سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :16

   

ڳڻ

جيتوڻيڪ اڄ سندس گھوڙي کي نوان زريءَ جا سنج پيل ھئا ۽ سندس پشوري گاڏي تازو نڪل ٿيڻ سبب چلڪي پئي، پر تنھن ھوندي بھ جڏھن ھو پنھنجي پنج ڪلياڻ بور کي دڙڪي ڪاھيندو، اسٽان تي پھتو تھ ڪنھن بھ اکر ڪونھ ڪڇيو. ھڪوار سڀني پنھنجو ڪنڌ مٿي ضرور کنيو، پر ان دم ئي سڀني پنھنجن ڪنڌن کي ائين ڍاري ڇڏيو، ڄڻ کين ديد ئي ڪانھ ھئي، حالانڪھ ھڪ ھفتو کن اڳ ھو ڇڙي ھاٽيلي دمبچي وٺي آيو ھو تھ سڀ کيس ورائي ويا ھئا.

”رئيسم ھيءَ دمبچي ڪٿان ٺھرايئي؟“ امبلخ گھوڙي واري کانئس پڇيو ھو.

”آھي سودو رئيس گھڻو اتر ڏيانءِ؟“ خميسي، جنھن جو ڌنڌو ئي سودا ڪرڻ ھو، پنھنجي عادت کان مجبور ٿي کيس چيو.

”کلا ٿي خميسا، ھھڙن بادشاھن وھٽن کي شيون پارائي ڪي کسبيون آھن!“ جيسين ھو جواب ڏي، تيسين رسولي بور کي ٺپڪي ھڻي، خميسي کي جواب ڏنو ھو.

گاڏي ٻڌڻ کان اڳ، ھن پنھنجي واڙي ۾ گھوڙي کي کرکرو پئي ھنيو تھ نورو مڏيءَ وارو وٽس لنگھي آيو ھو ۽ کيس ان ٻڌيءَ جي پيرائتي ڳالھھ ڪري ٻڌائي ھئائين، پر ھڪ ٽھڪ ڏيندي نوري کي چيو ھو: ”نورا، جڏھن ھي بور اسٽان تي پھچندو تھ اھي ٽوٽل پاڻھي ڊھي پوندا.“

”خير ڏسجي، پر گھڻو ڪري تھ ڪونھ ڳالھائيندءِ. اھا سڄي ڳالھھ شھيد جي روضي ۾ قسما قسمي تي ٿيل آھي.“

”ھن خارزيءَ واري ڌر تي برابر ڪونھ ڳالھائيندي، پر ٻين جي گھرن ۾ تھ ادا مان بھ ڪونھ گھڙيو آھيان.“ ھن کي ڪاوڙ اچي وئي ھئي.

گاڏي بيھاري، رينون ٽيڪ ۾ ٻڌي ھن چؤ طرف نھاريو، سڀئي موجود ھئا، سواءِ زوار ۽ ھن خارزيءَ دينوءَ جي. ھن محسوس ڪيو تھ سڀ کانئس نٽائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا. سندس اچڻ کان پوءِ ھرڪو ڪنھن نھ ڪنھن ڪار کي لڳي ويو ھو. ٻيا تھ ٺھيو پر خيرو ۽ رسولو، جن يا عمر ۾ پنھنجي منھن تي بھ پاڻيءَ جو ڇنڊو نھ ھنيو ھو، تن بھ پنھنجن گھوڙن جا منھن پئي ڌوتا. ھو بھ چپ ڀڪوڙي گاڏيءَ تان لھي انگوڇي سان پکن ۽ پيرن کي اگھڻ لڳو. اگھندي اگھندي اوچتو ھن رڙ ڪئي: ”آھي سودو خميسا جوٽ ئي جوٽ تي، ڳالھاءِ وڃي شاھ سان.“

خميسي ڇرڪ ڀري ڏانھس نھاريو، پر ڪڇائين اکر ڪونھ. ان شاھ بھ کيس ڪو جواب ڪونھ ڏنو، جنھن کي سودي وقت امين مقرر ڪيو ويندو ھو ۽ جو ٻنھي ڌرين سان انگوڇي ھيٺان آڱرين ۾ ڳالھائي، گار وجھي تاڙو ھڻندو ھو. ھو بھ پنھنجي منڊم ڇاپ کي اگھڻ ۾ مصروف ھو. خميسي ۽ شاھ جي وڏائي ڏسي ھن کي باھ وٺي وئي. ھن کي پڪ ھئي تھ خميسو تھ خميسو، پر سڀ ڀڳا ايندا. ھو جڏھن بھ ڀوڳن ئي ڀوڳن ۾ بور کي وڪڻڻ جو خيال ڪندو ھو، تڏھن سڀ وٽس ڀڳا ايندا ھئا ۽ کيس چوندا ھئا: ”رئيس، بور کي وڪڻڻ جا خيال دم ۾ بھ ڪندين تھ الله ڪونھ بخشيندءِ، ھھڙا وھٽ دشمن تي داغ آھن.“

ھن خار ۾ ٻيڙي دکائي سوٽو ئي مس ھنيو تھ زوار بھ ڀر واري بئنڪ تي اچي سواري لاٿي. پاسينگر کان ڀاڙو وٺي ھن گاڏي اچي سندس ڀرسان بيھاري.

”لڳئي ڪا چڱڙي سواري سوار؟“ ھن زوار کان مرڪندي پڇيو. ٻين جي ڀيٽ ۾ زوار سان سندس گھاٽي سنگت ھئي. ھو ان ڌنڌي ۾ جھڙس ئي جھونو ھو. پر زوار بھ پنھنجي وڏن شھپرن کي آنڱوٺي ۽ ھٿ جي بڪيءَ سان مٿي ڪندس سندس سوال جو جواب ڏيڻ ضروري نھ سمجھو. ھونئن اھو ساڳيو زوار، پڇڻ کان سواءِ ئي سڄي ڏينھن جي ڪٿا کيس ٻڌائيندو ھو ۽ چوندو ھو: ”يار رئيس، پاسينگرن وٽ بھ چلڪڻي شيءِ جو اگھھ گھڻو اٿئي. سڄو ڏينھن رڙيون ڪندي نڙي ٿي سڪي وڃي تھ مس ٿي ڪا سواري لڳي، وري ڀاڙو ڏيندءِ بھ ڪر ڪر سان.“

”نھ ڪيو رزق جي خدمت تھ اھڙا حال ڇو نھ ٿيندو! سڄو ڏينھن بوراڪن کي وھائي وھائي وڃي مڪان ۾ جمنين تي ويھو. پوءِ وھٽن جو ڪير سماءُ ڪري؟“ ھو پھريون سندس لاک لاھي، پوءِ وري کيس سمجھاڻيون ڏيندو: ”اڙي، ڪجھھ گھوڙي جي خدمت ڪر. پنھنجي ھٿن سان گاھ پاڻي ڏيندينس تھ مھيني کن ۾ مک پئي ترڪندس.“

”ھا يار، چئين تھ سچ ٿو، پر اڄ روپيو ٻھ کن تھ ڏياريجانءِ، مولا عليءَ جو قسم، رڳو ٻھ ٺڪريون پيون آھن گيدي ۾.“ زوار ميسڻو منھن ڪري کيسي مان ٻھ چانديءَ جا روپيا ڪڍي کيس ڏيکاريندو ھو. پر اڄ اھو ئي زوار، پنھنجي پراڻي ٽانگي تي مپ ھنيو، ائين سيٽيو ويٺو ھو، ڄڻ ھن ديڳ دنيا جي لڌي ھئي. رئيس ”آخ“ ڪري سڀني ڏانھن نفرت سان نھاريندي، زور سان ”ٿو“ ڪري کانگھارو ڪڍيو. سندس منھن تي مرڪ اچي وئي، ڄڻ اھو کانگھارو سڀني جي منھن ۾ لڳو ھجي ۽ پوءِ ھودي ۾ لڳل گھنٽي کي پيرن سان وڄائڻ لڳو.

ٽن ٽن، ٽڻن ٽڻن، گھنٽي جي آواز ۾ اھو زمانو ياد ڪرڻ لڳو، جن ڏينھن ۾ ھن بگي گھوڙو وھائڻ شروع ڪيو ھو. انھن ڏينھن شھر ۾ ڪل ٻھ چار بگيون ھيون. غريب غربو تھ بگي تي پير بھ ڪونھ رکندو ھو. پوءِ جيئن شھر وڌندو ويو، تيئن بگيون بھ وڌنديون ويون. جيڪو بھ گھر کان پئي رٺو، تنھن پئي گاڏي گھوڙو ورتو. ان زماني ۾ ڪيترا وات ڳاڙھا ڇوڪرا جنھن کي رينن جھلڻ جي بھ ٻيٽ ڪانھ ھئي، بگيون وھائڻ لڳا. جاتي گڏ ٿين، تاتي کل ٺٺوليون ۽ ڪچا ڀوڳ. ھن کي اھي ڳالھيون ناپسند ھيون، ان ڪري ھو سدائين کين سمجھائيندو ھو. پر ھڪ ڏينھن اھو سمجھائڻ سندس پنھنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. ان ڏينھن ھو گاڏي اسٽان تي ڇڏي ڀر واري ھوٽل ۾ چانھھ جو ڪوپ پيئڻ ويو ھو. جڏھن واپس موٽي آيو تھ ڏسي سندس سيٽ تي ڪو ساوا ساوا متيرا رکي، ساڻس جٺ ڪري ويو ھو. ھو يڪدم گاڏيءَ تان لھي، رکڻ وارن جي ڀيڻ ماءُ کي گاريون ڏيڻ، پر اھي سڀ رھندو ڏند ڪڍي کلڻ لڳا. جيئن تھ منڍ کان وٺي ھن جا گھوڙا گاڏيون ۽ ٻيا ٽپڙ ٽاڙي چڱيءَ سينھريءَ سان ھوندا ھئا، ان ڪري ھن جو سڀني تي ڪنٽرول ھوندو ھو ۽ ڪنھن کي اھڙي ڀوڳ ڪرڻ جي حسرت ڪانھ ٿيندي ھئي. اھڙي جٺ تي ماٺ ڪري ويھڻ ڄڻ ٻين کي بھ ھاسڪار رستو ڏيکارڻو ھو، ان ڪري ان آڱوٺي جيترن ڇوڪرن جو ھٺ مارڻ لاءِ، ھن نيٽي لڪڻ کڻي ان پارٽيءَ جي مکيھ دينوءَ کي چيو ھو: ”دينو، اھي چرچا ڀوڳ انھن سان ڪر، جيڪو تنھنجا سھي. مون کي خار آئي تھ رت ڪڍي ڇڏيندوسانءِ.“

”ڪھڙا چرچا چاچا؟“ دينو مرڪڻ لڳو.

”ائون، ھو پنھنجا بابا جو رکييءَ منھنجي سيٽ تي.“ ھن کان خار ۾ گف وھڻ لڳي.

”اھي متيرا آھن. چاچا، تون متيري تي چڙھندو آن ڇا؟“ دينوءَ کي رھندي مزو پئي آيو.

”بس ڪر لنڊا، وري اھا ٽڻ ٽڻ. آئينده اھو ڀوڳ ٿيو تھ سر جو خير گھرجانءِ.“ ھو پنھنجي گاڏي ڏانھن موٽندي شاھ کي چوڻ لڳو: ”شاھ، ھنن کي سمجھاءِ، متان پوءِ پڇتائين.“

”مان ڇا کين سمجھايان. تون بھ جيترو چڙندين، اوترو چيڙائيندءِ.“ شاھ بھ مرڪڻ لڳو.

”نھ نھ، مون سان ڪو کيچل نھ ڪري. منھنجي رت ڦرندي دير ڪانھ ٿيندي.“ ھن خار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو.

پر پوءِ تھ رھندو سندن ٻيگھي مچي وئي. نھ مھل نھ موقعو، جاتي ملن تاتي چيڙ. اسٽيشن کان ايندي يا ويندي، جڏھن بگين جون قطارون پاسينگرن سان ڀريون ھڪ ٻئي جي ڪڍ اينديون ھيون، تڏھن لنگھندي ھر ڪو کيس چيڙائيندو ھو. اھا ڳالھھ برابر ھئي تھ ھو بھ سندن ڀيڻ ماءُ ڪونھ ڇڏيندو ھو، پر تنھن ھوندي بھ دل ۾ اھا ڳالھھ کيس خراب لڳندي ھئي جو ان جو اثر خراب پوڻ لڳو ھو. ھن محسوس ڪيو تھ ڪيترا معتبر پاسينگر جي اڳ سندس بگيءَ تي ئي چڙھندا ھئا، ھينئر کانئس پاسو ڪرڻ لڳا ھئا. ڪيترا رونشي لوڏيا پاسينگر وري ٻڌ سڌ تي بگيءَ وارن وانگر کيس چيڙائڻ بھ لڳا ھئا. ان ڏھاڙي ھڪ وسڻي وائسڻي معتبر کي کنيو شھر پئي آيو. رستي کي ڪشادو ۽ خالي ڏسي ھن بھ بور کي ڍر ڏني ھئي ۽ اکين مان جنسي پاڻي پئي وھيو تھ اوچتو اھو پاسينگر کانئس پڇي ويٺو: ”رئيس، تون متيري تي ڇو چڙندو آھين؟“ رئيس کي ڄڻ چوچڙي اچي وئي. ھن خار ۾ ڏانھس ائين گھريو ڄڻ کيس ڪچو کائي ڇڏيندو. سندس دل گھريو تھ جيڪر ھن کي بھ اھي ٽِسريون زيرن زبرن سان ٻڌائي، پر ڪو خيال ڪري ھن يشي ڏيئي کيس جواب ڏنو: ”ارمان آ صاحب، تون بھ لوٺين وارا سوال ٿو پڇين.“

ھن ٻٽي ڀيرا دينو ۽ سندس سنگت کي ٿڌي سيني سان سمجھائڻ جي ڪوشس ڪئي ھئي، پر حرام جو ھو مڙيا. جيئن پوءِ تيئن پيا کين پاسو وٺائڻ لڳا. پوءِ تنھن ڏينھن سندس وس کان ڳالھھ نڪري وئي ۽ ھو ڌو فوجداري ۾ ھليو ويو. ان ڏينھن صبوح کان سندس مٿو ڦريل ھو. ھو روز صبوح جو گھوڙي کي کرکرو ھڻي تيار ڪرڻ بعد، نيرن پاڻي ڪري پوءِ گاڏي ٻڌندو ھو. ان ڏينھن گھوڙي کي جوٽڻ لاءِ تيار ڪري گھر آيو تھ جوڻس اڃا ان وقت اٽو پئي ڳوھيو. خار ۾ ويچاري کي ٻٽي چنبا ھڻي لنگھڻ تي گاڏي ٻڌي ٻاھر نڪتو تھ کيس سواري ملي وئي. ڀريا ٻھ ڪلاڪ پاسينگر کي ھيڏي ھوڏي گھمائڻ کان بعد جو کيس روپيو مليو تھ مٿي کان پيرن تائين سڙي ويو. باھ ۾ پئسا روڊ تي اڇلي ھو اسٽان تي آيو ۽ اڃا پگھر بھ نھ سڪايو ھئائين تھ ھن پارٽيءَ پنھنجا ڀوڳ وري شروع ڪري ڏنا ھئا.

”يار دينو، منھنجو تھ بک ۾ ساھ ٿو نڪري. ھل تھ ٻٽي گرھ کائي اچون.“ مرڪندي دينو کي چيو.

”تون ير ڀلي کائي آءُ. مان تھ جھٽ کن ٿي متيرن جي ڀاڄي سان ڍؤ ڪري آيو آھيان.“ دينوءَ رئيس ڏانھن نھاريندي کلندي جواب ڏنو.

سڄي سنگت ۾ ڪوڪرو مچي ويو. رئيس کي باھ وٺي وئي ۽ ھن رڙ ڪري چيو: ”ڪتا بڪ بند ڪر.“

”چاچا، مان توسان ڪو ڳالھايان ٿو.“ دينو ائين کلندي جواب ڏنو.

”تنھنجي اڄوڪي سج ۾ لاک نھ لاھرايم تھ مان ٻروچ مون ناھيان، پر تنھنجو تخم آھيان.“ ائين چئي رئيس گھوڙي کي چابڪ ھڻي، گاڏي کي اسٽان مان ڪڍي فوجداري ڏانھن ھليو ويو. ھن در وٽ پھچندي ئي مٿي تان انگوڇو لاھي فوجدار جي پيرن ۾ اڇليو ھو.

”فوجدار، تون بھ ٻروچ آھين ۽ مان بھ ٻروچ آھيان. من ٻروچڪيءَ تي نظر ڪري منھنجو داد ڪرين. دينو ڪھڙي رن جو پٽ آھي جو ھڪ ٻروچ کي ”نناون“ جو نالو کڻي چيڙائي.“ ھن روئڻھارڪو ٿي چيو ھو ۽ فوجدار ھڪدم دينو کي گھرائي کيس گڏھ وانگر ڪٽي، بيگر ۾ سندس بگي ماري، جاچ ۾ ھليو ويو ھو. پوءِ جڏھن شام جو دير سان دينو موٽي آيو ھو ۽ سڀني کي پاڻ سان ٿيل واردات جو ٻڌايو ھئائين، تڏھن سڀني شھيد جي روضي ۾ قسما قسمي تي اھا ٻڌي ڪئي ھئي. ٻيا تھ ٺھيو، پر زوار بھ وٺڻ جو نھ ھو. چي:

”رئيس دينوءَ کي ماءُ ڀين تي گاريون ڏيندو ھو تھ بھ اسان ڪجھھ ڪونھ ڪڇيو. ھينئر رئيس ايڏي ”مگر“ وارو ٿي ويو، جو پنھنجي ڪرت واري کي فوجداري ۾ مارائي ۽ بيگر وھرائي!“

”رئيس لقمان ھلندين؟.“ ھڪ پاسينگر ويجھو اچي سندس خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو.

”ھا بابل ڇو نھ ھلبو.“ رئيس سڀني ڏانھن نفرت سان نھاريندي بگي اسٽان مان ٻاھر ڪڍي ۽ پاسينگر کي ويھاري زينن کي ساھ ڏني تھ گھوڙو ڪنن وٽان ڌوڙ ورائڻ لڳو.

ٻئي ڏينھن بھ ٽانگو ورائيندي صبح کان شام تائين کيس ڪو نھ ڪو بگي وارو مليو، پر نھ ڪنھن ھن سان ڳالھايو ۽ نھ ڪنھن ڪو گٿو لفظ ڪڍيو. ٻيا تھ ٺھيو، خود دينو سڄي ڏينھن ۾ ڪيترا ڀيرا دوبدو ٿيو ھو، پر کيس ڏسندي ئي پري کان بگي روڊ تان لاھي پئي ڇڏيائين. ھن کان اڳ ھو عام طور ان جاءِ تان بيھڻ کان لھرائيندو ھو، جتي دينو يا سندس سنگت بيٺل ھوندي ھئي، پر ٻئي ڏينھن ھو ھاسڪار ٻٽي ڀيرا سندن وچ ۾ بيٺو ھو. ھن موقعو پئي تاڙيو تھ ڀلي ٻيو ڪو ساڻس ڀوڳ ڪري تھ ھو فوجدار کي دانھن ڏئي ان کي بھ رنڌ ڏياري، پر کيس اھڙو وجھھ ڪونھ مليو. سڀني جا وات سڪي ويا ھئا. شام جو گھوڙي کولڻ وقت نورو وٽس آيو تھ ھن وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندي نوري کي چيو:

”نورا، سگھڙن سچ چيو اٿئي تھ سنڌ کلي سان ٻڌل آھي. ڏس ڪيئن نھ ٻن موچڙن ۾ گز ڪري ڇڏيا اٿم.“

”اھا ڳالھھ تھ برابر آ، پر رئيس توکي بھ سڄو ڏينھن ڪنھن سان ڳالھائڻ کان سواءِ مزو اچي ٿو؟“

البتھ ٽئين ڏينھن جي شام جو جڏھن ”ايڪسپريس“ جون سواريون لاھي سڀ اسٽان تي بيٺا ھئا ۽ ائين چپ چاپ لڳي پئي ھئي، تڏھن رئيس جي ڪنن تي صاحبزادي ٽرئفڪ جي سپاھي جو آواز پيو. ھو دينو کي چئي رھيو ھو: ”ھل دينو، توکي فوجدار صاحب گھرايو آھي.“

رئيس ٽيڏي اک سان دينو ڏانھن نھاريو، جو ميسڻو منھن ڪري بگي اسٽان مان ڪڍي رھيو ھو. چپ چاپ ھئا. ھر ڪنھن کي خبر ھئي تھ ھن وقت دينوءَ کي بيگر کان سواءِ ٻيو ڇا جو سڏ ھو.

اوچتو رئيس پنھنجي ڏور کي زور سان سٽڪو ڏنو ۽ رڙ ڪري چيو: ”صاحبزادا! وڃي پنھنجي بابي فوجدار کي چؤ تھ دين محمد ڪونھ ايندو. کيس اھو بھ سمجھائي ڇڏ تھ اسان بگيءَ وارا پاڻ ۾ وڙھون يا پرچون، تنھن ۾ ھن جي ربيع يا خريف؟“

صاحبزادو ٽرئفڪ جو سپاھي، عجب ۽ خار مان ڏانھس گھوريندي پوئتي وريو ۽ رئيس سڀني ڏانھن پيار سان نھاريندي، ھودي ۾ لڳل گھنٽي وڄائڻ لڳو.

 

 

 

ڪني آڱر

وڏيري نور محمد خان جي ڌيءَ رات اوچتو بيمار ٿي پيئي ھئي، سو ڳوٺ جون زائفون پڇڻ آيون ھيس. نينگري سوڙ ۾ ويڙھي سيڙھي سمھي پئي ھئي. ڪي زائفون مٿن کان، ڪي پيرانديءَ کان ويٺيون ھيس ۽ ڪن کيس زور پئي ڏنا تھ ايتري ۾ پڦي نوران لمڪا ڏيندي اچي نڪتي. چيلھھ تي ھٿ رکي، زائفن ڏي منھن ڪري چيائين: ”ٻيو ٻڌو!“

”ڇا؟“ ٻن ٽن زائفن جي وات مان نڪتو.

”زينب کي پوليس ٻڌي ويئي!“

”ھان!“ زائفن جا وات ڦاٽي ويا. پيلا پيلا ڏند ڏيکاريون ڏيڻ لڳا.

وڏيري جي ڌيءَ جا اڳي ئي پيلي ٿي پئي ھئي، تنھن جو ويتر رت ڇڏي ويو. ويچاريءَ سوڙ کي ڇڪي کڻي مٿان وڌو. ان کان اڳ تھ ڪا زائفان پڦيءَ نوران کان ان جو سبب پڇي، نانيءَ حاجل ناس جي دٻلي ور مان ڪڍي ان کي آڱر سان ٺھڪائيندي پڇيو: ”ڇو؟“ ان ”ڇو“ تي سڀني پنھنجيون اکيون کڻي پڦري نوران ۾ کپايون. وڏيري جي ڌيءَ بھ سوڙ ۾ چر پر ڪئي. ھن کي بھ شايد سبب ٻڌڻ لاءِ آنڌ مانڌ ھئي.

”حرامي ٻار ڄائو ھوس. ڪوڏر سان کڏ کڻي پوريائين پئي تھ ڪنھن مڙسالي ڏسي ورتس ۽ وڃي ٿاڻي ۾ رپورٽ ڪيائين.“

ائين چپ ٿي ويئي، ڄڻ ڪو راڪاس گھمي ويو. وڏيري جي ڌيءَ بھ چرڻ پرڻ ڇڏي ڏنو، صفا بنڊ پھڻ ٿي ويئي. وري بھ شابس نانيءَ حاجل کي، جنھن ناس جي چپٽي کن نڪ کي ڏيئي، پنھنجي ھوش کي جاءِ ڪيو. کٽ تي سري جاءِ ڪيائين: ”آءُ نوران، ھت ويھھ. سڄي ڳالھھ پيرائتي ڪري ٻڌاءِ.“

”نھ ماسي، ويھڻ جي واند ڪانھي، گاھ تي ٿي وڃان.“ پڦيءَ نوران وڏائي ڪئي.

”گھڙي تھ ويھھ، ڇوري!“ ملياڻيءَ پنھنجي عينڪ جا ڏاڍا ٺاھيا. پڦيءَ نوران بھ ھاڻي ڳالھھ کي چڱيءَ طرح ٻڌائڻ کان سواءِ وڃڻ واجب نھ سمجھيو، سو ويھي رھي.

”ڇا ٻڌايانءِ ماسي.“ پڦيءَ نوران ڳالھھ کي لانڍ سان شروع ڪيو. ”جماندار اھڙي مار ڏنيس، جو منھنجي توبھھ.... ڄنڊا ئي ڄنڊا پٽيائينس!“

”ڇو نھ ماريندس جماندار، اھڙو ڪم تھ ڪسبياڻين کان بھ نھ پڄي!“ صفوران اندر جو ساڙ ڪڍيو.

”پر مائي اھا بھ بدنامي، اوڙي پاڙا وارا ٻڌي ڇا چوندا!“ ناني حاجل چيو.

”ڀلا اڳي گھٽ بدنامي ھئي ڇا؟ ڪاٿي رھي نصرپور، ڪاٿي رھي خميسي جي وانڍ. ڪنھن کان ڳجھا آھن ھن جا پرڪار.“ ملياڻيءَ ڳالھھ کي ٽيڪ ڏني.

مليانيءَ جي ڳالھھ سورھن آنا سچ ھئي. تر ۾ گھڻو ڪري سڀني کي سندس افعالن جي ڄاڻ ھئي. ڀلا ڳوٺ جو ڪھڙو ڳڀرو جوان ھن کان بچيل ھو. ھن جنھن سان بھ ھڪ حرف ڳالھايو، يا ڇڙي اک ملائي تھ چندر جي رڪارڊ مصداق ان جي منٽن ۾ صفائي ٿي ويندي ھئي ۽ پوءِ اھو ھمراھ پنھنجن مائٽن کان ميلي جي بھاني ڳچ ڏوڪڙ وٺي يا پيءَ کان چوريءَ پنھنجي ان جي ٻار مان ڪجھھ حصو کلومل جي حوالي ڪري، پر جي ائين بھ نھ پڳو تھ ڀر واري ڳوٺ مان ڪنھن جي وڇير ڍڳي ٻڌي مھاديءَ واري کي اڌ قيمت ۾ ڏيئي، شھر ۾ ھن لاءِ شبن ململ جا گھگھرا ۽ ملائي جون سٿڻون سبرائيندو نظر ايندو ھو. اھي سوکڙيون عطر ۾ ٻٽل سائي ڳاڙھي ريشمي رومال ۾ ٻڌي، زينب ڏي موڪلبيون ھيون ۽ ان جي جواب ۾ ”چنڊ لٿي“ يا ڪڪڙن جي پھرئين دس وقت ملڻ جو انجام ايندو ھو. جيستائين ان ھمراھ جي پيءُ کي پنھنجي ٻار ۾ کوٽ نظر نھ ايندي ھئي، يا ان ڍڳي وڇير جو مالڪ ڍور سڌو ڪري باڪو وٺي گمراھ جي گھر جو در نھ اچي جھليندو ھو، زينب جي مئي پيءُ ماءُ کي شد مد سان گاريون ڏيئي، اھا چٽي ڀربي ھئي. ان ھمراھ جي، جي شادي ٿيل ھوندي ھئي تھ جوڻس جا مھڻا ئي کيس ھميسھ لاءِ توبھھ ڪرائي ڇڏيندا ھئا، نھ تھ ٻيءَ حالت ۾ پير مٺل شاھ سائين کي ميڙ ڪري ان ھمراھ لاءِ برادر مان سنڱ وٺبو ھو. ٻن ٽن ھفتن اندر ان گھر مان شادي جا لاڏا ٻڌجڻ ۾ ايندا ھئا. ھمراھ نئينءَ نڍيءَ ڪنوار کي ھٿ ڪري خوش ٿي ويندو ھو ۽ زينب ان کان آسرو پلي، ڪنھن ٻئي ڳڀرو جوان کي پاڻ ڏي ساھيندي ھئي. ائين تعداد وڌندو رھيو. وڏيري جي وڏي ڪمدار ايوب تھ ھڪ ڏينھن ”نور مٺي“ جو قسم کڻي چيو تھ ھو ڳوٺ ۾ ٻن ٽن گھرن کان سواءِ ڪو اھڙو گھر بچيل ڪونھ ھو جو زينب جي مرڻ بعد سندس جنازي کي ڪلھو ڏيئي سگھي. اھا ڳالھھ ٻڌي زينب کي جيڪو شرم آيو، اھو تھ خير، رھندو پنھنجي ساھيڙيءَ ڪريمت کي، جا ٿورين گھڻين پارين پاڻ جھڙي ھيس، ڏند ٽيڙي چيو ھئائين: ”اميد آ الله ۾ تھ اھي ٻھ ٽي گھر بھ نھ ڇڏيندس.“ سندس بدچاليءَ ڪري ڳوٺ جي ڪنوارين ۽ جوان زائفن کي سندس گھر وڃڻ تھ وري رھيو، پر ساڻس ڳالھائڻ جي بھ منع ڪيل ھئي. جي اتفاق سان گاھ ڪندي يا پلي پٽيندي ڪنھن ڇوڪريءَ جو روح سٽ ڏيندو ھو، ساڻس ٻھ حرف ڳالھائيندي ھئي ۽ خدا بھ ڪري خير، جي اھا خبر ان ڇوڪريءَ جي ڪنھن وڏي ڀاتيءَ کي پوندي ھئي تھ گھڙي کن ان گھر ۾ ٻرڙات ٻڌبو ھو ۽ ڇوڪري گيسون ڪري توبھھ ڪندي ھئي. ويچارا مائٽ بھ ايترو خيال ڇو نھ ڪن؟ ڪريمت جو مثال سندن اڳيان ھو. زينب سان ساھيڙپ رکڻ کان اڳ ھوءَ ڏاڍي شريف ڇوڪري ھئي، مجال جو ڪنھن مرد ماڻھوءَ سان اک کڻي ڳالھائي، پر جڏھن کان زينب جي صحبت ۾ آئي تھ کري خراب ٿي پيئي. اھڙي ڳالھھ کان پوءِ، ڳوٺ جي پرين مڙسن کي نانگ تھ ڪونھ کاڌو ھو جو پنھنجين جواڻ جماڻ زائفن کي زينب ڏانھن وڃڻ ڏين!

زينب عمر جي اڌ، رنگ جي سانوري ھئي. سندس چپ مساڳ ھڻڻ ڪري ھميشھ ڳاڙھا نظر ايندا ھئا. پنجن ٻارن جي ماءُ ھئي. چار تھ پنھنجن نالن سڏبا ھئا، پر پنجون ”منڊو منڊو“ ڪري سڏبو ھو. ان ويچاري کي بھ الله منڊو ڪيو، پر زينب ڪيو. ڳالھھ ٿي ھيئن تھ راند کيڏندي پٽھنس ھڪ يتيم ڇوڪري کي مار ڏني. اھو ڇوڪر روئندو وٽس آيو ۽ کيس دانھن ڏنائين. ٻارن جي فطرت، گھڙيءَ ۾ رسڻ تھ گھڙيءَ ۾ پرچڻ، سو ان ۾ ڀلا ڪھڙو قياس ٿو ٺھي؟ پر ھن پنھنجي کي اچي ڏنڊن سان ورتو. ڪي ڌڪ رحماني ڪي ڌڪ شيطاني؛ وري ٻار جو بھ ڪھڙو قوت.... لڳي جو ڇوري کي اولو ڌڪ تھ ڄنگھھ سڄي ھت ٿي وئي. ڪنڀر ڏاڍيون لپريون ٻڌيون، پر ڄنگھھ ڪانھ ٺھي، ڇوڪر ھميشھ لاءِ منڊو ٿي ويو. سندس ٻارن جا رنگ بھ عجڪيب ھئي. ڪي ڀورا باھ جھڙا تھ ڪي ڪارا ٺڪر. انھن ٻارن جي نسل بابت ڪڏھن ڪڏھن ھوءَ ڪريمت کي ٻڌائيندي ھئي. مٿال طور، جڏھن کيس پريل ڄائو ھو ۽ ڪريمت کانئس پڇڻ ائي ھئي تھ ڇوڪري کي ڏسي چيو ھئائين: ”ڇوري، پٽ تھ واه جو ڄڻيو اٿئي.“

زينب کلندي جواب ڏنو ھو: ”ڇو نھ سھڻو ھوندو، پڻس بھ تھ سھڻو آھي!“ ۽ پوءِ ڪريمت کي ڪن ۾ ٻڌايو ھئائين تھ صديق سان رستي رکڻ بعد مھيني اندر ئي کيس پيٽ ٿيو ھو. ڪريمت کي اھا ڳالھھ دل سان لڳي ھئي، جو صديق ڳوٺ جي ٺاھوڪن جوانن مان ھڪ ھو. اھڙي طرح کيس فريد ڄائو تھ ھن ڪريمت کي چيو ھو: ”مڙئي ليک لکيل ھو، ادي ڪريمت، نھ تھ امين ڪو منھنجي ھيسي جيسي ھو! ھي ڇورو بھ تھ ان تي ويو آھي.“ وري منھن بڇڙو ڪري، ڀر ۾ سمھيل فريد کي ڏسي چيو ھئائين: ”رنگ تھ ڇڏ، جو مان بھ ساوري آھيان، پر منھن جي تختي ۽ چنجھين اکين کي تڪي ڏسينس تھ سود امين آھي!“ ڪريمت ٿوري دير ڇوڪري کي تڪي چيو ھو: ”ھائو ڙي، برابر تر بھ مارئي امين مان نھ لاٿو اٿس!“ ڪريمت جو جواب ٻڌي زينب پچڪ ڪري زمين تي ٿڪ اڇلائي ھئي. ڪريمت کي خبر ھئي تھ زينب اھا ٿڪ زمين تي نھ، پر حقيقت ۾ امين جي زال صفوران جي منھن تي اڇلائي آھي، جو ھوءَ ان وقت زينب سان گڏ ھئي، جڏھن صفوران زينب کي پنھنجي کوھيءَ تان پاڻي ڀريندي گاريون ڏنيون ھيون ۽ زينب ماٺڙي ڪري بادشاھ پير دستگير جو قسم کڻي، ڪريمت کي چيو ھو تھ ھوءَ صفوريءَ کان انھن گارين جو ضرور پلئھ وٺندي..... تان جو زينب امين جھڙي ڪاري رم سان رستو رکي کيس اھڙي تھ مار ڏياري ھئي، جو ڪيترا ڏينھن ھوءَ کٽ تي پئي ھئي.

زينب جو مڙس خدا بخش ويچارو جيستائين جيئرو ھو، تيستائين ھن پنھنجيءَ زال کي سمجھائڻ کان نھ گھٽايو. ھن گھڻا ئي ڀيرا زال کي انھن افعالن تان ماريو ھو. ھڪ ڏينھن تھ ڪھاڙي سان کيس صفا خون پئي ڪيائين، پر زينب جي رڙين تي ھمراھن اچي کانئس ڪھاڙي کسي. مٽن مائٽن جي صلاحن جي باوجود ھن زال کي طلاق نھ ڏني. ڳالھھ اصل ھيئن ھئي تھ زينب جي نالي سرڪاري رڪارڊ ۾ ڏھھ جريب زمين ھئي، جا خدا بخش آباد ڪندو ھو. جي زال کي طلاق پئي ڏنائين تھ اھا زمين بھ پئي ھٿن مان ويس. مڙئي دڙڪي داٻ ۾ ڪم ٽپائيندو پئي آيو – تان جو وڃي پنھنجي ڏيھھ پھتو. مڙس جي فوت تي وڃڻ بعد زينب کي ويتر ڇوٽ ملي وئي. اھي ئي حال، اھي ئي افعال، البتھ اولاد جي خواھش سو ڇڏي ڏنائين. ڪجھھ دائين جي صلاح، ڪجھھ دوائن جي مدد – مڙيئي ڪم ٽپندو پئي آيو.

”پر پڦي نوران، ادي خدا بخش کي گذري بھ ٻھ ٽي سال ٿيا. تنھن بعد ھوءَ ھميشھ ان ڳالھھ جو خيال رکندي ھئي. ايترن سالن ۾ کيس ڪجھھ نھ ٿيو ۽ ھاڻي اھو وري ڪيئن؟“

”مون کي تھ ڪا ٻي ڳالھھ ٿي نظر اچي.“ ھڪ زائفان عقل ويڙھايو.

وڏيري جي ڌيءَ سوڙ مان منھن ڪڍيو. سڄر پگھر ۾ وٺجي ويئي ھئي.

”مائي، اھو قدرت جو ليک آھي، جنھن کي نھ دايون ٽاري سگھنديون، نھ دوائون.“ ناني حاجل مولوي ڪھاڙي جي انداز ۾ چيو.

”پر، ماسي پاڻ بھ سچي ڪئي اٿس تھ ٻار سندس آھي!“ پڦي نوران چيو.

وڏيري جي ڌيءَ اھو جملو ٻڌي ٿڌو اونھو شوڪارو ڀريو – ائين ڄڻ ھن جي سيني تان ڪو بار لھي ويو ھجي، پر سندس اکيون ڪنھن عجيب احساس جو اظھار ڪرڻ لڳيون ڄڻ ھن جي ڪا املھھ شيءِ وڃائجي ويئي ھجي – ڪا اھڙي شيءِ، جا ھن جي پنھنجي وجود جو حصو ھجي.

گھڙي کن ماٺ ڪري، پڦيءَ نوران وري ڳالھھ کي چوٽ چاڙھيو: ”ھڪڙي سپاھيءَ پئي چيو تھ ست سال ٽيپ ملينديس.“

”ست سال!“ ھڪ زائفان کان چيٽ نڪري ويئي. وڏيري جي ڌيءَ جون اکيون بھ اھو ٻڌي ڀرجي آيون. وري گھڙي کن سانت ٿي وئي.

”ھڪ ڳالھھ ۾ تھ اھو چڱو ٿيو، ناني ملياڻي!“ ھڪ زائفان چيو.

”ڪھڙيءَ ڳالھھ ۾؟“

”زينب کان جند تھ ڇٽي!“

”ھا، اھا ڳالھھ چئھ، ھونئن بھ ڪني آڱر وڍي ڀلي!“

وڏيري جي ڌيءُ شور مان ملياڻيءَ کي ڏٺو. سندس ذھن ۾ ور ور ڪري ڪني آڱر جا لفظ ڦرڻ لڳا. ھن سوڙ ڇڪي کڻي پنھنجي مٿان وڌي. ھن جي اکين مان شڪر گذاريءَ جا ڳوڙھا وھي، وھاڻي کي پسائڻ لڳا. ھن جي چپن ڀڻڪيو: ”زينب، ماسي زينب.......!“

 

 

 

 

ڀت

ھن پھريون اٿي ڪوٺيءَ جو دروازو بند ڪيو، جيئن ڀر واري ڪوٺيءَ ۾ سمھيل ڀاڻس ڳالھائڻ تي اٿي نھ اچي. پوءِ الماري کولي، ان مان ھڪ ڳاڙھو چلڪڻو پئڪيٽ ڪڍيو. پئڪيٽ صاف ھو، مٿس مٽيءَ جي دز بھ ڪانھ ھئي، پر ان جي باوجود بوٽن جي دوڪان وانگر اشد آڱر سان ٺڪ ٺڪ ڪري ھن رومال سان اگھڻ مناسب سمجھيو. ان وچ ۾ مان ننڍڙي ٻار جيان وات ڦاڙيو ڏانھس ڏسندو رھيس.

”ڏس ير.“ ھن وڏائيءَ سان مون ڏي نھاريو. ”ھن پئڪيٽ ۾ توکي ھتان جي انھن سڀني سھڻين ڇوڪرين جا فوٽا لڀندا، جن جو ھن وقت تائين مون سان لاڳاپو رھيو آھي. گھڻو ڪري سڀئي وڏ گھراڻيون آھن. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو توکي ئي پيو ڏيکاريان، کڻ قرآن جو قسم تھ ڪنھن کي ڪونھ ٻڌائيندين؟“

”ھا.“ مان الائي ڇو ”ھا“ کان وڌيڪ ڪجھھ چئي نھ سگھيس.

”ڇڙي ھا مان ڪجھھ ڪونھ ملندو، اول ڪو ڀلو سائين بھ وچ ۾ ھجي.“

ننڍي ھوندي ڪو ڪن ڦاڙ جوڳي نانگ کڻي ايندو ھو تھ ويڙھي جا سڀ ٻار سندس چوڌاري ميڙ ٺاھي بيھندا ھئاسين. نانگ ڏيکارڻ کان اڳ، جي ھو مرلي وڄائڻ يا ٻڌائڻ ۾ تھ ھن اھو نانگ ڪٿان پڪڙيو ۽ ڪيترو مدو پيل آھي، گيسر ڪندو ھو تھ اسان کي جڪ پيا ايندا ھئا. اسان جي دل رڳو چوندي ھئي تھ ھو سڀ ڳالھيون پوءِ تي رکي، پنھنجي ڪانن واريءَ ڇٻيءَ جو ڍڪ مٿي ڪري تھ ڏسون ڪاريھر آھي يا ڪنڀارو – سندس ان اجائيءَ گيسر تي بھ اوتري ئي خار آئي، پر ماٺڙي ڪري تڙ تڪڙ ۾ قسم کنيم، جيئن وڌيڪ ڪا دير نھ ڪري. جيئن ڪو پاڪ ڪتاب کولبو آھي، تيئن ھن آھستي پئڪيٽ کولي، ان مان ھڪ فوٽو ڪڍيو. ھن عجيب نظرن سان فوٽو کي ڏسندي، ٿڌو شوڪارو ڀريندي فوٽو مون کي ڏنو ۽ چيو: ”اھا چمپا اٿئي“ – مان چمپا کي ڏسڻ لڳا. فوٽو تڪڙ ۾ ڪڍيل پئي نظر آيو. سندس کاٻي ھٿ ۾ ڪتاب ھئا، جن کي سيني سان لايو شايد اسڪول ڏانھن پئي وئي. ڪپڙن لٽن مان ڊيسنٽ واڻياڻي پئي لڳي. مان سندس سھڻن مھانڊن کي ڏسڻ لڳس ۽ ھو مون کي ھن بابت ٻڌائڻ لڳو: ”گڙنگ سيٺ جي ڌيءَ ھئي. لڪ ۽ واڻڪي اسڪول ۾ پڙھندي ھئي. ھڪ ڏينھن کيس اسڪول ويندي ڏٺم، دل کي الائي ڇا ٿي ويو – کيس ڏسڻ بنان آرام ئي ڪونھ ايندو ھو. پوءِ اھو نيم ڪري ڇڏيم تھ جڏھن ھوءَ ڪتاب کڻي اسڪول ويندي ھئي تھ مان بھ سندس ڪڍ لڳندو ھوس. کيس سندس اسڪول ڇڏي، پوءِ پنھنجي ڪلاس ۾ اچي ويھندو ھوس. ائين ڪندي مھينو کن گذري ويو. ھڪ ڏينھن کٽي ٿي کڻي – ڇا ٿو ڪيان جو ھڪ وڏو خط لکي سندس اسڪول جي ائڊريس تي روانو ڪري ڇڏيم. بيوقوفي سببان پنھنجي سموري ائڊريس بھ لکي ڇڏيم، جيئن جواب ڏيڻ ۾ کيس ڪا تڪليف نھ اچي. ان ڏينھن ھوءَ اسڪول ۾ نھ آئي ۽ سندس خط ماستريانيءَ کويلو. پوءِ تھ يار، ممڻ مچي ويو. ماسترياڻي اھو خط سڌو اسان جي پرنسپال ڏانھن موڪليو. پرنسپال بھ ھو ھندو، تنھن کي اچي ڌرم جي لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com