سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :14

مشهور آهي ته حضرت ابو عبدالله رحه هڪ درويش کي چيو: ڪُمن لله وِالاَ فَلاَتَڪُن: ”يا خدا جو ٿي رهه يا ڪجهه به نه ٿي“. يعني يا ته الله تعالى سان باقي ٿي وڃ يا پاڻ کي فنا ڪري ڇڏ. يا ته صفتن سان اطمينان حاصل ڪر يا درويشي ۾ پريشان ٿي وڃ، يا ته هن ڳالهه جي لائق ٿي وڃ جنهن لاءِ الله تعاليٰ چيو آهي: اَسجُدو لِااَدم. ”اي ملائڪو آدم کي سجدو ڪريو“. يا وري هن طرح سان جيئرو رهه جيئن الله تعاليٰ جو حڪم آهي: هل اَتيٰ علي الانسان حين منَ الدهَر لَم يَڪن شيئاً مَذ ڪُوراً. ”ڇا انسان تي اها گهڙي نه گذري آهي جنهن ۾ هو ڪجهه به ڪين هو؟“ جيڪڏهن پنهنجي رضا ۽ رغبت سان پنهنجي پاڻ کي خدا تعاليٰ جي حوالي ڪندين ته قيامت جي ڏينهن تنهنجو حشر تنهنجي هٿ ۾ هوندو، ٻي حالت ۾ حشر جي حاڪم جي هٿ ۾ هوندو. هيءَ هڪ نازڪ نُڪتو آهي ۽ الله بهتر ڄاڻن وارو آهي.

 

14- حضرت ابو سليمان دائود بن نصير طائي رحه: هي وڏن مشائخن ۽ تصوف جي سردارن مان هو:

حضرت ابو حنيفہ جو شاگرد ۽ طريقت ۾ حضرت حبيب راعي جو مريد هو. حضرت فضيل ۽ حضرت ابراهيم اڌهم وارن جو همعصر هو. هر علم ۽ فن جو ماهر ۽ فقهه ۾ فقيهن جو فقيهه هو. مگر اڪيلائپ اختيار ڪيائين. مال ۽ دولت کان منهن موڙي زهد ۽ تقويٰ جو دامن هٿ ۾ ڪيائين. چون ٿا، ته پنهنجي هڪ مريد کي چيائين: ان اردت السلامة سَلم علي الدنيا وان اردت الڪرامة ڪبر علي الاخرت. ”خيريت چاهين ٿو ته دنيا کي ڇڏي ڏي، ڪرامت جي ضرورت ٿو رکين ته آخرت تان هٿ کڻي ڇڏ“. اهي ٻئي پردن جا مقام آهن. هر ڪشادگيءَ جو راز ان قول ۾ لڪل آهي. جسماني راحت دنيا کي ڇڏي ڏيڻ آهي ۽ دل جو سڪون آَخرت جي لالچ کان هٿ ڌوئڻ ۾ آهي. هو دائود بن حسن رحه سان تڪليف کان سواءِ ملندو هو. مگر حضرت ابو يوسف قاضي کان پرهيز ڪندو هو. ڪنهن ماڻهوءَ پڇيس: حضرت اوهين ائين ڇو ٿا ڪريو؟ فرمايائين: محمد بن حسن مال ۽ دولت سان راند ڪندو هو. هن دين علم حاصل ڪيو، ان جي باوجود سندس مان ۽ مرتبي ۾ ڪو اضافو نه ٿيو. ان جي ابتڙ ابو يوسف هڪ فقير هو. علم حاصل ڪيائين ته ان جي صدقي هن مان ۽ مرتبو حاصل ڪيو. حضرت معروف ڪرخي رحه فرمائي ٿو. مون حضرت دائود طائي رحه کان وڌيڪ دنيا کان بيزار ڪنهن کي به نه ڏٺو آهي. سندس نظر ۾ دنيا ۽ دنيا وارا خسيس هئا. کيس فقيرن جي شڪست حاليءَ جي باوجود وڏي ارادت هئي. حضرت دائود طائي جا مناقب بيشمار آهن.

 

15- حضرت ابو الحسن سري بن مغلس سقطي رحه:

هي حضرت جنيد رحه جو مامو هو. سڀني علمن ۾ ڪامل هو. تصوف ۾ يگانو هو. مقامات کي مقرر ڪرڻ ۽ باطني احوال کي وڌائڻ وارن ۾ کيس وڏن واري حيثيت حاصل هئي، عراق جا وڏا وڏا مشائخ سندس مريد هئا. حضرت حبيب راعي رحه سان ملاقات ٿيل هيس ۽ ان جو صحبتي هو. حضرت معروف ڪرخي رحه جو مريد هو. بغداد جي بازار ۾ نانوائي جو ڪم ڪندو هو. چون ٿا، ته هڪ دفعي بازار کي باهه لڳي وئي. ماڻهن اچي ٻڌايو ته سندس دڪان به سڙي ويو. چيائين: چڱو ٿيو، مون کي انهيءَ باهه کان ڇوٽڪارو مليو. پوءِ پتو پيو ته سڄي بازار سڙي خاڪ ٿي وئي. مگر هن جو دڪان بچي ويو. هن سمورو سامان غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ درويشي اختيار ڪيائين. ڪنهن پڇيس: اوهان جي طبعيت ۾ تبديليءَ جي شروعات ڪيئن ٿي؟ چيائين: هڪ ڏينهن حضرت حبيب راعي منهنجي دڪان جي سامهون لنگهيو، مون کيس مانيءَ جو هڪ ڳڀو ڏنو ۽ عرض ڪيو ته ڪنهن غريب کي ڏئي ڇڏجو. هن چيو: الله تعاليٰ توکي هن جو اجورو ڏيندو. ان کان پوءِ منهنجي دل ۾ دنيوي ڪاروبار جي بهتري جي ڪا آرزو نه رهي.

ان جو قول آهي: اللهم مهما عذ بتني بہ شيءِ فلاتعذبني بذل الحجاب. ”اي منهنجا موليٰ! ٻيو جيڪو به عذاب ڏيندين اهو سهندس، پر مهرباني فرمائي حجابن جي عذاب ۾ مبتلا نه ڪر“. ڇو ته حجاب نه هوندو ته هر عذاب سهڻ تنهنجي ذڪر ۽ مشاهدي سان سهنجو آهي. جيڪڏهن آهي ته تنهنجو ڪرم به عذاب کان گهٽ ناهي. حقيقت ۾ جهنم جو وڏي ۾ وڏو عذاب اهو آهي ته جهنم وارا خدا جي ديدار کان محروم هوندا. جيڪڏهن ديدار نصيب ٿئي ته جهنم وارا ڪڏهن به بهشت جي تمنا نه رکن، ڇو ته ديدار جو مزو عذاب جي سختيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندو. اهڙيءَ طرح بهشت جي ڪابه خوشي ڪشف کان وڌيڪ دل ۾ ويهڻ واري ڪانهي. هزارين خوشين جي باوجود الله تعاليٰ جو ديدار نه ٿئي ته جيڪر بهشت وارن جون دليون ٽٽي پون. اها خدائي رسم آهي ته سندس دوست جو ان جو جلوو ڏسندا آهن ۽ هر مصيبت سهندا ويندا آهن. سندن لبن تي اها دعا هوندي آهي: تنهنجي حجاب جي مقابلي ۾ هر عذاب قبول آهي. تون سامهون آهين ته ڪنهن به مصيبت جو خوف ناهي. الله بهتر ڄاڻن وارو آهي.

 

16- حضرت ابو علي شفيق بن ابراهيم آزدي رحه:

هي شرعيت جي علمن، معاملن ۽ حقيقت جو ماهر هو. تصوف جي ڪيترن ئي مضمونن تي سندس ڪتاب لکيل آهن. هو. حضرت ابراهيم اڌهم ۽ ڪيترن ٻين وڏن بزرگن سان صحبت ڪري چڪو آهي. هن جو قول آهي: جعل الله اهل طاعتہ احياء في مماتهم و اهل المعاصي امواتا في حياتهم. ”عبادت وارا مري به جيئرا رهندا آهن ۽ گناهه ڪندڙ جيئرا رهي به مئل هوندا آهن.“ عبادت ڪندڙ مرڻ کان پوءِ به جيئرا رهندا آهن، ڇو ته فرشتا کين حشر تائين آفرين چوندا رهندا آهن ۽ حشر ۾ به کين هميشہ واري حياتي نصيب ٿيندي آهي. هو فنا حاصل ڪري هميشہ واري اُجوري سان زندهه ۽ باقي رهندا آهن.

هڪ ڪراڙو ماڻهو سندس آڏو آيو ۽ عرض ڪيائين: مان وڏو گنهگار آهيان ۽ توبهه ڪرڻ ٿو چاهيان. فرمايائين: تون دير سان آيو آهين. ڪراڙي ماڻهوءَ چيو: اي ٺيڪ ناهي، مان موت کان اڳ ۾ آيو آهيان، ايڏي دير ته نه ٿي آهي.

چون ٿا، ته سندس توبهه جي شروعات هن طرح سان ٿي: هڪ سال بلخ ۾ وڏو ڏڪار پيو. ماڻهو هڪ ٻئي کي کائي رهيا هئا. اهڙي آفت ۽ مصيبت ۾ حضرت شفيق ڏٺو ته هڪ نوجوان وچ بازار ۾ نچي رهيو آهي. ماڻهن پڇيو: تون ڇو ٿو نچين؟ سڄي مخلوق مصيبت ۾ ڦاٿل آهي، توکي پنهنجي هلت تي شرم اچڻ گهرجي؟ نوجوان جواب ڏنو: مون کي ڪو به غم ناهي. منهنجو مالڪ سڄي ڳوٺ جو مالڪ آهي ۽ منهنجي روٽي انهيءَ جي حوالي آهي. حضرت شفيق دانهن ڪري چيو: يا الاهي! هيءُ نوجوان انهيءَ ڳالهه تي ناز ڪري رهيو آهي ته سندس مالڪ سڄي ڳوٺ جو مالڪ آهي. تون شاهن جو شاهه آهين ۽ روزيءَ جو واعدو به ڪري چڪو آهين. پوءِ به اسان بدنصيب پاڻ کي رنج ۽ مصيبت ۾ ڦاٿل سمجهي رهيا آهيون. هن حقيقت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پوءِ روزيءَ لاءِ ڪڏهن به فڪر نه ڪيائين. هو چوندو هو ته مان انهيءَ نوجوان جو مريد آهيان. مون جو ڪجهه به سکيو آهي، انهيءَ کان سکيو آهي. اها سندس عاجزي هئي.

17- ابو سليمان بن عبدالرحمان عطيته دراني رحه:

تصوف وارا سندس وڏي عزت ڪندا هئا ۽ عقيدت کان کيس ”ريحان دل“ سڏيندا هئا. هو رياضت ۽ مجاهدي ۾ ڏاڍو مشهور هو. وقت جي علم ۽ آفتن جي ڄاڻ جو ماهر هو. مصيبتن اچڻ واريءَ جاءِ تي وڏي نظر رکندو هو. عبادت، قلب جي سنڀال ۽ عضون تي سندن سهڻا اشارا آهن. قول آهي: اذ اغلب الرجاء علي الخوف فسد الوقت. ”جيڪڏهن اميد خوف تي غالب ٿيندي ته وقت پريشان ٿي ويندو“. وقت جو مقصد حال جي ثابت قدمي آهي ۽ ثابت قدمي برقرار رهندي آهي جيستائين خوف برقرار هوندو آهي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن خوف اميد تي غالب هوندو ته توحيد جو نقصان ٿيندو، ڇو ته خوف جو غلبو نااميدي جي نشاني آهي ۽ الله تعاليٰ کان نااميدي شرڪ آهي. مطلب ته توحيد جي ثابتي اميد سان آهي ۽ اها به وقت جي خوف سان. جڏهن خوف ۽ اميد برابر ٿيندا آهن، تڏهن ٻئي قائم رهندا آهن. توحيد جي ثابتي مومن بڻائيندي آهي ۽ وقت جي ثابتي پرهيزگار بنائيندي آهي. اميد جو بنياد ديدار تي آهي ۽ اها پختي عقيدي جو نتيجو هوندي آهي. خوف جو لاڳاپو مجاهدي سان ٿيندو آهي، جيڪو پريشانيءَ کان خالي نه هوندو آهي. مشاهدو به مجاهديءَ سان حاصل ٿيندو آهي. ٻين لفظن ۾ هر اميد نااميدي مان پيدا ٿيندي آهي. جڏهن انسان پنهنجي عملن ۾ آندي جي چڱائي کان نااميد ٿي ويندو آهي، تڏهن سندس نااميدي ڇوٽڪاري جي رشتي جي شمع بڻجي ويندي آهي ۽ هو بهتري ۽ خدا تعاليٰ جو لطف حاصل ڪندو آهي، خوشين جا دروازا کلي ويندا آهن، نفساني خواهشون ختم ٿي وينديون آهن ۽ حقيقت جي جَلَوَن کي سڃاڻي وٺندو آهي.

 

حضرت احمد الحواري جو چوڻ آهي، ته هڪ رات مون کي اڪيلائپ ۾ نماز پڙهندي ڏاڍي لذت محسوس ٿي. ٻئي ڏينهن حضرت ابو سليمان سان ڳالهه ڪيم، ته هن فرمايو: تون ڏاڍو ڪمزور آهين. ڪجهه اڪيلائپ ۾، ڪجهه ماڻهن ۾ پڙهه. ڪائنات ۾ ڪا به اهڙي شيءِ ناهي، جيڪا ٻانهي ۽ خدا جي وچ ۾ پردو ڪري سگهي. ڪنوار جي پردي لاهڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته کيس سڀ ڏسي وٺن، جيئن سندس عزت ۾ اضافو اچي. ڪنوار لاءِ اهو ٺيڪ ناهي ته سندس نظر گهوٽ کان سواءِ ڪنهن ٻئي تي پوي، ڇو ته ٻئي ڏانهن ڏسڻ، هن جي ذلت جو سبب بڻبو. جيڪڏهن زاهد جي شان تي سڄي دنيا جي نظر پوي ته ڪو نقصان ڪونهي، ليڪن جيڪڏهن هو پاڻ پنهنجي نظر سان کي ڏسندو ته گمراهه ٿي ويندو.

18- حضرت ابو محفوظ معروف بن فيروز ڪرخي رحه:

 

هن جو شمار وڏن مشائخن ۾ ٿئي ٿو. هو طبع جي برد باري ۽ عبادت جي سچائيءَ ۾ مشهور آهي، ترتيب جي لحاظ کان سندس ذڪر اڳ ۾ اچڻ گهربو هو مگر مون انهن ٻن بزگن جي پيروي ڪئي آهي جيڪي مون کان اڳ ۾ لکي چڪا آهن. انهن مان هڪ نقل ڪرڻ وارو ۽ ٻيو تصوف جو صاحب آهي يعني شيخ ابو عبدالرحمان سلمي ۽ استاد ابو القاسم قشيري رضي الله عنها. شيخ ابو عبدالرحمان پنهنجي ڪتاب ۾ اها ترتيب رکي آهي. ۽ امام ابو القاسم پنهنجي ڪتاب جي مقدمي ۾ انهيءَ ترتيب جو ذڪر ڪيو آهي. مون سندن پيروي ڪئي آهي. حضرت معروف حضرت سري سقطي رحه جو استاد ۽ حضرت دائود طائي رحه جو مريد هو.

Text Box: 185
183
181
179
177
175
173
171
169
167
165
163
161
159
157
155
153
151
149
147
145
143
141
139
137
135
133
131
129
127
125
123
121
119
117
115
113
111
109
107
105
103
 
100
98
96
94
92
90
88
86
84
82
80
78
76
74
72
70
68
66
64
 
61
59
57
55
53
51
49
47
41
38
36
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
6
2

 

ابتدا ۾ حضرت معروف غير مسلم هو. حضرت امام رضا عليہ السلام جن جي هٿ تي ايمان آندائين ۽ سندن نظر هيٺ وڏو مرتبو حاصل ڪيائن. روايت آهي ته فرمايائين: لِلفتيان ثلث علامت: وفاءِ بلا خلاف و مدح بلاجد و عطا بلا سوال. ”جوانمرديءَ جا ٽي نشان آهن: هڪ وفائي بي خلاف، ٻيو تعريف بي عطا ۽ ٽيون عطا بي سوال“. وفائي بي خلاف هي آهي، ته ٻانهپ ۾ برخلاف هلت ۽ ڏنگي چال پاڻ تي حرام سمجهڻ گهرجي. تعريف بي عطا هي آهي، ته جنهن ڪو به نيڪ سلوڪ نه ڪيو هجي ان کي نيڪي سان ياد ڪجي. عطائي بي سوال هي آهي ته جڏهن عطا جي توفيق هجي، ته اها ڪري ڇڏجي ۽ جنهن جي حال جي خبر هجي ان کي سوال جي تڪليف نه ڏجي. اهو مخلوق ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو طريقو آهي. سڀني ماڻهن ۾ اهي صفتون اڌاريون آهن. حقيقت ۾ اهي خدائي صفتون آهن. خدا تعاليٰ پنهنجن دوستن جي حق ۾ وفا ۾ ابتڙ روش نه ٿو ڪري. ٻانها ڪيترا به ابتڙ هلن، سندس لطف ۽ ڪرم ۾ ڪمي نه ايندي آهي. سندس وفا هيءَ هئي ته ازل واري ڏينهن انسان کي ڪنهن خوبي کان سواءِ نوازيو ويو ۽ اڄ به سندس غلط هلت جي باوجود مٿس عتاب نٿو ڪري. تعريف بي عطا به فقط سندس صفت آهي، ڇو ته هو ٻانهن جي ڪري ڪمن کان بي نياز آهي. انسان جي ٿورڙي نيڪي واري هلت تي به ان جي تعريف ٿو ڪري. عطائي بي سوال به هن کان سواءِ ٻيو نٿو ڪري سگهي. هو ڪريم آهي. سڀني جي حال کان واقف آهي ۽ گهرڻ کان سواءِ بندي جي مراد پوري ڪندڙ آهي. جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن کي توفيق ڏيندو آهي ۽ پنهنجي انعام سان هن جي سر بلندي ڪندو اهي ته سندس معاملن کي انهن ٽن شين سان سينگاريندو آهي. انسان پنهنجي هم جنسن سان پنهنجي همت آهر اهڙو برتاءُ ڪندو آهي. انهيءَ حالت ۾ هو جوانمرد ۽ جوانمرديءَ ۾ نالي ڪڍڻ جو لائق آهي. اهي ٽيئي صفتون حضرت ابراهيم عليہ السلام جن ۾ موجود هيون. خدا گهريو ته اهو ذڪر ڪنهن مناسب جاءِ تي ڪندس.

19- حضرت ابو عبدالرحمٰن حاتم بن علوان العاصم رحه: بلخ جي وڏي اقبال وارن ۽ خراسان جي پراڻن مشائخن مان هو:

حضرت شفيق رحه جو مريد ۽ حضرت احمد بن خضرويہ رحه جو استاد هو. منڍ کان پڇاڙي تائين هر حال ۾ سچائيءَ تي ثابت قدم رهيو. حضرت جنيد رحه چيو آهي: صديق زمانا حاتم الاصم رحه حاتم لاصم اسان جي زماني جو صديق آهي. سندس ڪلام مٿاهين درجي جو آهي جنهن ۾ نفس جي آفتن، طبع جي سختيءَ جي ڄاڻ جا ڏکيا نُڪتا ۽ معاملن جون روايتون ذڪر ڪيل آهن سندس قول آهي: ”الشهوة ثلثة شهوت في الاڪ و شهوة في الڪلام في النظر فاحفظ الاڪل بالثقة و لسان و باصدق والمنظر بالعبرة“. شهوت جون ٽي صورتون آهن: کاڌي جي شهوت، ڪلام جي شهوت ۽ نظر جي شهوت، کاتي جي سنڀال خدا جي پيروي سان ڪلام جي سچائي سان ۽ نظر جي عبرت سان ڪيو“. توڪل کاڌي جي شهوت کان حفاظت ۾ رکي ٿو. توڪل جو بنياد علم جي درستي تي آهي، جن کي پنهنجي خالق جو صحيح علم آهي، اهي ڄاڻن ٿا ته روزي پهچائيندڙ صرف الله جي پاڪ ذات آهي. اهي صحيح علم سان ڳالهائيندا ۽ ڏسندا آهن. سندن کاڌو پيتو، محبت ڪلام وجد ۽ نظر الله جو ديدار آهي. صحيح علم جي ڪري هو فقط حلال کائيندا آهن. ڳالهائيندا آهن ته الله جي تعريف ڪندا آهن. ڏسندا آهن ته انهيءَ کي ڏسندا آهن. انهن لاءِ اها شيءِ حلال آهي. جيڪا هو عطا ڪندو آهي ۽ ان جي کائڻ جي اجازت ڏيندو آهي. ظاهر ڪرڻ جهڙي اها تعريف آهي جيڪا ارڙهن هزار عالمن ۾ فقط ان لاءِ هجي. قدر ڪرڻ جهڙي شيءِ فقط اها آهي جنهن ۾ ان جو شان ۽ دٻدٻو هجي. جيڪو ان کان حاصل ڪري سندس اجازت سان کائبو ته اهو شهوت ۾ نه ايندو. هن جو ذڪر جيڪو سندس اجازت سان ڪبو سو شهوت نه ٿيندو. هن جي قدرت کي سندس اجازت سان ڏسبو ته اهو به شهوت جي حد ۾ نه ايندو. کاڌو حلال هجي تڏهن به پنهنجي خواهش سان کائڻ شهوت آهي. الله تعاليٰ جي ذڪر وارو گفتگو جيڪڏهن نفساني خواهش سان هجي تڏهن به شهوت آهي. نفساني خواهش واري نظر به شهوت ۽ مصيبت آهي پوءِ کڻي ان لاءِ ڪي دليل به موجود هجن. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.

 

20- حضرت ابو عبدالله محمد بن ادريس شافعي رحه:

پنهنجي وقت جي بزرگن مان سڀني علمن ۾ يگانو هو. جوانمردي ۽ پرهيز گاري ۾ سندس بيشمار فضيلتون آهن. جيستائين مديني شريف ۾ رهيو تيستائين امام مالڪ جو شاگرد هو. عراق ۾ اچي حضرت محمد بن حسن کان فيض ورتائين. هميشہ اڪيلائپ ڏانهن لاڙو رکندو هو. کيس تصوف جي تحقيق جو شوق هو. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ ڪيترائي پيروي ڪندڙ وٽس جمع ٿي ويا. حضرت احمد بن حنبل به انهن ۾ شامل هو. پوءِ سندس طبعيت درجي حاصل ڪرڻ ۽ امانت ڏانهن لاڙو رکيو ۽ اڪيلائپ جو خيال ڇڏي ڏنائين. هر حال ۾ سٺن لڇڻن جي مالڪ هو. منڍ ۾ صوفين جي برخلاف هو مگر جڏهن حضرت سليمان راعي سان ملاقات ڪيائين ۽ ساڻس ويجهڙائي نصيب ٿيس تڏهن کان وٺي سندس طبعيت ۾ ڦيرو آيو. ان کان پوءِ جتي به ويو اتي حقيقت جي تلاش ۾ مشغل رهيو. روايت آهي ته هڪ دفعي فرمايائين: اذا رايت العالم يشتغل الرخص فليس يحيي منہ شيءِ. ”جيڪڏهن ڪو عالم دين ۾ آسانيءَ جو شوق رکي ته سمجهيو سندس دامن ۾ ڪجهه به ناهي“. عالم مخلوق جو اڳواڻ هوندو آهي. اهو لائق ناهي، ته ڪو به پنهنجو قدم ان کان اڳ ۾ رکي پوءِ کڻي ڪهڙي به مطلب سان هجي. الله جي رستي تي هلڻ لاءِ وڏي خبرداري جي ضرورت آهي. تاويلون اهي ماڻهو ڪندا آهن جن کي حقيقت کان منهن موڙڻو هوندو آهي ۽ اختصار ۽ سهولت ڏانهن لاڙو رکندا آهن. تاويل عام ماڻهن جي عادت اهي ۽ شرعيت جي دائري ۾ رهڻ لاءِ اختيار ڪبي آهي. مجاهدو خاص ماڻهن جو ڪم آهي ۽ اهي ان جي ميوي جي لذت محسوس ڪندا آهن. عالم خاصن ۾ شامل آهن. خاص ماڻهو عام ماڻهن واري هلت اختيار ڪندا ته انهن ۾ ڪا به اميد رکڻ اجائي آهي. ان کان سواءِ تاويل خدا جي حڪمن ۾ گهٽتائي جي برابر آهي. دوست دوست جي حڪمن ۾ گهٽتائي نه ڪندو آهي.

هڪ طريقت جي شيخ بيان ڪيو آهي ته هڪ رات کيس حضور ﷺ جن خواب ۾ نظر آيا. شيخ چيو حضور ﷺ جن کي عرض ڪيم ته مون وٽ حديث پهتي آهي ته الله تعاليٰ زمين ۾ ولي ۽ اوتار پيدا ڪيا آهن. حضور ﷺ جن فرمايو ته اها منهنجي حديث صحيح آهي. شيخ عرض ڪيو: مان انهن مان ڪنهن هڪ کي ڏسڻ ٿو چاهيان. حضور جن فرمايو: محمد بن ادريس کي ڏس! ان کان سواءِ سندس ٻيون به گهڻيون فضيلتون آهن.

 

21. ابو محمد احمد بن حنبل رحه:

هن جي عبادت ۽ پرهيز گاري مشهور آَهي. پيغمبر ﷺ جن جي حديث جو حافظ هو. طريقت وارن جو هر طبقو سندس عزت ۽ احترام ڪندو هو. هن ڪيترن ئي وڏن مشائخن سان صحبت ڪئي. مثلاَ ذوالنون مصري، بشر حافي، سري سقطي معروف ڪرخي رضي الله عنهم. صحيح دانائي ۽ ظاهري ڪرامتن جو مالڪ هو. اڄ ڪلهه ڪي ماڻهو کيس مشبهين (الله تعاليٰ جي جسم جو عقيدو رکندڙ) جي تعليم کي هن ڏانهن نسبت ڏين ٿا. اصل ۾ اهو سراسر بهتان آهي ۽ من گهڙت ڳالهين مان پيدا ٿيل آهي. هو اهڙين ڳالهين کان مٿڀرو آهي. دين جي اصول ۾ سندس عقيدا سڀني عالمن پسند ڪيا آهن.

بغداد ۾ معتزلہ مذهب وارن زور ورتو ته انهن امام احمد حنبل رحه کي تڪليف پهچائڻ جو ارادو ڪيو آهي. کيس چيو ويو ته قرآن کي سڏي. هو پوڙهو ۽ ڪمزور ٿي چڪو هو، سندس ٻئي هٿ پٺيان ٻڌا ويا. ظالمن کيس هزار ڪوڙا (شرعي لڪڻ) هنيا مگر هن قرآن کي مخلوق نه سڏيو. انهيءَ حالت ۾ سندس اڳٺ کلي ويو. سندس هٿ ٻڌل هئا. غيب کان مدد پهتي. اڳٺ ازخود ٻڌجي ويو. اها ڪرامت ڏسي تڪليف ڏيندڙن کيس ڇڏي ڏنو. هو زخم سهي نه سگهيو ۽ ٿوري وقت ۾ مري ويو، موت کان ٿورو وقت اڳ ۾ ماڻهو خدمت ۾ حاضر ٿيا. پڇيائون: اوهان انهن ظالمن جي حق ۾ ڇا ٿا فرمايو جن اوهان کي تڪليف پهچائي. فرمايائين: ڪجهه به نه. انهن ماڻهن مون کي خدا جي رستي ۾ ماريو ۽ اهو سمجهي ماريو آهي ته سچا آهن ۽ مان ڪوڙو آهيان. مان هڪ زخم لاءِ به قيامت ۾ انهن سان جهڳڙو نه ڪندس. معاملات ۾ سندس قول وڏا قيمتي آهن. جيڪڏهن هن کان سواءِ ڪنهن مسئلي بابت سوال ڪيو ويندو ته ڏسندو هو ته جيڪڏهن اهو مسئلو معاملن متعلق آهي ته ان جو جواب پاڻ ڏيندو هو پر جيڪڏهن ڪو مسئلو حقيقت متعلق هوندو هو ته چوندو هو ته بشر حافي کان پڇ. ڪنهن کانئس سوال ڪيو: اخلاق ڇا آهي؟ جواب ڏنائين: الاخلاص هو الخلاص من آفات الاعمال. ”اخلاق اهو آهي ته عملن جي آفت کان ڇوٽڪارو حاصل ٿئي“. يعني هر ڪم مڪر، ريا ۽ غرض کان خالي هجي. وري پڇيائين: ما التوڪل. ”توڪل ڇا آهي“. چيائين الثقة اباالله ”اهڙو ايمان رکڻ ته خدا روزي پهچائيندڙ آهي“. وري پچائين: ماالرضا. ”رضا ڇا آهي؟“ چيائين: اهو سوال بشر حافي کان پڇ. جيستائين هو جيئرو آهي، تيستائين مان ان جو جواب نه ڏيندس.

Text Box: 190

 

امام حنبل رحه هميشه امتحان ڏيندو رهيو. سندس حياتيءَ جي معتزلن جو زور هو. وفات کان پوءِ مشبهين جون تهمتون ايتري قدر هيون جو اهل سنت به هن کان پوريءَ طرح واقف ٿي نه سگهيا. هن تي ڪافي تهمتون رکيون ويون، پر هو سڀني کان آزاد رهيو. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.

 

22- حضرت ابوالحسن احمد بن ابي حواري رحه:

هو شام جي وڏن مشائخ سڳورن مان هو. سمورا مرشد ساراهه ڪندا آهن. حضرت جنيدرحه چيو آهي؛ احمد بن ابي حواري رحه ريحانة الشام. ”حضرت احمد بن ابي حواري شام جي خوشبوءِ آهي“. طريقت جي علم تي سندس لطيف قول آهن. پيغمبر ﷺ جن حديثن جو سچو راوي هو. حضرت ابو سليمان دراني جو مريد هو. حضرت سفيان بن عينيہ ۽ مروان بن معاوية الفزازي سان ڪچهريون ڪيل هيس. وڏو سير سفر ڪندڙ هو ۽ هر جاءِ تان فائدو حاصل ڪندو هو. سندس قول آهي: الدنيا مزبلة و مجمع الڪلاب و اقل من الڪلاب من عڪف عليها فان الڪلب يا خذ منها حاجة و ينصرف والمحب لها لايزول عنها ولايتر ڪها بحال. ”هيءَ دنيا گند جو ڍير آهي، جنهن تي ڪتا گڏ ٿيا آهن. جيڪو ان تي وڌيڪ ويهندو، اهو ڪتي کان به خراب هوندو، ڇو ته ڪتو ڍير مان مطلب جي شيءِ کڻي هٽي ويندو آهي مگر دنيادار ان تان هٽڻ جو نالو ئي نه وٺندو آهي“. ان مان ظاهر آهي ته دنيا ۽ دنيا وارن کان ڪيترو بيزار هو. طريقت وارن لاءِ اها بيزاري ۽ لاڳاپن لاهڻ واري حالت خوشيءَ جو سبب هوندي آهي. منڍ ۾ پڙهڻ سان چاهه هوندو هئس. ان ۾ وقت جي امام جو مرتبو حاصل ڪيائين. پوءِ سمورا ڪتاب درياء ۾ اُڇلي ڇڏيائين ۽ چيائين: نعم الدليل انت واما الاِشتغال بالدليل بعد الوصول محال. ”اوهان چڱي رهبري ڪئي. منزل تي پهچڻ کان پوءِ رهبر جي ضرورت نه هوندي آهي“. رهبر جي ضرورت تيستائين هوندي آهي، جيستائين سالڪ هلندو رهي. جڏهن منزل جي بارگاهه اچي ويندي آهي، تڏهن رستا يا دروازا بيڪار هوندا آهن. مشائخ جو خيال آهي ته اها شيءِ احمد کان سڪر (بيهوشي) جي حالت ۾ جاري ٿي هوندي، ڇو جو طريقت جي رستي ۾ جنهن چيو ته مون منزل حاصل ڪري ورتي آهي، اهو گمراهه بڻجي ويو. ڪنهن منزل جو حاصل ڪرڻ اڳئين منزل کان پري ٿيڻ آهي. ٻيو ڪم ڪار اجايو آهي. فارغ ٿيڻ سستي آهي. ميلاپ ڪابه شيءِ ناهي. ڪم ۽ فرصت ۾ هڪ لاڳاپو آهي ۽ ٻئي انساني صفتن ۾ شامل آهن. ميلاپ ۽ جدائي خدا تعاليٰ جي مرضي ۾ ڪامل قدرت تي ڀروسو رکن ٿا. الله جو ميلاپ ناممڪن آهي. قرب ۽ ويجهڙائيءَ جو انهيءَ ذات سان ڪو به لاڳاپو ڪونهي. ميلاپ اهو آهي ته انسان کي الله تعاليٰ وٽان عزت نصيب ٿئي ۽ جدائي اها آهي ته هو ذليل ۽ خوراه هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com