڪجهه به نه سمجهي، چوندا آهن ته اسان جو انهن سان ڪهڙو مقابلو ٿيندو؟ اهي ماڻهو گذاري ويا آهن ۽ وري اهڙا ماڻهو پيدا نه ٿي سگهندا. اها ڳالهه سراسر غلط آهي، ڇو ته الله تعاليٰ ڪڏهن به زمين خالي نه ڇڏيندو آهي ۽ پيغمبر ﷺ جي امت کي ولي کان سواءِ رهڻ نه ڏيندو آهي. پيغمبر ﷺ جن جو فرمان آهي، ته منهنجي امت ۾ هڪ اهڙي جماعت قيامت تائين رهندي ايندي جيڪا حق ۽ سچائي تي هوندي. وڌيڪ به فرمايو اٿن: منهنجي امت ۾ چاليهه ماڻهو حضرت ابراهيم جي خلق وارا هميشہ رهندا.

هاڻي جن مشائخن جو ذڪر ٿيندو انهن مان ڪجهه گذاري ويا آهن ۽ ڪجهه حيات آهن.

1- حضرت ابوالعباس احمد بن محمد قصاب رحه:

هو ماوراءِ النهر جي پراڻن بزرگن سان صحبت ڪري چڪو آهي. حال جي بلندي، دانائي جي سچائي، دليلن جي گهڻائي ۽ ڪرامتن کان مشهور هو. طبرستان جو امام حضرت ابو عبدالله خياطي فرمائي ٿو: هي الله تعاليٰ جي خاص عنايت آهي جو هر ڪنهن کي علم کان سواءِ به اهڙو درجو عطا ڪندو آهي جيڪڏهن دين جي اصولن ۽ توحيد جي ڏکين مسئلن ۾ ڪا مشڪل پيش اچي ته هو رهنمائي ڪري سگهي. حضرت ابوالعباس قصاب هڪ اهڙو ئي بزرگ آهي. هو اڻ پڙهيل هو مگر دين ۽ طريقت جي ڳالهين ۾ تمام سٺو ڪلام ڪندو هو. مون سندس ڪافي لطيفا ٻڌا آهن، مگر هن ڪتاب ۾ مون کي مختصر لکڻو آهي. هڪ دفعي اَمُل شهر جي بازار مان هڪ وڏي بار سان لڏيل اُٺ لنگهيو. گهڻي گپ هئي. اُٺ جو پير ترڪي پيو ۽ هو وڃي ڪريو. سندس هڪ هڏو ڀڄي پيو. ماڻهو ان جو بار لاهي رهيا هئا. اُٺ جي مهار وارو ڇوڪرو روئي رهيو هو ۽ هٿ کڻي الله تعاليٰ کي پڪاري رهيو هو. اُتان حضرت ابوالعباس به لانگهائو ٿيو. هن اُٺ جي مهار وٺي آسمان ڏانهن منهن ڪري چيو: منهنجا موليٰ! هن اُٺ کي ٺيڪ ڪر. جيڪڏهن اهو ٺيڪ نٿو ٿئي ته پوءِ منهنجي دل تي هڪ ڇوڪري جي فرياد اثر ڇو ڪيو – اُٺ هڪدم اٿي پيو ۽ هلڻ لڳو.

سندس قول آهي: ”سڄي دنيا کي الله جي رضا تي راضي رهڻ گهرجي، نه ته ڏکيا ٿيندؤ. جيڪو رضا تي راضي رهندو، ان جي طبعيت جو لاڙو مصيبتن ڏانهن ٿيندو. مصيبت ڏانهن نه ايندي آهي. جيڪڏهن مصيبت ڏانهن لاڙو نه رکبو ته هوءَ ضروري ايندي ۽ تڪليف جو سبب بڻبي. اسان لاءِ تڪليف مقدر ۾ لکجي چڪا آهن. مقدر ۾ تبديلي نه ايندي آهي. رضا تي راضي رهڻ راحت جو سبب آهي. جيڪو رضا کي چاهيندو، ان لاءِ راحت ئي راحت آهي. ان کان منهن موڙڻ وارو قضا جاري ٿيڻ جي حالت هيٺ هميشہ مصبيت ۾ هوندو. الله بهتر ٿو ڄاڻي.

2- حضرت ابوعلي بن حسين بن محمد دقاق رحه:

هو فن جو امام هو، پنهنجي زماني جو بينظير ماڻهو هو. بيان جو صاف ۽ زبان جو فصيح هو. ڪيترن ئي مشائخن سان ملاقات ۽ صحبت ڪري چڪو هو. حضرت نصرآبادي جو مريد هو ۽ واعظ ڪندو هو. هن جو قول آهي: من اَنس بغيره ضعف في حالہ و من نطق من غيره ڪذب في مقالہ. ”جو خدا کان سواءِ ڪنهن شيءِ کي دوست رکندو آهي، اهو پنهنجي حال ۾ ڪمزور هوندو آهي، جيڪو خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو ذڪر زبان تي آڻيندو آهي، اهو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي“. مطلب هي آهي، ته غير الله سان دوستي رکڻ جو بنياد الله کي نه سڃاڻڻ سان رکبو آهي. الله سان دوستي غيرالله سان دوستي نه رکڻ جو نشان هوندو آهي. جو غير کان ڀڄندو، اهو سندس ذڪر به زبان تي نه آڻيندو. هڪ ڪراڙي ماڻهو ڳالهه ڪئي: هو هڪ ڏينهن حضرت دقاق جي مجلس ۾ هن خيال سان ويو ته توڪل وارن جي حال متعلق ڪجهه معلوم ڪري. کيس مٿي تي طبرستان جو هڪ عماملو (پٽڪو) ٻڌل هو. ڪراڙي سوال ڪيو: الله تي توڪل ڪرڻ واري ڪهڙي شيءِ آهي؟ هن جواب ڏنو: ماڻهن جي پڳڙين کي لالچ واري نظر سان نه ڏسڻ کي توڪل سڏيندا آهن. ائين چئي پڳڙي لاهي ڪراڙي جي سامهون رکيائين، الله بهتر ٿو ڄاڻي.

3- حضرت ابو الحسن علي بن احمد خرقاني رحه:

هن جو شمار پراڻن مشائخن ۾ ٿئي ٿو. پنهنجي زماني جي مڙني ولين سڳورن جي نظر ۾ ممتاز شخصيت وارو بزرگ هو. شيخ ابو سعيد هن سان اچي ملاقات ڪئي. مختلف ڳالهين تي گفتگو ٿيندو رهيو. اُٿڻ وقت شيخ ابو سعيد چيو: مان توهان کي پنهنجو جانشين مقرر ٿيو ڪريان. مون شيخ ابو سعيد جي خادم حسن مؤذب کان ٻڌو: ”جڏهن شيخ ابو سعيد حضرت خرقاني وٽ پهتو، ته هن پنهنجي طرف کان ڪا به ڳالهه نه ڪئي ۽ حضرت خرقاني جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڳالهه جو جواب ٿي ڏنائين. مون عرض ڪيو، ته حضرت اوهان چپ ڪري ڇو ويٺا آهيو؟ جواب ڏنائين، ته هڪ ڳالهه لاءِ هڪڙو ڳالهائڻ ۾ ڪافي هوندو آهي. استاد ابوالقاسم قشيري رحه کان ٻڌم، چيائين: جڏهن اسان خراسان ۾ آياسون تڏهن اسان جي فصاحت ختم ٿي ويئي ۽ حال جون عبارتون وينديون رهيون. اهو دٻدٻو ۽ شان شوڪت خراساني پير (خرقاني) جو هو، ايتري قدر جو ڄڻ ته اسان ولايت جي درجي تان لهي ويا هئاسين.

 

هن جو قول آهي: رستا ٻه آهن: هڪ گمراهي وارو ۽ ٻيو هدايت وارو. جيڪو گمراهي وارو آهي اهو خدا ڏانهن ٻانهي جورستو آهي، ۽ جيڪو هدايت وارو آهي اهو ٻانهي ڏانهن خدا جو رستو آهي. جيڪڏهن ڪو ٻانهو چوي ته ”مان الله تعاليٰ وٽ پهتو آهيان، اهو ڪڏهن به صورت ۾ سچو ناهي. جيڪو چوي ته مون کي الله تعاليٰ تائين پهچايو ويو آهي، اهو يقين سان سچو آهي ۽ پهتل آهي. تنهنڪري ڪاميابي پهچڻ يا نه پهچڻ يا ڪامياب ٿيڻ يا نه ٿيڻ ۾ ناهي. هتي سوال فقط خدا وٽ پهچائڻ يا نه پهچائڻ ۽ آزاد ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو آَهي. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.

4- حضرت ابو عبدالله محمد بن علي المعروف داستاني مقيم بسطام رحه:

هو پنهنجي وقت جو بادشاهه هو. بيان ۾ عبارت ۾ يگاني حيثيت جو مالڪ هو. سندس ڪلام تهذيب وارو ۽ اشارات تمام سهڻا هئا، شهر جو نيڪ لڇڻن وارو امام حضرت شيخ سهلڪي رحه سندس جانشين هو. مون هن کان حضرت داستاني جا ڪيترائي خوبصورت ۽ دل ۾ جاءِ جوڙيندڙ قول ٻڌا. مثلاً فرمايائين: توحيد عنڪ موجود و انت في التوحيد مفقود. ”توحيد تو ۾ موجود آهي ۽ تون ان ۾ غِر موجود آهين“. يعني توحيد ٺيڪ آهي پر تون ٺيڪ نه آهين، ڇو ته توکي الله تعاليٰ جي طلب ۾ قيام حاصل ڪونهي. توحيد جو گهٽ ۾ گهٽ درجو اهو آهي، ته تون پنهنجي هر ملڪيت کان دستبردار ٿي وڃ ۽ هر ڪم ۾ پوري رضا جو اقرار ڪر.

شيخ سهلڪي جو چوڻ آهي: هڪ دفعي بسطام تي ماڪڙ وڏو حملو ڪيو. سموريون زمينون ۽ وڻ ڪارا ٿي ويا. ماڻهو رڙيون ڪري رهيا هئا. شيخ هنن کان (رڙين ڪرڻ جو) سبب پڇيو. مون ماڪڙ جو ذڪر ڪيو. هو ڇت تي چڙهي ويا ۽ آسمان ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو. ماڪڙ ختم ٿيڻ شروع ڪيو. ٻيپهري تائين ماحول صاف ٿي ويو ۽ ڪنهن کي گاهه جي هڪ تيلي جيترو به نقصان نه ٿيو. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.

5- حضرت ابو سعيد فضل الله بن محمد مهيني رحه:

صوفين ۽ محبت وارن جو شهنشاهه هو. سندس همعصر مان هر هڪ هن مان فيض حاصل ڪيو. ڪن ديدار سان، ڪن عقيدي سان ۽ ڪن پنهنجي روحاني جذبن جي ڪري. هو سڀني علمن جو ماهر هو ۽ وڏو داناء هو. ماڻهن جي دل جي رازن سمجهڻ ۾ ڪمال حاصل هئس. سندس آثار، نشانيون ۽ دليل بيشمار آهن. اڄ تائين سندس آثار (نشان) موجود آهن.

ننڍي ڄمار ۾ علم پرائڻ لاءِ مهنا کان سرحنس آيو ۽ حضرت ابو علي ظاهر سان لاڳاپو پيدا ڪيائين، ٽن ڏينهن جو سبق هڪ ڏينهن ۾ پورو ڪري ڇڏيندو هو، ۽ اهي ٽي ڏينهن به عبادت ۾ گذاريندو هو. ان وقت سرحنس جو حاڪم شيخ ابوالفضل هو. هڪ ڏينهن هو سرحنس جي درياء جي ڪناري سان وڃي رهيو هو. حضرت ابوالفضل کيس مليو ۽ چيائين: تنهنجو اهو رستو نه آهي. پنهنجي رستي سان وڃ. هن ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجي جاءِ تي واپس اچي رياضت ۽ مجاهدي ۾ مشغول ٿي ويو. آخرڪار هدايت جو دروازو کليو ۽ وڏو درجو نصيب ٿي ويو.

شيخ ابو مسلم فارسيءَ کي ابو سعيد سان اڻبڻت هئي. مون انهيءَ کان ٻڌو. چيائين: هڪ دفعي سندس زيارت لاءِ گهران نڪتس.  بدن تي هڪ گودڙي هئي، جيڪا ميري ۽ پُراڻي هجڻ جي ڪري چمڙي وانگر ٿي وئي هئي. سندس خدمت ۾ اچي ڏٺم، مصري ڪپڙي جي پوشاڪ پايون تخت تي ويٺو هو، دل ۾ چيم، ته هي ماڻهو دنيا سان لاڳاپي هوندي فقيري دعويٰ ٿو رکي! مون کي جيڪڏهن فقيري جي دعويٰ آهي، ته پنهنجي سڃائيءَ تي آهي. منهنجو هن ماڻهوءَ سان ڪهڙو لاڳاپو ٿي سگهندو؟ حضرت ابو سعيد منهنجي دل جي حالت سمجهي ويو ۽ چيائين: يا ابا مسلم فني اي ديوان وجدت من ڪان قبلہ قائما في مشاهدت الحق يقع عليہ اسم الفقر: ”تو اهو ڪهڙي ڪتاب ۾ ڏٺو آهي، ته فقر جو لفظ فقط اهڙي ماڻهو لاءِ آهي جنهن جي دل مشاهدي ۾ مصروف هجي“. يعني مشاهدي وارا الله سان رهي بي پرواهه ٿيندا آهن ۽ فقير مجاهدي ۾ گرفتار هوندا آهن. ابو مسلم چيو: مان دل ۾ ڏاڍو پشيمان ٿيس ۽ پنهنجي بدگماني کان توبهه ڪيم.

سندس قول آهي: التصوف قيام القلب مع الله بلا واسطہ. ”تصوف ڪنهن به واسطي کان سواءِ خدا سان لاڳاپي جو نالو آهي“. اهو اشارو صرف مشاهدي ڏانهن آهي. مشاهدو دوستي جي شدت، شوق جي گهڻائي ۽ سونهن جي ديدار ۾ انساني ضرورتن جي ختم ٿيڻ جو نالو آهي. ٻين لفظن ۾ الله جي بقا هيٺ صفتن جي فنا جو نالو آهي. ”ڪتاب الحج“ ۾ مشاهدي ۾ ان جي وجود تي ڪجهه ٻيو نه لکندس. انشاء الله تعاليٰ.

هڪ دفعي نيشاپور کان طوس وڃي رهيو هو. رستي ۾ هڪ تمام سرد وادي آئي. سرديءَ جي ڪري سندس پير ٿڌا ٿي ويا. هڪ درويش گڏ هئس. هن درويش سوچيو ته ڪمر بند ڦاڙي ٻنهي پيرن کي ويڙهي ڇڏي، وري خيال آيس ته ڪمر بند اهڙو سهڻو آهي جنهن کي وڃائڻ نه گهرجي. طوس پهچڻ تي اهو درويش مجلس ۾ حاضر ٿيو ۽ پڇيائين: وسوسي ۽ الهام ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ چيائين ڪمر بند ڦاڙي پيرن ۾ ويڙهڻ وارو خيال الهام هو ۽ ان کي روڪڻ واري ڳالهه وسوسو (وهم) هو. اهڙيون ڪيئي ڪرامتون هن ڏانهن منسوب آهن، مگر اسان کي ڪلام ۾ ڊيگهه ڪرڻ منظور نه آهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.

6- حضرت ابوالفضل محمد بن حسين ختلي رحه:

مان طريقت ۾ هن جو پوئلڳ آهيان. هو تفسير ۽ حديث جو استاد هو ۽ حضرت جنيد رحه واري مسلڪ جي پيروي ڪندڙ هو. حضرت حصري رحه جو مريد هو، ۽ سندس رازن کان واقف هو. ابوعمر رحه قزويني ۽ ابوالحسن بن سالبه جو همعصر هو. سٺ سالن تائين گوشہ نشين رهي دنيا ۽ دنياوارن کان پري رهيو. ماڻهن هن کي وساري ڇڏيو. گهڻو ڪري جبلن ۾ رهندو هو. وڏي عمر تائين زندهه رهيو. سندس ڪرامتون، روايتون ۽ دليل بيشمار آهن. صوفين جي لباس ۽ رسمن کان نفرت ڪندو هو. رسم وارن ماڻهن سان سخت هوندو هو. مون هن کان وڌيڪ دٻدٻي وارو ماڻهو نه ڏٺو آهي، مون هن کي هن طرح چوندي ٻڌو الدينا يوم النا فيها صوم. ”دنيا هڪ ڏينهن آهي ۽ اسان ان ۾ روزي سان آهيون“. يعني دنيا مختصر آهي ۽ اسان جو ان ۾ ڪوبه حصو ڪونهي، اسان سندس زنجيرن ۾ به جڪڙيل ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهيون، اسان ان جي مصيبت ڏسي چڪا آهيون” سندس حقيقت کان واقف آهيون، ۽ ان کان پري آهيون.

Text Box: 267

 

هڪ ڏينهن مان کيس وضو ڪرائي رهيو هئس. منهنجي دل ۾ خيال آيو ته جڏهن هر ڪم تقدير موجب ٿئي ٿو. تڏهن آزاد ماڻهو ڪرامت جي اميد تي پيرن جا غلام ٿا رهن؟ فرمايائون: اي منهنجا پيارا، مان تنهنجي دل جي حالت سمجهي رهيو آهيان توکي معلوم هئڻ گهرجي هر شيءِ لاءِ سبب جي ضرورت آهي. جڏهن ته الله تعاليٰ چاهيندو آهي ته ڪنهن شهزادي کي تخت عطا ڪري، تڏهن ان کي توبهه جي توفيق عطا ڪندو آهي، ۽ پنهنجي ڪنهن دوست جي خدمت ان جي حوالي ڪندو آهي ته جيئن اها خدمت سندس ڪرامت حاصل ڪرڻ جو سبب بڻجي وڃي. اهڙيون ڪيئي رمزون هن وٽان ڏهاڙي ظاهر ٿينديون هيون، وفات واري ڏينهن هو ”بيت الجن“ واري مقام تي هو. اهو هڪڙو ڳوٺ آهي جيڪو بانيا درياء ۽ دمشق جي وچ تي هڪ واديءَ جي ڪناري تي آهي. سندس مٿو منهنجي جهولي ۾ هو. مون کي بشري ڪمزورين جي ڪري پنهنجي هڪ دوست لاءِ دل ۾ نفرت هئي. هن فرمايو: ”اي پُٽ! مان توکي هڪ عقيدي وارو مسئلو ٿو ٻڌايان. ان تي پورو عمل ڪجانءِ ته پوءِ تون هر رنج ۽ تڪليف کان حفاظت ۾ رهندي. ياد رک! هر حال ۾ هر مقام تي نيڪ ۽ بد الله تعاليٰ جي طرف کان آهن. ان جي جاءِ ڪنهن به ڪم ۾ نفرت جي سبب کان ناراض نه رهندو ڪر“.، ان کان سواءِ ٻي ڪابه وصيت نه ڪيائين ۽ وفات ڪري ويو. الله بهتر ٿو ڄاڻي.

7- حضرت ابوالقاسم عبدالڪريم بن هوازن قشيري رحه:

هو پنهنجي زماني جو يگانو ماڻهو هو. سندس درجو مٿانهو ۽ مقام بلند هو. سندس ڪرامتن ۽ روحاني ڪمال کي دنيا اڄ تائين مڃي رهي آهي. سندس قول دل ۾ جاءِ جوڙيندڙ ۽ ڪتاب روح کي وڻندڙ آهن. الله تعاليٰ سندس زبان کي واهيات گفتگو کان پاڪ رکيو هو. سندس قول آهي: مثل الصوفي ڪَعِلَت البرسام اوَلہ هذيان و آخره سڪوت فَاذِا تمڪنت. ”صوفي برسام جي مرض وانگر آهي، جنهن جي شروعات وڦلڻ ۽ پڇاڙي چپ هوندي آهي“. تصوف جا ٻه پاسا آهن: هڪڙو وجد ۽ ٻيون ڏيکاءُ. ڏيکاءُ ابتدا وارن لاءِ هوندو آهي ۽ ان جو مطلب وڦلڻ هوندو آهي. وجد وڏن ۽ آزمودگار ماڻهن جو مقام آهي. وجد جي حالت ۾ گفتگو محال آهي. مطلب واري وقت ۾ مٿانهون حوصلو ٿيندو آهي. ان جو اظهار وڦلڻ وانگر هوندو آهي. مقصد جو موتي هٿ ايندو آهي ته زبان چپ ٿي ويندي آهي ۽ گفتگو جي ضرورت ختم ٿي ويندي آهي. ان جو مثال هي آهي، ته حضرت موسيٰ مبتدي هو ۽ سندس حوصلو الله تعاليٰ جي ديدار تائين محدود هو، تنهنڪري عرض ڪيائين: ”مهنجا موليٰ سامهون اچ توکي ڏسان“. اها پڪار مقصد حاصل نه ٿيڻ جو اظهار هو. اسان جا رسول ﷺ جن بلڪل متمڪن ۽ منتهي (تحصيل ڪيل) هئا. مقصد جي مقام تي پهتا، ته طلب ختم ٿي وئي ۽ چيائون: ”مان تنهنجي تعريف جو پورو پورو حق ادا ڪري نٿو سگهان“. اهو مقام مٿانهون ۽ منزل بلند آهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.

8- حضريت ابوالعباس احمد بن محمد اشقاني رحه:

هو اصول ۽ فروع جي علمن جوا مام ۽ هر علم ۾ ڪامل هو. ڪيترن ئي وڏن مشائخن سان ملاقاتون ڪري چڪو هو. وڏن ۽ جيد طريقت وارن ۾ شمار ٿيندو هو. فنا جي طريقي تي لکندو هو. سندس تحرير جو نموني سخت هو. اها سندس خصوصيت هئي. مون جاهلن جي اهڙي جماعت به ڏٺي، جيڪا سندس تحرير جي پيروي ڪندي هئي ۽ سندس شطحي (ظاهر ۾ شرعيت جي ابتڙ) ڪلام جي پوئلڳ بڻجي هئي. اُها سندس ڪلام جي غلط معنيٰ جي تقليد ڪندي هئي. حقيقت ۾ سندس عبارتن تي سوچ ۽ ويچار جي گهڻي ضرورت هئي. مون کي ساڻس گهڻي محبت هئي ۽ هو به مون تي وڏي مهرباني ڪندو هو. ڪن علمن ۾ هو منهنجو استاد هو. شرعيت جي احترام ڪرڻ ۽ هر ماڻهوءَ کان منهن موڙڻ ۾ مون هن ماڻهوءَ کان وڌ ڪنهن کي نه ڏٺو. اصول جي علم ۽ سندس ڏکين عبارتن کي ڪنهن امام يا تحقيق ڪندڙ کان سواءِ ڪوبه فائدو حاصل ڪري نه سگهندو. سندس طبعيت هر وقت دنيا ۽ آخرت کان بي نياز رهندي هئي. هو گهڻو ڪري چئي ڏيندو هو: اشتهي عدماً لاوجود لہ. ”مون کي اهڙي نيستي (نه هجڻ واري حالت) جي ضرورت آهي، جنهن جو وجود ڪونهي“. فارسي ۾ چوندو هو: ”هر آدمي رابايستن محال باشد و مرا نيز بايست محال است که بيقين دانم که ان بناشد و اَن اَنست که مي بايدم که خداوند تعاليٰ مراد بعدم بردکه هرگز اَن عدم را وجود نباشد“. ”هر ماڻهوءَ کي ڪنهن محال شيءِ جي ضرورت هوندي آهي. مون کي به آهي ۽ پورو يقين آهي ته هو ڪڏهن به پوري نه ٿيندي يعني الله مون کي اهڙي نيستي (عدم) نصيب ڪري، جنهن جو وجود نه هجي“. مقصد اهو آهي ته سمورا مقام ۽ ڪرامتون فقط حجاب جي حيثيت رکندڙ آهن، جيڪو الله تعاليٰ ۽ انسان جي وچ ۾ آهي. انسان کي حجاب ۾ رکڻ وارين شين سان محبت هوندي آهي. ديدار ۾ فنا ٿي وڃڻ حجاب ۾ اٽڪڻ کان بهتر آهي. الله تعاليٰ جي هستي کي نيسي (عدم) ناهي. جيڪڏهن مان اهڙيءَ طرح بلڪل فنا ٿي وڃان، جو منهنجي نيستي جو وجود به نه رهي ته الله تعاليٰ جي حڪومت ۾ ڪهڙو فرق ايندو؟ فنا جي اصلي حقيقت اها آهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.

 

9- حضرت ابوالقاسم بن علي بن عبدالله گرگاني رحه:

(دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان ۽ سڀني مسلمانن لاءِ سندس عمر وڏي ڪري). پنهنجي زماني ۾ بينظير آهي ۽ ڪوبه سندس مَٽ ڪونهي. سندس ابتدا تمام سٺي ۽ پائيدار هئي. هن شرعيت لاءِ وڏا سفر ڪيا آهن. سڀ ماڻهو سندس مشتاق آهن ۽ سمورا طالب کيس مڃيندڙ آهن. مريدن جي دل جي ڳالهين ٻڌائڻ ۾ ڪمال حاصل اٿس. علمي فنن جو به ماهر آَهي. هن جا مريد جتي به ويندا آهن اتي مجلسن جي زينت بڻبا آهن. خدا گهريو، ته هو پنهنجي پٺيان به اهڙو جانشين ڇڏيندو. جنهن کي سمورا صوفي سڳورا پنهنجو رهبر ڪري مڃيندا، يعني وقت جي زبان ابوعلي ابوالفضل بن محمد الفارمدي (الله سندس عمر وڏي ڪري). جنهن جي خدمت جي حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، جيڪو پوريءَ طرح دنيا جا ناتا ٽوڙيندو آهي، جيڪو پنهنجي خدمت ۽ لاڳاپن لاهڻ جي برڪت سان اهڙي مشائخن جي سردار يعني ابوالقاسم گرگاني جي زباني آهي.

هڪ ڏينهن مان سندس آڏو پنهنجا احوال ۽ مشاهدا بيان ڪري رهيو هئس. اهو به ان لاءِ ته هو وقت جي نبض شناس هجڻ جي حيثيت سان منهنجي حالات تي نظر ڪندو. هو نهايت خيال سان ٻڌي رهيو هو. آئون ٻالڪپڻ جي غرور ۽ جوانيءَ جي زور جي ڪري بيان ۾ ڊيگهه ڪري رهيو هئس ۽ دل ۾ چيو ته شايد هي بزرگ انهن منزلن مان لنگهيو آهي. ائين نه هجي ها، ته هو خيال ۽ نياز مندي سان نه ٻڌي ها. هو منهنجي دل جي حالت کي سمجهي ويو ۽ چيائين: اي ٻچڙا! منهنجي نوڙت ۽ نياز تولاءِ يا تنهنجي حال لاءِ ناهن، پر ان ذات لاءِ جيڪا احوال کي پيدا ڪندڙ آهي. اهي شيون هر طالب جي اڏو اينديون آهن. تولاءِ ڪا خصوصيت ناهي. اهو ٻڌي منهنجو هوش اڏامي ويو. هن مون ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو: ماڻهوءَ کي طريقت سان فقط ايتري قدر واسطو آهي، جو جڏهن هو اُن تي هلندو آهي، ته سمجهندو آهي ته هن منزل حاصل ڪري ورتي. هو جڏهن ڀُلي ويندو آهي تڏهن پنهنجي تصور کي عبادت ۾ داخل ڪرڻ شروع ڪندو آهي. نفي، اثبات، عدم ۽ وجود سموريون خيالي شيون آهن. ماڻهو ڪڏهن به خيالي بندش کان ٻاهر نڪري نه سگهندو آهي. هن کي گهرجي ته هو الله جي درگاهه ۾ سر جهڪائي مردانگي ۽ فرمانبرداري کان سواءِ هر لاڳاپي کان هٿ کڻي ڇڏي. ان کان پوءِ هن سان گهڻيون ئي راز جون ڳالهيون ٿيون مگر مان ڊيگهه جي خوف کان هتي بيان نه ٿو ڪيان.

10- حضرت ابو احمد مظفر بن احمد بن حمران رحه:

هو رياست جي بارگاهه جو بادشاهه هو. الله تعاليٰ هن لاءِ طريقت جو دروازو کولي ڇڏيو ۽ ڪرامت جو ڇٽ مٿي تي رکيو. کيس فنا ۽ بقا جي باري ۾ بيان ڪرڻ جي مهارت حاصل هئي. مشائخن جو شيخ حضرت ابو سعيد چوندو رهندو هو، ته اسان کي الله جي درگاهه مان بندگي عطا ٿي ۽ خواجه مظهر کي سڌو سنئون خدا کان فيض حاصل ٿيو. مطلب هي آهي، ته اسان مجاهدي سان مشاهدو ڪيو ۽ هن مشاهدي سان مجاهدو ڪيو. مون ٻڌو آهي، ته هن جي چوڻ موجب، جو ڪجهه ٻين کي رڻن پٽن ۾ رُلندي مليو آهي، اهو کيس تخت تي ۽ آرام جي بستري تي عطا ٿيو آهي. ڪجهه بي عقل ۽ گهٽ نظر وارن ماڻهن هن قول ٻڌائڻ کي تڪبر جو اظهار سڏيو آهي، مگر اهو ظاهر آهي، ته حقيقت جي اظهار کي تڪبر سڏي نٿو سگهجي، خاص ڪري جڏهن اظهار وارو ماڻهو دل جو صاف هجي. اڄ ڪلهه شيخ ابو سعيد خواجہ مظفر جو قابل ۽ وڏي ظرف وارو جانشين آهي.

هڪ ڏينهن مان سندس خدمت ۾ حاضر هئس. نيشاپور جي هڪ طريقت جي دعويٰ ڪندڙ چيو: ”مان فنا ٿي بقا حاصل ڪندو آهيان“. خواجہ مظفر چيو: فنا مان بقا ڪيئن حاصل ڪري سگهندين؟ فنا ته عدم جو ۽ بقا هستي جو عالم آهي. ٻئي متضاد شيون آهن. جيڪڏهن وجود جو عدم نظر ۾ هوندو ته فنا فهم جي ويجهي ٿيندي. جيڪڏهن وجود جو عدم نه هوندو يعني نيستي هستي جو جامو پائيندي ته فنا جي حقيقت ختم ٿي ويندي. ڪنهن به شيءِ جي ذات فنا نه ٿيندي آهي. البت صفت ۽ سبب فنا ٿيندا آهن. صفت کان پوءِ موصوف ۽ سبب کان پوءِ سبب (سببن جو سبب) باقي رهندو آهي. موصوف ۽ سبب جي ذات فنا نه ٿيندي آهي. مان سمجهان ٿو ته خواجه صاحب جو قول مون کي لفظ به لفظ ياد نه آهي. مطلب اهو آهي، جيڪو بيان ڪيو اٿم. اڃا ٿوري سمجهاڻي به ڏيان ٿو ته جيئن ڳالهه سهنجي ٿي پوي. اختيار ماڻهوءَ جي صفت آهي ۽ اهو انهيءَ صفت جي ڪري خدا جي اختيار کان پردي ۾ آهي. سندس صفت هن لاءِ پردو آهي. خدا جو اختيار ازلي آهي ۽ انساني اختيار محدث (فاني) آهي. ازلي شيءِ فنا کان مٿي آهي. جڏهن خدا جو اختيار ڪنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ ظاهر ٿيندو آهي، تڏهن هن جو پنهنجو اختيار فنا ٿي ويندو آهي ۽ سندس ذاتي غلبو ختم ٿي ويندو آهي.

هڪ ڏينهن مان هن وٽ حاضر هئس. مون کي ڏاڍو بخار هو. سفر واري لباس ۾ هئس ۽ وار پريشان هئا. چيائين: چا ٿو چاهين؟ مون عرض ڪيو مون کي سماع (راڳ) جي خواهش آهي“. خواجہ صاحب هڪدم ڳائڻ وارن جو بندوست ڪيو. مان نوجوان هئس. طبعيت ۾ جوش ۽ سيکڙاٽ وارو نمونو هو. راڳ ۽ ساز مون کي بيقرار ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن هن آفت جو زور ۽ غلبو گهٽ ٿيو، ته فرمايائين: ”پسند آيو؟“ مون عرض ڪيو: ”گهڻو مزو حاصل ڪيو اٿم“. چوڻ لڳو: هڪ اهڙو وقت ايندو، جو تو لاءِ هي راڳ ۽ ڪانون جي ڪان ڪان هڪ جهڙا هوندا. سماع جي ضرورت ان وقت هوندي آهي، جڏهن مشاهدو حاصل نه ٿيندو آهي. مشاهدي حاصل ٿيڻ کان پوءِ سماع بيڪار ٿي ويندو آهي. خبردار! هن کي پنهنجي عادت نه بڻائجانءِ، جيڪا طبعيت ثاني بڻجي وڃي ۽ ان کي ڇڏڻ مشڪل ٿي پوي. الله تعاليٰ بهتر ٿو ڄاڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com