سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: نسيم کرل جون ڪھاڻيون

باب: --

صفحو :12

   

زماني جي گردش

جڏھن رئيس قيصر خان نئين آيل مھمان کان، جنھن جا ڪپڙا ميرا ۽ اڌوراڻا ھئا، جنھن جو منھن جھولي ۾ مسافريءَ سبب ڪاراٽجي ويو ھو، جنھن جي پٽڪي جي ڀير، ھلت چلت ۽ ڪٺ ڪميت گھوڙي جي شان اوغان مان سندس معتبرائپ ظاھر ھئي، خلاصا احوال ورتا، تڏھن ھن فھميدن لفظن ۾ چيو: ”رئيس، مان بھ توھان جھڙو ئي زميندار ھوس، پر زماني جي گردش ۾ سبب اچي ھي حال ٿيا آھن. توھان جي در تي لنگھي آيو آھيان تھ پنھنجي شان تي جيڪي سري سگھو – سو ڏيوم، ٻيو توھان جي سر بخت جو خير.“

”توھان جو نالو؟“ رئيس کانئس پڇيو.

”منھنجو نالو؟“ ھو ٿوري دير سوچ ۾ پئجي ويو، پر جلد ئي ھن اکيون ھيٺ ڪري چيو: ”منھنجو نالو واحد بخش آھي.“ رئيس تھ ڪجھھ ڪونھ ڪڇيو، پر سندس ڀرسان ويٺل ڪمدار حاجي غلام علي ڇرڪ ڀري منجيءَ تان ائين کڙو ٿي ويو، جيئن ڪنھن ڪانڌاري ڏينڀوءَ سندس ويھڪ واري جاءِ تي ڏنگ ھنيو ھجي. ھن تڪڙ ۾ پڇيو: ”ڳواحد بخش خان مرزا پور وارو؟“ آيل مھمان واتان اکر ڪونھ ڪڇيو، صرف ڪنڌ لوڏي ھائو ڪيائين. ڪمدار حاجي ٿڌو ساھ ڀري پنھنجيون پوڙيون اکيون کڻي رئيس ڏانھن نھارڻ لڳو. ھن جون اکيون رئيس کي ايلاز ڪري چوڻ لڳيون: رئيس ھھڙي مڙس جي مدد ڪرڻ مرڪ آھي. رئيس بھ ڪمدار جي اکين جو نياپو سھي ڪري، کيسي مان سؤ جو نوٽ ڪڍيو ۽ ڪمدار کي ڏنو، جنھن وري اھو وٺي واحد بخش خان جي کٽ تي رکيو. واحد بخش خان موڪلائي اٿي ويو تھ رئيس ڪمدار کي چيو: ”حاجي، پڪ اٿئي تھ واحد بخش ھو؟“

”سائين، خدا خدا ڪر. ڄٽ ۽ امير ڪوھن کان پڌرو. مون سندس ديھھ بھ ڏٺي آھي، ھينئر ھڪ چوڌريءَ جي ھٿ ۾ آھي. اسان جھڙيون بھ ديھون ٿين ھن جي ديھھ مان.“

”پوءِ اھا حال ڪيئن ٿيس؟“

”ٻڌو نھ، زماني جي گردش.“

پر رئيس جنھن جو مٿو خوءِ سان ڀريل ھو. تنھن کي اھڙي ڳالھھ تي ڪٿي ٿو اعتبار اچي. ھن عجب ۾ پئجي چيو: ”حاجي ھن جي ملڪيت اسان جي کان بھ ٻيڻي ھئي تھ کٽي ڪيئن؟ مان ئي کڻي ٻنھي ھٿن سان لٽيان تھ بھ منھنجي کٽائڻ جي تھ ناھي.“ رئيس پنھنجي خوشامدڙين وانگر چيو، جي ٿوري گھڻي ڳالھھ تي کيس چوندا ھئا: ”رئيس، وڏو رئيس تنھنجي لاءِ ايترو تھ ڇڏي ويو آھي جو تنھنجون ست پيڙھيون ٻيون اڏارن تھ بھ جوکو ناھي.“

حاجي غلام علي جيڪو پراڻي جڳ جو ماڻھو ھو، تنھن کي اھا لاڦ نھ وڻي. ھن فقط ايترو ئي چيو: ”شخر ڪر رئيس، شخر ڪر.“

رئيس قيصر خان جي پيءَ ھن دنيا مان وصال ڪيو تھ اھا ڪھڙي شيءِ ھئي، جنھن جي وٽس کوٽي ھئي. چار پنج سؤ ايڪڙ ڀوري لٽاشي زمين جنھن ۾ ووڻ، وڻن جيترا ڊگھا ٿيندا ھئا ۽ ڪڻڪ چوسري پچندي ھئي، جو ڊگھو ماڻھو ھٿ اڀو ڪري تھ اھو بھ ڏسڻ ۾ نھ اچي. وري ڪڙھ ۾ نظر وجھبي تھ الاجي ڪھڙن ڪھڙن والايتن جا سرخا، ڪميت ۽ سمنڊ پيا اوبرين تي داڻا کائيندا ۽ ٿالھن تي ھاھرون ڪندا، سڀ گھوڙا تصوير جھڙا جو لانگ ورائبي تھ دونالي بندوق جي نرين جھڙيون سنھيون ڄنگھون ڪنن تان پيون ورنديون ۽ شاختون سر ٿي وينديون. وري مال جي واڙي ۾ نظر وجھبي تھ اڀي لمي جون ريشمي کلن واريون گوبران مينھون ۽ ڳئون، ڪي ڪنڍيون تھ ڪي گھنجون. مطلب تھ ھر جنس جا خدا پئدا ڪئي آھي، سا واڙي ۾ ضرور لڀندي. ڏوڪڙ پئسي جي بھ ڪمي ڪانھ، ھڪڙا کٽن ئي ونھ تھ ٻيو فصل تيار ٿي وڃي ۽ وري ڍڳ پئسا پيا اچن. ڪڙمي ڪاري، ڪمدار ڪاراوا، نوڪر چاڪر غريب ايماندار ھمت ڀريا. مطلب تھ سڄي راند رتل ھلٽ ٺھيڪ ٺڪيل، فقط خيال سان ھلائڻ جي دير ھئي. وڏي رئيس بھ مرڻ وقت ننڍي رئيس کي چيو ھو: ”پٽ، سڄو ڍينگو ٺھيڪ ٺڪيل ٿو ڏئي وڃانءِ، رڳو پيو کنگھڪر ڪندي تھ اولو ئي ڪونھيءَ پاڻي پيو رينگدو.“ رئيس قيصر خان پيءُ جي ختمن جماڻڻ بعد جڏھن چؤ طرف اکيون ڦيرايون تھ کيس محسوس ٿيو تھ سندس زمينداري جيتوڻيڪ وڏي ھئي، تھ بھ ڏکو ڪونھ ھوس. پاڙي جا ننڍا وڏا زمينمدا کائن گوءِ کٽي ويا ھئا. حالانڪھ سندس پڙ ڏاڏي ۽ ڏاڏي جي وقت ۾ سڀ زميندار کين ئي سلام ڀريندا ھئا ۽ سندن اھم معاملا ۽ فيصلا وٽن ئي طئي ٿيندا ھئا. ان لحاظ سان چؤ طرفي جو مرڪز ئي ھو ھئا ۽ وڏائپ جو بار مٿن ھو. پر جڏھن سندس پيءُ پڳ ٻڌي تھ پڻس فقيري طبع ۽ ڪنھن جي ٻن ٽن ۾ نھ وڃڻ ڪري سندس اھو ڌاڪو ختم ٿي ويو ھو. ھرڪو پنھنجي خانيءَ خان ٿي ويو ھو. ان عرصي ۾ زماني ترقي ڪئي تھ سڀ زماني آھر پنھنجو قدم وڌائيندا رھيا، پر سندس پيءُ پنھنجي اباڻي ڏاڏاڻي چال ڪانھ ڇڏي. ٻين وٽ مھيني ماسي مختيارڪار، ڊپٽي ۽ ٻيا ڪامورا شڪارن ۽ دعوتن تي پيا ايندا ويندا ھئا ۽ انھن ڪامورن سان رسم راھ ڪري سندن وڏي ھلندي پڄندي ھئي، پر سندس پيءُ وٽ ڇٽي ڇماھي تپيدار ۽ ڪوٽوار کان سواءِ ٻئي ڪنھن ڪاموري جي آمد ڪانھ ھئي. قيصر خان پيءُ جو ان طرف ڌيان ڇڪائيندو ھو، پر پڻس چوندو ھو: ”بابا، اسان جو ڪھڙو ڪم جو ويٺا ڪامورن جون ٽنڊواليون ڪيون. کين ڪاني سان سلام ڪبو تھ سکيو گذاربو.“

پر قيصر خان جنھن جي رڳن ۾ جوانيءَ جو رت ھو، ان کي اھي ڳالھيون نھ اڳ وڻيون ھيون ۽ نھ ھينئر پي وڻيون. ھن جي مرضي ھئي تھ ھڪ ڀيرو اھڙو ڦرڪڻو ڦيرائي جو سندن زمينداري وري سڀني جو مرڪز ٿي وڃي ۽ سڀ معاملا سندس سر تي پئنچي ۾ پيا فيصل ٿين. اھا ڳالھھ ڳڻي ھن پيءُ وانگر پئسي پئسي تي ڳت ڏيڻ بدران زماني آڌار ڏيک ويک تي خرچ ڪرڻ شروع ڪيو. ڪمدار حاجي جڏھن رئيس جي نئين جيپ ۾ چڙھي ٻٽي چڪر ڏنا ۽ رئيس سان گڏ وڏن وڏن ڪامورن کي روبرو دعوتون ڏنيون تھ ھو خوش تھ گھڻو ٿيو، پر تڏھن بھ ھو مھيني ماسي پيو رئيس کي چوندو ھو: ”رئيس! تون ڀلي اھي شوق ڪر، پر پير ھميشھ چادر آھر ڊگھا ڪجانءِ. ائين نھ ٿئي جو سڀان ھٿ چيو نھ ڪرئي ۽ دشمن کلن. ھرڪو چوندو تھ پيءُ جي قدمن تي نھ ھليو، سڄي دنيا فوڪي ڇڏيائين.“ ڪڏھن ڪڏھن تھ رئيس ماٺ ڪري ويندو ھو، پر ڪڏھن ڪڏھن تھ رھڙ بھ ڏئي وٺندو ھوس. ”حاجي توتي ڪھڙي ميار، تون آھين ٻاھتر ۾. دنيا سک لاءِ آ يا رکڻ لاءِ. ڀلا ڪھڙو ابتو خرچ ڪيو اٿم؟“

”سائين جيپ ورتئي پندرھن ھزارن ۾. روز ٿي ڊھي، روز ٿو خرچ ٿئي.“

”تھ تنھنجي مرضي آھي گھوڙن تي چڙھي چٽا ڪرايان.“ رئيس چڙي پيو.

”ڀلا رئيس وڏو بھ تھ ھو.“ ڪمدار حاجي، رئيس وڏي جو زمانو ڏٺو ھو، سو ڪنھن جو مثال ڏي.

”اھو زمانو ٻيو ھو، ھي زمانو ٻيو آ. زماني آھر نھ ھلبو تھ ڪو ليکندو ئي ڪونھ.“ رئيس کيس سمجھائيندو ھو.

ڪمدار حاجي، نوڪر ماڻھو، سيني ساھڻ بدران اھي دليل ٻڌي چپ ٿي ويندو ھو. پر ٻيا نوان نوڪر، جي وڏي رئيس جي فوتي کان پوءِ ھن رکيا ھئا، اھي ڳالھيون ٻڌي رئيس کي چوندا ھئا: ”سائين، انگريز چريا ڪونھ ھئا جو ڪراڙپ ۾ ماڻھن کي پنشن ڏيندا ھئا. مڙئي اڇي ڏاڙھي اٽو خراب. تون اڃا پنھنجي گھرون درؤن پيو خرچ ڪري، ڪنھن کان اڌارو ڪونھ ورتو اٿئي جو کيس فڪر ٿئي.“

سندس خاص نوڪر رجب، جو ساڻس سفر ۾ گڏ ھوندو ھو ۽ ڳوٺ ۾ بھ اٿيءَ ويٺيءَ جو خيال ڪندو ھو، سو وري چوندو ھو: ”رئيس دنيا اھڙي بي پيري اٿئي تھ جيترو چاھيندينس اوترو حرام ٿيندي، پري ڀڄندي. جيترو اڇليندينس اوترو مڙندي ويندءِ. سالڪن چيو ناھي تھ سخي ۽ شوم جو ٻارھين مھيني ليکو پورو.“ ائين پئي گاڏو گڙڪندو آيو.

پھريون سيارو ھجي، ڏينھن جو اونھاري جي پوئين ڏاڏر ۽ راتين جو سياري جون مٺيون مٺيون ٿڌيون. ڪڙمي ڪاري ربيع جي ھرن کان فارغ ۽ خريف جي فصل کڻڻ ۾ بھ ٻھ مھينا دير. زميندار تھ پڪيءَ جا مالڪ، انھن کي تھ مولا جي ذات ڪو فڪر ڏنو ئي ڪونھ آھي. اھا ئي موسم ٿيندي آھي، ٻھراڙيءَ ۾ وھانون ۽ شادين جي. گھوٽ ۽ ڪنوار بھ راضي، ڪاج وارن کي بھ تڪليف ڪانھ ۽ ماڻھو بھ واندا. ھرڪو پيو پري وڃي. انھن ئي ڏينھن ۾ رئيس کي نينڍ آئي ھڪ وھانءُ جي، جنھن زميندار وھانءُ پئي ڪيو، سو رئيس جو دلي دوست ھو ۽ رئيس جي شادي ۽ وڏي رئيس جي فوتي تي سٺو پيري ڀري ويو ھو. رئيس کي بھ اھا اڌاري ڀاڄي لاھڻي ھئي، ان ڪري پنھنجي نوڪرن چاڪرن سميت تيار ٿي مقرر ڏينھن تي وڃي پھتو. ساڏي زمينداربھ ڪونھ گھٽايو ھو ۽ سٺو انتظام ڪيو ھئائين. اميرن معتبرن لاءِ جدا نويڪليون جايون، وڏين ۽ عام خاص راڄ لاءِ جدا لانڍيون ٺھرايون ھيائين. راڳ جي محفل لاءِ بھ ھيرا منڊيءَ جون چونڊ ڳائڻيون گھرايون ھئائين. رئيس ماني کائي ٿانيڪو ٿيو، پر جڏھن بتين ٻرڻ وقت چؤطرف چانڊاڻ ٿي وئي تھ کيس نياپو اچي پھتو تھ راڳ شروع ٿيڻ ۾ ڪا جھٽ پلڪ کن دير ھئي. رئيس بھ ٽپو ڏئي کڙو ٿيو ۽ پنھنجي ٽوليءَ سميت اتي پھتو. اھا جاءِ ھڪ وڏي لانڍي ھئي، جنھن جي فرش تي اوچا گرم غاليچا وڇايل ھئا. چؤ طرف کوڙ ئي زميندار ويٺل ھئا ۽ انھن ۾ سندس دنگئي زميندار فتح خان بھ ڪانڀ ڪڍيون ويٺو ھو. ٻنھي جي ھڪ ٻئي سان ڪانھ پوندي ھئي. ٻني ٻاري، ھاري ناري ۽ ٻڌيءَ ڇوڙيءَ تي سندن جھيڙا پيا ھلندا ھئا. ٻنھي جا ڪمدار ڪاراوا بھ جھيڙي ٽارڻ بدران پنھنجي مالڪن کي ڪا نھ ڪا شڪايت ڪري ٻرندڙ باھ ۾ چوچڙي وجھي پيا بڀڙ مچائيندا ھئا. حقيقت ۾ پھريون پھريون سندن منھن ٿلھا ان ڪري ئي ٿيا ھئا، جو قيصر خان پنھنجو وڃايل اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، جو سندس پڙ – ڏاڏي ۽ ڏاڏي کان پوءِ فتح خان وارن کي حاصل ھو. ٻنھي ٻاھرين ٻني قائم رکڻ لاءِ ھڪ ٻئي سان کيڪر تھ ڪئي، پر اھي قربائتا ۽ مٺا لفظ اھڙي طرح ادا ٿيا جو ڄڻ زھر مان – جو ٻنھي جي دلين ۾ ھو – ٻڏي نڪتا. ٻئي کيڪر ڪري پنھنجي پنھنجي ٻاري ٺاھي جدا ويھي رھيا. ماڻھن جي انبوھ سبب چوٻول متو ھو. ڪنھن ڪھڙي ڳالھھ پئي ڪئي تھ ڪنھن ڪھڙي ڳالھھ، اوچتو سڀ سسڪا پسڪا بند ٿي ويا. رئيس، جنھن پاسي ۾ ويٺل ھڪ زميندار کي تازي شڪار جو احوال پئي ٻڌايو، تنھن اھڙي چپ ڏسي ڪنڌ جو مٿ کنيو تھ ھڪ ٻانھين ڳائڻيون اچي ويٺيون ھيون ۽ سندن استادن ڪپڙن ۾ ٻڌل ھارمونيون ۽ ٻيا ساز پئي کوليا. سڀ سدا ملوڪان انگ انگ ٻھڪندڙ پر ھڪ ڪنڊ ۾ ھلڪي پيلي ساٽن جي سوٽ ۾، انھن سڀني جو نڪ ويٺي ھئي ۽ انھن سڀني جي قد بت، رنگ روپ جي لحاظ کان اھڙي پئي ڏک ڏنائين، جيئن عام ڪڻڪ جي ٻاري ۾ ڪونج ڪڻڪ جو سلو. مڪائي جھڙو سونھري رنگ، ڊگھي ڊگھي ڳچي، سنھڙو نڪ ۽ اڻ پيل سوني بولڙي، جنھن ۾ سچو موتي جرڪيو پئي. رئيس قيصر خان تھ ڏسندي ئي سڪ ٿي ويو ۽ سندس ڪاري ڀونئر جھڙي مٿي کان ڀورن باھ جھڙن پيرن تائين ڍو سان ڏسي وري پئي منڍ کان شروع ڪيائين. سندس اکيون اوستائين نھ ھٽيون، جيستائين ھن کيس جوھ پائيندو ڏسي ڪنڌ ڦيرايو ۽ ٻئي سان ڳالھائڻ لڳي. رئيس لاچار ڪنڌ ڦيرايو تھ فتح خان بھ ساڳيءَ ۾ جوھ وجھيون ويٺو ھو. رئيس جي منھن ۾ سونڊ پئجي ويو ۽ اھو سونڊ تڏھن لٿو، جڏھن ڏوڪڙين وڄت شروع ڪئي ۽ سازن آواز ڪڍيا. پھرين ھڪڙيءَ ڳايو، سڀني پئسا ڏنا. اھا ڳائي وڃي ويٺي تھ ٻي اٿي. ان بھ پنھنجو پاڻ چڱيءَ طرح موکيو. ان بس ڪئي تھ پوءِ ”ھن“ ۾ چرپر ٿي ۽ ھوءَ آرس ڀڃندي، رئي کي سيني تي ٺاھيندي، اٿي کڙي ٿي. چؤ طرف سانت ٿي ويئي. ھرڪو تڪڻ لڳو تھ ان بلور جھڙي شفاف ڳچي ۽ سھڻن چپن مان ڪھڙو ٿو آواز نڪري؟ رئيس کي ان وچ ۾ وري وارو اچي ويو ۽ ھو کيس نئين سر جاچڻ لڳو. سندس سوڙھي سوڙھي قميص ۾ ڦاٿل سيني کي، سندس سنھي چيلھھ کي ۽ سندس موڪرن موڪرن ٻوندڻن کي، ننڍن ننڍن ڀورن پيرن کي ۽ انھن جي رنگ لڳل ننھن کي جي ڀوراڻ کي وڌيڪ جرڪائي رھيا ھئا. ھن ظالم بھ آلاپ ڪري رئيس وري ٻانھين ڏانھن منھن ڪري جو سرائڪي ڪافي ”ڪھڙا حال سڻاوان دل دا، ڪوئي محرم راز نھ ملدا“ شروع ڪئي تھ رئيس تھ رھندو لوھن ڪڙن ۾ قابو ٿي ويو ۽ ڏانھس اکين ڇنڀڻ بنان يڪ ٽڪ نھارڻ لڳو. ھڪ مصرع ٿيو، ٻيو مصرع ٿيو، پر رئيس ڏانھس فقط نھاريندو ئي رھيو. اوچتو فتح خان پنھنجي ٻانھين کان رڙ ڪئي: ”ڪھڙن بي قدرن جي پاسي پئي ڳائين ٻائي، ھيڏي آءُ تھ تنھنجي ھڪ ھڪ مصرع تي نوٽ گھوريان.“ ائين چئي فتح خان ڏھين ڏھين جا پنج نوٽ تاس جي پتن وانگر جھليا. چؤ طرف ٽھڪڙو مچي ويو. ھوءَ بھ ڦيرو پائي وڃي فتح خان اڳيان گوڏو ڀڃي ويٺي ۽ دستور موجب کيس مصرع ٻڌائڻ لڳي. رئيس قيصر خان جي منھن ۾ سڄي بدن جو رت وري ويو ۽ ھن جو منھن ڳاڙھو ٿي ويو. ھن ڪرڙي اک سان پويان ويٺل پنھنجي نوڪر رجب ڏانھن نھاريو، جنھن پاڻ اھو مذڪور ڏسي ڏند پئي ڪرٽيا. ھن رئيس کي چيو: ”فتح خان ملھھ ھڻي ويو رئيس.“

”ھون، پوءِ؟“ رئيس خار ۾ ڀڻڪيو.

”پوءِ ڇا، رکيو نالو پٽ جو بھ چڱو ناھي.“

”گھڻا ڏوڪڙ آھن ٻٽون ۾؟“

”ٻھ ھزار تھ خوشي سان ٿيندا.“ ائين چئي رجب چمڙي جو ٻٽون کڻي اڳيان رکيو.

”انھن مان ڪھڙي پورت پوندي، اڏام وڃي پئسا کڻي آءُ جيپ تي.“

ھوڏانھن فتح خان پنجاھ ڪڍيون ويٺو ھو تھ رئيس سو جو نوٽ ڪڍيو. ھوءَ مشڪندي اچي وٽس ويٺي. ٻنھي طرفن کان نوٽن جا سرڙاٽ ٿيڻ لڳا. ٻنھي کي اچي پنھنجي عزت جي لڳي، جيڪو گھٽ ٿئي سو لوج لڄا کڻي ۽ راڄن ۾ بدنام ٿئي. مصرع مصرع تي رقم وڌندي رھي. جڏھن رئيس جو نوڪر پئسا کڻي موٽيو تھ مصرع مصرع تي ٻھ سؤ روپيا ٿي ويا ھئا. رجب وٽس پھچي چيو: ”نھ گھٻرائجانءِ، کوڙ پئسا آندا اٿم.“

”گھڻا آھن؟“

”پنج ھزار.“

”ھاڻي ٺيڪ آ.“ رئيس بالم ٿي ويھي رھيو ۽ پوءِ تھ اکيون ٻوٽي ڏيڻ لڳو. ڳائڻيءَ بھ سنڌ جي رئيس جي ھاٺ ڏسي، اوستائين بس نھ ڪئي، جيستائين سندس نڙي پڙ نھ ڪڍي بيٺي. پوءِ جڏھن سندس وس نھ ھليو، تڏھن نوڙندي ناز ڪندي وڃي پنھنجي جاءِ تي ويٺي. رجب رئيس اڳيان پيل پئسا سنڀاليا تھ ڪو ھزار ڏيڍ وڃي بچيو ھو، ٻيو ڪل پيران دا خير. اڌ رات مھل جڏھن ھرڪو نويڪلي جاءِ ۾ آرامي ٿيو تھ رئيس رجب کي چيو: ”رجب، منھنجو ڪو بلو ڪر، نھ تھ مرانءَ ٿو.“

”ڇو، خير تھ آ سائين؟“

”اڃا خير ٿو پڇين!“ رئيس ٿڌو ساھ ڀريندي چيو. رئيس جي ڳالھھ سمجھي، رجب ڏند ٽيڙي کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو: ”پرائو وھانءُ، ھتي ڪا ڳالھھ ٺھندي! باقي صبر ڪر. ھڪوار سندس جھوليءَ ۾ ننڊ نھ ڪرائيمانءِ تھ منھنجو نالو ڦيرائي پاڻ واري ڪاري ڪتي تي رکجانءِ.“

رئيس، جنھن کي رجب جي قابليت تي ڀروسو ھو، سو اھا دلجاءِ ٻڌي ٿوري دير ۾ کونگھرا ھڻڻ لڳو. ٺپ – ٺپ – ٺپ رجب جي زورن تي رئيس اکيون کوليون تھ ڏينھن مٿي چڙھي آيو ھو. ٿوري دير ھيڏانھن ھوڏانھن پاسا ورائي رئيس آرس ڀڃي اٿي کڙو ٿيو. ٿڪ اڇلي رجب کان پڇيائين:

”ڪھڙو حال آ؟“

”سڀ خير آ.“

”ھوڏانھن ويو ھئين؟“

”اٿڻ سان ويو ھوس. ھاڻي موٽيو ھان.“

”ڇا چيائون؟“

”چون ڇا، پھريون تھ اھي بھانا ۽ نمونا تھ اسان اھو ڪم نھ ڪندا آھيون، پر مان جو ٻڌايون مان ٽسريون تھ اوھان واقعي تاڃي پيٽي پٽ آھيو ۽ مصلي تي نماز پڙھندا آھيو تھ شڪي ٿي چوڻ لڳا: رئيس جي دل ڪنھن تي آھي؟“

”پوءِ ڇا چيوني؟“

”چيومان تھ ڪمال ٿا ڪريو، سڄي رات ڪوھياري ٻڌو، وري ٿا چئو ڪوھياري ٻڌاءِ. اوھان وٽ الماس بولڙي واريءَ کان سواءِ ڪھڙي آھي رئيس جي ھنڊائڻ جھڙي.“

رئيس کلڻ لڳو ۽ رجب کي شابس ڏيندي چيائين: ”واھ ڙي رجب واھ!“

”سائين الماس جو ذڪر ٻڌي ڇرڪي ويا. چيائون: ھوءَ اڃا ننڍي آھي ۽ سندس نٿ بھ ڪانھي لٿل.“

”مان چيومان تھ رئيس نٿ لاھيندس.“ رجب ايترو چئي وري چوڻ لڳو: ”سائين ٻي ڳالھھ تھ ٻڌ.“

”ٻڌاءِ.“

”الماس اڃا ڪنواري اٿئي، جڏھن ڪو جوان ماڻيندس، تڏھن اھا نٿ لھندس.“

”ھان!“ رئيس عجب ۾ پئجي ويو ۽ وري تصور ڪري مشڪڻ لڳو.

رجب وري ڇڏيل ڳالھھ کي اتان ئي شروع ڪيو: ”سائين ھو تيار تھ آھن، پر چون ٿا تھ پھريون رئيس کي نٿ لاھڻ جي رقم ڏيڻي پوندي. گھٽ ۾ گھٽ ويھھ ھزار، پوءِ ماھوار خرچ، بنگلو، ساز سامان، نوڪر چاڪر سڀ ڏيڻا پوندس، جي دل جھلي تھ ھليو اچي لاھور.“

رئيس اھي ڳاٽي ڀڳا خرچ ٻڌي سسي ويو ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري سوچڻ لڳو. اتي رجب ٻيو جم ڇوڙيو: ”سائين، ھن حرامي فتح خان بھ پنھنجو چاري ڇڏيو آھي.“

”ھان!“ رئيس کان ڇرڪ نڪري ويو.

”ھا سائين، صبح جو وڃان تھ قادو پيو ڌوڪڙين سان ٽھڪڙا ڏئي ۽ سسڪا پسڪا ڪري. مون کي ڏسي ھليو تھ ويو، پر جڏھن ڳالھائي موٽيس تھ وري مليو. مڇون وٽيندي چيائين: بابا ملھھ جي شيءِ آھي، اتي واڪ ھلندا.“

رئيس جو ڪنڌ سيني سان لڳي ويو. رجب ٿوري دير ڏانھس تڪي چوڻ لڳو: ”منھنجي ڳالھھ مڃين رئيس تھ ان ڳالھھ کان پاسو ڪري لنگھھ. انھن ماڻھن کي محبت جو ڪھڙو قدر، کين تھ رڳو روڪڙ جام گھرجي، ڀلي فتح خان جو ئي ڀت گھاٽو ٿئي.“

رجب کيس نيڪ صلاح ڏني. رئيس، جيڪو فتح خان جو نالو ٻڌي سڙي ويو ھو، تنھن اھا ڳالھھ ڪٿي پئي مڃي. ھن ڪڙڪيدار آواز ۾ رجب کي چيو: ”وڃي کين چؤ تھ اسين ان ڳالھھ ۾ ٻڌل آھيون ۽ ھڪ ھفتي اندر وٽن پھچي وينداسون.“

لاھور جي تياري ڪندي رئيس گھر سنڀاليو تھ روڪ پئسو تھ نالي ڪاڻ ڪونھ بچيو ھو. وڏي رئيس جي فوتيءَ بعد خرچ وڌي ويا ھئا ۽ ھن ھن ۾ پيو خرچ ٿيندو ھو. شڪار، دعوتون، جيپون، اليڪشن ۽ پئٽرول تھ سڀ اتان نڪتا ھئا، پر ٽن راتين جي راڳ بھ کيس چڱي چوٽ ڏني ھئي. ان مسئلي بابت ڪمدار حاجيءَ سان تھ صلاح ڪرڻي ڪانھ ھئي، جو ھو ڌاڙ گھوڙا ڪندي چوي ھا: ”ڏٺئي رئيس، چوندو ھومانءِ تھ چادر آھر پير ڊگھا ڪجانءِ.“ سو رجب کان وڌيڪ ڪير ھڏ ڏوکي ھو. رجب کي گھرائي سڄي ڳالھھ سمجھايائين. رجب ٻھ ٽي منٽ سوچي چيو: ”سائين ڦٽين جو فصل لھڻ تي آھي. سيٺ سان اڳواٽ ٻول ڪبي تھ ڏوڪڙ جام ٿي پوندا. باقي اگھھ ٿورو گھٽ مليو تھ ڪھڙي ڳالھھ، شيءِ پنھنجي آھي.“

”ائين تھ کڻي ڪيون، پر پورت ڪيئن پوندي؟“ رئيس دل ۾ حساب ڪندي چيو.

رجب وري ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو ۽ ڳپل مھل کان پوءِ چيائين: ”سائين اوھان کي ھاڻي خير سان جيپ آھي، ھينئر ايترن گھوڙن جي ڪھڙي ضرورت آ؟ چڙھو بھ ڇٽي ڇماھي ٿا، بيٺي بيٺي پير کاري ويندا. ھزار ڏيڍ ۾ تھ ھڪ ھڪ وھٽ ويندو گھٽ ۾ گھٽ.“ ايترو چئي رجب، رئيس ڏانھن نھاريو. ھن رئيس جو ردعمل پئي جاچڻ گھريو. رئيس کي غور سان ٻڌندي ڏسي، ھن وري چيو: ”مينھون بھ کوڙ بيٺيون آھن. پورو سايو بھ ڪونھ ٿو ٿئي، کير لاءِ چار ڪافي آھن.“

رئيس رجب جي صلاح ٻڌي ٻھڪڻ لڳو ۽ ڪمدار حاجيءَ کي گھرائي اھو حڪم ڏنائين. ھو اھو حڪم ٻڌي وائڙو ٿي ويو: ”رئيس وھٽ ۽ مال تھ زميندارن جو ڀاڳ آھن، پنھنجو ڀاڳ ٿو وڃائين!“

رئيس تڪڙو پوڻ بجاءِ کيس ٿڌي سيني سان سمجھائڻ لڳو: ”حاجي، گھوڙن تي چڙھان ڪونھ، بيٺي بيٺي پير کاري ويندا. مينھون بھ اجايو کوڙ بيٺيون آھن.“

پر ڪمدار حاجي، جو ننڍي رئيس جي ھڪ ھڪ وک کي وڏي رئيس جي ڳالھھ سان ڀيٽيندو ھو، تنھن کي اھا ڳالھھ وڏي رئيس جي ”سنت“ کان ابتڙ لڳي، سو ھو چوڻ لڳو: ”رئيس وڏو بھ پڇاڙيءَ ۾ اٺن تي چڙھندو ھو، پر دل ۾ اھو خيال بھ نھ آندائين تھ ڪو فلاڻو يا فلاڻو وھٽ وڪڻي ڇڏيو. رھندو ڇٽي ڇماھي پيو چوندو ھو: ڪمدار، جو ڀلو گھوڙو نظر ۾ ھجي تھ ٻڌائجانءِ.“ رئيس حاجي جي ڳالھھ ٻڌي تپي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”توکي سؤ ڀيرا سمجھايو اٿم تھ اھو زمانو ٻيو ھو، ھي زمانو ٻيو آ.“

ڪمدار حاجي دڙڪو ٻڌي ماٺ ڪري ڏانھس نھارڻ لڳو. رئيس وري حڪم دھرايو:

”سواءِ سمنڊ جي ٻيا سڀ وھٽ وڪڻي ڇڏ. مينھون بھ ڇڙيون چار جھل، ٻيون تين واڪ ڪر.“ ائين چئي رئيس ٻئي طرف نھارڻ لڳو.

جڏھن رئيس سڀ سامان موجود ڪري لاھور پھتو تھ الماس جو واڪ چڙھي ويو ھو. استاد بندو خان، جنھن رجب سان ڳالھايو ھو ۽ پڪ پڪان ڪئي ھئي، تنھن پنھنجي لاچاري سمجھائيندي چيو: ”مان ڇا ڪيان، ٽيون ڏينھن ھتي فتح خان اچي پھتو ھو. ھن چيو تھ مان رئيس کان پنج ھزار مٿي ڏيندس ۽ بنگلو بھ مسواڙ تي وٺڻ بدران خريد ڪري الماس کي لکي ڏيندس. الماس جي ماءُ جي تھ گگ ڳڙي پئي، پر شابس آھي الماس کي، جنھن ماءُ کي صاف جواب ڏنو. مانس کيس گھڻو سمجھايو تھ رئيس، فتح خان کان وڌيڪ پئسا ڪونھ ڏيندو، پر ھن ماءُ کي پڪ ڏني تھ جي وڌيڪ نھ ڏيندو تھ گھٽ بھ نھ ڏيندو. رئيس جا پھريون تھ ڇھھ ڇڄي پيا، پر الماس جي قرباني ٻڌي ٺري پيو. وڌيل واڪ جي کيس گھڻي ڳڻتي ڪانھ ٿي. گپ ۾ گھڙڻ کان پوءِ ڦھنگن کان ڪھڙو ڊڄڻ. رئيس استاد کي چيو: ”ٺيڪ آ، مون کي سڀ شرط منظور آھن. باقي اھا ڳالھھ کليل اٿو تھ مان کيس ڌنڌو ڪرڻ نھ ڏيندس.“

”ھا، اھا ڳالھھ تھ ظاھر آ، اوھان جھڙا خاندان ڪٿي سھندا.“

”نھ، پھريون ڳالھائڻ ٺيڪ آ، پوءِ ڪو ڪروڌ نھ پوي.“

”بس اوھان بنگلو خريد ڪيو تھ پوءِ دير ڪانھي.“ ستت ئي ٻن ٽن ڏينھن ۾ بنگلو خريد ٿيو تھ الماس بھ سينگاري رئيس جي حوالي ڪئي وئي. رئيس خوشيءَ ۾ پر ٿي ويو، جو ھن بھ ھن وقت تائين ڳوٺاڻيون ساديون سوديون، ميريون، گدليون زائفون ڏٺيون ھيون، جي ھٿ وجھڻ تي کجيءَ جي تڏي وانگر وڇائجي وينديون ھيون، پر ان جي بدران جڏھن ھن الماس جي ڳاڙھن ڳلن، ڊگھين ڊگھين پلڪن ۽ ھرڻيءَ جھڙي اکين کي ڏٺو تھ ھو بھار بھار ٿي ويو. ويتر جڏھن الماس پنھنجي گھنگرن جھڙي آواز ۾ کيس پنھنجي محبت جو يقين ڏياريو ۽ کيس وعدو ڏنو تھ ڇھن اٺن مھينن کان پوءِ ھوءَ ساڻس ڳوٺ ھلي رھندي تھ رئيس کي پنھنجا سمورا خرچ سجايا لڳا. صبح جو جڏھن رجب مشڪندي کانئس احوال ورتو تھ رئيس ٿڌا ساھ ڀريندي چيو: ”رجب، مان الائي ڪيئن ٻاھر آيو آھيان، نھ تھ دل نٿي گھري تھ ڪو ٻاھر اچان، مون کي تھ چريو ڪري ڇڏيو اٿائين.“

مھيني ڏيڍ کان پوءِ رئيس، رجب کي حڪم ڏنو تھ ڪيئن بھ ڪري، موديءَ کان پئسا وٺي اچي. رجب حيران ٿي پڇيو: ”ڇو، ڇا ڪندؤ سائين؟“

”رجب، کيس ٻٽي زيور ٺھرائي ڏيڻا آھن. زيورن کان سواءِ ٻسي آھي.“

”پر توھان جو ڪھڙو ڪم!“

”ڇا ڪيان رجب، کيس انڪار ڪندس تھ روئي روئي منھن سڄائيندي، پرچانيءَ ۾ وري وڌيڪ ڏيڻو پوندو.“

”پر سائين، ايترو خرچ تھ ٺيڪ ڪونھي.“

”پر جتي درياھ ٽپي ويا آھيون، اتي اڏ تي ڪھڙو بيھون. گھٻراءِ نھ. سڀ خرچ سجايا ٿيندا.“ رئيس الماس واري واعدي ڏانھن اشارو ڪندي چيو.

رجب حڪم جو بندو، انھيءَ ڏينھن ھليو ويو ۽ ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ پئسن آڻڻ بدران خود سيٺ خدا بخش ميمڻ کي وٺي اچي نڪتو. سيٺ ھٿ ٻڌي چيو: ”سائين، مان اوھان جو نيمڪ خوار آھيان، پر اھڙو تونگر ڪونھ آھيان، جو لک پيا ھجن. ووڻن وارا پئسا بھ پٽ سٽ ڪري ڏنا ھئم، رھندو ووڻ بھ مليا گھٽ. اليڪشن وارا بھ پندرھن ھزار اڃا بيٺا آھن.“

”ڪيئن سيٺ، حساب ڪر.“

سيٺ بندي کولي: ”سائين ھي ڏسو، پنجاھ ھزار ورتو، ٻھ ھزار مڻ ٻوليو، پنجويھن جي اگھھ سان، ڏنو ھڪ ھزار مڻ. اگھھ ھينئر ووڻ لھن چاليھھ روپيا، چاليھھ ھزار ٿيا نھ. اوھان ڏانھن اليڪشن وارا پندرھن گڏيو تھ ٿيندا پنجونجاھ ھزار.“

حاضر سيٺ ڏينداسين، پر ھينئر تھ ڏھاڪو ھزار کن ڏيار.“ ”سائين ڪاڏھون ڏيان؟ جي بينڪ مان ٿو وٺي ڏيان تھ وياج ڳاٽي ڀڳو پوندو. ايتري رقم ڪڻڪ مان ڪٿي لھندي، نر فصل تھ اھو ووڻن جو ھو.“

”پوءِ ائين ڪنداسين تھ جيڪي پئسا ڪڻڪ ۾ لٿا، نھ تھ وري آئيندي واري ووڻن ۾.“

”نھ سائين، اتي منھنجي پوري ڪين پوندي.“

اتي رجب، رئيس کي ٻاھر ڪڍي سمجھايو تھ سيٺ خدا بخش تھ پئسن ڏيڻ لاءِ تيار ھو، پر کيس پڪ ڪانھ ٿي ھئي. لاشڪ تھ ڀؤ اٿس تھ پئسا نھ مارجي وڃن. رئيس رجب جي ڳالھھ دل سان ھنڊائي تھ برابر لڳي. ھن رجب کان صلاح گھري: ”پوءِ ڇا ڪيون؟“

”بس سيٺ کي پڪ لاءِ ڪو دستاويز لکي ڏيو.“ رجب کيس سمجھائيندي چيو.

رئيس ڳالھھ سوچي سيٺ کي چيو: ”سيٺ ھاڻي واٽ ٿو ڏيانءِ. تون ٽوٽل رقم جو جوڙ ٺاھي مون کان شرطي وڪري جو دستاويز لکي وٺ، جي ان مدت ۾ پئسا نھ ڏنامانءِ تھ منھنجي زمين ڇٽي، بس نھ.“

”سدائين، خدا خدا ڪر. زمين الله اوھان کي اڃا بھ سرس ڏئي جو تنھنجي پگھر مان پيا کائون. اسان واپارين جو زمين سان ڪھڙو واسطو، اسين رڳو موڙيءَ جي سلامتي ڏسندا آھيون. جي اوھان دستاويز لکي ڏيندؤ تھ مان بھ پٽ سٽ ڪري اوھان جو ڳھو چاڙھيندس، پر سائين شرطي ٽڪرن جي پئدا ڪير کڻندو؟“

”مان، تنھنجو ڪم پئسن سان.“

”سائين، اتي منھنجي پوري ڪيئن پوندي؟ گھر مان سڀ پئسا ڪڍي ڏيان تھ منھنجو واپار وڙو ڪيئن ھلندو، ڌنڌو، ڪارپت ڪيئن وڃائيندس؟“

رئيس سن ۾ پئجي ويو. پر ٿوري دير ۾ ھن ڳالھھ ڳڻي تھ جي فصل لھڻ کان اڳ ھن بئنڪ مان يا سرڪار مان تقاوي وٺي سيٺ کي پئسا واپس ڪيا تھ پوءِ سيٺ جو فصل تي ڪو حق نھ رھندو، جو اھو شرطي وڪري جو دستور ھو. ھن سيٺ کي چيو: ”چڱو سيٺ، تنھنجو ئي ڀت گھاٽو. انھن ٽڪرن جي پئدائش تون ئي کڻجانءِ، پر جنھن مھل توکي پئسا مليا، ان مھل تنھنجي حقداري ڇٽي.“

”ھا سائين، پر منھنجا پئسا نھ مارجو.“ سيٺ رئيس جي پيرن تي ڪري پيو.

”نھ سيٺ، تون دلجاءِ ڪر، توسان ورھن جو وھنوار آ.“

سيٺ حساب ڪتاب ٺاھي رئيس کي ڏنو. رئيس ڏانھن ڪل رقم ٿي پنجھٺ ھزار. رئيس ٻھ سؤ ايڪڙ شرطي وڪرو ڪري سيٺ کي ڏني، پر سيٺ کي ويندي چيائين: ”سيٺ، ھن ڳالھھ جي خبر ڪنھن کي نھ پوي، نھ تھ پوءِ ڪونھ ٺھنداسون.“ رئيس کي اچي پنھنجي عزت جو فڪر ورايو.

”ڪھڙيون ٿو ڳالھيون ڪرين سائين، اسان واپارين جي دل تھ کوھن جھڙي اونھي ٿيندي آھي.“

رئيس کي ڳوٺ ڇڏي ڇھھ مھينا گذريا ويا، ان وچ ۾ ھن پويان جي ڪا سار سنڀال ڪانھ لڌي، وچ واڙيءَ ڳوٺان خط پئي آيا. ھڪڙي خط ۾ ڪمدار حاجيءَ فصلن جي گھٽ ٿيڻ جو لکيو ھو تھ پندرھن ڏينھن کان پوءِ ٻئي خط ۾ خود ڪمدار حاجي جي وفات جو ذڪر ڪو. رئيس ويو ڪونھ، باقي ڪمدار جو کيس ڏک ٿيو. سڄو ڏينھن پئي رجب سان ڪمدار جون ڳالھيون ڪيائين: ”رجب، حاجي مڙس ڀلوڙ ھو. اسان سان چڱا ڳن ڏنائين.“

”ھا سائين، اھڙا خيرخواھ ڪٿي لڀندا.“ رجب بھ ھا ۾ ھا ملائيندي چيو.

رجب کي تھ حاجيءَ جو ڏک ٿيو ھو يا نھ ٿيو ھو، پر ڳوٺ کان ايترا ڏينھن پري رھي ڪڪ ٿي پيو ھو، ان ڪري رئيس کي چيائين: ”سائين، ھن موقعي تي ھلڻو ضرور آھي.“

پر رئيس ڳالھھ نٽائي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”ھينئر ھلي ڇا ڪيون، ھلجي ھا تھ بروقت. ھتي بھ الماس کي اڪيلو ڪيئن ڇڏي ھلبو. گھوڙا ۽ زالون ران سان نھ ھونديون تھ ڪو سڌو ھلنديون.“ اتي تھ رجب ماٺ ڪئي، پر ھڪ ڏينھن رئيس کي زال جي بيماريءَ جو خط پھتو تھ ڳوٺ جي تياريءَ کان سواءِ ڪو چارو نھ ھو. ڳوٺان لکيو ھئائونس تھ جي زال جو منھن ڏسڻو ھجيس تھ خط کي تار سمجھي. رئيس بھ نھ وڃي تھ لوڪ ڇا چوندو. زال سڳي سوٽ، جنھن سان ھن شوقون لائون ڏنيون ھيون، جا پوئتان سندس منڊل کي ٺاھيو ٺڪيو ويٺي ھئي. الماس بھ اھو ٻڌي کيس چيو: ”توکي ضرور وڃڻ گھرجي، ھي وقت دير جو ناھي.“

”تون ڪڏھن ھلندينءَ؟ وعدو پاڙ نھ!“

”تون موٽي آ تھ ھلنداسين.“ الماس کيس پڪ ڏني. پر رئيس اڄ سڀان تياريون ڪندي جڏھن ڳوٺ پھتو تھ جوڻس قبرستان ۾ پورجي چڪي ھئي ۽ پوئتان سندس ڳالھيون ھيون تھ ڪيئن ھن آخري وقت تائين سندس انتظار ڪيو ۽ ڳوڙھا ڳاڙيندي دم ڏنائين. رئيس ماٺ ميٺ ۾ زال جا ختما جماڻ ڪري، پوک پلاه ۽ راڄ ڀاڳ ڏانھن نظر ڦيرائي ڏٺائين تھ پوئتان اوندھ ٿي وئي ھئي. ڪمدار حاجي کان پوءِ ھرڪو مڇ ٿي ويو ھو. جنھن کي جتان پئي وارو لڳو، تنھن اتان پئي کاڌو. پنھنجي سمجھھ آھر مناسب انتظام ڪري جڏھن ھن وري لاھور جي تياري ڪئي تھ جيئن الماس کي پاڻ سان وٺيو اچي، تھ سندس نوڪر حيات، جنھن کي الماس جي سار سنڀال لاءِ ڇڏي آيو ھو، ڦيلھڙو منھن ڪري اچي واپس نڪتو. رئيس کي چيائين:

”اوڏانھن ھلڻ جو ڪو ضرور ڪونھي رئيس!“

”ڇو ڙي؟“

اتي ھيڏيون اکيون ڦوٽاريو ويٺا آھن. چون ٿا تھ: ”ڪو رئيس الماس کي خريد تھ نھ ڪيو آھي.“

”باقي اھو بنگلو، ٽپڙ ٽاڙي، ڏاڏانھن جا آھن!“

”ھو – ھو چون ٿا، بنگلو اسان جو، ٽپر اسان جا. رئيس ٻن ٽن ڏينھن جو مھمان ھو، ھاڻي ٻيو در جاچي.“

”ائين ٿيندو جو پڻھين جي بادشاھي آ.“

پر جڏھن رئيس اتي پھتو تھ ڏٺائين تھ واقعي حيات جي ڳالھھ سورنھن آنا سچي ھئي. استاد بندو ۽ ٻيا سازندا، جيڪي سندس پيرن تي پيا ھوندا ھئا، سي شينھن بڻيا ويٺا ھئا. الماس جي ماءُ تھ ٻري پئي. پيڪدان ۾ پڪ اڇلي ھن ھٿ نچائيندي چيو: ”رئيس، اڄ نڪاح ٻڌين تي وس نٿو ھلي، ھتي تھ قرب جو معاملو ھو. اشراف ٿئين تھ واپس موٽي وڃ.“

”واپس ڪيئن ويندس؟ ھتي سر جون سٽون آھن يا توھان ھوندؤ يا مان.“ رئيس ڏاڏر ڪئي.

”ھل ھل، اعڙا رعب ڳوٺ ۾ ھارين تھ ڏيکاريا اٿئي. جي اشرافت سان نڪرندين تھ پوءِ.....“ الماس جي ماءُ ٻن ٿلھن متارن مڪرانين ڏانھن اشارو ڪيو، جي ماڙن سانن وانگر پئي گھميا.“

”چڱو ڀلا، مون کي ھڪ ڀيرو الماس سان ٻھ منٽ ڳالھراءِ، پوءِ مان ھليو ويندس.“ رئيس ھيٺائين ڪئي. ھن جي خيال ۾ الماس ڪنھن ڪوٺيءَ ۾ بند پئي ھوندي ۽ ھن لاءِ روئي روئي اکيون سڄائي ڇڏيون ھوندائين. کيس ڏسي ھوءَ چنبڙي پوندي ۽ اتان ڪڍي ھلڻ لاءِ ايلاز ڪندي. ھن کوڙ اھڙا مامرا ھٿن مان ڪڍيا ھئا تھ جنھن پاسي زائفان ھوندي ھئي، اھو پاسو چڙھتو ھوندو ھو، پر الماس جي ماءُ رئيس جي دل جي ڀير تي زور سان ڏونڪو ھڻندي چيو: ”اھا ھتي ڪانھي، رئيس فتح خان سان گھمڻ وئي آھي.“

رئيس جون اکيون اھو ٻڌي رت ڇڏڻ لڳيون. سندس سمورو بت ڏڪڻ لڳو. ھن جو ھڪ ھٿ چيلھھ ۾ ٻڌل ريوالور ڏانھن ويو، پر رجب کيس ھٿ کان گھليندو ٻاھر وٺي ويو. کيس ٻانھون ٻڌي چيائين: ”ايترو اٻھرو نھ ٿي رئيس.“

”اڃا اٻھرو نھ ٿيان. ھنن پوءِ ڪاڻ ڇڏي آھي؟“

”ھنن جو ڪھڙو قصور، ھي تھ پئسي جا پٽ آھن. مون کي باھ ھن حرامي فتح خان تھي آھي، جنھن کي شرم ٿيو نھ حياءُ، پرائي چڪاڻل مڇي بھ ڪانھ وٺبي آھي، ھي تھ زائفان ماڻھو ھو.“ رجب کيس سمجھائيندي چيو.

ڳوٺ موٽندي رئيس کان ننڊ آرام وسري ويو. سڄي واٽ اھا پئي ڳالھھ سوچيائين. فتح خان منڍ کان وٺي کيس اچايو ھو. پھريون پھريون ساڻس اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو ھئائين. اتي رئيس وڏي دنيا خرچ ڪري ھارايو ھو تھ وري ساڙ کان سندس ھارين نارين جون چوريون چڪاريون شروع ڪرايون ھئائين. مٿس ڪا فلڪ ڪونھ آڻيندو ھو ۽ رھندو چوندو وتندو ھو، ”ڪلھوڪو ڇوڪرو ٿو مون سان سينو ساھي، ٽڪرن سان ٿو مٿو ھڻي!“ راڳ جي محفل ۾ بھ ھن اچاٽ ڪئي ھئي ۽ کيس طعنو ھڻي ڦرايو ھئائين، نھ تھ ھو رڳو پير ڀرڻ خاطر آيو ھو ۽ پنجاھ سؤ روپيا ڏئي وڃي ننڊ ڪري ھا. وري جڏھن ھن الماس کي ساھيو ھو تھ ماڻھو بڇي واڪ وڌيا ھئائين. اتي بھ ڪامياب نھ ٿيو تھ ھي وار وري ان وقت ڪيو ھئائين، جڏھن ھو الماس پٺيان پنھنجيون ٻنيون، مال متاع، زيور زاڙي دڦ ڪري پنھنجو پاڻ کي تباھ ڪري چڪو. الماس، الماس جي ماءُ ۽ استاد بندو خان وارا پئي جا پٽ ھئا، جو اھو انھن جو ڌنڌو ھو، پر سندس اصل مدعي تھ فتح خان ھو.

رئيس جڏھن پنھنجي ڳوٺ واري اسٽيشن تي لٿو تھ ھو ھر طرح سوچي فيصلو ڪري چڪو ھو. ھن اچڻ سان پنھنجي ٽولي کي گھرايو ۽ کين مھڻو ڏيندي چيائين: ”اڙي شير آھيو ڪن لوغان؟“ مھڻو ٻڌي ھمراھ مري ويا. ٽولي جي اڳواڻ محرم پنھنجي اڇي ڪھاڙيءَ جي ڪھوءَ جي ڳن کي سنڀاليندي چيو: ”رئيس، تو اصل کان آزمايو آ تھ شير آھيون.“

”تھ پوءِ فتو جنھن ڏينھن موٽي اچي تھ ٻيو ڏينھن کين نھ ڏسي!“

”ائين ئي ٿيندو رئيس، پر پوءِ جون پارتون اٿئي.“ محرم دليري سان چيو.

”صوبيدار پنھنجو يار آھي، سون ۾ توري ڇڏيندوسانو.“ رئيس کين دلجاءِ ڏني.

فتح خان جي بھ قضا پڄي آئي جو بٽئين سانگي ڳوٺ موٽي آيو. ھمراھ اڳ ۾ ئي کيس تاڙيو ويٺا ھئا. چئن ئي ڪھاڙين ۾ کيس سمھاري ڇڏيائون.

فتح خان جھڙي نامياري زميندار جي خون تي اڀ ڏري پيو. ضلعي جي سڄي پوليس اچي ڪڙڪي. راڄن ۾ ٻاڪر ڪٽا وجھي ڇڏيائون. آخر اھا ڳالھھ پوليس کان ڪيئن ٿي لڪي تھ فتح خان ساڻ ڪنھن جو مدائپو ھو. ٿوري ڳالھھ کلي تھ اڊڙندي وئي. آخر اھو ڏينھن اچي پھتو، جو رئيس جو دوست صوبيدار ھزار خان وڏي عملي سميت اچي رئيس جي ڳوٺ پھتو. رئيس کي چيائين: ”رئيس، توتي فتح خان جي خون ڪرائڻ جو الزام ثابت آھي. توسان گڏ ان ڏوھ ۾ محرم، صفر، آدم ۽ دلاور آھن.“

رئيس تھ پھريون گھڻي پڪائي ڪئي، پر پوءِ جڏھن ٻي ڳالھھ ڪانھ سجھيس تھ صوبيدار کي پٽڪا ميڙيون ڪري، دوستيءَ جا واسطا وجھڻ لڳو. پر ڦڦڙ نھ گوشت، ڪامورو نھ دوست، صوبيدار کي اھڙو وارو وري ڪيئن پئي مليو. ھو چوڻ لڳو: ”نھ رئيس، مون کان ھيءَ ڳالھھ زور آھي. ھتي تھ عرش ڦاٽل آھي.“

”تون سڀني ڳالھين جو مالڪ آھين، ٻيا ڪامورا توکان ٻاھر ڪونھ ويندا.“ رئيس کيس ايلاز ڪندي چيو.

”چڱو مان وڏي صاحب سان ڳالھايان ٿو، باقي پئسا گھڻا لڳندا.“

”جيڪو انگ چوندو اھو ڏيندس. باقي ھيءَ مھر ھڻ.“

”چاليھارو ھزار تھ اوس لڳندءِ. مون کي تھ توکان پئسو وٺڻ حرام آ، باقي سپاھي کان وٺي ايس پي تائين پيٽ ڀرڻو آھي.“ صوبيدار دستور موجب چيو.

اتي رئيس رجب کي ٻاھر ڪڍي صلاح ڪئي: ”ڇا ڪيون رجب؟“

”سائين، خون جو الزام آ، ڪو چرچو ڪونھي. ڏنو پٽ ڇٽي جو.“

”صوبيدار تھ وڏو چڪ ھنيو آھي، ڪٿان ايندا ايترا پئسا؟“

”سائين عزت کان مٿي پئسو ڪونھي. تون صوبيدار کان مھلت وٺ، ڏوڪڙ ڪري وٺنداسون.“ رجب کيس دلجاءِ ڏني.

صوبيدار کان ٻٽي ڏينھن مھلت وٺي، رئيس ھيڏانھن ھوڏانھن مدد لاءِ واجھايو تھ ھرڪو پري بيٺو ھو. سڀني کي ڪا نھ ڪا لاچاري ھئي. آخر ٻيو ڪھڙو رستو ھو، سواءِ سيٺ خدا بخش جي گھرائڻ جي. رئيس کيس نيازي سان چيو: ”سيٺ، مھلون مڙسن تي اينديون آھن، ڪو ڀاڙين تي ڪونھ، اڄ ڪا واھر ڪر.“

”رئيس، حج واري جو قسم، ڪلھھ فتح خان جي ڀاءُ ڪمدار ھٿ نياپو موڪليو ھو تھ جي رئيس کي پئسا ڏنئي تھ ڳانو ئي توکي ٻڌنداسين ۽ خون ئي توکان اڳاڙبو.“

خدا بخش کي پوتي ڪڍرائيندو ڏسي رئيس کيس ليلھڙاٽ ڪيا: ”خدا بخش ائين ليئن ڪندين؟ توکان سواءِ ڪھڙو آسرو آ!“ ”نھ رئيس، مون کي معافي ڏي. مان ان باھ ۾ ٽپو ڪونھ ڏيندس.“ پر رئيس جڏھن کيس ٻيا ٻھ سؤ ايڪڙ ٿوري مدي تي شرطي وڪرو ڪري ڏنا تھ سيٺ جو مس مس ڀؤ لٿو ۽ ڊڪي ڊوڙي پئسا پورا ڪري ڏنائين.

رئيس صوبيدار کي پئسا ڏئي پنھنجي تھ جان ڇڏائي، پر جي محرم وارن جي ڪورٽ ۾ پيروي نھ پئي ڪرايائين تھ کيس وري لوڏھو ھو. ھنن ملاقاتين جي معرفت کيس نياپو بھ موڪليو ھو ۽ چورايو  ھئائونس تھ: ”رئيس، اسان تنھنجي ونگار اڙھا ھئاسين، نھ تھ فتح خان سان اسان جو ڪو مدئپو ڪونھ ھو. ھينئر اھي سڀ ھرج خرچ توتي آھن. اسان جو تدارڪ ڪر، نھ تھ پاڻ قبولدار ٿي توتي بيان ڏينداسون.“

رئيس اھڙو اڻ ڄاڻ ڪونھ ھو جو وساڻل باھ کي وري چوچڙي ڏئي ڀڀڙ ڪري. ھن کين دلجاءِ موڪلي. سيٺ کان ٻيا پئسا وٺي اھڙو وڪيل ڪيو، جنھن لاءِ مشھور ھو تھ ھن ڪيترن ڏوھين کي ڪورٽ ۾ تھ ڇا، پر ڦاسي گھاٽ تان بھ ڳچي مان ڦاھو ڪڍرائي آزاد ڪرايو ھو.

آخر ھڪ سج اھڙو بھ اڀريو جو سيٺ خدا بخش، جنھن رئيس جو نمڪ کاڌو ھو ۽ سندن واپار وڙي مان وڌيو ھو، وڏي شان ۽ ٺٺ سان تعلقي مختيارڪار سان گڏ رئيس جي ڳوٺ آيو. مختيارڪار رئيس کي چيو: ”رئيس، تنھنجي لکي ڏنل دستاويزن موجب ھيءَ سموري زمين، وڻن، اڏن، ڪسين سميت سيٺ خدا بخش جي آھي ۽ تنھنجي ڪابھ حجت نھ آھي.“

رئيس پھريون تھ مختيارڪار سان گھڻو گوڙ ڪيو، پر مختيارڪار سندس ھڪ بھ ڳالھھ وزن تي نھ آندي ۽ کيس چيائين تھ ھو بالا آفيسر جي حڪم موجب سيٺ کي سرڪاري طرح قابض ڪرڻ آيو آھي ۽ جي ھن ڪو گوڙ وغيره ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تھ پوليس کي گھرائي کيس بي دخل ڪندو.

رئيس وڌيڪ ڇا پئي ڪري سگھيو. سڄي ڳالھھ سندس پنھنجي ھٿ جي وڍيل ھئي. ھن مختيارڪار کان مھلت گھري:

”بس اڄوڪا ٽي پھر ترسو. مان رات جي پيٽ ۾ ھليو ويندس.“ ان رات جي پوئين اسر جڏھن ڪڪڙن ٻانگون ڏنيون، تڏھن رئيس پنھنجي سمنڊ جي پٺي ٺپي مٿس سنج وڌا ۽ آلين اکين سان پنھنجي ڳوٺ ۽ ٻنين ڏانھن نھاريندي، سڙڪ ورتائين.

پوءِ گھڻا گھڻا ڏينھن پوءِ، جڏھن سندس ڪپڙا ميرا مٽيءَ جھڙا ٿي ويا ھئا ۽ سندس منھن جھولي ۾ مسافري سبب ڪاراٽجي ويو ھو، ھو ھڪ اھڙي ڳوٺ کان لانگھائو ٿيو جو سھڻي نموني ٻڌل ھو. ڳوٺ جي چوڌاري ڀوريون لٽاشيون ٻنيون ھيون، جن ۾ ووڻ ۽ جواريون ڏکڻ جي ھير تي پئي جھوٽيون ۽ وچ ۾ اوڏڪيون ڀتيون، ڇناوان گھر، قبائين مسجد، شاھي ڪوٽ ۽ ان جي وچ ۾ پڪ – سري حويلي ڳوٺ کي کنيو بيٺي ھئي. رئيس ڳوٺ جي ٻاھران ھڪ بيٺل ھڪ ماڻھو کان بي اختيار پڇي ورتو: ”ادا! ڪنھن جو ڳوٺ آ؟“

”وڏيري غلام عمر خان جو.“ ان ماڻھوءَ کيس جواب ڏنو. الائي رئيس گھوڙي جي پاڻ واڳ موڙي يا ويچاري سمنڊ ٿڪ سبب پاڻ ڳوٺ ڏانھن رخ رکيو ۽ شاھي گھٽي لتاڙي اچي اوطاق جي وڏي در تي بيٺو. رئيس گھوڙي تان لھي ان کي آھر سان ٻڌو ۽ اڱڻ ڏانھن نھاريو، جتي ڳوٺ جو وڏيرو کٽ تي ليٽيو پيو ھو. سندس چوڌاري ھيٺ تڏن ۽ منجين تي نوڪر چاڪر، ڪڙمي ڪاراوا ويٺا ھئا. رئيس اھو نظارو ڏسي زمين ۾ کپي ويو. سندس قدم اڳتي وڌڻ کان پِڙ ڪڍي بيٺا. پر جڏھن کيس سڄي ڏينھن جو لنگھڻ ۽ خالي کيسو ياد پيو، ت٠ھن ھو ھٽڪندو ھٽڪندو، بيھندو بيھندو اڳتي وڌيو ۽ وڃي اتي پھتو ھو، جتي ڪچھري لڳي پئي ھئي. پوءِ جڏھن وڏيري غلام عمر خاان ٻيا سڀ ماڻھو اٿاري کيس جيءُ ڪئي، تڏھن ھن ڪنڌ ھيٺ ڪري اکيون ٻوٽي چيو: ”خان، مان بھ تو جھڙو ئي زميندار ھوس، پر زماني جي گردش سبب ھي حال اچي ٿيا آھن. تو وٽ لنگھي آيو آھيان تھ پنھنجي شان تي جيڪي سري سگھين سو ڏئينم تھ گذر سفر ڪري وڃي ڪي وڻ ڏسان. ٻيو تنھنجي سربخت جو خير.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com