سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :13

   

گٽس

گھڻن ڏينھن جي غير حاضري بعد، ھو جڏھن پنھنجي نئين ڳاڙھي شيو کي ڪراچي ڪلب جي پورچ ۾ بيھاري، اندر بار ڏانھن وڃڻ لڳو تھ سامھون ڪنھن کي ڊيل وانگر ٽلندو ٻاھر ايندو ڏٺائين. ھن جا قدم اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري ويا. ھوءَ پنھنجي ساڙھي جي پلو کي ھر ھر ادا سان ٻانھن تي ٺاھيندي لڏندي لمندي، سندس ڀرسان لنگھي تھ نھ چاھيندي بھ ھن کان بي اختيار سينڍ نڪري وئي. ھن نرڙ ۾ گھنج وجھي ڏانھس گھوريو ۽ ھن شڪي ٿي منھن ڦيرائي ڇڏيو. پر جڏھن ”ڪورٽ شو“ جي سريلي پياري پياري ڪٽ ڪٽ اڳتي وڌي وئي، تڏھن ھن منھن ڦيرائي ڏٺو تھ ھوءَ انھيءَ انداز سان اوچو ڳاٽ ڪيو ائين وڃي رھي ھئي، جيئن ڪنھن تي فلڪ ڪانھ ھجيس. ھو ٿڌو ساھ ڀري اڳتي وڌيو ۽ بار ۾ ويٺل ميمبرن کي سلام ڪندو پنھنجي سنگت واري مخصوص ڪنڊ ڏانھن ھليو تھ ڏٺائين تھ سموري چنڊال چوڪڙي ويٺي ھئي. کيس ڏسندي ئي سڀ خوشيءَ مان رڙيون ڪري ھن کي چنبڙي ويا.

”اڙي، تون ڪٿي ھئين ايترا ڏانھن؟“ پروفيسر جيلاني کيس ڀاڪر پائي چيو.

”ڳوٺ ويو ھوس، ھارويسٽ جي سيزن ھئي نھ.“ ھر ڪنھن کي سندس وڏي زمينداري جي خبر ھئي، پر تنھن ھوندي بھ ھن وري کين ٻڌائڻ مناسب سمجھيو.

”پوءِ اڄ ڪلھھ تھ کيسا پر ھوندا؟“ ڪئپٽن مسعود چيو.

”بلڪل“

”تون تھ بنا موڪلائي ھليو وئين، پر ھتي تھ گھڻا ماڻھو تنھنجي ڪاڻ سڪيا پئي.“ ڊاڪٽر سليم لفظ ”ماڻھو“ تي خاص زور ڏيندي چيو. ھن ڊاڪٽر ڏانھن نھاريو، جنھن جي منھن تي شرارتي مشڪ ھئي. اھو اشارو شاھده برني ڏانھن ھو، جنھن سان ھن جو ”افيئر“ ھو ۽ جا اوچتو ئي اوچتو سندس ڳلي پئجي وئي ھئي ۽ ھن کي شادي جو زور ڀريو ھئائين. ھن ڊاڪٽر سليم سان صلاح ڪئي ھئي، جنھن وري کيس ٻھ ٽي ڏينھن گسائي وڃڻ جي صلاح ڏني ھئي. ھو پنھنجي نيٽو ٽائون ھليو ويو ھو.

”اڄ ڪلھھ ماڻھو ڪٿي آھن؟“ ھن مشڪندي ڊاڪٽر سليم کان پڇيو.

”اتيئي، اوسي پاسي.“

ھن نموني سان ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو تھ پرڀرو ”ھوءَ“ ھڪ ڪنڊ ۾ اڪيلي ويٺي ھئي ۽ ڏانھس گھور ڪري پئي نھاريائين.

”اڄ ڪلھھ ھتي وڏي لئي ٿي وئي آھي. ڪافي نوان ميمبر ٿيا آھن. خاص ڪري.......“ پروفيسر جيلاني مشڪندي چيو.

”ڪير آ ھوءَ؟ پوري واقفيت ڪراءِ.“ ھن جو شوق جاڳي پيو.

”مان ٿو ٻڌايانءِ.“ ڊاڪٽر سليم چوڻ لڳو: ”نالو اٿس پارس نياز احمد، ھتان جي نئين ڪليڪٽر جي ڌيءُ، انٽروڊيوس ڪرايانءِ.“

”اھا بھ پڇڻ جي ڳالھھ آ پيارا.“

”پر اٿئي انگور کٽا.“ پروفيسر جيلاني، حميد ۽ ناصر ڏانھن نھاريندي چيو، جي شڪي ٿيڻ لڳا.

”جڏھن مان بھ پڄان تڏھن چئجو، وارو ڪيو، واقفيت ڪرايو.“ شاھده برني جي افيئر کان پوءِ ھن کي پاڻ ۾ وڏو ڀروسو ٿي پيو ھو.

ڊاڪٽر سليم ھال ۾ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو: ”يار، اڳھون ھتي ويٺي ھئي. شايد ھينئر بليئرڊ روم ۾ ھجي، اٿ تھ اوڏانھن ھلون.“

الائي ڇو ھن جي دل ۾ ککي ويو تھ پارس اھا ئي ھئي، جنھن سان ھو اچڻ وقت ٻاھر دوبدو ٿيو ھو ۽ جنھن منھن ۾ سونڍ وجھي ڏانھس گھوريو ھو. ھو چوڻ لڳو: ”ڀلا انھيءَ لاءِ تھ نٿو چوين، جنھن کي اڄ آرينج بنارسي ساڙھي پئي ھئي، جنھن جي ڳچي ۾ جيڊ جو وڏو ھار پيو ھو ۽ جنھن کي ڪارو ڪوٽ شو......“

ڊاڪٽر ھن جي ڳالھھ اڌ ۾ ڪاٽي کيس گھوريندي چوڻ لڳو: ”اڙي اھائي، اھائي، ڪاٿي ملينس؟“

ھن ڪوبھ جواب نھ ڏنو، پر اکيون ڦرڙائي سينڍ وڄائڻ لڳو.

ٻئي ڏينھن، ھن ڊاڪٽر سليم کان پيرائتي پڇا ڳاڇا ڪئي تھ ھن سان ڪنھن جو ”افيئر“ تھ ڪونھ ھليو ھو ۽ ڪلب ۾ سندس گھڻو اٿڻ ويھڻ ۽ گھمڻ گھتڻ ڪنھن سان ھو. پر ڊاڪٽر کيس ٻڌايو تھ خاص طرح ڪنھن سان ڪونھ.

”اھڙي مغرور آ ڇا؟“ ھن پڇيو.

”يار خبي ئي ڪانھ ٿي پوي. ھر ڪنھن سان ڳالھائي بھ فضيلت سان ٿي. پر ڪو ڊيگھھ رکڻ جي ٿو ڪري تھ ونءُ ٿي وڃي.“ اھي ڳالھيون پئي ٿيون تھ ھوءَ بار ۾ لنگھي آئي ۽ ڪنڊ ۾ خالي ميز تي ويھي رھي. ھن ڊاڪٽر سليم کي انٽروڊيوس ڪرائڻ لاءِ ٺونٺ ھنئي ۽ ڊاڪٽر سليم ھن کي ھٿ کان وٺي ان ڪنڊ ڏانھن وڌيو ۽ ويجھو پھچي چوڻ لڳو: ”مس نياز احمد، ليٽ مي انٽروڊيوس، ماءِ ٿڪ فرينڊ مسٽر ذوالفقار علي خان.“

ھوءَ اخلاقا اٿي بيٺي ۽ مشڪندي لانڍ سان چيائين: ”پليز...... زڊ ٽو ميٽ يو.“

”پر اسان سنگت ۾ کيس ان ڊگھي نالي بجاءِ زلفي سڏيندا آھيون.“ ڊاڪٽر وري چيو.

ڊاڪٽر سليم ٿوري دير ويھي، بھانو ڪري ھليو ويو تھ ھن کانئس پڇيو: ”ڪجھ پيئندؤ، مس نياز احمد.“

”ڪا خاص ضرورت تھ ڪانھ آھي.“ ھوءَ نٽائڻ لڳي. ”ڪڏھن ڪڏھن ضرورت کان سواءِ بھ ٻئي جي دل خوش ڪرڻ لاءِ ھائو ڪبي آھي.“ ھن ڏانھس ٿورو جھڪي مشڪندي چيو. اھي سڀ گر کيس ياد ھئا.

”چڱو، مان شيري پيئنديس.“ پارس ڄڻ تھ مجبور ٿي چيو.

ھن خوش ٿي ويٽر کي اشارو ڪري شيري ۽ سڪسٽي نائين آڻن لاءِ چيو. بيري ٻئي گلاس آڻي اڳيان جھليا تھ ھن پاڻ وارو جام ٿورو مٿي کڻي چيو: ”ٽو اور فرينڊشپ.“

پارس عجيب بي نيازيءَ سان گلاس کڻي سپ ڪندي چيو: ”ٽو اور اڪوئنٽنس.“ ھو ڌڪ پچائي وڏا وڏا ڍڪ ڀرڻ لڳو. ھن محسوس ڪيو تھ پارس سندس ڳالھھ کي رد ڏئي، ڪلھوڪي سينڍ جو پلؤ ورتو ھو. ھن کي ياد آيو تھ شاھده برني مشڪندي ٻھ ٽي قدم اڳتي ٽپي وئي ھئي ۽ کيس گھرين نگاھن سان ڏسندي چيو ھئائين: ”ٽو اور لو زلفي.“

ھڪ ڏينھن ھو ڪلب ۾ دير سان پھتو. بار ۾ بليئرڊ روم خالي پيون ھيون. ھو ھڪدم بالر روم ڏانھن ويو. اتي ڏٺائين تھ ھوءَ ويٺي ھئي. سندس ڀرسان ڪو مرد ڪونھ ويٺل ھو. پر جي ڪو ويٺل ھجي ھا تھ بھ ڪا وڏي ڳالھھ ڪانھ ھئي. ھن تازو ڊانسنگ اسڪول مان سکيا وٺندي وقت اھي جملي آداب چڱي طرح سکيا ھئا. رڳو ويجھو وڃي اخلاق سان چوڻو پئي ھا: ”مس نياز احمد سان ڊانس ڪرڻ جي اجازت آھي جناب؟“

”آف ڪورس سر.“ ھو مشڪندي اجازت ڏئي ھا. اھي بار روم جا آداب ھئا.

ھو کيس اتي ويٺو ڏسي خوشي ۾ پر ٿي ويو. ڪنھن سان ڊيگھھ وڏائڻ ۾ ڊانس ھڪ وڏي مددگار ھئي. ھن سوچي ڇڏيو تھ پھرين رائونڊ ۾ ڊانس ڪندي پري رھندو، پر ٻن ٽن رائونڊن کان پوءِ ھو چڱيءَ طرح گھاٽا ٿي ويندا تھ ھن کي قدري ڇڪي پنھنجي ويجھو ڪندو ۽ سندس ھٿ جو گھيريو ٿورڙو ٿورڙو تنگ ٿيندو ويندو، تان جو ھوءَ سندس سيني تي ڪنڌ رکي ڊانس ڪرڻ لڳندي.

آرڪيسٽرا وڄڻ لڳو ۽ جوڙا ڊانس ڪرڻ لاءِ اٿيا تھ ھن تڪڙو وڃي ٻئي ٻانھون نوڙائي کيس چيو “May I”.

پر ھن سندس وڌايل ھٿن جي ڪا پرواھ نھ ڪندي وڏائيءَ سان چيو: ”پر مان تھ اھڙي سٺي ڊانس نھ ڄاڻان.“

”ھھڙي سٺي ميوزڪ ۾ پاڻھي سکي ويندؤ.“ ھن مشڪندي چيو. ”نھ نھ، مون کي معافي ڏيو تھ بھتر. مان اوھان جھڙي ھوشيار ڊانسر سان ڪونھ ھلي سگھندس. ماڻھو ڪونھن کلائڻا.“ پارس صاف نٽائيندي چيو.

ھو مجبور ٿي پوئتي ھٽيو ۽ شاھده برني سان ڊانس ڪرڻ لڳو. شاھده کيس حيرت سان تڪي رھي ھئي. منڍ ۾ ھن پاڻ آفر ڪيو ھو تھ ھو بھانو ڪري نٽائي ويو ھو ۽ ھينئر ھوءَ ٻئي ڪنھن سان ڊانس ڪرڻ لاءِ تيار ھئي تھ پاڻ مرادو کيس ڊانسنگ فلور تي وٺي آيو ھو. بھرحال! ھوءَ خوش ھئي جو ذوالفقار کي وري سندس خيال ٿيڻ لڳو ھو. ھوءَ سندس ويجھو پوندي، ھن جي سيني ۾ منھن لڪائي، کيس چوڻ لڳي: ”آءِ اسٽل لو يو زلفي.“

ھو کيس کتو جواب ڏيڻ ۾ ھو تھ سندس نظر ڀر واري جوڙي تي پئجي وئي. اھي پارس ۽ ميجر اصغر ھئا. ھن کي باھ وٺي وئي ۽ سندس منھن ڳاڙھو ٿي ويو. ھن جا اسٽيپ بگڙي ويا.

”آر يو آل رائٽ زلفي؟“ مس برني کيس بي دليو ڏسي چيو.

”نھ مان خوش نھ آھيان، منھنجو مٿو سور کان ڦاٽي ٿو.“ ھن روئڻھارڪو ٿي چيو.

”تھ پوءِ تون ريسٽ ڪر.“ ھو کانئس معافي وٺي ٻاھر نڪرڻ لڳو تھ ھن ڏٺو تھ پارس، ميجر اصغر سان ڊانس ڪندي، ٽيڏي اک سان ڏانھنس نھاري کيس چيڙائي رھي ھئي.

ھن جيڪو پاڻ کي ”سمال“ فيل ڪيو ھو، ان جي لنوائي وسارڻ جو طريقو اھو ھو تھ ھو سندس منھن بلڪل نھ چڙھي، ان ڪري ھو پنھنجو شامون ڪلب وڃڻ بدران ڪلفٽن يا سئنيما ھائوس ۾ گذارڻ لڳو. پر ھڪ ڏينھن ڪلفٽن تان موٽندي سندي ڪار، پنھنجو پاڻ ائين اچي ڪراچي ڪلب ۾ بيٺي، ڄڻ ان جو اسٽيرنگ سندس ھٿ ۾ ڪونھ ھو. ھن ڏٺو تھ سموريون ڪرسيون ۽ ميزون لان ۾ پيون ھيون ۽ جملي ميمبرن جي ھڪ ھنڌ گڏ ٿيڻ سبب وڏو گوڙ لڳو پيو ھو. ھو سمجھي ويو تھ اھو تمبولا جو پروگرام ھو، ان راند ۾ ھن کي ڪا دلچسپي ڪانھ ھوندي ھئي، جو خسيس ھائوزي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ھڪ ھنڌ سڪي ويھڻو پوندو ھو ۽ ھر وقت ڪن ڦاڙي انائونسر ڏانھن ڌيان ڏيڻو پوندو ھو تھ متان ھو ڪو نمبر چوي ۽ اھو نمبر مس ٿي وڃي. پر اندر بار ۾ اڪيلي ويھڻ کان ٻاھر ويھي کيڏندڙن جي خسيس ھائوزي لاءِ ھٻڇ ۽ نمبر اچڻ تي ھسٽريا جي مريضن وانگر رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ جو مزو ڏسڻ زياده دلچسپ ھو. ان ڪري ھو ھڪ ڪرسي ڏانھن وڌيو ۽ ان تي ويھڻ وارو ھو تھ کيس پويان ڪنھن سڏ ڪيو. ھن ڪنڌ ورائي ڏٺو تھ پارس کيس سڏي رھي ھئي. ھن جي دل ٿي تھ جيڪر ڏانھس نھ وڃي ۽ سندس سڏ کي ڪو گوش نھ ڏئي. ماٺ ڪري ويھي رھي، پر ڄڻ ڪو کيس ھٿ کان وٺي گھلڻ لڳو ۽ ھو ڏانھس گھلبو ويو.

”مس نياز احمد، اوھان مون کي سڏيو ڇا؟“ ھن ويجھو وڃي کانئس پڇيو.

”اوھان نٿا کيڏو؟“ ھوءَ مشڪندي کانئس پڇڻ لڳي.

”نھ، مون کي ھيءَ راند نٿي وڻي.“ ائين چئي ھو پوئتي موٽڻ لڳو تھ پارس ھڪدم چيو: ”تھ ڀلا مون کي ھيلپ ڪيو نھ.“

ھو سندس ڀرسان ويھي رھيو ۽ کيس سمجھائڻ لڳو تھ ڪيئن نمبر ڪٽبا وڃبا آھن ۽ ڪڏھن ڪائوزي پوري ٿيندي. ايتري ۾ انائونسر مائيڪ تي اعلان ڪري دٻو کڙڪائي نمبر ڪڍڻ لڳو:

ھٽ اينڊ رن سيون اينڊ ون.....

ايٽ سيون ماءِ وائفس ايج.....

ھن پارس ڏانھن ڏٺو جا ڪارڊ ۾ اکيون وجھي نمبر ۾ مشغول ھئي. ھو ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي ڏانھس نھارڻ لڳو. کيس ڍو سان ڏسن جو اھڙو ڪڏھن موقعو نھ مليو. ھن ڀرپور نظرن سان سندس وڏن وڏن وارن کي ڏٺو، جي جوڙي جي شڪل ۾ ڇڪي ٻڌل ھئا ۽ سندس ڪياڙي تي بچل سنھڙا سنھڙا وار، جي جڙي ۾ نھ اچي سگھيا ھئا، پيارا پيارا پئي لڳا. لوڪٽ بلائوز ڪري پٺي، اڳ ۽ پيٽ جو گھڻو حصو جارجٽ جي ساڙھي سان ڍڪيل ھئڻ جي باوجود جرڪيو پئي. ھن جا گلابي اڌ کليل چپ ۽ برمي چمپل جي ٻن پٽين ۾ سھڻا صحتمند پير، ھن جي چپل کي ڏڪائڻ لڳا.

انائونسر دستور موجب نمبر ڪڍي رھيو ھو.

پنجو پنجو ففٽي فائيو....

لٽل لالي نمبر ٿري.

ھن پنھنجي لٽل لالي جي ڪارڊ تي اوچتو نظر وڌي، جنھن ۾ اھو نمبر ھو، پر ڪٽيل نھ ھو. ھن جھڪي ميز تي رکيل ڪارڊ ۾ اڻ ڪٽيل نمبر ٿري تي آڱر رکيس ۽ ھو سندس اشارو سمجھي ان کي ڪٽن لاءِ ھيٺ جھڪي تھ ھن جي نظر ڳچي کان ترڪندي سندس سيني تي پئجي وئي، جو بلائوز جي قيد کي ڦاڙي ٻاھر نڪرڻ لاءِ آتو ھو. اوچتو پارس جي نظر کيس گھوريندي پڪڙي ورتو ۽ مشڪندي چوڻ لڳي: ”اوھان سمورو وقت منھنجي تپاس پئي ڪئي آھي. نظر ھڻندؤ ڇا؟“ ائين چئي ھوءَ وري ڪارڊ ڏانھن ڏسڻ لڳي.

ھو ٿورو مشڪيو ۽ وري ڪنھن سوچ ۾ پئجي ويو. سوچيندي سوچيندي ھن فيصلو ڪري ورتو تھ ھوءَ اھا ئي ھئي، جنھن جي انتظار ۾ ھن شاھده برني ۽ صوفيه احمد جھڙين پيارين ڇوڪرين کي بھ، جن ھن جي ھر جائز ناجائز گھر بھ پوري ڪئي ھئي، پنھنجو نھ ڪيو ھو. ھنن کي منزل تائين پھچڻ لاءِ فقط آرام ۽ ٿڪ ڀڃڻ کان وڌيڪ اھميت ڪانھ ڏني ھئي. لاشڪ تھ ھن جي انتظار ۾ ھن پنھنجي مڱيندي سان بھ لائون ڪونھ ڏنيون ھيون، جا سندس اوسيئڙي ۾ ڳوٺ ويٺي ھئي. ھن محسوس ڪيو تھ پارس بنا زندگي گذارڻ ھڪ عذاب ھو، جو ھو ڪنھن بھ حالت ۾ سھڻ لاءِ تيار نھ ھو. ھن ٿورڙيون اکيون ٻوٽي ھمت سان چيو: ”پارس، منھنجي ھڪ ڳالھھ ٻڌ.“

پارس جا ڊگھا ڊگھا ايرينگ لڏيا ۽ ڏانھس ڏسڻ لڳي.

”پارس آءِ لو يو ........ آءِ لو يو مور دين ايني ٿنگ ان دي ورلڊ.“ ھن ڪنڌ ھيٺ ڪري چيو. پارس ڪو جواب نھ ڏنو. ھو وري دل ٻڌي کيس چوڻ لڳو: ”پارس، ان ڏينھن مان پھريون ڀيرو توکي ڏٺو تھ ائين محسوس ڪيم تھ تون ئي اھا ھستي آھين، جنھن جو مان ورھين کان انتظار ڪري رھيو آھيان ۽ انتظار ۾.......“

”مسٽر ذوالفقار، ائين جيئن مان ھن نمبر سوين جو ڪيتري وقت کان انتظار ڪري رھي آھيان.“ ھن کلندي پنھنجي ڪارڊ ۾ رھيل نمبر سوين تي آڱر رکي، جو ڇڙو ڪٽجڻ کان رھجي ويو ھو.

ھو پنھنجي پيار جو مذاق سھي نھ سگھيو، ھن جون اکيون آليون ٿي پيون. ھن چوڻ لڳو: ”مان توکي ٻانھون ٿو ٻڌان پارس، تون سيريس ٿي، ھيءُ منھنجي زندگي ۽ موت جو معاملو آھي.“

”اوھان ۽ پيار؟“ ھوءَ طنز سان چوڻ لڳي: ”اوھان ڇا پيار مان جاڻو، اھي اوھان جون ٻانھون ٻڌي پيار جو يقين ڏيارڻ، سڀ بوگس آھي.“ ائين چئي پارس اتان اٿي وڃي پري رضيھ سلطان علي سان ويٺي. ھو اکين جي ڪنڊن ۾ آيل ڳوڙھن کي ضبط ڪري اٿي ٻاھر وڃڻ لڳو تھ شاھده برني پري کان تڪڙي وٽس آئي ۽ کيس چوڻ لڳي: ”مون کي لفٽ ڏيندين زلفي.“

”نھ، مون کي ٻئي پاسي وڃڻو آھي.“ ھو کيس رکو جواب ڏئي اچي ڪار ۾ ويٺو.

ان بعد ھن ڪلب وڃڻ صفا بند ڪري ڇڏيو. سمورو وقت پنھنجي گھر ۾ اڪيلو ويٺو ھوندو ھو. سندس سنگتي ساٿي فون ڪندا ھئا تھ کين بِزي ھجڻ جو بھانو ڪري ٽاري ڇڏيندو ھو، پر ڪيترا ڏينھن؟ ھڪ ڏينھن سندس دوست اچي ڪڙڪيا. کيس عجيب حالت ۾ ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. ”ڇا حال آ ڊان زوان.“

”ٺيڪ آھيان.“ ھن ڦڪي کل کلندي چيو.

.ٺيڪ وري ڪٿي آن، يھ پيلي پيلي سي رنگت......“ ڊاڪٽر سليم چوڻ لڳو.

”ڪائي ڳالھھ ڪانھي.“ ھن کين يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.

”پوءِ ھيءَ حالت ڇو؟“ پروفيسر جيلاني ھن جي وڌيل شيو ۽ ميرن ڪپڙن ڏانھن ڏسي چوڻ لڳو.

”دراصل مون کي ٻن ٽن ڏينھن کان بخار ھو. ائين جو ائين ھنڌ ۾ پيو ھوس.“

ٻيا اٿي ويا تھ سليم ھن کان سموري ڳالھھ آھستي آھستي ڪڍي ورتي ۽ چوڻ لڳو: ”مان ھن سان صفن صفا ڳالھايان؟“

”جيئن وڻيئي تيئن ڪر، پر مان مران ٿو.“

پر ٻئي ڏينھن ھو آيو تھ اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪري چوڻ لڳو:

”يار ھوءَ فلرٽ آھي، توکي نظر ثاني ڪرڻي پوندي.“

ھن سليم جي ان ڳالھھ جو ڪو جواب نھ ڏنو، وري کانئس پڇيائين: ”تو ساڻس ڳالھايو؟“

”ھا، پر سندس چم ۾ ئي ڳالھھ ڪانھ ويٺي.“

”ڇا چيائين؟“

”ڇا چوندي، چيائين تھ ڪو کلڻ ڳالھائڻ کي غلطي ۾ پيار سمجھي تھ اھا ٽوٽ مٿس تھ ڪانھ پئي. مطلب تھ ھن صاف جواب ڏنو.“ سليم مجبور ٿي کولي ٻڌايو.

”ھوءَ سچ ٿي چئي.“ ھو ھوريان چوڻ لڳو: ”ڪنھن وقت شاھده برني کي بھ مان اھڙو ئي جواب ڏنو ھو.“

”آچر جي صبح جو کيس ڊاڪٽر سليم فون ڪيو ۽ چيو: ”ريس تي ھلندين؟“

”نھ يار.“ ھن نٽائيندي چيو.

”اڙي سڄي سنگت ٿي ھلي.“

”چڱو.“

”تھ جلدي تيار ٿي، اسان توڏي اچون ٿا.“

”ڪجھھ پئسا کڻان ڇا؟“

”ڀلي جي شوق ھجيئي.“

ريس ڪورس تي ھر عمر جي مردن ۽ زائفن جو ھجوم ھو. ھٿ ۾ فلاسڪ، ڳچين ۾ بائنيڪيولرس – زور شور سان ڳالھائڻ ۽ بحث مباحثا. ھر ڪنھن کي ھيڪوڻ مان چئوڻ ۽ اٺوڻ جي لالچ. ان گوڙ کي رھندو وڌائڻ وارن ھاڪرس جون رڙيون ۽ ھوڪا: ”لڪي پورس، لڪي سڪندر، لڪي رستم.“

”ڪھڙي گھوڙي تي شرط رکندين؟“ سليم کانئس پڇيو. ”جنھن تي چوين.“

”تون اڄوڪي اخبار ۾ ريس جو صفحو ڪونھ پڙھيو آ ڇا؟“

”اون ھون.“ ھن نھڪر ڪئي.

”تھ ڀلا ھي پڙھ، ھن ۾ ڪجھھ ٽپ بھ ڏنل آھن.“

ھن سليم کان اخبار وٺي ان ڏينھن ڊڪندڙ گھوڙن جا نالا پڙھيا. ھڪ نالو پڙھندي ئي ھن اخبار سليم کي واپس ڏني ۽ چيو: ”مان چوٿون نمبر گھوڙي پسند ڪئي آھي.“

”نالو ٻڌاءِ.“ سليم اخبار ڏسندي چيو.

”پارس.“

سليم ھڪدم ڇرڪ ڀري ڏانھس نھاريو ۽ سامھون بيٺل گھوڙن مان چوٿين نمبر گھوڙيءَ ڏانھن ڏسندي چيائين: ”تون ھاڻي ڇتو ٿيندين. ٽڪي جي گھوڙيءَ تي شرط رکندين، جو ان جو نالو پارس آھي.“

”توکي گھوڙن جي ڪھڙي خبر، اسان ان معاملي ۾ بنيادي آھيون. نھ تھ بھ اسان وٽ پنجاھ گھوڙا آھن طنبيلي ۾.“ ھن سليم کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

”اڙي اھا گھوڙي اڄ تھ ڪانھ ٿي ڊڪي جو ان جي قابليت لڪل ھجي. اھڙيون مرزيل گھوڙيون ڪي ريس کٽنديون.“

”مون کي اھا ئي وڻي ٿي.“

”چڱو گھڻا پئسا ٿو رکين؟“

”جيترا کيسي ۾ ھوندا.“

”ڪيترا پئسا آھن تنھنجي کيسي ۾؟“

”پنج ھزار.“

سليم خار ۾ ڳاڙھو ٿي ويو ۽ پرتي بيٺل پروفيسر جيلاني ۽ ڪئپٽن مسعود کي سڏي چيائين: ”ھي، ھن سنڌ جي مجنوءَ جي ڳالھھ ٻڌو؟“

”ڇو ڇاھي؟“ ھو پڇڻ لڳو.

”ھي خان صاحب چوٿين نمبر گھوڙي تي پنج ھزار ٿو شرط رکي، ان جو نالو پارس آھي.“

”ڪمال ٿو ڪرين.“ ھو کيس چوڻ لڳا.

”توھان کي ڇو ٿو سور ٿئي؟ پئسا توھان جا آھن ڪن منھنجا؟“ ھن کي خار اچي وئي ۽ ھڪدم ونڊو تي پيسا ڏئي ڪوپن وٺي آيو.

جڏھن گھوڙا اسٽارٽنگ پوائنٽ تي بيٺا ھئا، جڏھن ريفري ٺڪاءُ ڪڍي ريس شروع ڪئي ھئي، جڏھن ھرڪو پنھنجي گھوڙي ڏانھن ڏسندي رڙيون ڪري رھيو ھو، تڏھن ھو سرندو ٻاھر پارڪنگ لاٽ وٽ اچي پھتو ھو. ھن کي ڄڻ ڪا دلچسپي ڪانھ ھئي، ڄڻ ھو ائين ئي آيو ھو. ھن ھٿ ۾ مروٽيل ڪوپن ھيٺ اڇلي گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ پارڪنگ لاٽ مان ڪڍي گھر ھليو آيو.

ريس ڪورس تان موٽن بعد، ھو ھيڏانھن ھوڏانھن رلي شام جو گھر موٽيو ھو تھ سندس زبان خشڪيءَ ۾ تارونءَ سان چنبڙي پئي ھئي. ھو دروازا ٻيڪڙي پنھنجي اساٽ ختم ڪرڻ لڳو. جيئن اوندھ پئي ٿيندي وئي، تيئن ھن جي اڃ وڌندي پئي وئي. اوچتو اوچتو ڪنھن جي ”ڪورٽ شو“ جي ڪٽ ڪٽ ھن جا کيپ کڙا ڪري ڇڏيا. ھن اکيون ڦوٽاري ڏٺو تھ ڪو ٿورو پرڀرو بيٺو ھو.

”ڪير آن تون.....؟“ ھن رڙ ڪري اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس ڄنگھن ۾ ڪو ست ڪونھ ھو.“

اوندھ ۾ بيٺل پاڇولي ڪو جواب نھ ڏنو.

”مان، مان ٿو چوان ڪير آن تون؟“ ھن رھندو ڏاڍيان رڙ ڪري چيو.

”رڙيون نھ ڪر.“ ڪوٽ شو جي ڪٽ ڪٽ سندس ويجھو اچي پھتي ۽ ڪنھن ڏڪندڙ آواز ۾ چيو. ”مان.... مان پارس آھيان.“ ھن جي دل کي ڄڻ ڪنھن زور سان مٺ ۾ جھلي قابو ڪيو. ھن جو ساھ اڊڙڻ لڳو. ھن ڪو جواب نھ ڏنو.

پارس وڌي اچي سندس سيني ۾ منھن لڪايو ۽ چوڻ لڳي: ”زلفي مان تنھنجي آھيان، ھميشھ لاءِ تنھنجي آھيان.“

ھوءَ جواب ٻڌڻ لاءِ ٿورو چپ ٿي وئي، پر کيس ڪو جواب نھ ڏيندو ڏسي، ھن ڀاڪر پائي سڏڪا ڀريندي چيو: ”تنھنجيون کوڙ ڳالھيون ٻڌيون ھئم. چون پيا تھ تنھنجو پيار ڇڙو ٻھ ڏينھن ھلندو آھي. ھڪ ڏينھن ھڪ سان تھ ٻئي ڏينھن ٻئي سان. مون کي بھ تو مان ڀؤ ٿيندو ھو تھ متان انھن وانگر مون سان بھ......؟“

ھن کان الائي ڇو وري بھ اکر نھ نڪتو. ھوءَ وري کيس چوڻ لڳي: ”پر اڄ ڪنھن انجام سوچڻ بنا تو ڏي ھلي آئي آھيان. وڻئي تھ ھميشھ لاءِ پنھنجو ڪرين، يا وڻئي تھ شاھده برني ۽ صوفيه وانگر...... جيئن تنھنجي مرضي.“

پوءِ ان وقت زلفي جي اکين جا جھرڻا وھي پيا ۽ کيس زور سان ڀاڪر پائي چوڻ لڳو: ”پارس....... ڊارلنگ، مان توسان شادي ڪندس ھن ھفتي ۾ ئي.“

ڪراچي ڪلب جي رسيپشن ھال ۾، جيڪو رنگ برنگي بتين سان جرڪيو پئي، گھوٽ ۽ ڪنوار پھتا تھ ان موقعي تي آيل بيگمات، جي پنھنجي ڌين کي نئين ماڊل جون ڪاريون ڏيئي سوسائٽي جي وڏي سمنڊ ۾ ڪنڍيءَ وانگر اڇلي ڇڏينديون آھن ۽ پاڻ فشنگ راڊ کي قابو جھلي ويھنديون آھن، گھوٽ کي ڏسي چپ پئي چٽيا ۽ پنھنجن ڪنوارين نياڻين جي بجاءِ ڪنھن ٻيءَ کي ڪنوار جي حيثيت ۾ ڏسي افسوس جا ھٿ پئي مليائون. بيگم برني اسپورٽنگ اسپرٽ ڏيکاريندي، بيگم نياز کي چيو: ”ڪانگريچوليشنس بيگم نياز.“

”ٿئنڪ يو بيگم برني.“ بيگم نياز پنھنجو وڏو وڏو پرس لوڏيندي چوڻ لڳي. ”پر اھو سڄو ڪريڊٽ پارس جو اٿئي.“

”اوھان کي تھ وڏو ڏاج نھ ڏيڻو پيو ھوندو؟“ بيگم برني رشد سان پڇيو. ھن کي خبر ھئي تھ تڙ تڪڙ جي شادين ۽ لو مئريجن ۾ ڪجھھ نھ ڏيڻو پوندو آھي.

”نھ بيگم برني، اھو بھ خدا جو شڪر آھي، نھ تھ اڄڪلھھ اھڙا ڇوڪرا تھ لکن ۾ بھ نٿا ملن.“ بيگم نياز خوش ٿي گھوٽ ڏانھن نھاريو، جو پنھنجي ڪنوار ڏانھن ھر ھر اکيون ٽمڪائي ڏسي رھيو ھو.

”ٻڌون ٿا تھ وڏو امير ماڻھو آھي؟“

”ويري رچ بيگم برني، پنج ڏھ ھزار تھ ھن لاءِ ڪائي ڳالھھ ڪونھن.“

پوءِ جڏھن بيگم نياز ٻين بيگمات سان ڳالھائڻ لڳي تھ بيگم برني پنھنجي ڌيءَ شاھده برني کي، جا ٻن مھينن کان پنھنجي ”پيريڊ“ کسڻ تي پريشان ھئي، وڏيءَ خار ۽ ڏک مان چيو: ”پر افسوس نيلي ڊارلنگ جو تو ۾ اھڙا گٽس ڪونھن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com