سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :24

   

سوکڙيون

نور محمد منھنجو سنگتي آھي. ٻٽي سان گڏ گذاريو اٿئون. شڪل ڪا خاص ڪونھيس. ٿنڀ جھڙو بت ۽ ڊگھو قد اٿس. رنگ ٽيٽھڙو اٿس، يعني تھ ڪنھن وقت مشڪي ڏسبو آھي تھ ڪنھن وقت ناسي. وار روز بروز کسندا ٿا وڃنس. تيل ھڻندي جڏھن مٺ کن وارن جي ڇڻندا اٿس تھ ڪمرو گھٽ، خميسي حجم جو دوڪان وڌ لڳندو آھي. ھينئر سندس لوٽي ٽڪڻ تي وار ڪبوتريءَ جي نئين ڄاول ٻچي جي پرن کان ڪنھن بھ حالت ۾ زياده نھ ٿيندا. دنيا جي دستور مطابق ھن بھ پنھنجي دل ڪنھن جي قدمن ۾ ڀيٽا رکي آھي. سندس محبوب دنيا جي محبوبن کان وڌيڪ سھڻو سٻاجھڙو آھي. ايترو تھ معصوم آھي جو کيکراٽن بعد ٻولي بھ ڇا ھوندي. کڙين تائين ڊگھا وار اٿس، گھاٽا جيئن ٻبرن جو ڪوشو، ڪارا جيئن ”چتون ڇاپ“ ڪاري پالش. انھن وارن جي ڇانو ۾ ئي کيس سڪون ملندو آھي……… مون سندس محبوب ڪونھ ڏٺو آھي. ان سان منھنجو ڪو واسطو بھ ڪونھي. مان رڳو نور محمد سان ٻڌل آھيان. سندس ھا ۾ ھا ۽ نھ ۾ نھ ڪندو آھيان. ان ڳالھھ ٻڌائڻ جو ڪو ضرور ڪونھي تھ في ۽ ماني جي خرچ کان سواءِ منھنجو ٻيو ڪو خرچ نھ ٿيندو آھي. ٻيا سڀ بار ھن تي آھن. ان جي بدلي ۾ کيس ”سائين سائين“ چوڻو پوندو آھي ۽ وقت بيوقت سندس ڳالھيون ٻڌڻيون پونديون آھن، جي سندس چوڻ مطابق محبوب وانگر ئي سھڻيون ۽ سڪون بخش آھن.

سندس ڳالھين جو گھڻو ڀاڱو پنھنجي محبوب متعلق ھوندو آھي. جڏھن بھ ججڪي ايندي اٿس تھ سندس شان ۾ قصيدا بيان ڪندو آھي ۽ مان پنھنجي ضروري ڪم کي بھ ڇڏي، سڄو ڌيان ڏانھنس ڪندو آھيان ۽ موزون موقعو ڏسي، سندس پريت جي تعريف بھ ڪندو آھيان. مون اڳ ۾ ٻڌايو آھي تھ ائين ڪرڻ سان مون کي اقتصادي فائدو پھچندو آھي، جنھن کي ڪو نظر انداز نٿو ڪري سگھي. مثال طوري ھڪ ڀيري جڏھن مان افسانو لکي رھيو ھوس تھ ھن سوھڙي ڇوڙي تھ سندس محبوب کي بھ ادب سان دلچسپي آھي. مون معمول مطابق ھڪدم ڪن کڙا ڪري سڄو ڌيان ڏانھنس ڪيو. پر جڏھن ھن ان دلچسپيءَ جي تشريح ڪئي تھ دل گھريو تھ جيڪر ٻئي ٻڪ ڌوڙ جا مٿي ۾ پائي ماتم ڪيان. ھو فخر سان ٻڌائي رھيو ھو تھ سندس محبوب سيف الملوڪ جا مڪالما ۽ امير حمزه جا ”اصل وڏا قصا“ چڱيءَ طرھ پڙھيل آھي ۽ اھي بيتن سميت کيس ياد آھن. جڏھن بھ سندس موڊ آف ٿيندو آھي تھ ھو سندس دل کي وندرائڻ لاءِ انھن مان ڪا نھ ڪا پھيلي کيس ٻڌائيندي آھي. ٻئي ڪڏھن ڪڏھن انھن قصن تي تنقيد بھ ڪندا آھن. مثال طور: جان عالم جو طوطو ٽاڪرو ھو يا سنڌي؟ امير حمزه ۽ سيف الملوڪ مان ڪنھن گھڻن ديون کي پھريون ”ماما، مام، ڪري پوءِ حرفت سان ماريو. سيف الملوڪ جي ڍنڍ ۾ پلو ھو يا نھ؟ جي ھو تھ اھو تري کائيندا ھئا يا سيڪي……… وغيره وغيره…… اھڙي قسم جون ٻيون بھ ادب سان گھرو تعلق رکندڙ ڳالھيون سندن بحث جو موضوع بڻبيون آھن.

ھو ھر اچر ۽ اربع تي وٽس ايندو آھي. اھي ڏينھن ھن ڪڏھن ڪونھ گسايا آھن. مان انھن ڏينھن تي سڄو وقت ڪمري ۾ گزاريندو آھيان. اڄ صبح جو بھ اٿڻ سان ھن تياري شروع ڪري ڏني. لڪس جي اڌ چڪي کپائڻ بعد جڏھن ھو ڪمري ۾ آيو تھ سندس رنگ ڳاڙھو ناسي ٿي چڪو ھو. منھن کي وينشنگ ڪريم جو ليپو ڏيڻ بعد جڏھن ھو پائوڊر جي اسٽيج تي پھتو تھ ھن کي ڪا ڳالھھ ياد آئي. پڇڻ لڳو: ”ٻئي ڏھاڙي عيد آھي نھ؟“

”ھا“…… ھن ھميشھ وانگر مسڪيني لھجي ۾ جواب ڏنو.

”تھ اٿي تھ صدر ھلون!“ …… ھن ٽوال سان ھٿ اگھيو.

”ڇو؟“ مون خوشي کي قدري دٻائيندي پڇيو.

”ھن لاءِ ڪجھھ سوکڙيون وٺڻيون آھن.“

اھڙا تھ موقعا مون کي گھربا ھئا…… آءٌ ھڪدم ڪپڙا پائي تيار ٿيس. ڪمري کي بند ڪري باھر نڪتاسين. دڳ تي ھن خواجھ خضر وانگر مون سان معاھدو ڪيو تھ سوکڙين جي خريداري سندس مرضي مطابق ٿيندي. آءٌ وچ ۾ ڪو ٽپو نھ ڏيندس، جو مون کي اھڙين ڳالھين جي خبر نھ آھي. مان رڳو سندس خريد ڪيل شين کي کڻي، سندس پويان ڦرندو وتندس. مون اھا ڳالھھ خوشيءَ سان قبول ڪئي. سڀ کان پھريون دڪان، جنھن کي اسان شرف بخشيو، سو ”انگلش بوٽ ھائوس“ ھو. ھن جي خيال ۾ سڀ کان سٺي سوکڙي ھڪ سھڻيءَ نازڪ جتيءَ جي خريداري آھي. آءٌ سندس ٻوٿ کي تڪڻ لڳس ۽ ھو سيلس مين کي ھدايتون ڏين لڳو. ضاعفن جو عام نمبر چوٿون ۽ پنجون، پر ھن پھرين سٽ سان ئي کيس ستون نمبر آڻڻ لاءِ چيو. سيلس مين ڏاڪڻ تي چڙھي مس مس ھڪ جوڙ لڌو ۽ ڇنڊي ڦوڪي اچي کيس ڏنو. ھن پادر کي جھلي گرانٺ ھنئي ۽ منھنجي ڪن ۾ ڀڻڪاٽ ڪيو: ”يار ھي تھ کيس پورو ڪونھ ايندو.“

”ڪمال ٿو ڪرين! ھي تھ تنھنجو پير آھي، عورت ذات کي ڪيئن نھ پورو ايندو؟“

”نھ يار، ھن جو پير وڏو آھي. منھنجو بوٽ کيس پورو ڪونھ ايندو آھي.“ ھن جي لھجي ۾ شرمندگي ھئي، جا مون کان سواءِ ڪو محسوس نھ ڪري سگھي ھا.

”تھ پوءِ کيس اٺين نمبر لاءِ چئو“……… مون مزي خاطر کيس صلاح ڏني.

نور محمد زخمي نگاھن سان سيلس مين کي ڏسي کيس اٺين نمبر آڻڻ لاءِ چيو، مگر سيلس مين مجبوري ڏيکاري ۽ چيو تھ سينڊل تھ ڇا پر اٺين نمبر جو زنانو قالب بھ ھنن وٽ ڪونھ آھي. پڇاڙيءَ ۾ لھندي وقت ٽوڪ بھ ڪري ورتائين: ”اسان ضاعفن لاءِ جتيون رکندا آھيون، ڏاچين لاءِ ڪونھ.“

…… نور محمد اھي لفظ ٻڌي ڏاڍو شڪي ٿيو. مون کي بھ ڏاڍي کل پئي آئي، پر پاڻ روڪيو پئي آيم جو کائڻ پيئڻ جو پروگرام اڃا پرڀرو ھو…… ”انگلش بوٽ ھائوس“ تان لھڻ بعد نور محمد رستي تي ويندڙ سھڻين ضائفن کي تڪيندي اعلان ڪيو تھ ھن جتي وٺڻ جو پروگرام ختم ڪيو آھي، جو ھڪ تھ اٺون نمبر جتي ملڻ مشڪل ھئي ۽ جي ڪنھن دوڪان تان ملي بھ تھ ايڏي وڏي نمبر جي زناني جتي وٺڻ ھڪ غير روحاني ۽ پاڻ تي کلائيندڙ ڪم ھو. مون سندس سياڻپ جي تعريف ڪئي. ھو وري اوچي ڳاٽ سان تڪڙا قدم کڻي ”غلام محمد برادرس“ ڏانھن ھلڻ لڳو، جتان ھن کي يوڊي ڪولن ۽ رومال خريد ڪرڻا ھئا.

ڪائونٽر وٽ بيھڻ سان ئي ھن شوڪيس ۾ پيل ھڪ شيشي ڏانھن اشارو ڪيو ۽ سيلس مئن ڦڙتائي سان اھا شيءِ کڻي آيو. مون ڏٺو تھ اھا يوڊي ڪولن نھ پر ڊيٽول جي ھڪ وڏي شيشي ھئي. مون کيس ٻڌائڻ گھريو، مگر ھن رھڙ ڏني: ”توکي ڪھڙي خبر، تو ڪڏھن ھاءِ سوسائٽي ۾ موو ڪيو آھي؟“…… مون کڻي ماٺ ڪئي. ھن تنھن کان پوءِ سيلس مين کي زنانا رومال آڻن لاءِ چيو. ھو ٻٽي پئڪيٽ کڻي آيو. رومال ڏاڍا سھڻا ۽ وڻندڙ ھئا. ھن تي جھرڪيون ڇاپيل ھيون تھ ڪن تي ڇڙا گل ھئا. آءٌ بھ پنھنجي دل ۾ انھن کي خريد ڪرڻ جو خيال ڪرڻ لڳس. مون سندس مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ ڏانھس ڏٺو. ھو ھڪ رومال کي کولي ڪجھھ سوچي رھيو ھو. جلدي ئي ھن سيلس مئن کي مردانا رومال آڻڻ لاءِ چيو. آءٌ اھا فلاسافي سمجھي نھ سگھيس. کانئس ان جو سبب پڇيم. پھريون تھ ھو ٽارن لڳو، مگر منھنجن گھڻن ايلازن تي ھن ٻڌايو تھ ليڊيز رومال ننڍا آھن ۽ اھي ”ھن“ جي نڪ جي پگھر اگھڻ سان ئي آلا ٿي پوندا.“ ان ڪري ھن مرداڻا رومال ورتا.

ايتري خريداري ڪري ٿڪا ھئاسين. فاروق ھوٽل ۾ ٿڪ لاھڻ لازمي ھو. ھن آئسڪريم کاڌي ۽ منھنجي لاءِ پلين جيلي گھرائي. ھو مون کي وھاري پاڻ اٿي ويو. ويھن منٽن ۾ موٽي آيو. سندس ھٿ ۾ ھڪ پئڪيٽ ھو. مون اھو ڏسڻ گھريو، مگر ھن ڏسڻ نھ ڏنو ۽ چيو تھ ان ۾ منھنجي ڪم جي شيءِ ڪانھي. مون تھ پئڪيٽ جي اڀار ۽ لاھيءَ سان ان شيءِ جو اندازو لھي ورتو. مون کي ان جو نالو ڪونھ ايندو آھي، البتھ ان جا پار پتا ٻڌائي سگھان ٿو. اھڙي ئي نموني جي شيءِ مون نار ۾ ٻڌل ڏاند جي اکين تي ڏٺي آھي. فرق رڳو ھي آھي تھ اھا شيءِ کجيءَ جي ٻوٽن جي ٺھيل ھوندي آھي ۽ ھيءَ جا نور محمد خريد ڪئي، ڪپڙي جي ٺھيل ھئي.

ھو صدر مان ٿي ٽئي شيون ڳاڙھي لغڙي پني ۾ ويڙھي پنھنجي پرينءَ ڏي کڻي ويو آھي ۽ مان سھڪندو اچي پنھنجي ڪمري ۾ پھتو آھيان. ھن مھل آءٌ ڪنڌ گوڏن ۾ ھڻي خيال ٿو پچايان تھ ھن سان ڪھڙي حالت ٿيندي؟ مون تھ ھاءِ سوسائٽي ۾ موو نھ ڪيو آھي، ڇا توھان ٻڌائيندا؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com