سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چونڊ مراٺي ڪهاڻيون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :13

منهنجو هڪ من چوندو هئو ته اِن ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ جي توهان ٻنهي جي شادي ٿئي به کڻي، ته توهان ٻنهي جا خاندان سمان آهن. سمجهو کڻي ته ماڻهن جي اُفواه سبب دوستي اِهو روپ اختيار ڪري ها ته ڇا بگڙجي ها؟ شادي ڪرڻ ۾ ڊپ ڇاجو؟ ماڻهو چوندا، ”ڏٺؤ نه؟ اَسان جڏهن چيوسين پئي تڏهن پوتر هئڻ جي ڍونگ پئي ڪيائون. هاڻ اَسانجو چيوئي سچ نڪتو نه؟“

پر اِن ۾ ڇا آهي؟ لوڪ آهي ٻوڪ، شادي ئي ڪرڻي آهي نه؟ ته اِن ۾ ڪهڙي خراب ڳالهه آهي؟ اَهڙو ويچار من ۾ پيدا ٿيندو هئو.

پڻ اَندريون سواڀماني من چوندو هئو، ”جن ماڻهن جي ڪوڙي اِلزام ۽ ناپاڪ نظر ڏانهن نفرت جي نگاه سان ڏسندي هئينءَ، اُنهن وٽ غريب گانءَ بڻجي شرڻ ۾ وڃڻ، توکي ته نٿو سونهي.“ ماڻهن جي ڳالهه ته پري رهي، مون اَرڻ سان به اَهڙي ڪجهه بڪ بڪ ڪئي هئي. ۽ هن به اِئين ڪجهه چيو هئو، ته هاڻ نيون پيدا ٿيل ڀاونائون هڪ ٻئي کي ٻڌائي من بيچين ٿي رهيو هئو، پر اُهي ئي بيچين من، اَندرئي اَندر ۾، شاديءَ جي مناسبت جاچي رهيا هئا، من، شڪل صورت، ذات پات، عمر، تعليم، - سڀ ڪجهه ٺهڪندڙ هئا، جرا سنڌ جي بدن جا ٻه ٽڪرا دور ڦٽا ڪرڻ تي به، اُهي ويجهو اَچي هڪ ٿي ويندا هئا. شاديءَ لاءِ مناسبت جتائيندڙ منهنجي من جي به اَهڙي ئي حالت ٿي هئي! اُن من کي چيري ٻه ٽڪرا ڪري پري اُڇلڻ تي به اُهي ٻه ٽڪرا وري هڪ ٿي ويا ۽ اَرڻ جي باري ۾ سوچڻ ٿي لڳا. اَرڻ کي به اِئين محسوس ٿيو ٿي ڇا؟ پر اُن جي خبر مون کي ڪيئن پوندي؟ اَسان اِن باري ۾ ڪڏهين ڳالهايو ئي ڪونه هئو.

قسمت جو کيل ڏسو - پوءِ اُهو سٺو هئو يا خراب اِن جي سڌ ناهي، اَرڻ جي شادي هڪ ٻي ڇوڪريءَ سان طئه ٿي ويئي، ۽ اَسان جا هڪ ٻئي بنسبت ويچار جتي جو تتي رهيا.

اَرڻ جي شادي ٿي وڃڻ تي، من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پيڙا ٿي ضرور، پر گڏوگڏ سامت جو ساهه به کنيم. گهڻن ڏينهن کان، اَرڻ سان دل کولي ڳالهايو ڪونه هئم. هاڻ اَلبت خوب مذاق اُڏايو مانس. هن به ڪافي چرچا گهٻا ڪيا، پر ڪڏهين ڪڏهين هو اِئين سن ۾ پئجي ٿي ويو، جو مون لاءِ اِهو هڪ راز بڻجي پيو. نه رڳو ايترو، پر اِهو ويچار به من ۾ آيو ٿي، ته منهنجي من ۾ جيئن ولوڙو متل هئو، تيئن ٿورو گهڻو سندس من ۾ به متل هوندو، پر اِهو ويچار، مان پنهنجي من مان تڙي ڪڍندي هيس. البت ڪڏهين ڪڏهين کيس چوندي هيس، ”اَرڻ! هيءُ ڇا پيو ڪرين؟ وچ وچ ۾ بلڪل گنڀير ٿيو وڃين، وچ وچ ۾ خالي خالي نظرن سان ڏسڻ ٿو لڳين؟ ڀاڀيءَ جي ايتري ڳڻتي ٿو ڪرين ڇا؟“ هو تيز نظرن سان، کن پل ڏسي، چوندو هئو، ”اَشا! ڪيتري نه بي رحم آهين! ڪيترو نه مذاق ٿي اُڏائين! ۽ هاڻ ته اُها ڳالهه بنهه پاروٿي ٿي چڪي آهي، پوءِ هميشه اُن مان نواڻ جو مزو ڪيئن ايندو؟“ مون کانئس ”بي رحم“ لفظ جو خلاصو ڪانه پڇيو. البت ايترو سو محسوس ڪيم ته هن جي دل ۾ ڪوئي ڪنڊو ضرور چڀي رهيو آهي. اَرڻ جي شاديءَ ۾، مون سچي پچي سنتوش ۽ اُتساهه سان اِئين هر ڪم ڪيو، ڄڻ ته منهنجي ڀاءُ جي شادي هئي.

اَرڻ جي شاديءَ سبب، منهنجي من ۾ پيدا ٿيل، اَڻ - چٽن ويچارن مٿان ڄڻ بند ٻڌجي ويو ۽ مون کي هڪ قسم جي خوشي محسوس ٿي. مون کي پڪي خاطري هئي، ته هاڻ ماڻهن کي پڪ ٿيندي ته اَسان جي دوستي شڌ سروپ جي هئي. اَرڻ جي ڪنوار، هر لحاظ کان سٺي ڇوڪري هئي. منهنجي هن سان چڱي ساهيڙپ ٿي ويئي. نران - ڀاڄائيءَ وچ ۾ ڪافي راز جون ڳالهيون ٿينديون هيون. اَرڻ سان منهنجي دوستي به اَڳي وانگر قائم رهي. منهنجي باري ۾ ڦهليل اُفواه جي باري ۾ ورلي ڳالهائيندا هئاسين. اُن وقت اَرڻ بيحد بيچين ٿي ويندو هئو؛ ڪڏهين خالي خالي نظرن سان ڏسڻ لڳندو هئو. اِهو رکي رکي مون کي پر اَسرار لڳندو هئو.

نه فقط ايترو، پر اَرڻ جي شاديءَ کان اَڳ، جيڪي ويچار منهنجي من ۾ آيا هئا، اَهڙا ئي ويچار سندس من ۾ اَڃا تائين ايندا ته ڪونه هوندا نه؟ اِئين پنهنجي من ۾ سوچيندي هيس، پر اُن خيال کان ئي مون کي خوف لڳندو هئو. منهنجي هنن ٻنهي سان دوستي هئي ۽ اُها وڌندي ٿي ويئي. ڀاڀي مون کي ڏاڍو ڀائيندي هئي؛ نه رڳو ايترو، پر اَرڻ ۽ سندس سڀاءَ جي باري ۾ هوءَ مون سان دل کولي ڳالهائيندي هئي. هوءَ مون کي پنهنجي وڏي ڀيڻ سمجهندي هئي ۽ اِن ريت مان سندس وشواس جي لائق بڻي هيس. هاڻ اِن ساهيڙپ کي ڪنهن جي نظر لڳڻ ممڪن ڪونهي، اِئين مون کي لڳي رهيو هئو.

مندر جي ڪن زالن، ڪاليج جي ڪن ڇوڪرن - ڇوڪرين ۽ ڪن ماڻهن ۾ هلندڙ اُفواه منهنجن ڪنن تي پيو - ”سندس ٻالي ڀولي ڀاڀيءَ کي ڪائي خبر ئي ڪانهي، پر هيءُ ته سندس جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيندي!“

ماڻهن کي منهنجي ۽ سڌا جي - اَرڻ جي زال جي ساهيڙپ ڏسڻ ۾ نٿي آئي؛ وري به کين منهنجي ۽ اَرڻ جي دوستي ڏسڻ ۾ ٿي آئي! جنهن ڏينهن مون کي اِها خبر پيئي، اُن ڏينهن منهنجي حالت بلڪل عجيب هئي. اُن بعد، مون اَرڻ وٽ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو. سڌا مون کي ڇڪي پنهنجي گهر وٺي وڃڻ لاءِ ڪوشش ڪندي هئي، پر سندس گهر وڃڻ بدران مان کيس پنهنجي گهر ۾ ئي ويهاري ڇڏيندي هيس.

سڌا مون کي سدائين چوندي هئي، ”ڇو، هاڻ توهان اَڳي جيان اَچو ئي نٿا؟ مون تي ۽ ’هنن‘ تي ڪاوڙيا آهيو ڇا؟“ مان کيس ڇا چوان؟ ڇو اَجايو سندس من خراب ڪريان؟ مان کلي اُها ڳالهه اڏائي ڇڏيندي هيس. هڪ دفعي سڌا چيو، ”توهان به مون تي غصي آهيو شايد ۽  ’هيءُ‘ به اڄڪلهه خالي خالي من سان الائي ڇا پيا سوچيندا آهن. سندن ڪنهن به ڳالهه ۾ ڌيان ڪونه هوندو آهي. منهنجو ته اصل سک ئي ڦٽي پيو آهي.“ ڀاڀيءَ جي ڳالهه جو مطلب سمجهي ويس، منهنجي منهن جو لٿل پنو شايد ڏسي ورتائين، پر کيس منهنجي ڊپ جي خبر پوڻ ممڪن ڪونه هئو. مون کي چوڻ لڳي، ”هيءُ اڄ ڪلهه ٿئي ڇا پيو، مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. مون کي اَلائي ڇو اُن تڻ ٿي پيئي آهي؟“

سندس اُن تڻ جو مطلب مون سمجهيو ٿي، کيس خوفناڪ مستقبل جا پرون ته نه ٿي پيا؟ مون کي به اُڻ تڻ لڳل هئي. اَرڻ کي به اُوس لڳل هوندي. ڪجهه ڏينهن پوءِ جي ڳالهه آهي، اَرڻ بيمار ٿي پيو. مان کيس ملڻ ويس. اَرڻ سان مون نئين اُٿاريل اُفواه جي باري ۾ صاف صاف ڳالهايو. اسان کي پاڻ تي قياس ٿي آيو. آسهيه ويچارن سبب اَرڻ جو بدن ڪافي ضعيف ٿي ويو هئو. اسان گهڻو ڪجهه ڳالهايو. آخر پنهنجي وويڪ جي ڳالهه مڃي، اسان هڪ ٻئي کان دور وڃڻ ۽ هڪ ٻئي کي وسارڻ جو پڪو فيصلو ڪيو. شاديءَ کان پهرين، ماڻهن جي اُفواه سان پيدا ٿيل اَڻ، چٽن ويچارن، اَرڻ جي من ۾ گهر ڪري ڇڏيو هئو، پر هن جو اُنهن ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ويو. اُهي ويچار گويا کيس ڊيڄاري رهيا هئا، پر ڪڏهين؟ سندس شاديءَ کان پوءِ! سڌا تي کيس رحم ٿي آيو. هوءَ کيس سڀني گڻن ۾ پوُرن لڳندي هئي، پر سندس باري ۾ پتنيءَ جي ڀاونا پيدا ٿي ئي نٿي. اڙڻ ڄڻ بي سهاري ٿي ويو هئو، پر هُو باضمير هئو. هن فرض سمجهي، سڌا کي هر طرح سان سکي رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، پر سندس من؟ اگر جيئرو نه هجي ها ته بهتر ٿئي ها.

اَرڻ اِهو سڀ مون کي نه ٻڌائي ها، ته به اندروني گيان سان مان اِئين محسوس ڪري رهي هيس. مان ۽ اَرڻ هڪ ٻئي کان دور هليا وياسين اسان ٻنهي جي ڀلائيءَ خاطر ۽ اَلهڙ، بيگناهه سڌا خاطر، اسان دور هليا وياسين. ڪافي عرصي کان پوءِ، اَرڻ جو هڪ خط مليم. هڪ ٻئي کان دور ٿيڻ جي تمام خراب اَثر مٿس ٿيو هئو. سندس من ۽ تن ٻئي ضعيف ٿيندا پئي ويا ۽ منهنجو من وڌيڪ چيرجي ويو.

اسان هڪٻئي کان دور ٿياسين، ته من جي اُداسائي اُداسائيءَ چوڻ بدران من جي پيڙا چوڻ بهتر ٿيندو. کي وسارڻ لاءِ مون ڪيئي ڏينهن آرام ئي ڪونه ڪيو. سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ رڌل رهندي هيس، جيئن من کي پاڻ تي سوچڻ لاءِ فرصت ئي نه ملي ۽ سمورو ڏينهن تڪليفون سهندي رهيس، جيئن ننڊ اچڻ ۾ ڪا اَرچڻ پيش نه اچي. ان ريت ڏينهن رات کي اصل ٻڌي ڇڏيو هئم. جڏهن، منجهند جي وقت چت جاءِ تي هوندو هئو يا جڏهين شام جو اڪيلي گهمڻ ويندي هيس ته دٻايل ويچار، گويا غصي ٿي، هيڏانهن هوڏانهن، من جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، ڊڪندا ايندا هئا ۽ مون اڪيليءَ تي حملو ڪندا هئا. اُن وقت منهنجو من بلڪل وياڪل ٿي ويندو هئو. هڪ قسم جي اهڙي ته عجيب ٿڪاوٽ محسوس ڪندي هيس، جو جنهن پٿر تي يا ڇٻر تي ويهي ويچار ڪندي هيس، اُتان اُٿڻ جي سگهه به مون ۾ بچيل ڪانه هوندي هئي. دماغ ’ڀان ڀان‘ ڪرڻ لڳندو هئو ته مان پاڳل ٿي رهي آهيان، ننڍي هوندي اوندهه ۾ اڪيلي وڃڻ ۾ مون کي ڊپ لڳندو هئو. وڏي هوندي، خيال جي شدت جي وَڪڙ ۾ اَڪيلي اچڻ تي ڊپ لڳندو هئو، پوءِ به گهڻائي ڀيرا ائين محسوس ڪندي هيس ته ڪاش هيءَ دنيا ۽ چوڌاري گهمندڙ ماڻهو ئي نه هجن! اڪيلي اڪيلي، دور دور ڪٿي وڃجي ۽ خيالن جي شڪار گاه ۾ مٿي ڦاٽڻ تائين پئي رهجي، اِئين محسوس ڪندي هيس، اهڙي وقت مان دنيا تي، انسان طرفان جوڙيل ريتن رواجن تي ته غصي هوندي هيس، پر پنهنجو پاڻ تي به غصي ٿيندي هيس. مون کي خود پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳندي هئي. مان پاڻ کي پل ۾ دشٽ، ته پل ۾ نڀاڳي سمجهندي هيس؛ ڪڏهين پاڻ کي بي عقل ليکيندي هيس ته ڪڏهين دنيا ۾ سياڻي ماڻهو لاءِ جڳهه ڪانهي، اِئين محسوس ڪندي هيس، هڪ ٻه نه، هزارين قسمن جا هزارين خيال من ۾ ايندا هئا. مستقبل سنسان ۽ ويران لڳندو هئو، وري سوچيندي هيس، ته مان ڇو ائينءَ آنڙيءَ مان ڪانڙي پيئي ڪريان؟

سنسار ۾ سنيهه کان سواءِ جيئڻ ممڪن ڪونهي. بلڪل سچ، ته ڇا مون کي سنيهه مئي ماتا ڪانه هئي؟ چئن ويلن تي کارائي پيئاري، مون کي گل وانگر کلائيندي ڪانه هئي ڇا؟ ته پوءِ مون کي اڃا ٻيو ڪري ڪهڙو سنيهه کپيو ٿي؟ وري کائڻ پيئڻ کي ڇڏي، آتمڪ اُنتي لاءِ، منهنجو پتا سڀ ڪجهه ڪندو پيو هئو، منهنجي آتمڪ اُنتيءَ جي آڏو هوُ ڪنهن به طرح ڪونه ايندا هئا. ماءُ جي آنڌيءَ سنيهه ۽ پيءُ جي سڄي سنيهه هوندي، مون کي ڪهڙي سک جي ڪمي هئي؟ مان ڪا ڪنڊن - ڀريل سيج تي ته ڪانه هيس؟ پر اِهو سڀ جيترو سچ نه هئو، ايترو ئي سچ به هئو.

ماءُ جو اَنڌو سنيهه هئو، پيءُ جو سڄو سنيهه هئو، پر اَنڌو ۽ سڄو سنيهه، ٻنهي قسمن جو سنيهه هڪ ئي وقت پراپت ڪونه ٿيو هئم. اِن جو ئي مون کي اَرمان هئو. ’ڪيوڙي‘ جي خوشبو ماڻڻ لاءِ، نانگڻ جي خؤف آڏو ايندو آهي. گوري شنڪر وٽ پهچڻ لاءِ، ٿڌ ۾ ڄمي يخ ٿيڻ جو خؤف ٿيندو آهي. منهنجي من کي جيڪو سنيهه گهربو هئو، اُهو پائڻ لاءِ مون کي جنتا جي زهريلي ڦوُڪ جو ڊپ لڳندو هئو. ماڻهن جي ڪيل ٽيڪا ٽپڻي سان ڄمي يخ ٿيڻ جو ڊپ ٿيندو هئم. هزار دفعا سوچيندي هيس، ته اِهو ويچار من ۾ نه اَچي. مستقبل ۾ جيڪي ٿيڻُ هجي، سو ٿئي، نه کپي اوءَ جنتا جي زهريلي ڦوڪ ۽ دنيا جي لاپرواهيء، مون کي جيترو پنهنجي وويڪ جو ڊپ لڳندو هو، اوترو ئي ماڻهن جي بهشڪار جو به لڳندو هو. من ۾ اِهو اِنقلابي خيال ايندو هئو ته پنهنجي سک لاءِ مان جيڪي وڻدم، اُهو ڪنديس، پوءِ به، ٻئيءَ پل ۾ محسوس ڪندي هيس ته دنيا کانسواءِ، دنيا کي نظر انداز ڪري، فقط منهنجي - فقط اڪيلي شخص جي - سک جي ڪلپنا ڪرڻ ممڪن آهي ڇا؟ منهنجو سک جيترو پڪش پاتي آهي، اوترو ئي نرپڪش به آهي. سک کي ٻه پاسا ٿيندا آهن. پنهنجي پڪش پاتي سک لاءِ، مان ماڻهن جي کن لاءِ به پرواهه ڪانه ڪينديس، پر جيستائين مون کي هن دنيا ۾ جيئڻو آهي، ماڻهن جي وچ ۾ رهڻو آهي، سندن سنيهه جي بک آهي، تيستائين منهنجي لاپرواهي، ڪڏهين نه ڪڏهين ته منهنجي آڏو ايندي ئي، پنهنجو پڪش پاتي سک پائي، اُهو نرپڪش سک جي خزاني ۾ سانڍي رکڻ نه آيم، ته منهنجي حالت پاڻيءَ بنا تڙڦندڙ مڇي جهڙي ٿيندي، ته پوءِ ڇا ڪريان؟ دنيا جي پرواه ڪري پنهنجو ساهه سڪايان، يا دنيا کي لت هڻي، ڦونڊ ۾ ڀرجان؟ ٻنهي حالتن ۾، ٿوري عرصي کانپوءِ سک ڪونه ملندو، اِئين محسوس ٿيندو هئم، اِهو معمو حل نٿي ٿيو، پوءِ به پنهنجي سک لاءِ هڻ پڇاڙ ڪندڙ من، وري وري اُهو معمو حل ڪرڻ شروع ڪندو هو ۽ وري وري نراس ٿي ويندو هئو. خيال رڪبا هئا ته به پاڙئون پٽجي ناس ڪونه ٿيندا هئا. سوچ ويچار ڪرڻو ناهي، چوڻ سان جي سوچ ويچار بيهي وڃي ته ڪيترو نه مزو ٿئي! پر کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ تي، اڌ رستي تان واپس موٽي سگهبو آهي ڇا؟ ممڪن ئي ڪونهي، کوهه ۾ڪرڻو ئي پوندو. پوءِ کوهه جي ديوار جي پٿرن کان پاسو ڪري، هوشياري سان ترڻو پوندو. ترڻو نه ايندو هجي، ته ٻڏي مرڻو پوندو. اِهي ٻه ئي ڳالهيون ممڪن آهن. ويچارن سان به اِها ڳالهه لاڳوُ آهي. هڪ دفعو ويچارن من ۾ ٽپو ڏنو، ته پوءِ يا ته سوچي سوچي ڳرڻ کپي، يا ته همٿ ۽ هوشياريءَ سان ڪو ڪم ڪري ڏيکارڻ کپي، اِئين نه ٿيڻ تي، اهي ويچار سک سان ويهڻ نه ٿا ڏين.

مون کي، منهنجن ويچارن سک سان ويهڻ نٿي ڏنو، کين نتيجي جي تمنا هئي. اُهو حاصل ٿيڻ تائين، اُنهن منهنجي نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيو هئو. مان تمام گهڻو ڪم ڪري، اُنهن کي هڪالي ڇڏيندي هيس، پر اِئين ڪندي  منهنجو بدن ضعيف ٿيندو ويو. محنت کانپوءِ وندر ضروري آهي، ۽ مون کي ڪائي وندر ڪانه هئي، اِنڪري ٿڪل سرير تي ويچار بي رحميءَ سان حڪم هلائڻ لڳا. جڏهين جڏهين تمام گهڻي ٿڪجي ٽٽجي پوندي هيس، تڏهين تڏهين، اُهي مون کان بدلو چڪائيندا هئا، مون مرڻ جو فيصلو ڪيو؛ ڇو ته مون کان معمو حل ئي نٿي ٿيو. اسٽيشن گهرجي ويجهو، اٽڪل ميل کن مفاصلي تي هئي. شام جو ڇهين جي گاڏي اُتي ايندي هئي. اُن جي اَچڻ کان اَڳ، اسٽيشن کان تمام گهڻو پري، اَهڙي هنڌ جتي ڪنهن کي به ڏسڻ ۾ نه اَچان، اُتي پاڻ کي پٽن تي کڻي اُڇلڻ جو فيصلو ڪيم. خبر ناهي ڇو! گهر مان نڪرڻ وقت هڪ قسم جو سنتوش منهنجي من کي محسوس ٿي رهيو هئو. ”نيٺ ڳالهه جو نيتارو ٿيو، هاڻ هر ڪٽ ڪٽ کان ڇٽي پونديس.“ اِئين چئي مون سامت جو ساهه کنيو. ماءُ، پيءُ اَصل ڪنهن کي به ڪجهه به ڪونه ٻڌايم، ڪجهه ڪونه ڄاڻايم، ڄائي ڄم کان شاهوڪار گهر ۾، ماءُ پيءُ جي سنيهه - مئي صحبت ۾، مون کي ڀلا ڪهڙو دک هوندو؟ اِو سندن (منهنجي ماتا - پتا جو) ويچار هئو. منهنجي دک جو وڻ ڪيترو نه وڏو ٿي ويو آهي، اِن جي کين ڪائي خبر ڪانه هئي. پنهنجي دک جي باري ۾، پاڻ کي ڇڏي ٻئي ڪنهن کي به ٻڌائڻ نٿي چاهيم ۽ ٻڌايو به ڪانه هئم. پوءِ پنهنجي اڄوڪي فيصلي جي باري ۾ ٻڌائي ڇا ڪنديس؟ منهنجي مرڻ تي کين بيحد دک ٿيندو، پر اُهو دک به وقت پئي وسري ويندن. منهنجي مرڻ جو دک ٿورو وقت ئي جٽاءُ ڪندو، پر جي مان ڪو غير رواجي ڪم ڪنديس ته جيسين مان ۽ اُهو ڪم زندهه هونداسين، تيسين کين ڏک ٿيندو رهندو، اِنڪري کين پنهنجي دک جي باري ۾ نه ٻڌائي ئي مرنديس، اِهو سوچي مان گهر مان نڪتيس. اسٽيشن ويجهو آيس.

اسٽيشن کان پري، جتي ڪوبه مون کي ڏسي نه سگهي، اَهڙي هنڌ مون کي وڃڻوهئو، مان اسٽيشن ڇڏي، اَڳيان وڌڻ لڳيس ته اوچتو هڪ عجيب خيال من ۾ اچڻ سان ڇرڪ ڀريم.

مان ڪنواري ڪنيا، ريل جي پٽن تي آپگهات ڪنديس، ته ماڻهو ڇا چوندا؟ مان ڪيترو به کڻيءَ نيڪ ۽ نيتيءَ اَنوسار هلي هجان، نيڪيءَ ڪاڻ ئي مرندي هجان، ته به ماڻهو ائين ئي چوندا ته مان بد اخلاق هيس، اِنڪري ئي خودڪشي ڪئي هئم. اِن ويچار ايندي ئي مان ٿر ٿر ڪنبڻ لڳيس. سڌي سادي نشپاپ دل واري ڪنواري ڪنيا به ڪميڻن ماڻهن ليکي، ڏنڀ ڏيڻ جي لائق آهي، سندس باري ۾ جيڪي وڻين سو چوندا؛ جيڪي وڻين اُهو اَنومان ڪڍندا، سندس ڪنواري - پڻي ۾ شڪ ڪندا. اَهڙي مشڪل زندگي اُن ويچاريءَ کي ڪاٽڻي ٿي پوندي ۽ اَگر هوءَ آتم هتيا ڪندي ته به کيس ماڻهو، پاپي ۽ بدبودار خيالن سان زمين ۾ دفن ڪندا آهن، ڇي! مان آپگهات ڪانه ڪنديس. منهنجي پوتر جيون کي، آخر ۾ ماڻهن جي نيچ لفظن جو ڪلنڪ نه لڳڻ گهرجي، پر اِن ويچار کن لاءِ جٽاءُ ڪيو! ترت من ۾ ٻيو ويچار آيو ته مرڻ کان پوءِ جي چنتا ڪندڙ، مان سچ پچ ڪيتري نه سوارٿي، ڊڄڻي ۽ خود مطلبياڻي آهيان! مان زنده رهنديس ته به سڄي دنيا ٿوري ئي مون کي پوتر مڃڻ واري آهي. اِن کان ته - ٻئي جي سک جو پيالو ڇنڻ کان ته - مان مري وينديس ته اُن تياڳ جو سنتوش ته مرڻ وقت مون کي نصيب ٿيندو. ماڻهو اُن تياڳ جي ڪلپنا به ڪري ڪونه سگهندا، پر جي ڪلپنا ڪيائون به ته وڌ ۾ وڌ ڇا ڪندا؟ ... مون وري مرڻ جو فيصلو ڪيو.

اسٽيشن کان دور، هڪ وڻ ويجهو مان بيهي رهيس، اوندهه ٿي رهي هئي، پر گهر ۾ اَمان ڇا چوندي، اِن جو ڊپ کن لاءِ ٿيم. هڪدم کل آئي، ڇو ته هاڻ فڪر ڪرڻ جو سبب ئي ڪونه هئو. مرڻ جو فيصلو ڪرڻ تي، ماءُ ۽ اوندهه جو ڊپ ڇالاءِ؟ پاڻ اوندهه ۾ مرڻ ئي سولو ٿيندو. مؤت جي شڪنجي مان ڪوئي مون کي ڇڪي ته ڪونه ڪڍندو. منهنجي ڳڻتيءَ ۾ منهنجي ماءُ - پيءُ کي ڪجهه به ڪونه اُجهندو. پر منهنجي آنت بنسبت ڄاڻ نيٺ ته کين پوندي. هيترا ويچار ايندي به، ماڻهوءَ جو من ڪيترو نه لوڀي، ڪيترو نه مورک هوندو آهي. بدن تان سمورا زيور گهر، لاهي رکي آئي هيس، پر ٻانهن مان چوُڙيون لاهڻ ڀلجي ويئي هيس. انڪري اَندر ۾ ڏاڍي چورا کورا هئي. اَمان کي فلاڻي ڊينگري ڳالهه ٻڌائڻ ڀلجي ويس، اِنڪري به من ۾ اُڻ تڻ متل هئي، پر اَها اُڻ تڻ منهنجي مرڻ جي ڏنگ ۾، الائي ڪٿي غائب ٿي ويئي، منهنجي مرڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو، اِن جي چنتا منهنجي من ۾ ڪانه هئي. اِئين ناهي؛ پر مرڻ لاءِ اَچي به، مرڻ گهڙيءَ تائين، ”مران ڪ جيئان“ اِهو ويچار ٻڏي تري رهيو هئو، پري کان گاڏيءَ جي گڙ گڙ ٻڌڻ ۾ آئي. دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي. مران ڪ جيئان؟ من ۾ زبرست هلچل متل هئي. ”باقي هڪ پل، سوچ نه. اُڇل پاڻ کي ۽ ڇٽ اِن کٽ پٽ کان!“ .... گاڏيءَ جي سيٽي ٻڌڻ ۾ آئي. قدم ڳؤرا ٿي ويا. ”مر!“ اَندران ڪوئي ڌڪڻ لڳو. گاڏيءَ جا، اُلا وسائيندڙ نيڻ، پري کان ڏسڻ ۾ آيا. ”اِهو موقعو وري هٿ ڪونه ايندءِ.“ دل ٻڌي، مان وڻ کان ريل جي پٽن تائين ڊوڙندي ويس، سرير ۾ هڪ قسم جو سيسڙاٽ اُڀريو. گاڏي نزديڪ آئي. اُن جي گڙگڙاهٽ سان، دل ٻڏڻ لڳي، اَکين اڳيان ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو. گاڏي بلڪل ويجهي آئي. پگهر وَهڻ لڳو. سموري طاقت گڏ ڪري، مان پٽن کان پري پري ڀڄي ويس. پگهر ۾ بنهه شل ٿي ويس. جيئن ٿڌ لڳڻ تي ٿيندو آهي، تيئن ڏند کڙڪڻ لڳا. اِئين پئي لڳو، ڄڻ ته قدم ڳؤرا ٿي ويا آهن ۽ دل بيهي رهي آهي، پر، دور دور، اَڌ فرلانگ کن دور، مان ڀڄي ويس. پوءِ به اِئين لڳي رهيو هئو ته گاڏي پٺيان آئي ۽ منهنجي سرير مٿان لنگهي ويئي. آگ جا آلا وسائيندڙ، گاڏيءَ جون اَکيون، مون کي اَڃا به ڏسڻ ۾ پئي آيون. مان زور سان وٺي ڀڳيس، اوندهه هئڻ ڪري، ڪنهن به مون کي ڏٺو ڪونه هوندو. مان اسٽيشن ويجهو آيس. اسٽيشن تي پهچي، هڪ بئنچ تي هڪدم ويهي رهيس. سموري طاقت نڪري ويئي هئي، تر جيتري چرپر ڪرڻ جيتري سگهه به مون ۾ باقي ڪانه هئي. منهنجي اَندر ۾ ڇا وَهي واپري رهيو هئو، اِن جي مون کي خود به خبر ڪانه هئي. اِهو خؤف ته ڪونه هئو؟ هوندو! مان پاڳل جيان اُتي ڪافي دير ويٺي هيس. اسٽيشن جهڙو هنڌ، جتي ماڻهن جي، بيزار ڪندڙ ڀيڙ هوندي آهي، اُتي مون کي هڪ به ماڻهو ڏسڻ ۾ نٿي آيو. اَٺن جي ٺڪاءَ ٿيا. مون ڇرڪ ڀريو. مون آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اِن جي ڪنهن کي خبر پيئي هئي ڇا؟ ها، پڪ ئي پڪ پيئي هوندي، جيڪو جيڪو ماڻهو مون ڏانهن ڏسي رهيو هئو، اُن کي منهنجي راز جي سڌ پئجي ويئي هئي، اِئين مون کي لڳي رهيو هئو، اِئين ٿي لڳو ته آتم هنيا جي ڪوشش ڪرڻ سبب، سڄي دنيا مون کي پڪڙڻ لاءِ ڊوڙي رهي هئي. مان هڪ پل به اُتي ڪانه ترسيس. ٽانگو ڀاڙي سڌي گهر ويس. اَمان ڇا چوندي؟ بابا ڇا چوندا؟ اَٺين نوين بجي تائين ڇوڪري ذات گهر کان ٻاهر ڀٽڪندي رهي! کين ڪهڙو جواب ڏينديس؟ مون ڪوڙ ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو. گهر ويس. ”ساهيڙيءَ ڏاڍو ضد ڪيو، اِنڪري وٽس ماني کائڻ ويس. ۽ وري گهر چوڻ لاءِ يا نياپو موڪلڻ لاءِ، سهوليت به ڪانه هئي.“ اِئين اَمان کي چيم. ”چڱو اُجورو ڏنو اَٿيئي، ماءُ جي احسانن جو، هيئن ڪوڙ ڳالهائي!“ اِئين منهنجي من مون کي ڌڪاريو.

پر، ٻيو ڇا ڪران ها؟ بنا ڪنهن کائڻ جي، بستري تي وڃي ليٽيس، هڪ ڪري ميس ڪانه، اِنڪري ٿورو آٿت ته آيو، پر ٻئي من منهنجي بزدليءَ جو مذاق اُڏايو.

دنيا جي دک ۽ مصيبتن کان ڊڄي مرڻ بزدلي آهي يا جيئرو رهي اُنهن ڏانهن منهن ڏيڻ بزدلي آهي؟ مون کي اِنهن سوالن جو جواب ڪونه مليو. غير رواجي سستي مون کي گهيري ويئي. مان مئل جيان بي سرت پيئي هيس، چار پنج ڪلاڪ مون کي جيئرو جاڳندو مؤت نصيب ٿيو هئو. سڄي رات ريل گاڏيءَ جون راڪاس جهڙيون اَکيون مون کي ڊيڄاري رهيون هيون. ضعيف بدن تي خوف پنهنجي ڇاپ ڇڏي. سڌو تپ چڙهي ويو. چار پنج ڏينهن سرير توڙي من جي لحاظ کان بيحد خوفناڪ حالت مان گذري هيس.

جن ويچارن مون کان مرڻ جو فيصلو ڪرايو هئو، اُهي بنهه غائب ٿي ويا، اِنڪري منهنجي آتمڪ شڪتي ناس ٿي ويئي. من ڪمزور ٿي ويو، الوڪڪ مرتيو ته مون کي ملڻي ناهي، پر دکي جيون يا سکي پر ڪلنڪ لڳل جيون ئي منهنجي ڀاڳ ۾ لکيل آهي، اِن جي مون کي خاطري ٿي ويئي، جن ويچارن مون کان مرڻ جو فيصلو ڪرايو، اُنهن ئي، منهنجو جيون دکي ٿيندو، ڪلنڪت ٿيندو، اِن جي مون کي ڄاڻ ڏني هئي. مرڻ جو فيصلو ڊهي پيو ۽ جنهن پل مان بزدليءَ وچان وٺي ڀڳيس، اُنهيءَ پل، اُنهن ويچارن جون ڌڄيون اُڏامي ويون ۽ اُنهن مٿان ٻيا ويچار غالب پئجي ويا. ”تون مري ڪانه سگهندينءَ؛ اِن کانسواءِ اڪيلي زندگي ڪاٽڻ توکي ڏکيو ٿو لڳي، ته تون ڪا اَڻ وڻندڙ ڳالهه ڪر، ماڻهن جي نظر ۾ توکي اَهو آگني - ڪنڊ لڳي ته ڀل لڳي، پر تولاءِ اُهو ئي سک ڀريو جيون آهي.“ اِئين اُهي ويچار تاڪيد ڪندي چوڻ لڳا.

منهنجي ڪمزور تن ۽ من کي اِهوئي ويچار وڻڻ لڳو، مؤت جي چانئٺ کان ڇڪي پري ڪيل ڪمزور بدن کي طاقتور بڻائڻ لاءِ درڍ آشا ئي کپي. مون کي اِئين محسوس ٿيڻ لڳو ته من جي ويدنا، درڍ آشا سان ئي گهٽجي سگهي ٿي.

جيتوڻيڪ لڳاتار ڪم ڪرڻ وارو رستو پسند هئم، پر بدن ۾ ڪم ڪرڻ جي به طاقت ڪانه هئي. بدن ۾ طاقت ڪانه هئم، اِنڪري منهنجو من هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ لڳو. هي ڀڳوان! مون کي سوچڻ جي شڪتي ڇو ڏنهءِ؟ جيئن پتنگو ديپڪ مٿان ٽپو ڏيندو آهي، تيئن مان به بنا ڪجهه سوچڻ جي، ڪنهن به ديپڪ مٿان ٽپو ڏيان ها، پر مان سڀ ڪجهه ڏسي ٿي سگهي، هر حالت محسوس ڪري ٿي سگهيس، اُن تي ويچار ڪري ٿي سگهيس، اِنڪري ئي ته هيءُ پيڙا آهي؟

منهنجي من جي رنجش ڪير ڄاڻي سگهندو؟ مان اَگر سڀان شادي ڪريان ته ؟ ته ماڻهوچوندا، ”پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريءَ جو نيچ ڪم!“ پڙهيل ڳڙهيل چوڪريءَ جي بي عقلي!“ ”پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريءَ جو اَنڌو سوارٿ!“ سندن سڀاويڪ طور نڪتل اِهي گفتا منهنجين ساتوڪ ڀاونائن، ڪومل من، وياڪل دل کي ڄڻ ته جلندڙ مشعالون هڻندا هئا، اِن جي اُنهن ماڻهن کي ڪٿان سڌ پوندي؟ مون ڪيترو ڀوڳيو، ڪيترو پنهنجو رت سڪايم، ڪيترو پنهنجي من کي ماري، ڪيئن پنهنجي سرير جو سڌ سماءُ به ڪانه لڌم،- اِن جي کين ذرا به خبر پوندي ڇا؟ شڪاري محض وندر ڪاڻ آسمان ۾ گولي ڇوڙي ٿو، جنهن پکڻ جي سرير ۾ اُها گولي گهڙي رت جون ڦينگون اُڏائي ٿي، ان کي ئي اُن گوليءَ جي ويدنا جي سڌ هوندي، ماڻهن جي، محض شغل ڪاڻ ڪيل ٽيڪا ٽپڻيءَ جي ويدنا جي ڄاڻ مون کي ئي پئجي سگهندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com