سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :20

   

 

ڪوڙڪيون

پوءِ حورن جھڙي حوران، ڏتي ڪڍ ائين لڳي ويئي جيئن ڪا ڌالي وڇ پنھنجي ڌنار جي پٺيان.

ڏھ سال اڳ ڄڻ تھ ڪالھوڪي ڳالھھ: شاھي بندر جي ڀر ھڪ پنجاھي ساٺيڪو گھرن جو ڳوٺڙو نالو آباد. ڪچا پچا ڪکاوان گھر، وچ ۾ ڪنگرن واري ڪوٽ ۾ اڏيل پيراڻي حويلي، جنھن جو مالڪ ڳوٺ جو وڏيرو بھ تھ مرشد بھ ۽ وڏڙن کان وٺي دين ۽ دنيا تي پورو قابض. گھٽي جي منڍ ۾ دڪانڙا، جن ۾ سودو اھو ئي لوڻ مرچ کان وڏف وارو. ڳوٺاڻا سڀ ھڪ ئي وڻ جا، پر لامون جدا جدا. ڪي سوني جو اولاد سوناڻي تھ ڪي گولي جو اولاد گولاڻي، ھر ڪنھن پاڙي جو جدا جدا ويڙھو ٻڌل، ڪانو ڪانڳون سان تھ ڳيرا ڳيرن سان. پير جي محرابن واري اوطاق ڀرسان ٿورو پٽ، پوءِ پرائمري اسڪول ۽ ان جي ڀرسان بنيادي جمھوريت وارن جي پيلين سرن سان اڏيل ٽن ڪوٺين جي ڊسپينسري. ھڪ ڪوٺيءَ ۾ منھنجا ٽپڙ ٽاڙي، ٻي ڪوٺيءَ ۾ تاڪن تي پيل خالي شيشا ۽ برنيون، جن مان ڪي اڌو گابريون ڀريل ۽ انھن ۾ ھر مرض تي پوندڙ پوٽيشم پرمئگنيٽ ۽ ٽنڪچر آيوڊين پاريون دوائون، گوڙيون ڇڙيون ڪونين، ٻيو مٺو نالو رب جو. ٽين ڪوٺيءَ ۾ ڪنھن اوستي ڊکڻ جو آڏ رکي دل کي بھاري ڏيڻ لاءِ آپريشن روم ٺاھيل. شفا تھ ان رب جي ذات جي، پر جت وڻ نھ اتي ڪانڊيرو بھ درخت، سو انڌن ۾ ڪو ڪاڻو مان بھ ھوس ۽ ٻن ٽن ھفتن ۾ ئي بُند تار وسيلي مون واري ھٿ شفا جي چؤطرف ھاڪ مچيل ھئي. صبوح جي پھر ۾ پري اوري کان ايندڙ اڻ مکيل بيل گاڏيون رينگٽ ڪري اسپتال جي اڱڻ ۾ اينديون ھيون تھ چڱو ملاکڙو مچي ويندو ھو ۽ لڙي منجھند تائين ڇڙو ڏاندن جون ٽاڏيون ۽ وھٽن جون ھاھرون پيون ٻڌبيون ھيون. ڳوٺ آباد ۾ يا سڏ پنڌ تي، چڱي مٺي کي ڏسڻ لاءِ، عزت شرافت ۽ شرم حياءُ سان اچڻ وڃڻ بھ ٿيندو ھو ۽ گذر گذران ڀلو پيو ٿيندو ھو. ڳوٺ جون ڪراڙيون سراڙيون بھ ھڪ ٻھ ڀيرو ملاقات ڪري نانيون ماسيون بڻجي چڪيون ھيون ۽ مھل ماسي وٽ وڻڇ جي ڀاڄي بھ آڻينديون نينديون ھيون.

ڪجھھ ٽاڪ منجھند جو سڀ مريض اڪلائي کٽ تي آھليل ھجان، جو انھن قربائتين ڪراڙين مان ماسي مرادان پنھنجي ڇڳل ٽِگلي جتيءَ کي لف لف ڪرائيندي اچي ٺھڪو ڪيو. منھن ون ون، رنگ ڪاراٽيل. سندس دوڏن ۾ پيٺل اکيون، جي مون کي ٿر جي ڪن جاڙن کوھن جيان ڏک ڏينديون ھيون، سي پئي سميون ۽ انھن اکين وارڻ بوڪن مان ميرا ڳوڙھا لار ڪري دوڏن جي پاڙڇن تي پئي ڪريا ۽ اتان گھنجن واري نيسر وٺي کاڏيءَ کان ھيٺ ميري گج کي پئي رجايائون. ماسي مرادان جو اھو حال کان بيحال ڏسي مان ٽپ ڏئي اٿيس. ايندي ئي چيائين: ”ڏاڪدر ابا، ڀيڻين جا ھر ھر ھٿ پير ٺري پارو ٿا ٿي وڃن، ڪا دوا تھ ڏي.“

”ڇو ماسي، آھي تھ خير؟“

”خير وري ڪھڙو ابا، ھن پاڻ واري پير ڪال وڌو آھي. سمو رب ڪين ڪندس.“ ماسي پلؤ کڻي پير کي ٿي پٽين جي آھوڙ ٻڌي.

”ڇا ٿو ڪري؟“

”ڇا ٻڌايانءِ ابا، جنسي انڌ ٿو ڪري.“

”نيٺ ٻڌاءِ تھ سھين.“

”حوران جو زور سان پرڻو ٿو ڪري.“

”ڪھڙي حوران؟“

”حوران مون واري ڏوھٽي، ان ڏينھن جو ڪک ڏناسين.“

”اھا جنھن کي واري جو تپ ھو؟“

”ھا اھا ئي ڄائي ڄم کان چنڊي، ان تپ ۾ ئي مري ھا تھ ھي ڏجھا تھ ڪونھ ڏسان ھا.“ ائين چئي ماسي مرادان ٻئي چنبا پنھنجي ٻوٿ ۾ زور سان وھائي ڪڍيا. جنگ نار جو ٿورو بيھجي ويو ھو سو وري – گڙڪڻ لڳو.

”ماسي ڇو ٿي ويچاريءَ کي پٽين.“ مون کي ڪھڪاءُ اچي ويو.

”ابا، سچ ٿي چوان، اصل کان نصيب ئي کوٽو اٿس. ماڻس کي سور ٿيا تھ چنڊ سمورو وتل ھو. ويم ڪيائين تھ پوءِ مس مس وڃي ڪو ڇٽو. ڇوري سو کرڻ کان الائي ڪيئن بچي وئي.“

مون دل ۾ سوچيو تھ جيڪر کيس چوان تھ ڳھيلي ماسي، تون تھ ڪا وڏي ڀليل آھين. حورن جھڙي حوران کي تھ جوڙيندي قدرت پاڻ تي پوءِ لاءِ ڪو لعنتاڻو ڪونھ رکيو ھو. سنڌوءَ جي انھيءَ سير مان، جتان ھينئر ٿو اکين وارن انڌن کي سون لڀي، ان ٽوٻي پاڻ ٽٻيون ھڻي، اھا سون گاڏڙ ڀوري لٽاشي مٽي ڪڍي ھئي ۽ پوءِ ان ۾ ماکيءَ کان مٺي کير واري ڪچي جي پلورڙ اربيليءَ جو کير وجھي، انھن چاڻن مان ڪاريگر سندس بوتو ٺاھيو ھو. پوءِ پورا نو مھينا راتين ۽ ڏينھن جا پاڻ ويھي ٽڪ ڪئي ھئائين. جڏھن کيس جوڙي راس ڪيائين تھ پھريون کيس ڏاڻ ڏسي ئي آٺرجي ويو. ملائڪن ھٿن پيرن جون تريون مھٽي سندس ھوءِ جاءِ ۾ ڪيو تھ پوءِ پياري ماسي جيئن تون پنھنجي وھيءَ جي ٺاھيل ڀلي ٽڪ واري رلھي گھر گھر ڏيکارڻ لاءِ پنھنجو ھنيانءُ ٺاريندي آھين، تيئن ھن قادر بھ پنھنجي ھنر ڏيکارڻ لاءِ کيس ڪڪرن جي ڪوئنٽي ۾ کڻي ستن ئي آسمانن جو سير ڪرايو. چنڊ تھ کيس ڏسندي ئي ڪاراٽجي ويو ۽ تو چواني ڪي پھر وتل رھيو. تارا شرم کان منھن لڪائي ھڪ ھڪ، ٻھ ٻھ ٿي بر منھن ڪندا رھيا ۽ باقي ڪي وڃي داڻا بچيا. پوءِ ھن سمورو ڍينگو ڍيري ٿيندو ڏسي، اھو ڳڙو آسمان تان لاھي، شاھي بند جي ڀر ۾، زمين جي ھن ٽڪر تي، جنھن کي ھينئر آباد ٿا چون، تنھن کي برباد ڪرڻ لاءِ پنھنجي ھٿن سان پاڻ وڌو ۽ پاڻ اھو ناٽڪ پٿيري پيو تماشو ڏسي. پر مون اھي ڳالھيون دل ۾ تھ گھڻيون سوچيون، پر اھڙو اکر بھ ڪونھ اڪليم. چيم تھ چڙو ايترو ئي: ”ماسي، ڌيون نيٺ پرايو ڌن آھن، نھ موت مھڻو نھ شادي طعنو.“

”پر اھا خبر اٿئي تھ ڪھڙو سدا ملوڪ ٿو موڙ ٻڌي؟“ ماسي اڳيان ڳوڙھا دوڏن مان اگھي ٻين لاءِ واھ ڪئي.

.نھ مون کي ڪھڙي خبر؟“

”کک ڪراڙو، مون کان بھ ڏھ طور وڏو.“

”تون نالو تھ کڻ.“

”ھو ڏتو ڏٺو ٿئي، ان سان.“

مان ڏتي کي ياد ڪرڻ لاءِ مٿو ويڙھائڻ لڳس، پر مون کي ياد نھ آيو. آخر ڏينھن بھ ڪيترا ٿيا ھئا ان ڳوٺڙي ۾، ڇڙا ٻھ مھينا. وري ڏتا ۽ ڏنا نالا تھ گھر گھر ۾، سو منھنجي دل تي ئي نھ پئي چڙھيو. مون لاچار ڏتي مان ھٿ ڪڍي ماسيءَ کي چيو: ”خير ھوندو ڪو اڌڙوٽ، مون کي تھ ياد نٿو پوي.“

ماسيءَ کي ڄڻ تھ چوچڙي وٺي ويئي ۽ مڇريل ککر جيان مون کي وٺي وئي. ذري گھٽ رھڙ ڏيندي چيائين: ”اڌڙوٽ ھجي ھا تھ ھي روئڻان ڇو روئان ھا؟ ھو تھ آ پورو سٺ، ڪٽن جي چٺ.“

”نھ ماسي، ائين ڪيئن ھوندو!“

”نور مٺي جو قسم، اڃا بھ سال ٻھ ماريو وڏو ھوندو. ڀلا تون پاڻ حساب ڪر نھ، جڏھن ھوءَ وڏي بيماريءَ پوي.“

”ڪھڙي بيماري؟ ھن ملڪ ۾ تھ ھڪ کان ٻي وڏي بيماري پئي آھي.“

”او جڏھن گھر گھر ماڻھو عام مرن، ڪانڌي ھڪ پوري موٽن تھ وري ٻيو ڍوئن.“

”ھا ھا، ڪالرا سال ٽيھن ۾ ٿا ٻڌون.“

”سن جون توکي خبرون، باقي مان ان وقت چڱي ڏڪري آھيان، جو گھڙو پاڻي جو ٿي کڻان ۽ اھو مردار ڏتو ڏاڙھي مڇن سان آھي ۽ لاشا ٿو ڍوئي. ھاڻي حساب ڪر.“

”اھو تھ ماسي ڏاڏي آدم جو سن چئبو.“ مون حساب ڪري چيو.

”نھ تھ وري مان ڪو ڪوڙ پئي ڳالھايو.“

”پوءِ لک لعنت آ ان گھوٽ تي، جيل جيل ٿو ڪري.“

”ڪٿي آ ابا ھن ملڪ ۾ راڻي راڻو.“

”پر ماسي، ڪھڙي ملان کي ساھ آ جو زوريءَ نڪاح پڙھندو. تون حوران کي ڪن ۾ ڦوڪ ڏجانءِ تھ ڌاڙ ڌاڙ ڪري.“

”ابا، اھو نپٽو آئٽو ملان موسو ئي وٺ جو نھ ھوندو.“ مان ماسي جو جواب ٻڌي ماٺ ٿي ويس. ڀلا ڳوٺ جي ملان کي ڪھڙو ساھ جو پير سان سينو ساھي. ڏينھڪ ئي ٿڙا ٻڌائيس ۽ ٺھيو ٺڪيو پن جو ٽڪر وڃائي ويھي.

ماسي مون کي ماٺ ۾ ڏسي ايلاز ڪرڻ لڳي: ”ابا، تون جيڪر ان پير کي نھ سمجھائين، آخر تھ ڪامورو آھين، من تنھنجو ھو چوڻ وٺي.“

”ماسي، مان ڊاڪٽر ماڻھو، مون کي ڇو ليکيندو. منھنجي ھٿن ۾ ڏنڊو ڪي ڪھارو.“

”ابا، گلو تھ سيتارامي سون آ، پر اھا پٽيل پوليس ھن تي ڪونھ پوندي. سڄو ڏينھن ٿي ھن جا ڇيلا ڪڪڙ کائي، ھن بيواھي جي ڪير ٻڌندو.“

”ماسي تون پاڻ وڃي ڇو نٿي ڀير ٻھ پاڻي ڪرين.“

”نھ ابا، مون سان تھ اصل چانڊين مگسين وارو وير اٿس.“

”ڇو، تون تھ حاويليءَ ۾ ٿانو ٻھاري بھ ڪندي آھين!“

”ان حوران جي ڳالھھ تي ئي تھ چپ آ. ھن جي مرضي ھئي تھ اگنا لاءِ حوران بھ حاويلي ۾ پئي ٿانو ٽپو ڪري، پر مان ائين نھ ڪيو. آخر تھ ڪنوارو وياءُ ھو.“

”تون بلڪل ٺيڪ ڪيو.“

”بس اھو ڏينھن اھو شينھن، ڏتي کي بڇون ڏيڻ شروع ڪيائين.“

”پر ماسي، ان ڏتي کي ڇو ٿي کٽي کڻي، ھن جو لھڻو ڪي ليکو؟“

”بس، اٺين پيڙھي اٺ جو ماڪوڙو ماسات، ڏتو وارثي ٿو ڄاڻائي.“

”ڪھڙي مٽي آ ڏتي جي حوران سان؟“

”پڻس جو سوٽي سوٽ ٿئي.“

”وارٿ تھ برابر ٿيو.“

”ڌوڙ جو وارث آ. اڄ جي وارثي آ قرب جي. ھن ڪو مرحيات جو منھن ماني ڪيو يا ڪو ختمو صلات ڪڍائي، ھن تھ رھندو بوتا وجھايا.“

”نھ ماسي اھو ڪوڙا ٿئي، مڙئي ماڻھن جا ٺاھ.“

”ابا ان ملان موسي ئي ڪتاب پٽيو ھو.“

”مڙئي کاڌي جي جاءِ ٺاھيائين.“ مون ماسيءَ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.

”نھ ابا، وري ڀوپي بھ ساڳي ڳالھھ ڪئي. ھن تھ مقام مان بوتو بھ ڪڍي ڏيکاريو. ھوبھو مرحيات جھڙو، سوين سيون ٽنبيل.“ ائين چئي ماسي جي اکين جا ٻوڪا وري ڀرجي ويا ۽ ھوءَ ڏتي کي پٽڻ لڳي:

”اڙي ڏتا، شل رب تنھنجو موت بھ ائين ڪندو ۽ رڳ رڳ ۾ سيون ٽنبيل ھوندءِ.“

”پر ڏتي کي ان شاديءَ مان ورندو ڇا؟“ ماسيءَ جي پِٽن کي بند ڪرڻ لاءِ مون وري ڳالھھ کنئي.

”تون پاڻ ڏس نھ ابا، حوران ڪلھوڪي ڇوڪري، اڃا مس ٻارھن مھينا بھ نھ ٿيا اٿس سامائي ۽ ھي ڏتو چنڊيءَ واڙ جو پڻس کان بھ وڏو. شادي بھ جوڙ جنس سان ٺھندي آھي.“

”ھو سياڻا جو ڳجھارت چئي ويا آھن تھ ”ولايت ۾ گاھ ڙي تھ من ۾ ساءُ ڙي.“ تھ ڪو ڪوڙ نھ ٺاھيو اٿئون. سن کان سواءِ شاديءَ ۾ ڪھڙو ساءُ ابا؟“ پيراڻي زماني جي سپورنج زائفان ھيڏي وڏي ڳالھھ مام ۾ سمجھائي ڳئي ۽ اھا ئي ڳالھھ اسان اڄوڪي ٽھي وارا چوڻ گھرون ٿا تھ جيستائين ٻٽي ڀيرا جھان ڦھان نھ ڪيون، تيستائين اھو پوري طرح مطلب نھ سمجھائي سگھون.

مون ماسيءَ مرادان جي ڳالھھ کي ووٽ ڏيندي چيو: ”ماسي، ڳالھھ ڪئي اٿئي رپئي جا سورھن آنا.“

”وري ابا ڇڙو ھڪ سور ھجي تھ کڻي ھڪ ڀيرو سھجي. ھتي تھ سور مٿان سور ايندا. تنھن کان ٻٽي ڪي گوريون ڏي تھ پان بھ کاوان تھ ھن چنڊيءَ کي بھ ڏيان. روز روز جي موت کان اھو ھڪ ئي موت چڱو اٿس.“ ماسي وري ڍرڪڻ لڳي.

”ماسي، الله وسايو اٿئي. نادر بھ نادر آ تھ قادر بھ قادر آ.“

”ابا، الله کان ھي الھڙيون زور آھن.“ ڏجھن جي ڏڌل ماسيءَ مون کي سمجھاڻي ڏني.

”نھ ماسي، غم نھ ڪر. تون الله تي رک.“

”تھ ابا تون ڪو ھٿ پير ھڻ، تون بھ تھ پنھنجو ٻچو آھين.“

مون کي اتي ماسي مرادان ۽ حوران تي قياس اچي ويو ۽ ان ڏٺي وائٺي انڌ تي باھ وٺي وئي. مان بھ آخر وقت جي حڪومت جو ننڍي ڪو وڏو ڪامورو ھوس ۽ مون تي فرص ھو تھ ھر بيمار جي دوا دارون ڪيان. شرع شريعت ۾ بھ اھو پرڻو بي واجبي ھو. ڳوٺ جا ملان مولوي ۽ راڄ وارا تھ پير جا ٽوڪريل ھئا، يا سندس ڪڙتين تي ويٺا ھئا، پر مان تھ نھ ھن جو ڪڙمي ھئس نھ ڪاسبي. اھا تھ منھنجي ھيٺائين ھئي جو ڳوٺ جي ھڪ ڪنڊ ۾ زبان ۽ ڪنن کي ھٿ ڏيو گونگو ٻوڙو بڻيو ماٺ ۾ ويٺو ھوس، نھ تھ ڪٿي ڪامورو ۽ ڪٿي ڏاڏن پڙڏاڏن جو کٽيو کائيندڙ پير، جو الائي پاڻ ڪيترن گونھن ۾ گتل ھو. ڇڙو پلو کڻڻ جي دير ھئي، پير ڳوليو تھ لڀندو. مون ۾ الائي ڪيئن ھمت اچي وئي ۽ ان اوڙاھ ۾ پاڻ ٽپو ڏيندي چيم: ”ماسي، تون ھاڻي ھڪ تھ ڪم ڪجانءِ.“

”ڪھڙو؟“

”ڇڙو حوران ھائو نھ ڪري ۽ زور سان ڌاڙ ڌاڙ ڪندي رھي، باقي پير جو مان پاڻ پاڻھي ھيانءُ ٿو کاوان.“

”پوءِ جو نھ مڙن ۽ ڏاڍا ڏاڍ ڪن.“ ماسي مرادان جي اکين مان سيمو پنھنجو پاڻ بند ٿي ويو.

”پوءِ بھ حوران تنھنجي ٿيندي نھ شاھدي اوگاھي ۾.“ مون ماسيءَ کان پڇيو.

”قرآن تي، حرام جو گھٽ ڪري.“

”الائي متان ڏاڪڻ تي چاڙھي ڦرڪو ڪڍي؟“

”ابا ڪمال ٿو ڪرين، ڇوري روئي روئي ڪن ڪيا آھن. ٻھ دفعا سرايون وجھي ڏندڻ ڀڳامانس.“

”ماسي، متان سرائي سان ڏند نھ ڀڃي وجھينس. رڳو ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا ھڻيس ۽ ھٿ پر مھٽينس.“

”ھا، اھي تھ جھد پئي ڪيانس. ھاڻي تھ رھندو دلجاءِ ڏيندي مانس تھ ڀائڙو گھٽ نھ ڪندس.“

ڀاءُ ڀيڻ جي ناتي جو رھندو مون تي وڏو بار پئجي ويو. مون ماسيءَ کان پڇيو: ”اھو تھ ٻڌائجانءِ تھ نڪاح آھي ڪڏھن؟“

”سڀاڻ شام. ماريو ڪاڄ ٿو ڪري، سو پٽ سٽ ۾ لڳو پيو آھي.“

”بس تون مولا تي رک، پاڻھي سولي ڪندو.“

ماسي مرادان تھ خوش خوش ھلي وئي، مون کي سو ڇڏي ھلي وئي ڳڻتين ۾. دل ۾ سو ھڪ قسم جي راحت ھئي، ڪنھن وڏڙيءَ جي لٺ ٿيڻ جي ۽ ڪنھن ڀيڻ جي ڀاءُ ٿيڻ جي.

اھو ئي ڏينھن، شام جو وقت مان ٻاھر پڌر ۾ ويٺو ھجان. ٿورو پرتي مون وارو ڪمپائونڊر خيرو ماني پچائڻ ۾. ڀت جي ٻاھران ڪنھن جو خيري کي سڏ. خيرو ماني تئي تان لاھي در تي ويو ۽ ڪي گھڙيون ٻاھر ڳالھائي ڳالھائي ڪنھن کي ڏاڍيان پيو چوي: ”ھل تون ملينس نھ، ڊاڪٽر آ مکڻ ماڻھو.“

”ڇاھي خيرا؟“ مون ويٺي ويٺي خيري کان پڇيو.

اتي خيرو جواب ڏيڻ بدران ان ماڻھوءَ کي ٻانھن کان وٺيو اندر آيو ۽ مون کي سفارش ڪندي چيائين: ”سائين ھي سوناڻي پاڙي جو چڱو مڙس آ الھڏتو خان. سڀاڻي پنھنجو پرڻو ٿو ڪري، سو سڏ ڏيڻ آيو آ.“

نالو ٻڌندي ئي مون ھڪدم ھمراھ ڏانھن ڏٺو، جنھن رضا خوشيءَ سان پئي واڳن ۾ وات وڌو. ڏاڙھي اڇي، پر نئون ڪيس لڳل، عمر کري ساٺيڪو سال، ڪنڌ في الحال ڏڪندڙ نھ، پر سال ٻن کان پوءِ جو حشر آنھري جيان اکين آڏو. کيس ڏسندي ئي مون کي الائي ڇو ٿڏي تي ئي ھن ئي جھڙي ڪراڙي تي، سچي الائي ڪوڙي مڙھيل ڳالھھ ياد اچي وئي، جنھن کي سالن پڄاڻان ھڪ اسر جو رڳڙيءَ ۾ ڪو انڌو ڪاڻو ساھ پيو. ھن تڙ تڪڙ ۾ وڃي جوئڙي جو پاسو ورتو. ورھين جي ٻاڙيل جوڻس ويچاري اھڙي مھر ڏسي ٻھ عيدون ڪيون ۽ سندس سڏ ۾ سڏ ڏيڻ جو ڪيائين. ان دم ئي ملان اسر جي بانگ ڏني. زائفان ويچاري پنج وقت نمازڻ، سو حياءَ سببان پوڙھي کي ٿورو ترسڻ لاءِ چيائين. بانگ پوري ٿي تھ ڪلمون ورائي زال مڙس کي آءُ ڪئي تھ مڙس پاڻ ۾ وڻ تي چڙھڻ جو ڀوتو نھ سمجھي مٿان رلھي پائيندي چيو: ”پردو ٿيئي، ھاڻي وڃ ان بانگ واري سان سمھھ.“ اھا ڳالھھ ياد ايندي ئي دل ۾ خارون بھ آيون تھ کلون بھ، ڇو جو ڏتو ان ڪراڙي کان جيڪي سي ٻھ رتيون ڪسر ۾ ھو، تنھن ھوندي بھ موڙن ٻڌڻ لاءِ حيران پريشان ھو. ڪاوڙ پي کانئس پڇيم: ”ڪڏھن ٿو ڪرين وھانءُ؟“

”سڀاڻ شام.“

”ڪٿان ٿو ڪرين؟“ ھاسيڪار سوال ڪيم تھ ڏسان تھ ڪھڙو ٿو جواب ڏي؟

”مڙئي پنھنجي ئي آھي، ساڳيو ٻوڙو ساڳيو ڪانو.“

”پر ميان، اسان تھ آھيون پرديسي ماڻھو.“

”ڊاڪٽر صاحب، پوءِ جي ڪنھن تي ميار ڪونھي. باقي چار ڏينھن جيڪي گڏ آھيون، تن ۾ تھ اٿڻو ويھڻو پوندو. مرشد جو بھ اھو ئي امر آھي.“

”چڱو ڀلا جيئن پير صاحب چيو.“ مون بھ پير سان ڳالھائڻ جو بھانو ڳوليو. ڳالھھ مان ڳالھھ نڪرندي تھ رومالي ڌڪ ھڻي ڇڏبو.

الھڏتي ويندي ويندي وري ڪمپائونڊر سان ڦسڪو ھنيو ۽ ھوريان ھوريان ٻاھر وڃڻ لڳو. خيري ڪمپائونڊر کيس در کان ٻاھر ٽپيل ڏسي مون کي ھوريان چيو: ”ڏتي کي طاقت جا ڪک ٿا کپن. ڏوڪڙ بھ دل گھريا ڏيندو.“

”ڇو؟“

خيرو ٽھھ ٽھھ ڪري کلڻ لڳو ۽ اک ڀڃندي چيائين:

”گھوڙو جو نھ ڪم ڪندو ھوندس. وري شادي بھ پيرزادي سان ٿو ڪري، ڀل تھ پھر ڪو پاڇو دير وٺي.“

”پوءِ ڪنھن زور ڪيو اٿس، ان بي منديءَ شاديءَ تي؟“ مان تکائي سان پڇيو.

”سائين، مڙئي جھانگيلو ماڻھو.“

”نھ نھ، مون وٽ ڪونھي ڪو ڪک ٻک.“

”سائين ڪشتو ڪيئن نھ ھوندو، مڙئي ھڪ ٻھ وزن ئي ڏيوس.“

”اڙي ماڻھو آن ڪن مس – چٽو، مان ڪو يوناني حڪيم آھيان.“

خيري پڇ پائي وٺي کڙي ڪئي ۽ مان ڏتي کي پھرين ملھھ ماري، پير سائين پوئين ڪرڻ لاءِ پيرن ۾ بوٽ پاتو. اوطاق جو در ٽپيس تھ ڏٺم تھ پير کٽ تي آھليو پيو ھو. ڪچھري باھڙجي وئي ھئي ۽ باقي ڪو پاڇو ٻاروچو ئي پيڙھن ۽ منجين تي ويٺو ھو. مون کي ڏسي ڪنھن ڪرسين ۾ ھٿ وڌو تھ ڪنھن موڙي ۾. ھٿ ڏناسون، خوشان خوشي ٿي پير وري آھلي پيو. ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ٿينديون رھيون ۽ نيٺ ڏتي جي وھانو تي اچي بيٺيون. مان بھ اڪيلائي ڏسي ڳالھھ کڻي چوري: ”پير صاحب، اڳھون الھڏتو سڏ ڏئي ويو.“

”چڱو ٿيو، تون بھ اسان جو ڀاءُ آھين. سڀان سڄو ڏينھن وھانءُ ھلندو. سدا گلاب چانور ۽ ڦنڊرون، پاڻ لاءِ تھ حلواڻ ڪسندو.“

”پر سائين، اسان پرديسي ماڻھو اڄ ڪٿي، سڀان ڪٿي.“

”توتي مبارڪي ڏيڻ جو ھروڀرو زور ڪونھي، باقي ان خوشي ۾ تھ ضرور اچڻو پوندءِ.“

”خوشي وري ڌوڙ جي. ڪارو اٿس منھن، نيرا اٿس پير. جيڪو ماڻھو ھن وقت ئي ٿو ڪشتا گھري، سو مھل تي ڪھڙي غذا ڪندو.“ مان ڏتي جو ڀانڊو ڀڃي وڌو.

پير منھنجي ڳالھھ تي ٻڌو ٽھڪ ڏنو ۽ ڪي گھڙيون کلي کلي کيرو ٿي پيو. گھڻي دير کان پوءِ سامت ۾ آيو تھ مون ۾ ذري گھٽ جوھھ وجھي پڇڻ لڳو: ”پوءِ ڏنوس ڊاڪٽر؟“

”مان اھڙا ڪم ئي نھ ڪيان.“

چڱو ٿيو، تون اشراف ماڻھو، انھن ڪمن مان تون ڇا ڄاڻين؟“ پير مون کي شابس ڏني. سندس منھن جي سھڻي تختي رھندو ٻھھ ٻھھ ڪرڻ لڳي.

مان بھ ڦونڊ ۾ ڀرجي ويس ۽ کيس ٻڌايم: ”ڪک ٺاھڻ ۾ تھ ڪا فارسي ڪونھي، پر اھي ٿنڀا ٿوڻيون بھ آخر ڪيستائين؟“

”پر ڇڏيو تو ڄٽ کي ڪلھھ ماري.“ پير کلندي چوڻ لڳو.

”منھنجو ڪھڙو ڏوھ. ھيءَ ڪا شادي جي مند اٿس. وري پرڻجي بھ ٿو ٻارھن ورھين جي ٻالڪي سان.“

”ميان چوزو آ چوزو، ڏتي جي منھن تي تھ پوي ئي ڪانھ ٿي.“ پير ذري گھٽ گگ ٺاڙيندي چيو.“

”پر سائين، اوھان جھڙي داناءَ ھوندي جو اھڙا پرڻا ٿين، آھي تھ وڏي ارمان جي ڳالھھ.“ مون پير کي پٻي ڏني.

”ميان، ھي جھنگ جا ڄٽ، ڪو مڙڻ جا آھن. کين جي سمجھايون تھ وري سيٽجي چون تھ پنھنجي پراون ۾ ڏئي، پوءِ ڇو ٻيا اٽا ڍويون.“

”پر سائين، ڳالھھ تھ غلط آھي.“

”غلط بھ آھي تھ وري ھڪ لحاظ کان لاچار بھ اٿن. ڀلا اھا جو ٻاھر اٿارن تھ ڏتي کي وري ڪٿان سڱ ملي؟“

”ھا اھڙي نڌڻڪي ڪٿان ملندس. پر مزو تھ تڏھن آ جو اھا ڪنوار ئي ٿي انڪار ڪري.“

پير کي مون واري ڳالھھ شايد تھ نھ وڻي، جو مون پئي رنگ ۾ ڀنگ وڌي ۽ ڀت ڪنو ڪيو. ھو اٿي ويھي رھيو ۽ ذري گھٽ رھڙ ڏيڻ تي ھو، پر پوءِ پاڻ سنڀالي رومالي ڌڪ ھڻندي چيائين: ”ڊاڪٽر، اھي لعنتاڻا شھرين تي اٿئي. ھتي تھ ٻھراڙيءَ ۾ جيڪو چڱي مڙس ڏنو سو کين قبول.“

پر ڪنوار جو نڪاح وقت قبوليت نھ ڪري تھ پوءِ نڪاح وري ڪيئن ٿيندو؟“ مون ڌڪ پچائي نڪ پڪو ڪري چيو.

”پر ڪا انڪار بھ ڪري نھ. ھتي تھ ابن ڏاڏن کان ڪنھن نھنڪر نھ ڪئي آ. ٿوري ٽڻ مڻ ڪندي تھ پوءِ موچڙي ۾ ھٿ، ملان جو ڪم بھ آنڱوٺي سان، سو کيس لڳي ملندو.“

”نھ سائين، ھروڀرو موچڙي تي ڪونھي.“

”ميان، موچڙو آ ڇٽيھھ لکڻو. اھو ئي ڦڏن کي سڌو ڪندو. ڊاڪٽر، مان تھ صلاح ڏيانءِ تھ انھن ننگاوتي ڳالھين جي وچ ۾ نھ پوندو ڪر. اھي ڳالھيون ڏاڍيون ڏکيون آھن ميان.“ پير مون کي درڪي جو دڙڪو بھ ڏنو تھ صلاح جي صلاح بھ.

”نھ سائين، منھنجو ڇا؟ مون تھ چڱائي پئي چئي.“ مون کيس خاطري ڏني.

پير کي ڪنھن ماڻھپي ۾ نھ ڏسي مون موڪلايو ۽ اچي پنھنجي اسپتال ڀيڙو ٿيس. پير مان سو ڪنھن چڱي ڳالھھ جي اميد رکڻ ڀل ھئي، باقي مون کي ڀروسو ھو ماسي مرادان تي، جنھن کي مون ٻٽي ڦوھارا ڏئي ڇڏيا ھئا ۽ کيس سمجھايو ھئم تھ ڪنوار ڪائين ڪال ھائو نھ ڪري، پر ڌاڙ ڌاڙ ڪندي رھي. پوءِ ڏسون تھ ڪيئن پير ھٿ وٺي ٿو اڪ سان چتڙ کنھي.

ٻي ڏينھن پوياڙي جو پاڇا لڙيا تھ مڱڻھارن پيلا ڳاڙھا پٽڪا ٽنڊ تي رکي اچي منھن ڪڍيو ۽ مٽان ڦوڪي واڄو شروع ڪيائون. دم تھ اصل ڪونھ پئي منجھين ۽ ڪا انڌي ڪاڻي ساھي جھڙي کڻي وري پئي رينگٽ ڪيائون. مان اھو سمورو وقت ھڪ ڪن ڪيو ويٺو ھوس. مون کي الائي ڇو دل ۾ اھا اميد ھئي تھ ماسي مرادان ۽ حوران جي ڌاڙ ڌاڙ ٻڌي پير جو ھنيانءُ کاڄي ويندو ۽ پاڻھي اھي ساز بند ڪرائيندو. پوءِ اھي مڱڻھار ٻوٿ ڀيلو ڪري کٿا ويڙھي پنھنجي ٽٽن کي ٽيٻڪ ٽيٻڪ ڪرائي وڃي جوئن کي سلام ڏيندا، پر ائين ڪونھ ٿيو. شرنايون جيئن پوءِ تيئن وڌنديون رھيون. ھا، ائين ضرور ٿيو تھ انھن شرناين ۾، جن جي نالي تي ڇڙن جون دليون ٻڌا ٽپا ڏينديون آھن ۽ سندن وھيءَ جو شھزور ارڏو گھوڙو جنسي ٻن پيرن تي اڀو ھوندو آھي، اھو تاثير ٽڪي جو نھ رھيو. پر اھي ڄڻ تھ ڪنھن معذور ٻليءَ جيان ميڪنديون رھيون. سچي تھ رحمت، ڪوڙي تي لعنت، مون تھ ھنن ئي ڪنن سان انھن شرناين ۾ حوران جا سڏڪا ٻڌا ۽ جنھن وقت ملان ڪوڙو ڪي سچي نڪاح پڙھيو تھ پوءِ اھي ريھون ڪرڻ لڳيون. سومھڻي جو گھوٽ لاون لھڻ لاءِ ويو تھ پوءِ انھن ساڳين شرناين پار ڪڍڻ شروع ڪيا ۽ صبوح جو نکيٽي مھل تھ پوءِ اھي رھندو اونائڻ لڳيون. شرناين جو اھو روڄ راڙو تھ مڱڻھارن جي وڃڻ کان پوءِ بھ پھر پاڇو منھنجي ڪنن ۾ ٻرندو رھيو ۽ ورندو سارو ڏينھنجي منھنجي دل جو گل مئل رھيو.

ڪنوار ستاوڙي تي ڏينھن اڌ لاءِ پيڪين موٽي تھ ماسي مرادان بھ واندڪائي ڪڍي مون وٽ اچي پھتي. رنگ ڪوري بافتي جھڙو، رت بنھھ ڪونھ. روئي روئي اکين مان نيمڪ نڪري ويو ھوس، باقي خالي ميراڻ ڄن جنگ نار وھي وھي خالي ٿي وڃن ۽ تري ۾ ڇڙي ميري گپ ھجي. مون وٽ روئڻ جي ڪيائين، پر سکڻين اکين مان لاچار ڪو ھڪ اڌ ڳوڙھو ٿي نڪتو. ٿڌا شوڪارا ڀريندي چيائين: ”ڏاڪدر ابا، ڏٺئي ھي ڪوفي وارو ڪيس. ڇوريءَ حوران ڌاڙ ڌاڙ ڪئي، نڪاح وقت ريھون ڪيائين ۽ اھي پار ڪڍيائين جو روئي روئي کڻي دٻا ڀريائين. نکيٽي مھل تھ اباڻي گھر جي ٿوڻيءَ کي ڀاڪر وجھي جو چنبڙي تھ اصل ھٿ ڪونھ پٽيائين ۽ پوءِ چئن ڏنڊن ڏوٽن سندس ھٿ پٽي ٽنگا ٽولي ڪري وڃي ڏتي جي گھر سٽيس.“

”ھا ماسي، مون حوران جا سڏڪا بھ ٻڌا تھ ريھون بھ.“

”پوءِ ابا ٿيندو ڪو داد فرياد؟“

”تو ۾ ۽ حوران ۾ ڪا ٿوم ھوندي تھ سڀ ڪاٺ ڪاٺ ٿا ڪن.“

”ابا، تون حوران جي خاطري ڪري ڇڏ. ھن کي ھن ھڏن جي مٺ مان ڇا ھٿ ايندو؟ جھڙي وئي ھئي، تھڙي ئي موٽي آئي. مئي ۾ اھي بھ ڇا.“

”اھا ڳالھھ تھ رھندو ڀلؤون ڀلي. ھيڪاري ڪيس مضبوط ٿيندو.“

”پر تون بھ تھ ڪو ھٿ پير ھڻ.“

”تون ماسي رڳو چپ ڪري ويھھ، ڏس ڪيئن نھ ٿو ممڻ مچي.“

”الله اھو ڏينھن ڏيکاري.“ ماسي ٻئي اشھد آڱريون کڻي مولا کي ٻاڏايو.

ٻن ٽن ڏينھن ۾ مان ڳوٺ جي ملان، شاھدن، وڪيلن ۽ پير تي گونگين درخواستن جي باھ ٻاري ڏني ۽ ھڪڙيون اڃا مس مٿي پئي پھتيون تھ وري ٻيون پئي ٺوڪيم. سڀني درخواستن ۾ اھا ئي ڌاڙا گھوڙا تھ ڪيئن ان انقلابي دور ۾ بھ انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو قصو لڳو پيو ھو ۽ زور زبردستي جا نڪاح پئي ٿيا. مھيني ماسي کان پوءِ ھڪ اڌ درخواست جي حد واري ٿاڻي تي ڦاٽي، پير اھا پھرين ئي لپي ۾ لپي ڇڏي. پر پوءِ ستت ئي ٿھو درخواستن جو مارشل لا ھيڊ ڪوارٽر ۾ وڃي پھتو ۽ ان جاچ ۾ مليٽري پوليس جون جيپون ڌوڙ ڌڪاءُ ڪنديون اچي آباد ۾ پھتيون. اڻ ڏٺل وائٺل اٽالو ڏسي پير پھريون تھ ھارجي ويو، پر ڌڪ سنڀالي بنا دير حوران پيش ڪرائي ڏنائين. ڪوڙو نڪاح پڙھندڙ ملان موسو ۽ شاھد وڪيل بھ ھڪ ھڪ ٿي ميڙجي چونڊجي اچي پھتا. ماسي مرادان لاءِ مون گھڻيون ئي ڦارون پاتيون، پر ھوءَ ڪو اندر ٻاھر ھئي سو ڪين اچي سگھي. شاھدن اوگاھن مان تھ ڪجھھ ڪونھ ٿيڻو ھو، پر حوران جو بيان ٿيو تھ ان بھ ترائي ڪڍي ڇڏيا. ھوءَ رضا خوشيءَ سان مون وارين درخواستن تي ڪارو ڪنو مليندي ڏتي جي ڪڍ ائين لڳي پئي، جيئن ڪا ڌالي وڇ ڌنار پٺيان.

پير جي ڦرڪندڙ شھپرن، پاريھر جھڙين ڳاڙھين ڳٽول اکين ۽ سڙھ جي ڪنڊن جيان ڪانڊاريل لونءَ لونءَ ڏسي مون ترت فيصلو ڪري ڇڏيو تھ ڳوٺ آباد ۾ منھنجو داڻو پاڻي پورو ٿي چڪو ھو. مون اسپتال پھچي ڊگھيءَ موڪل جي درخواست لکي پنھنجي ٽپڙ پي سھيڙيا تھ خيرو ڪمپائونڊر بھ اچي پھتو. منھن سڄيل، مٽان ڦوڪيل ۽ اکين ۾ ميارن جون ڀريون جو مون کيس ڪو انديو ڪونھ ڏنو ھو. پرچائڻ لاءِ سندس ڪلھي تي ھٿ رکي موڪلاڻي ڪيم تھ ڏٺم تھ سندس رسامون الائي ڪھڙي ڪاپار ھليو ويو. ھن شوڪارو ڀري ڀنل دل مان چيو: ”يار ڊاڪٽر توکي ڇڏيندي دل تھ ڪانھ ٿي چوي، پر تھ ڪئي آ پاڻ سان پاڻ.“

”ير ھاڻي اھي سکڻيون سيون تھ نھ ھڻ.“

”بس مڙئي قياس کان، نھ تھ منھنجو ڇا؟“

خيري ڪي گھڙيون ٻڙڪ نھ ٻولي، لاشڪ تھ مون واري ڳالھھ دل جي تارازيءَ ۾ توري پوءِ اکيون کڻي مون ڏانھن ڏٺائين تھ ڏٺم تھ شڪن گمانن جا پاڇولا ڪک پن ٿيل ھئا ۽ وشواس ۾ اعتبار جا ڀانڊا ڀرپور ھئا. مون تان ان جبل جيڏي ڇپ جو بار لھي ويو تھ سک جو ساھ ڀري کانئس پڇي ورتم:

”ڪر تھ خبر خيرا، حوران ڏتي جي ڪڍ ڇو لڳي، جو نھ ڏھڻ جو نھ ڪھڻ جو؟“

”پير تھ ڏھڻ ڪھڻ جو آھي نھ ڊاڪٽر!“

”ھان!“ منھنجا وائيسر ئي ڦري ويا. جھٽ پلڪ سن کائي ڳالھھ جو دل ۾ ھنڊايم تھ رپئي جا چوڏھن آنا ھنيانءُ ٺري ويو. رڳو آنو ٻٽو اڻ تڻ رھي ۽ اھا لاھڻ لاءِ وري پڇيومانس: ”پوءِ ڏتي کي ڇو پئي پرڻايائين؟“

خيري ڏند ڪڍي ٽھھ ٽھھ ڪري جواب ڏنو: ”يار تون تھ ڪو صفا چٽ آھين. ميان مائي مرادان جو ڪنھن ڦيڻي ڏاڳي ۾ نھ آئي تھ پوءِ پير اڏي اھا ڏتي وري ڪوڙڪي – اھا جو تو جھڙي ڪنھن ڏنڊي ڏوٽي سان پرڻجي وڃي ھا تھ پير ڪيئن ڦٻي ھا؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com