سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :23

   

استاد ۽ شاگرد

”ادو آن ني.“ ھن کيس ايلاز ڪيو.

”نھ مان ڪونھ.“ ننڍڙي ڇوڪر منھن سڄائيندي نھنڪر ڪئي.

”ڀائو ناھين منھنجو؟“

”آھيان.“

”پوي ھي ڏينس تھ وڃي.“ ھن نيرو لفافو سندس معصوم ھٿن ۾ ڏنو.

”مون کي ماريندي.“ ننڍڙي ڇوڪر کي ڀؤ ورايو.

”خدا جو قسم ڪونھ ماريندي، اٽلو خوش ٿيندي. تون رڳو وڃي ھٿ ۾ ڏجانس.“

”نجمھ کي ڇو نھ ٿو ڏئين تھ وڃي ڏئي اچي.“ ننڍڙي عقل ويڙھايو.

”نجمھ کي ايترو عقل ڪٿي، تون تھ عقلمند آھين نھ.“ ھن ننڍڙي ڇوڪري کي ”مسڪو“ ھنيو. ھونئن نھ تھ سندس سوال تي کيس ڏاڍي خار آئي ھئي. پنھنجي ننڍڙي ڀيڻ کان اھڙو خط پھچرائڻ ھن کي ڏاڍو ڏکيو پي لڳو.

”ڀلا ڇا لکيو اٿئي ھن خط ۾؟“ ننڍڙي ڇوڪر وڃڻ کان اڳ پڇيو.

”سڀ ڪجھھ.“ ھن جون اکيون سرور ۾ بند ٿي ويون. ”وڏو ٿيندين تھ پاڻھيئي ڄاڻ پوندءِ.“ ھن کان بي اختيار ٿڌو ساھ نڪري ويو.

ننڍڙي قاصد خط پنھنجي ڀيڻ کي پھچايو. سندس ڀيڻ خوشيءَ ۾ ائين ڪر موڙيا، ڄڻ ھوءَ لوڪ ڪھاڻين جي انھن شھزادين مان ھڪ ھئي، جي سالن کان لوھي ڪوٽن ۾ قابو ستل ھونديون آھن ۽ ڪنھن بھادر شھزادي جو انتظار ڪنديون آھن، جو اھو طلسم ٽوڙي ان گھري ننڊ مان جاڳائي کين پنھنجو ڪندو آھي. ننڍڙو قاصد صبوح شام چٺيون کڻي ٻنھي پاسن ڏي پھچائڻ لڳو – ائين چٺيون پھچائيندي پھچائيندي جوان ٿي ويو. سندس بکايل اکيون ھيڏي ھوڏي واجھائي پنھنجي ”استاد“ جي انھيءَ ڀيڻ نجمھ ۾ وڃي کتيون جا بھ گھري ننڊ ۾ ستي، ڪنھن شھزادي جو انتظار ڪري رھي ھئي. ھڪ ڏينھن ھن بھ سورن جو خط لکي نجمھ جي ننڍي ڀاءُ کي ڏئي ساڳيا ايلاز ڪرڻ لڳو.

”ادو آن ني.“ ھن کيس ايلاز ڪيو.

…………………

”ڀائو ناھين منھنجو؟“

…………………

”خدا جو قسم ڪونھ ماريندي، اٽلو خوش ٿيندي.“

…………………

”سڀ ڪجھھ.“ ھن جون اکيون سرور ۾ بند ٿي ويون. ”وڏو ٿيندين تھ پاڻھيئي ڄاڻ پوندءِ.“

ھي ننڍڙو قاصد بھ پنھنجي معصوم ھٿن سان ٽپالون ڍوئيندي، پنھنجي وڏي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو تھ جيئن کيس بھ خبر پوي تھ اھڙن خطن ۾، جي نيرن لفافن ۾ بند ڪري، ٿڌا ساھ ڀري ايلازن سان ڏبا آھن، ڇا ھوندو آھي؟

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com