سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :25

   

لھرين جا لوڏا

ھو دريءَ مان منھن ڪڍي ھاسٽيل جي گيٽ ڏي نھاري رھيو ھو. ڪي ڇوڪرا اندر پئي آيا تھ ڪي ٻاھر پئي نڪتا. ڇوڪرا بھ ھڪ ٻئي کان مختلف…… ڪي سھڻا تھ ڪي وري ڪوجھا، ڪن کي اوچا سوٽ اوڍيل تھ ڪن کي گوڏن وٽان کٿل خاڪي زين جون پتلونون. سھڻن ۽ امير ڇوڪرن کي ڏسي ھن جون اکيون ئي ڦوٽارجي پئي ويون. جيئن ھو کين پنھنجي اکين ۾ سمائڻ چاھيندو ھجي، پر انھن جي سونھن بھ سندس ڪھڙي ڪم جي؟ ھو وٽس ڀڳا تھ ڪونھ ايندا…… ھن کان بي اختيار ٿڌو شوڪارو نڪري ويو.

رات گرميءَ ڪري جوڻس کي ننڊ نھ پئي آئي تھ سڀاڳيءَ ساڙ کان کيس اٿاري، ان موضوع کي ڇيڙيو ھو، جنھن کانئس سموريون تفريحون کسي ورتيون ھيون. ٻين تفريحن کي ڇڏيو، پر ”ھارون جيمخانھ جي تفريح“ جنھن ۾ ھو ھر آچر سومر تي تمبولا کيڏڻ ويندو ھو، سا بھ کانئس کسجي وئي ھئي. حرام جو ھو ويجھڙ ۾ ويو ھجي! مسز سوزي جيڪب جا ھميسھ سندس پئسن تي کيڏندي ھئي ۽ جنھن جو سندس ھر کٽيل رقم ۾ ڀائيچارو ھوندو ھو، ٽي چار ڏھاڙا اڳ ڪيئن نھ فون تي کيس ايلاز ڪيا ھئائين: ”ڊارلنگ، تون ڪونھ ھلندين تھ مان ڪونھ وينديس. تو کان سواءِ کيڏڻ ۾ مزو ئي ڪونھ ٿو اچي.“ وري ليلائيندي کانئس پڇيو ھئائين: ”اڄ ايندين ني؟ توکي منھنجو قسم، ضرور اچج.“

مسز سوزي جيڪب جو ھن تي پکو ھو. يا ائين کڻي چئجي تھ سندس واڳون ھن جي ھٿ ۾ ھيون. ان ڪرستانڻ مٿس الائي ڪھڙو جادو ڪري ڇڏيو ھو، جو ھو سندس ڪا ڳالھھ موٽائي نھ سگھندو ھو. ھاسٽل جي ڇوڪرن کي بھ اھا خبر ھئي تھ جي سپرنٽنڊنٽ کين ھاسٽل ۾ داخلا نھ ڏئي يا ڪاوڙجي کين ھاسٽل مان ڪڍي ڇڏي تھ اتي ڪنھن جا ٻھ اکر ڪم ايندا؟ ۽ ھو پاڻ بھ اھا ڳالھھ، پنھنجي دوستن اڳيان قبول ڪندو ھو ۽ چوندو ھو: ”ھي تھ خسيس ڳالھيون آھن. پر جي سوزي مون کي ائين چوي: آءٌ توکي ڪاتيءَ سان ڪھان تھ جيڪو مڙي سو……“

مگر ان ڏينھن ھن جي قسم وجھڻ جي باوجود ھن ناڪار ڪئي ۽ چيو ھئائين: ”جاني، ٻٽي ڏينھن اڃا ترس!“ پوءِ اھا جدا ڳالھھ ھئي تھ سوزي کي اھو جواب ڏيڻ بعد ھن جي اکين مان ڳوڙھا جھر جھر ڪري وھڻ لڳا ھئا.

ھو بھ آخر ڇا ڪري؟ …… جي وڃي تھ ڪير سندس بدران جوڻس جا مھڻا جھلي؟ ”پھريون پنھنجي جوان جماڻ ڌيءَ جي ڳڻ ڪر، پوءِ پيو اھي سير ڪجانءِ.“ ھوءَ ڪتي جھڙو ٻوٿ ڪري کيس چوندي ھئي. ھن پنھنجي ڌيءَ لاءِ آخر ڇا نھ ڪيو ھو؟ ڪھڙي پاسي کان ھن گھٽتائي ڪئي ھئي؟ جي دوستن کي وٺو تھ ھن ڪھڙي دوست کي پنھنجي ان ڳڻتيءَ، ان بار کان واقف نھ ڪيو ھو؟ ھاستل جا ڇوڪرا وات ڳاڙھا ٿيندا آھن. انھن کي اھڙي آڇ ڪرن معنيٰ بورد جي ميمبرن کي پنھنجي ھٿن سان پاڻ پنھنجي ڪرتوتن جي ڇٺي لکڻي ھئي، مگر تنھن ھوندي بھ ھن ڪيترن کي اشارن ۾ ان بابت چيو ھو. پوءِ اھا تھ ڌيڻس جي بدقسمتي ھئي جو ھر ڪنھن ناڪار ڪئي ھئي ۽ عجيب عجيب بھانا ڏنا ھئا. ڪو پرڻيل ھو تھ ڪو مڱيل ھو ۽ ڪنھن کي وري وڏيءَ نوڪريءَ تي چڙھڻ بعد ئي شادي ڪرڻي ھئي.

ھن ٻٽي ڀيرا پنھنجي جند ڇڏائڻ لاءِ پنھنجي زال کي سمجھايو بھ ھو تھ جي ڌيڻس جو بندوبست ٿئي بھ تھ خرچ پکو يا ٻئي ڏاج ڏيوڻ جو بندوبست ڪٿان ٿيندو؟ مگر جوڻس تھ ڄڻ ھن جي سپرنٽينڊنٽي کي ھڪ کاڻ سمجھيو ھو. ھميشھ کيس چوندي ھئي: ”ان جو فڪر نھ ڪر. تو وٽ ڇوڪرن جون فيون گھڻيئي گڏ ٿينديون آھن ۽ ان جو حساب ڪتاب بھ ٻارھين مھيني ٿيندو آھي. في الحال اتان ئي ڪجھھ رقم ڪري وٺجانءِ.“ زال جي ان جواب تي ھن چوڻ گھريو ھو تھ جي ھن سال اڳ ئي حساب وٺن تھ پوءِ؟ مگر ھن کي پڪ ھئي تھ جوڻس کيس دڙڪو ڏيئي چوي ھا تھ: ”ائين ڪڏھن نھ ٿيو آھي“ ۽ تنھن کان سواءِ کيس يادگيريون ڏياري ھا تھ ڪيئن نھ ٻھ سال کن اڳ کيس ٻن ھزارن جي ضرورت پئي ھئي ۽ ھن انھن فين مان پئسا کپائي، ڪم ٽپايو ھو. تنھن کان ھن ماٺ ۾ رھڻ مناسب ڄاتو.

ان بعد ھو واقعي سچي دل سان ڪوشش ڪرڻ لڳو ھو. ان سوداءَ ۽ ڳڻتيءَ ۾ ھن کان سڀ ڳالھيون وسري ويون ھيون. ھو سدائين خيالي دنيا ۾ پھھ پچائيندو ھو. ايتري قدر جو ھڪ ڀيري ھن ڪاليج ۾ پرشن جي ڪلاس ۾ سياست تي ليڪچر شروع ڪري ڏنو ھو، جنھن تي پرنسپال سڄي اسٽاف جي سامھون کيس ٺاھوڪي دٻ ڪڍي ھئي …… پرنسال جا درڪا ياد ڪري کيس پيشانيءَ تي پگھر جا ڦڙا چمڪڻ لڳا ۽ ھو ايتري سرديءَ ۾ اڃ محسوس ڪرڻ لڳو. ھن زال کان پاڻي گھريو ۽ اھو پي وري دريءَ کان ٻاھر نھارڻ لڳو.

ھينئر بھ ڇوڪرا کيس ايندي ويندي نظر پئي آيا. ھڪ شڪل جي ڪوجھي ڇوڪري کي ڏسي کيس پنھنجي زال تي سخت خار آئي. جوڻس جا نخرا بھ عجيب ھئا. کيس اھڙو ناٺي گھربو ھو، جو سڀني ڳالھين کان ٺيڪ ھجي. سھڻو بھ ھجي تھ امير بھ ھجي، نھ تھ ھن کي کوڙ اھڙا ڇوڪرا سجھندا ھئا، جي سندس ڌيءَ جو سڱ خوشيءَ سان قبول ڪن ھا. ھو سوچڻ لڳو تھ جي ھينئر بھ جوڻس اھا ڳالھھ قبول ڪري تھ جيڪر منٽن ۾ ڪم لھي سگھي ٿو. مگر جوڻس کي بھ تھ اٺ جو پتو آھي. پنھنجي ھٺ تان ڪڏھن بھ نھ لھندي.

سوچيندي سوچيندي ھن ڪنڌ مٿي کڻي گيٽ ڏانھن نھاريو. ھن جي نگاھ ھڪ سھڻي ڇوڪري تي پئي جو وڏين وڏين ٻرانگھن سان اندر اچي رھيو ھو. ھي ھڪدم دريءَ جي اوٽ ٿي بيٺو. ان ڇوڪري جي ڌيڻس سان محبت ھئي. ھن پاڻ ڪيترا ڀيرا کين اشارا ڪندي پڪڙيو ھو. ڇوڪري کي تھ خواريءَ سببان ڪجھھ نھ چئي سگھيو، پر البتھ پنھنجي ڌيءُ کي سو چڱي کنج ڪڍي ھئائين. ان بعد اھو ڇوڪرو وٽس ٻھ دفعا سڱ لاءِ بھ آيو ھو، مگر ھن کيس دڙڪا ڏيئي ٻاھر ڪڍيو ھو. جوڻس وري الائي ڇو ھن جي سفارش ڪندي ھئي: ”ڏس ڇا ۾ گھٽ آھي؟ سونھن ۾ تھ پنھنجو مٽ پاڻ آھي. لٽن ڪپڙن مان بھ سکيي گھر جو ٿو ڏيکارجي.“ مگر ھن زال جي اھا ڳالھھ ڪڏھن نھ قبولي ھئي. کيس چوندو ھو: ”ان کي پنھنجي ڌيءُ ڏيون، تنھن کان کيس پاڻ گھٽو ڏيئي ڇو نھ ماريونس؟“ ھن کي ان ڇوڪري کان نفرت ٿي وئي ھئي. کيس ڏسي سندس رت ٽھڪندو ھو …… مگر اڄ اھا نفرت محبت ۾ بدلجي وئي. ھو پيار جي نظرن سان کيس ويندي ڏسڻ لڳو.

ھن ميز تان سلپ کڻي، ان تي ڪجھھ لکيو ۽ پٽيوالي کي سڏ ڪري، رشيد کي ڏئي، جواب وٺي اچڻ لاءِ چيو. ٿوري دير ۾ پٽيوالو جواب کڻي آيو. پھرين سٽ کي پڙھڻ سان ئي ھن جو ھيانءُ ٻوساٽجڻ لڳو. رشيد لکيو ھو: ”مان مجبور آھيان. منھنجي شادي مھينو کن اڳ پنھنجي ماسات سان ٿي وئي آھي.“ ھو اڳتي ڪجھھ نھ پڙھي سگھيو. ھن خط کي مروڙي کيسي ۾ وڌو. ايتري ۾ جوڻس ھن وٽ آئي ۽ کيس چوڻ لڳي: ”ڏس مان توکي رئو لاھي پيرن تي ٿي وجھان، رشيد جو رشتو قبول ڪر.“ ھن ڪنڌ ڦيرائي زال ڏانھن نھاريو ۽ کيس رھڙ ڏني: ”مون ھزار دفعا توکي چيو آھي تھ ان لوفر کي پنھنجي ڌيءُ نھ ڏينداسون. مگر تون ھر ڀيري ھن جي سفارش ٿي ڪرين، تون صفا بي غيرت آھين زرينھ!“ ايترو چئي ھو وري دري کان ٻاھر نھارڻ لڳو ۽ ان وقت ھن جي اکين مان ڳوڙھا برسات وانگر ٽمڻ لڳا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com