سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :19

   

 

مساوات

ايس – پي ھاءِ ڪمانڊ ميٽنگ جو حال احوال ۽ ان ۾ ٿيل فيصلي جو ذڪر پورو ڪيو تھ ڪي گھڙيون بنھھ سانت ٿي وئي. ان وقت ايئر ڪنڊيشن جي ڀؤن ڀؤن ھئي يا ٻنھي ڄڻن جي ساھ کڻڻ جا آواز. ايس – پي اھو لڪ اڳ ۾ ئي لنگھي آيو ھو، پر اي . ايڇ . او بھار علي، جنھن اھو احوال پھرين ڀيري ڪنين ٻڌو ھو، تنھن جي ڪنن تي تاڙيون چڙھي ويون ھيون. سندس منھن جو پنو ڪوري ھرک جھڙو ٿي ويو ھو. سندس تيل پيتل شھپر، جي ٻن ڦولن پائڻ کان پوءِ اوکين کان اوکين مھلن ۾ بھ ھميشھ اڀا ھوندا ھئا، سي بھ الائي ڪھڙي مھل ڍڍر ڍاري ھيٺ ڪري پيا ھئا. پوءِ بھ ايس – پي پاڻ سنڀالي، پنھنجي چاندي جي مٺيي واري ننڍڙي اسٽڪ آڱرين ۾ ڦيرائيندي چيو: ”بس، اھي ٿي حال احوال.“

ايس – ايڇ – او جو ڳڻتين ۾ گم ھو ۽ اڃا پوري ھوش ۾ ڪونھ آيو ھو، سو ڪنڌ مٿي کڻي پنھنجي صاحب ڏانھن نھارڻ لڳو. ڳالھائڻ گھريائين، پر زبان ئي ڪونھ اٿليس. مئل سئل آواز ۾ ڇڙو اھو پڇيائين: ”پوءِ سائين؟“

”بس بابا، حڪم جا بنده آھيون.“

”پر سائين، اوھان ھيڏو اٺ جيڏو بار ڪيئن پئي کنيو؟“ ايس – ايڇ – او ليلھايو.

”بابا، بار بارين تي آھي، ھتي ڪنھنجي ڪڇڻ جي جاءِ آھي، اتي تي وات تي بھ ھٿ ھو تھ ھيٺ بھ.“

ايس – ايڇ – او کي دل ئي دل ۾ ڪتڙيون چڙھي ويون. ھن کي پنھنجي اڳيان اي – پي صاحب ياد آيا، جي سڌائي سڌا ڪميشن مان چونڊجي ايندا ھئا، پر دلين جا پاور ھوندا ھئن. ھھڙي تھڙي کي تھ سگنل ئي ڪونھ ڏيندا ھئا. وقت جو بادشاھ بھ کين ابتو ڪم چئي نھ سگھندو ھو، پر ھينئر تھ اھي مور مري ويا ھئا ۽ ھينئر ھنن رئنڪرس سان نڀائڻو ھو، جي پنھنجين ڪرسين کي سلامت رکڻ لاءِ نھ اڳ ڏسندا ھئا نھ پٺ. سروس جو مزو بھ انھن ڏينھن ۾ ھو. ھينئر تھ چاڪري ھئي.

ايس – پي پنھنجي صوبيدار کي، جو ھن جي ھر مرض لاءِ آخري پڙي ھوندو ھو، ايڏي وڏي سوچ ۾ ڏسي پڇڻ لڳو: ”بھار علي، ڇا پيو سوچين؟“

”سائين، پنھنجو حشر پيو سوچيان.“

”ڪمال آ، ايتري ڀاڙيائپ!“

ايس – ايڇ او جي ڪپڙن کي باھ لڳي وئي. کيس چوڻ لڳو: ”سائين! اوھان ان جا آڳا پيڇا سوچيا آھن.“

”سوچڻ اسان جو ڪم ڪونھي، ان ڪم لاءِ مٿي ويٺا آھن.“

”سائين، اھي تھ ڪڏھن جيل ۾ ھوندا، ڪڏھن ريل ۾. پاڻ اھڙيون ستون.......“

”ٿڌو ٿي ٿڌو، توکي تھ نوڪري پياري ڪونھي. مان بابا ٻچڙيوال آھيان.“ ايس – پي سندس ڳالھھ اڌ ۾ ڪٽيندي ڇرڪندي ڇرڪندي چيو.

”پر سائين، ڳالھھ بھ تھ اھڙي تھڙي ڪونھي، نيٺ تھ مصلحت ڪبي.“

”پاڻ کي ڪھڙي مصلحت ڪرڻي آ، حڪم آ حاڪم.“

”ڪير ذميواري کڻندو؟“

”ڪوبھ ڪونھ، باقي مان سو توسان ٻڌل آھيان.“

ايس – ايڇ او کي ھن واري ٽيڪ جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ھئي. ھو کيس ڏاڪڻ تي چاڙھي ھيٺان پير ڪڍڻ وارو ھو تھ کيس ان ٻوھي ۾ ڦاسائي پاڻ اوچتو اوچتو ڪو نھ ڪو دورو ڪڍي ويندو ۽ ان ڏينھن سندس آمد ئي ڪونھ ھوندي. پاڻ پنجاھ ميلن تي پيو ڏسائيندو. ھو اھو سوچي صفا پِڙ ڪڍي بيٺو: نھ سائين، مون کان اھو ڪم نھ ٿيندو.“

اھو جواب ٻڌي، ايس – پي کي ڍڪر وٺي ويا. ھن جي ڪنفرميشن جو دارومدار سمورو ان ڳالھھ تي ھو. ڪلھوڪو ڏينھن ھو جو سب انسپيڪٽر ھو، مس مس ڊي – ايس – پي ٿيو، ان رئنڪ ۾ بھ ھو جونيئر ۾ جونيئر ھو، جو ٺڪي ٺوڪي ڳالھائي ٻولھائي عارضي ترقي ڏئي، کيس ضلعي جي چارج ڏني وئي. اتي سندس چاندي ئي چاندي ھئي. مس مس ھن ۾ پھريون ڪم پيو ھو ۽ ھو سيني تي ھٿ ھڻي ھائو ڪري آيو ھو. ھينئر سندس زيردست سندس ٽڀوئي اونڌو ڪري رھيو ھو. ھن جي ھڪ دل چيو تھ جيڪر پنھنجيءَ تي اچي کيس ٻٽي رھڙون چاڙھي، پر ڪم جي نزاڪت کي ڏسي، ھن سور پي، ھيٺائين کي نھ ڇڏيو. ھن ايس – ايڇ – او کي ماکيءَ کان بھ مٺي آواز ۾ پيار سان چيو: ”بابا، پاڻ کي ھر ڪم ضرور ڪرڻو پوندو.“

”سائين، پھريون ٿڌي دماغ سان ويھي سوچيو.“

”ڇا سوچيون؟“

”ائين ڪرڻ سان رھندو باھ نھ ڀڙڪي پوي.“

”باھ وسامي ڪٿي آ؟“ ايس – پي پڇيو.

”گھٽ ۾ گھٽ رفتارين کان پوءِ چپ چپاتي تھ آھي.“

”ميان اھا ماٺ نھ سمجھھ. سيني جي اندر ۾ پيا کورا ٻرن، رڳو پيا ٻئي ڏينھن واجھائين تھ گرفتار ٿيل ڇٽن. تو لاءِ ۽ مون لاءِ بھ سدائين جنجال آ، روز لا ائنڊ آرڊر جو پرابلم. ان ڏينھن ھاسٽلن ۾ ڇا ڏٺئي؟“

”ھا سائين، ڌرتي ٽامون ھئي.“

”ڀيڻسان ٻارھن ئي مھينا پڙھائي بند. ڪمرن ۾ ڪتابن بدران اسٽين گنون، رائفلون. روز جلسو جلوس ۽ پوليس سان ڏاڙھي پيٽ ۽ رت جون ناليون، آخر ڪيترو وقت انھن ڳالھين کي سھبو؟“

”سائين، نئين رت آ. ان کي جوڙ گھڻو ھوندو آ، ھنن جا ڪجھھ نھ ڪجھھ ڊيمانڊ قبول ڪيو، پاڻھي چپ ٿي ويندي.“

”ميان مطالبا بھ جائز قبول ٿيندا، ناجائز ڪير قبول ڪندو؟ توکي خبر آھي تھ ٻاھرين ملڪن ۾ تھ ھن يونيورسٽي جي ڊگرين کي ٿڪ ئي نھ ھڻن.“

ايس – ايڇ – او بھار علي نھ ٻاھريان ملڪ ڏٺا ھئا ۽ نھ ھن کي ڪا ڄاڻ ھئي. ھن سموري سروس ۾ يا تھ پنھنجا ٿاڻا ۽ آئوٽ پوسٽون ڏٺيون ھيون يا ڪورٽون ۽ بالا آفيسون، جتي ميڙيءَ چونڊيءَ جي ورھاست ٿي، بھاقي ھن لاءِ وڃي ڪو پائڻ پاڇو رھندو ھو – ھو چپ ۾ رھيو.

ايس – پي واٽ تي ڏسي کيس سمجھائڻ لڳو: ”ميان، ھنن وات ڳاڙھن ڇورن کي ڪيستائين ڍر ڏبي؟ پاڻ کي قانون جي بالادستي ھر حالت ۾ قائم ڪرڻي آ. ڏسين نٿو تھ ڪيترن ڏينھن کان پيا گھر کائون.“

اھا گھر کائڻ واري ڳالھھ صوبيدار کي اندر ۾ ائين ٺھڪي ويئي، جيئن سچ پتري کان پوءِ جوابدار جو ڪنفيشن. ھن جزائن ۾ ڦاسائڻ کان پوءِ، ٻيون سڀ فريادون، درخواستون، سموريون ڳاڙھين پوتين واري دفتر واري دفتري ۾ بند پيون ھيون ۽ انھن کي کولڻ جي ڪا واندڪائي ڪونھ ھئي. روز ڪونھ ڪو جلوس، اسٽرائيڪ ھئي. ھن کي پاڻ اھي سکيا ستابا ڏينھن پسند ھئا، جڏھن ھٿ چوري ڪجھھ نھ ڪرڻو پوندو ھو، پر تنھن ھوندي بھ انھن سڻاون ڏينھن آڻڻ جي ان نئين مٿان آيل طريقي مان راضي ڪجونھ ھو. ھن چيو: ”سائين! امن امان قائم رکڻ جا ٻيا بھ طريقا آھن، ھروڀرو ھي ڪونھي.“

”سڀ رستا وتاسي. ڇوڪرن جي مائٽن کي چيوسين تھ پنھنجي کي قابو ڪن. ھنن چيو تھ: ”پاڻ کان زور آھن. وري ڇورن کي سم ۾ اچي پيمانو ڪيوسين، پر اھڙي جا اھڙا. مٿن ھلڪي لاٺي چارج لئيسين ۽ ٽيئر گيس اڇلياسين، پر ساڳي ڪتي جي پڇ واري ڪار. وري کين لٺ بھ ڏيکاريسين تھ چٺ بھ، تھ بھ ڪو مڙيا؟“

صوبيدار بھار علي ڍرو پئجي ويو ھو، پر ھن ھمت ٻڌي چيو: ”اھي سڀ ڳالھيون برابر آھن، پر معتبر ٿي جيري لاءِ ٻڪري کي ئي سير ڏيڻ بھ سياڻپ ڪونھي.“

”ميان، ڪني آڱر ھميشھ وڍي ڀلي. ڪني مڇي کاري مان ڪڍي نھ اڇلبي تھ کارو ئي گونھن ٿي ويندو.“

”پر سائين، تاريخ......“ ايس ايڇ او بھار علي چوڻ گھريو.

”توکي ڪھڙي تاريخ جي خبر بابا، مون اسلامڪ ھسٽري پڙھي آھي. اھا مون کان پڇ. جڏھن ڪوفي ۾ شرارتون وڌي ويون ھيون تھ پوءِ حجاج گورنر مقرر ٿيو ھو، جنھن جي زبان ۽ تلوار ٻئي آبدار ھيون ۽ ھڪ ٻئي کان ڪسر ھيون. خبر اٿئي ان ڇا ڪيو ھو؟“

”نھ سائين، مون کي خبر ڪونھي.“

”ھن پھرين مسجد ۾ تقرير ڪئي ھئي. شرارتي ماڻھن ھير موجب مٿس چٿرون ڪيون ھيون ۽ پٿريون ھيون ھيون تھ ھن اتي جو اتي ڪوس ڪرايو ھو. ان کان پوءِ اھڙي ٺاپر ٿي وئي، جو سڀڪو کيس دعائون ڪرڻ لڳو. اھو حجاج ساڳيو پاڻ وارو اٿئي، جنھن سنڌ ۾ بھ ڀائٽيو موڪلي ڏاھر کي مارايو ھو.“

ايس – ايڇ – او بھار علي پنھنجي صاحب جي علمي قابليت تي گھور گھور ٿيڻ لڳو. ھن جي ھڪ دل گھريو تھ جيڪر موقعي مان فائدو وٺي حجاج ۽ ڀائٽيھنس جا ڪارناما ۽ سندس دين ۽ ايمان سان پڄاڻي معلوم ڪري، پنھنجي ڪاري ٻاٽ جھڙي سيني کي روشن ڪر. پر ٻيءَ دل ھن کي پنھنجو ڪرمنل پروسيڊر ڪوڊ وارو ڪتابن ياد ڏياريو، جيڪو ھن کي برزبان ياد ھو ۽ جو ھن کي تاريخ تھ ڇا، پر دنيا جي مڙئي ڪتابن کان وڌيل پيارو ھو. ھو ھن کي سدائين پوتيءَ ۾ ويڙھي تاڪ تي رکي ڇڏيندو ھو. ھن کي پنھنجي ان ڪ – پ – ڪ جا سڀئي قلم ياد ھئا ۽ کيس ڪنھن ٻي تاريخ جي علم جي ڪا ضرور ڪونھ ھئي. ھو دل ئي دل ۾ پنھنجا قلم ياد ڪري سرور ۾ پئجي ويو.

ايس – پي کيس ماٺ ۾ ڏسي پنھنجي ڦرندڙ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيندي چيو: ”بابا، قدرت جو قانون آ، ڏاھرين جو علاج حجاج ئي آھي ۽ اھو ئي انھن جو دارون آ.“

صوبيدار بھار علي جي کل تمام ٿلھي ھئي، پر لڳاتار ڪوششن ۾ نيٺ اھي ڳالھيون سندن چم ۾ گھرنديون پئي ويون. جن ڳالھين پھريون کيس ڏنڀ پئي ڏنا سي ھوريان ھوريان پچا.يندو ۽ سھائيندو پئي ويو. باقي وڃي ڪي انڌا ڪاڻا اعتراض رھيا ھئا. ھن پنھنجي صاحب کي چيو، ”سائين، اھي کٿوريون نيٺ وڃي ڦاٽنديون پوءِ زمانو.....“

”ميان، زماني جا بھانا نھ ڏي. زمانو ڄاڻي ٿو تھ تون ۽ مان ڇڙيون پتليون آھيون ۽ اسان جا ڌاڳا ٻئي ھٿ ۾ آھن. جيئن چوريندو، تيئن چرنداسين، جيڪو ناٽڪ چوندا، سو ڪري ڏيکارينداسين.“

”پر سائين، پوءِ ذميواري ڇو نٿا کڻن؟“

”وري ساڳي ذميواري جي ڳالھھ. بابا، لکت ۾ ڪو ذميواري نھ کڻندو، باقي پاڻ سان ھر حالت ۾ ٻٽ آھن.“

”ڀؤ تھ اھو ٿو ٿئي تھ پھريون چٽ ٻڌي، پوءِ ڪنڌ نھ ڀڃن.“

ايس – پي بھ نرمائيءَ سان ڳالھائي ڳالھائي ٿڪجي پيو ھو ۽ سندس نڙي ۽ وات پڻ ڪؤڙو ٿي ويو ھو. تتل لوھ تي ھنڌائتو ڌڪ ھڻي، سام ۾ چيائين: ”ميان، تنھنجي ڪنڌ ڀڃڻ لاءِ ھنن وٽ ٻيو ئي مسالو گھڻو آھي. ھي روز بروز جو تنھنجي ٿاڻي جي حد ۾ ناڪا بندي ۾ ڌاڙيل پڪڙجن ۽ ھر مھيني ماسي پيا انڪائونٽر ٿين، سا ڳالھھ ھنن کان ڳجھي ڪونھي. ھنن کان ان سچ ڪوڙ جي رتيءَ جيتري بھ ڳالھھ لڪل ڪونھي.“

”ھا، اھي ڳالھيون تھ پيون ٿين، پر سائين، اھي ڌارن کاٽن جا ڏوھاري......“ صوبيدار ذري گھٽ ڪنبندي چيو.

”اھي چور، ڌاڙيل ڪنھن ھڪ گھر، ھڪ ماڻھو جا ڏوھاري آھن. ھي جزائون تھ سڄي ملڪ جي پيڙھ کي پيا کاٽ ھڻن، اھو نھ وسار تھ اھو ملڪ اسان ڪيتريون قربانيون ڏئي ورتو ھو.“

”مان انھن ڏينھن ۾ ننڍو ھوس، پر چؤ طرف فساد ياد اٿم. ريل گاڏيون رت سان رنڱيون اينديون ھيون، نفسا نفسي ھئي.“

”بابا، ان ملڪ جي ئي صدقي مان ھن ڪرسيءَ ۾ آھيان ۽ تون چونڊ ٿاڻا پيو ھلائين.“

صوبيدار بھار علي ڪن چٻا ڪري ويھي رھيو.

”آھن ڪل گھڻا ڄڻا، لسٽ اٿئي؟“

”ڪل ٻارھن ڄڻا آھن.“ ائين چوندي ايس – ايڇ – او قميص جي اڳئين کيسي مان لسٽ ڪڍي.

”نالا پڙھ، پر پھريون اھي جي وڌيڪ خطرناڪ ھجن.“

”انھن ۾ چار مکيھ آھن: يعقوب لغاري نواب شاھ، ٻيو محمود دراني حيدرآباد، ٽيون حسين کٽياڻ سکر، چوٿون ديدار جتوئي شڪارپور.“

”پھريون ۽ چوٿون، تنھنجي ڪھڙي صلاح آ؟“

صوبيدار بھار علي بھ ھا ۾ ھا ڪرڻ وپارو ھو، جو ھن کي اوچتو يادگيري اچي وئي. ھن کي پنھنجي ويھن سالن جي سروس جو تجربو ڪم اچي ويو. ھو چوڻ لڳو:

”صاحب، جي منھنجي صلاح مڃيو تھ ھنن چئني سان نھ کؤنسو. ھنن جون قومون تمام ڏکيون آھن. سڄي عمر گھاٽ بيھاريون تھ بھ وارو ڪري ويندا. ڏسي وائسي اڪ جو کير اک ۾ ڏھائڻ بھ ٺيڪ ڪونھي.“

ايس – پي کي پنھنجي زيردست جي ڳالھھ دل – من سان لڳي. اھي قومون ڏکيون ھيون.

ھن چيو: ”ڀلا اڳتي پڙھ.“

”ستار بگٽي جيڪب آباد، سائين اھو بھ ککر ۾ کڙو.“

”اڳتي پڙھ، اڳٽي پڙھ.“ اي – پي اھو نالو ٻڌي تڙ تڪڙ ۾ چيو.

”مير محمد ڀيو، ٿر پارڪر.“

”اھو ڪير آ؟“

”ان جي وڌيڪ خبر مون کي ڪونھي، باقي ان جي اوھان پارت ڪئي ھئي.“

”اڙي ھا ھا، نھ بابا، اھو پنھنجو آ.“

“عزيز شيخ، نور نبي ميمڻ ٽنڊو آدم.“ ايس – ايڇ – او ٻھ نالا وڌيڪ پڙھيا.

”اھي آھن ڪيئن؟“

”ڪا خاص شڪايت ڪونھي، سائين، ذات بھ تھ ڏسون.“ ايس – ايڇ – او کلي چوڻ لڳو.

”چڱو، انھن کي ڍر ڏي. جي ٻيا نھ لڌا تھ پوءِ لاچار اھي ئي. اڳتي پڙھ.“

”سائين، ختم گھڻا ڪرڻا آھن؟“

”چيل تھ ٽن جو ھو، پوءِ ٻھ ئي ھجن، مڙئي ڪم سان ڪم.“

ايس – ايڇ – او بھار علي نالا پڙھڻ لاءِ ڪنڌ ڍاري لسٽ ڏانھن ڏٺو. ان دم ئي ھن خوشيءَ مان پنھنجي صاحب ڏي ڏٺو. ھن جون اکيون چمڪڻ ۽ مڇيون ڦرڪڻ لڳيون. ھن جي منھن تي رونق اچي وئي ۽ ھن ذري گھٽ رڙ ڪندي چيو: ”بس سائين، بس. ڪم ٿي ويو.“

”وارو ڪر، نالا پڙھ.“

”نالا ڪھڙا ٻڌايانو. مڙئي مزي جو مزو، پئنچن تي بھ ٿورو ۽ پويان ماڻھو تھ ڇا، پر ڪتي بھ نھ ڀؤڪندي.“

”ٻڌاءِ تھ سھين.“

”گوپال داس ۽ آنند نارائڻ.“

”واھ واھ، بھار علي واھ واھ، بيشڪ تون سياڻو آن.“

ٻئي ڏينھن اسر کان پوليس جون جيپون تڪڙيون تڪڙيون ھيڏانھن ھوڏانھن زوڪاٽ ڪنديون رھيون. ٿوري دير ۾ اھا ڳالھھ ھوھوا ٿي وئي تھ تازو گرفتار ٿيل شاگردن مان ٻھ خطرناڪ ڏوھاري گوپال ۽ آنند رات جي لپيٽ ۾ ڀڄي نڪتا آھن ۽ پوليس سندس مٽن مائٽن، دوستن کان پئي ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ پڇا ڳاڇا ڪري. بارڊر پوليس کي بھ ناڪابندي ڪرڻ لاءِ خبردار ڪيو ويو آھي تھ متان بارڊر ٽپي وڃن. ٻاھريان اسٽرائيڪ ۾ شريڪ شاگرد پوليس جي عملي کي حيران پريشان ڏسي دل ئي دل ۾ پھريون کڳيون ھڻڻ لڳا، پر پوءِ اوچتو ئي اوچتو سڀ ڇوڪرا ھراسجي ويا. ڪئمپس ۾ جتي اسٽرائيڪ وارن ڏينھن ۾ بھ ميڙا لڳا پيا ھوندا ھئا، سو خالي ڀان ڀان ڪرڻ لڳو، ڄڻ تھ راڪاس گھمي ويو ھو.

ھفتو کن پوءِ، ھڪ شام جو ايس – پي پنھنجي بنگلي جي لان ۾ بيگم سوڌو چانھھ پي رھيو ھو. ٻنھي زال مڙس پاڻ ۾ اوڀاريون لھواريون ڳالھيون پئي ڪيون، ٽھڪڙا پئي ڏنا. ڀرسان سندن ٻارھن سالو نينگر بھ ڪنھن ڪتاب ۾ منھن وجھيو ويٺو ھو. اوچتو پڙھندي پڙھندي پيءُ کان پڇڻ لڳو: ”بابا، ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو ڪيئن ھوندو آ؟“

ايس – پي صاحب کان ذري گھٽ ڪوپ ڇڏائجي ويو ۽ چانھن ھارجي سندس ڪپڙن تي وڃي پئي. ڪپڙا ڇنڊيندي، پٽ کان شوڪجي پڇيائين: ”ڇا پيو پڙھين؟“

”بابا، پھاڪن جو ڪتاب آ گل شڪر.“ پٽھس روئڻھارڪي لھجي ۾ چيو.

”ڪنھن جو لکيل آ؟“

”ديوان آڏواڻي جو.“

ايس – پي ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ وري پٽ ڏانھن ڏٺو، جو معصوميت ۾ ڏانھنس ڏسي رھيو ھو. ھن ڪي گھٽيل دم ٻاھر ڪڍي سک جو ساھ ڀريندي چيو:

”پٽ اھو پھاڪو واڻين پنھنجي مطلب تي ٺاھيو ھو، ھينئر تھ مولا جي مھرباني سان مساوات آ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com